الطاف شيخ ڪارنر

نہ سي سڙھہ سکاڻ

هي ڪتاب “نه سي سڙه سکاڻ” ناليواري سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر محترم الطاف شيخ جو سنڌ هند کان روس چين تائين جو سفرنامو آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ جي اتر پاسن يعني خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سفر جو ذڪر به الطاف صاحب مخصوص انداز سان ڀيٽ ڪندي بيان ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4440
  • 881
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نہ سي سڙھہ سکاڻ

سکر جي سونهن.....

جيئن اسانجا ماڻهو ولايت مان موٽي اچڻ تي مشهد، لنگڪوي، سنگاپور، پتايا، جاوا، هانگ ڪانگ ۽ ممباسا جهڙن شهرن جي سونهن جو ذڪر ڪن ٿا تيئن اڄ کان هڪ صدي کن اڳ..... يعني هندستان جي ورهاڱي کان گهڻو اڳ، توڙي ورهاڱي بعد اسان جا ماڻهو، سنڌي هندو، جن جي ڏوراهن ڏيهن ۾ اچ وڃ هئي، اتي پهچي سنڌ جي جن شهرن جي تعريف ڪندا هئا سکر انهن مان هڪ هو. انهن ڏينهن ۾ دنيا جا هي شهر سنگاپور، ڪوالالمپور، ڪينيا جو نئروبي، ويندي دبئي، ڪويت ۽ سعودي عرب جو رياض شهر هئا ئي ڇا..... بنيادي سهولتن کان عاري ڳوٺڙائي ته هئا. انهن ڏينهن ۾ سکر، شڪارپور، حيدرآباد بلي بلي شهر هئا..... تاريخي لحاظ کان به ته سونهن سوڀيا جي خيال کان به...... بنيادي سهولتن کان به ته هائجن ۽ سئنيٽري جي ضرورتن کان به.......! ممبئي جو هندو سنڌي سيٺ ۽ مشهور ليکڪ لوڪرام ڏوڏيجا ستر واري ڏهي ۾ مون سان پنهنجي ننڍپڻ واري وقت جي سکر جي ڳالهه ڪندو هو ۽ پنهنجي ڪِتاب “منهنجو وطن منهنجا ماڻهو” ۾ پڻ ٻڌائي ٿو ته سکر سنڌ جي واپار ۽ هنرن جي راڄڌاني هو. سڀني قسمن جي مالن سان، واپارين جا گدام سَٿيا پيا هوندا هئا. نه رڳو سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان بلڪه ملتان، بهاولپور، ڪوئيٽا ۽ قلات جا دڪاندار به سکر مان خريداري ڪرڻ ايندا هئا. لوڪرام ٻڌايو ته اهوئي سبب هو جو ڪراچيءَ ۾ دڪان هوندي به هن سکر ۾ ٻه دڪان کوليا هئا. سکر ضلعي جي ٻين شهرن ۾ به گهڻيئي هنر هئا. روهڙي ۾ تسر جو ڪپڙو، گهوٽڪي جا پتل جا باسڻ ۽ ميناڪاريءَ جو ڪم، خيرپور ۽ ڏهرڪيءَ ۾ به پتل ۽ جست جا ٿانءَ، لکي ڳوٺ جا آڏاڻا ۽ لوهه جا اوزار دنيا ۾ مشهور هئا.
سکر ۽ روهڙي جا شهر هڪ ٻئي جي سامهون آهن. وچ ۾ سنڌو ندي آهي ۽ اتي نديءَ جي وچ ۾ ٻه ٻيٽ آهن جيڪي هنن شهرن جي سونهن ۽ اهميت وڌائين ٿا. بئنڪاڪ، ملاڪا، لنڊن، ٽوڪيو جهڙن جن به شهرن مان نديون وهن ٿيون انهن جي ٽوئرزم جي خيالَ کان وڏي اهميت رهي ٿي ۽ جتي ههڙا بکر ۽ ساڌ ٻيلي جهڙا ٻيٽ آهن اتي انهن شهرن جي ڳالهه ئي ٻي ٿيو وڃي. پر اسان وٽ الائي ڇو اهو شعور پيدا نه ٿيو آهي. پاڪستان کي ٺهي 67 کن سال اچي ٿيا آهن پر اسان دادوءَ واري گورک هِل به ڊيولپ نه ڪري سگهيا آهيون.... بس جيڪي انگريز Hill Stations ۽ ريلوي اسٽيشنون ٺاهي ويا سي ٿيا گنج. بلڪه انهن ٺهيلن کي به maintain ڪري نه سگهيا آهيون. اڄ کان ڏيڍ صدي کن اڳ جو سکر ۽ شڪارپور جنهن اصفهان، سمر قند ۽ بُخارا جهڙن شهرن سان مقابلو ٿي ڪيو تنهن ۾ جتي ڪٿي گند ۽ ڪرفتي جا ڍير نظر آيا. تقريباً هر بازار ۽ گهٽيءَ ۾ انڪروچمينٽ ايتري هئي جو پيادي هلندڙ لاءِ به پرابلم ٿي محسوس ٿيو. ڀٽا روڊ تي هڪ سياستدان ملي ويو جيڪو ڪيترائي دفعا سنگاپور به اچي چڪو آهي. چيومانس ته ايڏي غير قانوني تجاوزات ڇو قائم رکي وئي آهي؟
ڦلهڙو منهن ڪري چيائين ته سائين هٽائينداسين ته اسان جو ووٽ بئنڪ خراب ٿيندو.
يعني اسان جا سياستدان ترقياتي ڪم ڪري ماڻهن جون دليون جيتي ووٽ حاصل ڪرڻ بدران شهر جي ستيا ناس ڪيو ويٺا آهن. هر دڪاندار جو سامان فٽ پاٿ تي ته رکيو آهي پر روڊ جو به ڪجهه حصو بلاڪ ٿيو پيو آهي. ويلڊر ۽ آٽو مڪينڪ دڪان کان ٻاهر ويٺا ڪم ڪن. پيادا هلن ته ڪٿان هلن. موٽر سائيڪلن ۽ سائيڪلن وارا پنهنجي سواري ڪٿي بيهارين! هر گهر مرمت بعد گهٽيءَ ڏي وڌايو وڃي ٿو..... ٻيو نه ته ان جي ڌڪيءَ کي ٻاهر ڪڍي گهٽيءَ کي سوڙهو ڪيو وڃي ٿو. ڪن گهٽين جي سوڙهه ڏسي حيرت ٿي ٿئي ته هن گهٽيءَ مان جنازو کٽ تي ته کڄي نه نڪرندو هوندو! گهرن اڳيان کليل ناليون جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ تائين ته هاروير ۽ بارش جي پاڻيءَ جي گذر لاءِ هونديون هيون اڄ سنڌ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۽ روهڙي جهڙن سهڻن ۽ تاريخي شهرن ۾ گٽرن طور استعمال ٿين ٿيون جن ۾ گهرن جو ٽئاليٽ ڪڍي هنن مورين تائين پهچايو وڃي ٿو...... Sewerage جو اڳتي کڄي وڃڻ جو نه بندوبست آهي ۽ نه ڪري سگهجي ٿو. هر گهٽيءَ ۾ انساني فضلي جي نمائش ٿي رهي آهي ۽ انهن نالين جي ڀرسان ڪٿي سست ۽ بيمار ڪتا ستا پيا آهن ته ڪٿي معصوم ٻار راند پيا کيڏين.... ۽ وڏا اهائي شڪايت ڪندا رهن ٿا ته اڳئين زماني ۾ بيماريون نه هيون هاڻ جتي ڪٿي نيون نيون بيماريون جنم پيون وٺن.... گهٽ ۾ گهٽ سکر، روهڙي ۽ لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي ڪنهن فارينر کي موهن جو دڙو ڏيکاري ٽانءَ ۾ اهو نه چوڻ کپي ته اسان جو تعلق اعليٰ تهذيب سان آهي.... جنهن جي گهٽين جي سڌائي، ويڪرائي ۽ بهترين گٽر سسٽم جي شاهدي موهن جي دڙو مان ملي ٿي.... هو پڪ اهو ئي جواب ڏيندو ته اهو سڀ صحيح آهي پر اڄ جي ماڊرن ۽ سائنسي دور ۾ توهان پاڻ سان هيءَ ويڌن ڇو ڪئي آهي؟
مونکي ته حيرت ٿي ٿئي ته سکر جي شهر ۾ اڄ اها به سونهن ناهي جنهن جو ذڪر لوڪرام ڏوڏيجا ورهاڱي وقت ڪيو هو: لئنسڊائون پل کان هڪ ڏيڍ ميل پري براج جي پل تائين ڪئين سنڌي ۽ پنجابي ٻيڙيون، لنگر هنيون بيٺيون هونديون هيون. سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ مال ڍوئڻ جو سستو ۽ سهانتو ذريعو اهي ٻيڙيون ئي هيون. ڪي چار خراريون، ڪي چوڏهن يا چوويهه خراريون به هونديون هيون. مير بحر تيل ڦليل ڪيو، مڇون مکي، ويٺا اڳلن ۽ پاڇيلن تي حقا ڇڪيندا هئا. مايون، ڪي ماني رڌڻ ۾، ڪي جونئون ڪڍائڻ، سير ڏيارڻ يا سينڌ سرمو ڪرڻ ۾ مشغول هونديون هيون يا ڪي جنڊ ويٺيون هلائينديون هيون.......”
هي ڳالهيون ٻڌي يا پڙهي مونکي ستر واري ڏهي جي شروع وارن سالن جو هانگ ڪانگ ٿو ياد اچي جڏهن اسان جو جهاز هانگ ڪانگ (وڪٽوريا ٻيٽ) ۽ ڪولون شهر جي وچ واري سمنڊ ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ۽ چوڌاري مختلف سائيزن جون ٻيڙيون سامان لاهڻ لاءِ پهچي وينديون هيون جن تي انهن ٻيڙين هلائڻ وارن جا ڪٽنب رهيا ٿي ۽ اتي ئي ٻيڙين تي رڌ پچاءُ کان ڪپڙا ڌوئڻ ۽ سينڌ سُرمي جهڙا ڪم هلندا رهيا ٿي.
“سکر پاسي نديءَ ڪناري بندر روڊ تي شامَ يا فجر جو سئر ڪبو هو ته روح کي تازگي اچي ويندي هئي. درياهه جي ٻئي ڪناري کان، روهڙيءَ جي باغن مان ڏکڻ جون هيرون، سنڌوءَ جي ڇولين سان ڇهنديون، سڄي بندر روڊ کي اچي ٺارينديون هيون. اونهاري ۾ ڪهڙي به جلائيندڙ گرمي هجي پر سکر ۾ هر ڪنهن جا لڱ ٺري پوندا هئا. گهٽين ۾ سڀ وڻڪ جا ماڻهو پيا ڏسبا هئا. مولوي، ڊگهي ڪوٽ ۽ پٽڪي يا ٽوپيءَ سان ڀائيبند، نيڪٽاءِ، پٽڪي، اڌ ڪوٽ ۽ ٻُچي ڏاڙهيءَ سان تعليم يافته سڄڻ ۽ سندن آزاد ڌيئر، گهرن ٻاهران دڪاڻيءَ تي ڪي ڀنگ پيا گهوٽيندا ته ڪي حقو پيا ڇڪيندا. مٿان ڪوٺن تي ڇوڪرا لغڙ پيا لڙائيندا هئا. مطلب ته سکر شهر هڪ منفرد سنڌي شهر جو نمونو پيش ڪندو هو. ليوڪس پارڪ، آزاد ميدان، سيروءَ جو چؤنڪ، ٿَلهو، نم جي چاڙهي، ڪئين بازاريون، والس گنج، غريب آباد ۾ ته سدائين گپاگيهه لڳي پئي هوندي هئي........”
مون اهڙو سونهن ۽ سڪون وارو سکر نه ڏٺو پر ان سان مشابهت رکندڙ 69-1968 وارو ڪولمبو سنگاپور ۽ ممباسا ضرور ياد اٿم جن لاءِ اتي جا رهواسي مسز ديوڪي، هرڪشن ڀوڄواڻي ۽ ٻلديو چوندا هئا ته اهي شهر روهڙي ۽ سکر جو مقابلو ڪري نه سگهندا. هنن جو مطلب تن ڏينهن جي روهڙي ۽ سکر سان هوندو هو ۽ نه اڄ جي ليوڪس پارڪ سان جنهن کي اڄ ڪلهه هيمو ڪالاڻي پارڪ ۽ محمد بن قاسم پارڪ سڏيو وڃي ٿو جنهن جي هڪ ڪنڊ تي مڪي مسجد نظر آئي ته ٻي تي سونهري سويٽ ۽ بيڪرز جي سامهون هفتي جي گڏيل ٿيل گند جي ڍير تي ٻن ڏينهن کان اڇلايل مئل ٻليءَ جي ڌپ ايندڙ ويندڙ کي نڪ تي هٿ رکڻ تي مجبور ٿي ڪيو. هي آهي ڪئينس روڊ.... هي آهي لبِ مهراڻ جنهن لاءِ اسان جو ٽوئرسٽ ڊپارٽمينٽ سڌون ٿو ڪري ته دنيا جا سياح هِتي پهچي سکر جي سونهن پسن! هڪ اعليٰ سرڪاري ڪاموري کان پڇيم ته سکر سان هي ظلم ڇو؟ ڇا ايترا فنڊ نه آهن جو سکر جي ههڙن اهم حصن جي به صفائي قائم رکي سگهجي!
“سائين ڀنگي ته کوڙ رکيا اٿئون پر سڀ سياستدانن جا نظر ڪرم آهن. رڳو پگهار وٺن ٿا ڪو به ڪم نٿو ڪري.... ڪنهن کي به چئي نٿو سگهجي!” ۽ جي وري سکر، لاڙڪاڻي، دادو، خيرپور يا سنڌ جي ڪنهن به شهر جي سياستدان کان انڪروچ مينٽ يا گندگي ڪري شهر جي بِگاڙ بابت ڳالهاءِ ته هنن کي ان بابت ڪو قدم کڻندي پنهنجو ووٽ بئنڪ خطري ۾ ٿو نظر اچي! سير سپاٽي لاءِ سهڻو شهر سکر جيڪو ڪنهن زماني ۾ ايشيا جو ڪمرشل هب سڏيو ويو ٿي اڄ جهڙو ڳجھن جي کاڄ لاءِ مئل ڍور ٿيندو وڃي. ڪيڏو عجيب ٿا لڳن ماضيءَ جا هي جملا: “سکر جي بازارين ۾ نه رڳو ٻاهران آيل دڪاندارن جي پيهه هوندي هئي پر عام ماڻهو هاري ناري به شادي مراديءَ وغيره لاءِ خريداري ڪرڻ اتي ايندا هئا جو سڀڪا شيءِ سهانگي ملندي هئن. هندو گرسٿي، ڪٽنب سوڌا ساڌ ٻيلي جي تيرٿ تي ٻارن جي جھنڊ لهرائڻ يا جڻيا پائڻ ايندا هئا. ڪئين مريض به ايندا هئا جو سکر ۾ نه رڳو اسپتال ۽ ويم گهر سٺا هئا پر حڪيم به ناميارا هئا، تن مان ڀاتي منگترام خاص هو. سوامي هيمراج چداڪاشي، وڏو مهاتما هو ۽ مريض جو علاج بنا پئسي ڪندو هو. راڻيپور جو مولوي محمد صادق نه رڳو نوابن ۽ جاگيردارن جو حڪيم هو پر بلنديءَ جو عالم به هو. هن شاهه لطيف جي ڪجهه ڪلامَ ۽ سموريءَ گيتا جو فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو......