زيتونن جو شهر ماهوٽا......
مالٽا ڀؤنچ سمنڊ جي وچ ۾ يورپي ملڪ آهي جِتي 870 کان 1091ع تائين اسلام مذهب رهيو ۽ زِبانَ به عربي رهي. اڄ به مالٽا جي مڪاني زِبان ۾ اڌ کان وڌيڪَ لفظ عربي جا آهن. هن وقت هڪ لفظ حليب ياد اچي رهيو آهي. مالٽا ۾ کير کي حليب سڏين ۽ هِڪَ شهر جو نالو آهي هجر قم. مالٽي زبان ۾ به هجر جي معنيٰ پٿر آهي. اهڙي طرح مالٽا جا ماڻهو ٻيٽ کي جزيره ۽ قلعي کي قالا ۽ غار کي غار سڏين. عربي جو مشهورجاگرافر الادريسي مالٽا ۾ رهيو ۽ “الڪتاب الروجزي” نالي ڪِتاب لکيو. هِنَ وقت اسين ماهوٽا ڏي وڃي رهيا آهيون جنهن جو نالو ٻڌي يورپ جو ٻيٽ مالٽا ياد اچي ويو. لبنان جي شهر بيروت مان نڪري اسپين جي شهر بارسلونا يا مئڊرڊ پهچڻ کان اڳ ڏينهن اڌ لاءِ اسان هميشه مالٽا ۾ ترسي جهازَ لاءِ تيل پاڻي ۽ جهاز هلائيندڙن لاءِ کاڌو خوراڪ وٺندا هئاسين. اسان جي ڏينهن ۾ يعني 1978ع ڌاري اسان جي اڳيان مالٽا ۾ ورلڊ اسلامڪ ڪال سوسائٽي طرفان مسجد ٺهي ۽ لبيا حڪومت طرفان هڪ اسلامي اسڪول پڻ.....
جيتوڻيڪ ڪو زمانو هو يعني الادريسي وارن ڏينهن ۾، هتي ڪيتريون ئي مسجدون ۽ مدرسا هئا يعني نائين صدي جي آخر ڌاري .... جڏهن اٽلي جو صوبو سسلي عربن جي قبضي ۾ اچي ويو هو. بعد ۾ مالٽا وري يورپي عيسائين حوالي ٿي ويو جن مسلمانن کي تيرهن صدي تائين مذهب جي آزادي ڏني ان بعد اسپين وانگر مسلمانن تي سختي ڪئي وئي ۽ کين هِتان لڏايو ويو. اڄ به اٽلي ۽ اسپين جا ڪيترا شهر عربن جي يادِ ڏيارين ٿا. اسپين جي گاديءَ جو شهر به اصل عربي نالو المجريط هو جيڪو بعد ۾ مئڊرڊ سڏيو ويو. اڄ وارو ڪاردوبا عربن جي دور حڪومت ۾ قرطبه هو، گرناڊا غرناطا هو، جبرالٽر جبل الطارق هو، Albacete شهر ۽ صوبو عربي زِبانَ جي لفظ البسيط (ميدان) مان نڪتو آهي. Algeciras شهر ۽ بندرگاهه جيڪو اسپين جي ڪئڊيز (Cadiz) صوبي ۾ آهي دراصل الجزيرة الخضراء يعني سائي ٻيٽَ جي نالي سان سڏيو ويو ٿي.
لاڙڪاڻو ڇڏڻ بعد يڪدم دودائي ڳوٺ اچي ٿو ان بعد ريڊيو پاڪستان ۽ پوءِ چوهڙپور نالي هڪڙو ڳوٺ آهي جنهن جي يقينن سنڌ جي مشهور راڳي عابده پروين ڪري وڏي اهميت چئي سگهجي ٿي. عابده 20 فيبروري 1958ع تي جنم ورتو. سندس والد غلام حيدر موسيقي جو ماهر هو ۽ سندس والده مائي ممتاز بيگم هڪ سٺي فنڪاره هئي جن کان هن ابتدائي سکيا ورتي بعد ۾ محمد جمن سندس گهڻي رهنمائي ڪئي. ريڊيو پاڪستان جو مشهور پروڊيوسر مرحوم غلام حسين شيخ (وفات 8 ڊسمبر 1994ع) سندس خاوند پڻ عابده کي عروج تي پهچائڻ ۾ محنت ڪئي. آئون نٿو سمجھان ته عابده جي پايي جو سڄي ملڪَ ۾ ڪو راڳي هوندو. پاڻ سنڌ جي اُمِ ڪُلثوم سڏي وڃي ٿي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو نصير مرزا ٻڌائيندو آهي ته عابده پروين 1973ع ۾ ريڊيو تان ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سندس پهرين ڪافي هئي:
تنهنجي زلفَن جي بند ڪمندَ وِڌا
مستان هزارين مان نه رڳو..........
اسان کي نئون ديرو وڃڻو هو جِتان پوءِ ڳڙهي خدا بخش جتي ڀُٽو فئملي جي شهيدن جون قبرون آهن. نئون ديري کان پهرين مٿي ذڪر ڪيل شهر ماهوٽا اچي ٿو ۽ جيڪو نالو ڪجهه ڪجهه يوناني لڳي ٿو. ان ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته 330 قبل مسيح ۾ جڏهن يونان جو جنگي جوان سڪندر اعظم هن طرف آيو هو ته هن جو هن شهر ماهوٽا مان به لنگهه ٿيو هو جنهن جو ذڪر عطا محمد ڀنڀري جي ڪِتابَ ۾ به پڙهيو اٿم. پاڪستان کان اڳ هن شهر ۾ جِتي انگريزن ريلوي اسٽيشن به ٺهرائي، لڳي ٿو ته ڪيترائي پڙهيل ڳڙهيل هندو به رهيا ٿي. ممبئي يونيورسٽي ۾ ليڪچر دوران جڏهن مون سنڌي شاگردن کان پڇيو ته هنن جا وڏا ڪِٿان آيا ته هڪ ڇوڪريءَ ماهوٽا ٻُڌايو هو ته اهو شڪارپور جو ڳوٺ آهي. ان وقت مون سوچيو هو ته هوءَ ڪا ڀلي آهي جو اهو نالو منهنجو به ان وقت تائين ٻڌل نه هو .... پرهاڻ سمجھان ٿو ته هن جو مطلب هن شهر ماهوٽا سان هوندو جِتان سندس ڏاڏو ورهاڱي کان به گهڻو اڳ ڪولمبو هليو ويو هو جِتان پوءِ هو لڏي مدراس آيا ۽ هاڻ ممبئي ۾ رهن ٿا.
سنڌيءَ جي مشهور اَديب لڇمڻ ڀاٽيا هڪ ڏينهن ٻڌايو ته هن کي سنگاپور۾ هـِڪَ سنڌي ڇوڪري ملي جنهن ٻُڌايو ته هن جا وڏا سنڌ جي اٽلي ڳوٺ کان آيا هئا.
“پر سنڌ ته ڇا سڄي ايشيا ۾ اٽلي نالي نه ڪوئي شهر آهي نه ڪو ملڪ. اٽلي ته ڏکڻ يورپ ۾ آهي.” لڇمڻ ڪومل کيس چيو ..... پر پوءِ ان بعد هن ڇوڪريءَ جي پيءُ کان خبر پيئي ته اهي سنڌ جي ڳوٺ ٽلٽي کان آيا هئا. سو يارو اسان جي ڪن شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا ڪجهه ڪجهه يورپي به لڳن ٿا.
مون سان گڏ سفر ڪندڙ منير چانڊئي چيو ته هن ڳوٺ ماهوٽا جا دنيا ۾ زيتون مشهور آهن جيئن سنڌ جي ڪنري شهر جا مِرچَ بصري ۽ بلخ کان سمرقند بخارا تائين وڪامن ٿا.
مونکي لڳي ٿو ته سنڌ جو هِڪُ ٻيو اَديب لعل پشپ جو به هن شهر ماهوٽا سان واسطو هو. بهرحال ٻئي ڪنهن جو هجي يا نه پر اسان جي ميزبان محمد يوسف شيخ جو جنم هن شهر ماهوٽا ۾ ٿيو. منير چانڊيو کي چيم ته واپسي تي ماهوٽا ترسي زيتون خريد ڪنداسين....