الطاف شيخ ڪارنر

نہ سي سڙھہ سکاڻ

هي ڪتاب “نه سي سڙه سکاڻ” ناليواري سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر محترم الطاف شيخ جو سنڌ هند کان روس چين تائين جو سفرنامو آهي. هن سفرنامي ۾ سنڌ جي اتر پاسن يعني خيرپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي سفر جو ذڪر به الطاف صاحب مخصوص انداز سان ڀيٽ ڪندي بيان ڪيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 4440
  • 881
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نہ سي سڙھہ سکاڻ

شاه لطيف ته سنڌ لاءِ به دعا گهري هئي...

هندستان جي گجرات ۽ راجستان رياستن جي شهرن ۾ ويندي مونکي عجيب پنهنجائپ جو احساس ٿيندو آهي...... مونکي ڪيترين ڳالهين مان سنڌ جو هڳاءُ ايندو آهي.... ۽ جن ڏينهن ۾ جهازن ڪري گجرات جي بندرگاهن: مانڊوي، ڪَنڊلا، نوَلکي، اوکا، پُور بندر، ويراول (سومناٿ مندر وارو)، دِيوُ (پورچوگالين جي قبضي وارو)، ڀاوَنگر، مندرا، ڪئمبي (جتي نرمادا ندي ڇوڙ ٿي ڪري) ۾ وڃڻو پوندو هو، خاص ڪري سٺ ۽ ستر واري ڏهي ۾ ته هيڪاندو، مڪاني ماڻهو توڙي سنڌ کان لڏي آيل ماڻهو اسان کي پنهنجو سمجھندا هئا. وقت سان گڏ وڇوٽيون ۽ دوريون پوڻ ۽ پراڻن ماڻهن جي موڪلائڻ بعد ڏسان پيو ته اڄ احمد آباد، بڙودا ۾ رهندڙ اسان جي ڳوٺ جي سنڌي هندن جي اولاد ۾ اُها سِڪَ ۽ پنهنجائپ نه رهي آهي. ظاهر آهي هنن جي دنيا توڙي دلچسپيون هاڻ مختلف ٿينديون وڃن ٿيون. ساڳيو حال اسان وٽ آهي ..... وڌ ۾ وڌ منهنجي ٽهيءَ جا بچيل ماڻهو ۽ ڪجهه نوجوان اديبَ، ڪوٽيشور، جھوناڳڙهه، دوارڪا، هسار، ڍٽ، بڪانير، اڌيپور، جوڌپور جهڙن شهرن جا نالا ٻڌي پنهنجائپ محسوس ڪن ٿا يا گهڻي مطالعي وارا ڪجهه اُهي نوجوان ٽهي جا اَديبَ ۽ شاعِرَ جن مومل راڻو، دودو چنيسر يا راءِ ڏياچ جي قِصن ۽ واقعن کي چڱيءَ طرح پڙهيو ۽ سمجھيو آهي ..... ٿوري گهڻي جاگرافيائي ڄاڻ رکن ٿا. نه ته ٻين لاءِ اهڙن شهرن جا نالا باعثِ حيرت آهن ته اهي ڪهڙي کنڊَ ۾ آهن.... ڏکڻ آمريڪا يا آفريڪا ۾! اهو سڀ ان ڪري جو اسان انسانن ڌرتي تي پنهنجون سيمائون ڪڍي انهن ليڪُن لڪيرن کي ٽپڻ کان پاڻ کي پابند ڪري ڇڏيوآهي ..... اسين انسان پاسپورٽن ۽ ويزائن جي چڪر ۾ جڪڙجي ويا آهيون ..... چٽگانگ شهر جيڪو ڪنهن زماني ۾ پاڪستان جو شهر هو. هر سال ٿيلهو ٺاهي تعليم لاءِ پهچي ويندو هوس .... ان بعد شروعاتي ڪجهه سالن لاءِ مون جيڪي جهازَ هلايا انهن جو هوم پورٽ چٽگانگ رهيو. اسان يورپ ۽ آمريڪا بعد اسانجو جهاز ڪراچي يا چٽگانگ ايندو هو ته اسان لاءِ ساڳي ڳالهه هوندي هئي. اسان لاءِ ٻئي هوم پورٽ ... يعني پنهنجو گهر هو. پوءِ هڪ ڏينهن يورپ کان چٽگانگ موٽندي اسان جي جهازَ کي ٻاهر کلئي سمنڊَ ۾ بيهاريو ويو ته خبردار جو اندر گهڙيا آهيو.... چٽگانگ هاڻ توهانجو هوم پورٽ نه رهيو آهي.... اهو هاڻ مشرقي پاڪستان ۾ نه پر بنگلاديشَ ۾ آهي. سياسي پابندين ڪري اڄ اسان لاءِ چٽگانگ ۽ ان جي آسپاس جا سهڻا ساوڪ وارا شهرَ سلهٽ، ڍاڪا، جيسور، راجشاهي وغيره وغيره جيڪي اسان لاءِ حيدرآباد، ٺٽي، نوابشاهه ۽ ڄامشوري جيان هئا اڄ بنگلاديش نالي ڌارئين ملڪ جا ٿي ويا آهن. اڄ انهن شهرن ۾ رهڻ يا گهمڻ ڦرڻ اسان لاءِ ڄڻ ته خواب آهي ...هڪ سندر سپنو آهي.
ماضي ۾پاڪستان جو ٻيو حصو مشرقي پاڪستان جيڪو اڄ بنگلاديش نالي ڌاريون ملڪ ٿي ويو آهي مفاصلي جي لحاظ توڙي ڪلچر، ثقافت، کاڌي خوراڪ توڙي زبان جي خيال کان وري به اسان کان پري هو.... پر اسان جهڙو اسان سان ڳنڍيل ڪڇ، گجرات، راجستان به هندستان جي ورهاڱي ۽ سياسي پابندين بعد اسان لاءِ هڪ گمنام دنيا جو حصو ٿي ويو آهي. اسان وٽ بس اسٽاپن، ريلوي اسٽيشنن، هوٽلن ۽ مسافر خانن ۾ آيل پرديسين واتان ڪٿي ٿو جھوناڳڙهه، ڍٽ، گرنار، راجڪوٽ، جوڌپور، بڪانير، اجمير، جئپور ۽ ماناوادر جو نالو ٻڌجي. هِڪَ مزيدار ڳالهه سوچڻ جي آهي..... پکي جيڪڏهن اسان وانگر ڳالهائي سگهن ها ۽ اسان هنن جي زِبانَ سمجهي سگهون ها ته اسان جا Migratory پکي: ڪونجون، آڙيون تلور ته کڻي تاشقند، لينن گراڊ، منگوليا ۽ سائبيريا جون ڳالهيون ڪن ها پر اسان جا ملڪي پکي ڪانگ، ڪٻرون، سرڻيون ۽ طوطا ڪجهه اهي ئي خبرون ڪن ها ته اسين ڪجهه ڏينهن لاءِ ڀُڄُ ويا هئاسين.... جيسلمير.... يا بڪانير ويا هئاسين.... ڇو جو پکين کي پاسپورٽ ۽ ويزا جي ضرورت ناهي.... هنن لاءِ ڪڇ، گجرات ۽ راجستان نه رڳو ويجھا آهن پر موسم ۽ ماحولَ ۾ به سنڌ جهڙا آهن. عمر ڪوٽ، مٺي، بدين يا اوٻاوڙي جو ڪو بيوقوف ڪانگ يا طوطو هوندو جو چڪر لاءِ ڀُڄ، مُندرا، هسار يا جيسلمير بدران لاهور، پشاور يا سبي چمن ويندو هوندو . شاهه لطيف به انهن پاسن جو احوال پنهنجن بيتن ۾ سرس ڏنو آهي. چي:

ڍَٽ ڍري پَٽِ پيئون ٿيا ولهارن وي.....

سر سارنگ ۾ هڪ ٻئي هنڌ شاهه لطيف فرمائي ٿو:

ڍَٽِ ڍَري پَٽِ پيئون، وِڄن ڪيا ڌَرَمَ
واحد وڏائي ڪيا، ڪُنڍِنِ ساڻ ڪرم
سنگهارن شرم، رک منهنجا سپرين!

ڪراچي جي هڪ گرلس ڪاليج ۾ سنڌي ادبي فنڪشن ۾ B.A جي شاگردياڻين کان شاهه لطيف جي “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار......” واري بيتَ ۾ آيل شهرن جي نالن ۾ هڪ “بيڪانير” جو پڇڻ تي مونکي حيرت ٿي ته ڪنهن هِڪَ به نه ٻڌايو ته اهو ڪهڙي ملڪ جو شهر آهي. ڪي استنبول وانگر بڪانير کي به ترڪي جو شهر ٻڌائڻ لڳيون ته ڪي ممباسا ۽ دارالاسلام وانگر آفريڪا جي ملڪ جو ..... جيتوڻيڪ اتر سنڌ جي شهرن اٻاوڙو يا ٺاروشاهه پاسي بارڊر کان بڪانير ٻه اڍائي سؤ ڪلوميٽر مس آهي.... جيئن کپرو کان انڊيا جو شهر جوڌپور آهي. اسانجي ٿرپارڪر واري شهر اسلام ڪوٽ کان توهان 300 کن ڪلوميٽر (يعني 180 ميل) اوڀر پاسي ويندائو ته راجستان جي شهر اڌيپور پهچي ويندائو ..... پر جي ايترو ئي فاصلو هيٺ ڏکڻ ڏي ويندائو ته ڪڇ (گجرات) جي شهر ڀُڄ (Bhuj) ۾ پهچي ويندئو.
انڊيا سان تعلقات نه هجڻ ڪري اسان فقط پنجاب ۽ بلوچستان صوبن ڏي وڃون ٿا پر سنڌ جي چوڌاري بارڊر (parameter) جا جيڪڏهن نَوَ حـِصا ڪيا وڃن ته هڪ حصو جيڪو اولهه ۾ هيٺ آهي ان جي چوڌاري سمنڊ آهي ان بعد ٻه حصا اولهه ۾ ۽ اڌ حصو اتر ۾ بلوچستان جو پهاڙي علائقو آهي يعني اتي آمدرفت ايڏي سولي ناهي. ان بعد اتر جو باقي اڌ حصو پنجاب سان مليل آهي. ان پاسي آمدرفت هينئر توڙي پراڻي وقتن ۾ ٺيڪ ٺاڪ هئي ۽ ان حصي مان سنڌو ندي پڻ وهي ٿي ان ڪري خشڪي توڙي درياهه ذريعي سفر هلندو اچي پر ان پنجاب صوبي جي مقابلي ۾ هندستان جي راجستان رياست سنڌ جي سموري اڀرندي بارڊر سان ڄڻ چھٽي پئي آهي ۽ سنڌ جي بارڊر جي نون حصن مان ٽي حصا يعني راجستان پنجاب کان ڇهوڻو وڌيڪَ سنڌ سان ڳنڍيل آهي. اهڙي طرح سنڌ جو ڏکڻ وارو سڄو بارڊر جيڪو ٻه حصا آهي اهو گجرات صوبي جي ڪڇ ضلعي سان مليل آهي. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي بارڊر وارو اولهه وارو هڪ حصو جيڪو سمنڊ آهي اهو به گجرات سان ئي ڳنڍيل ٿيو جو ڪراچي کان بلوچستان پاسي فقط هڪ بندرگاهه آهي پر ٻئي پاسي گجرات ڏي قدم قدم تي بندرگاهه آهن. انڊيا جي سختي جي باوجود اڄ به اسان جا ڪراچي ۽ ڪيٽي بندر جا مهاڻا ڀُلَ چُڪَ ۾، مجبوري ۾، يا ڪڏهن ڪڏهن ڄاڻي ٻجهي ڪڇ جي بندرگاهن: ابداسا، مانڊوي، ڪنڊلا ۽ پور بندر کان وڃيو نڪرن.
سنڌ جي اوڀر واري بارڊر جا ڳوٺ، گهوٽڪي ۽ سکر کان ڏسبو ته سنڌ جو سَنڍُ ڳوٺ راجستان جي تانوت ۽ خانڳڙهه ڳوٺن جي ايترو ويجھو آهي. جيترو حيدرآباد کان ڄامشورو. توهان گهوٽڪي ضلعي جي ڪانگن ڪٻرن کي پيرن ۾ ڇلا يا ڪا ٻي نشاني ٻڌي ڇڏيو.... شامَ ڌاري انهن مان اڌ توهان کي راجستان جي بارڊر وارن ڳوٺن خانڳڙهه، شاهڳڙهه، گهوتارو ۽ سووار ۾ ملندا. سنڌ جا ڳوٺَ مٺڙائو ۽ ميراهو گجرات جي گهوتارو ۽ شاهڳڙهه جي ائين ويجھو آهن جيئن حيدرآباد کان مٽياري..... يا دادو کان خيرپور ناٿن شاهه. نه رڳو ويجھا آهن پر شڪل شَبيهه ۽ حالتن ۾ به اسان جي سنڌ جي ڳوٺن جهڙا آهن. اهي ئي ڪچا گهر، ڪکائيون ڇتيون، رات جو اڱڻ ۾ سمهڻ لاءِ وڇايل کٽون ۽ اجرڪن ۽ رلهين جھڙيون چادرون.... گهر گهر ۾ ڪڪڙيون، گهٽي گهٽي مان لنگهندڙ ڍڳيون ٻڪريون، وڻ هيٺان رکيل گهڙا منجيءَ تي رکيل ٻه دلا يا مٽَ، جن جي وچ ۾ جست جو گلاس يا ٺڪر جي جمني. مردن سان گڏ عورتون به ٻني ٻاري يا اڻت جي ڪم ۾ مشغول .... جن جي اڳيان پير اگهاڙا ۽ چتين لڳل ڪپڙن ۾ راند کيڏندڙ ٻار..... توهانکي راجستان پاسي جا ڳوٺَ سکر ۽گهوٽڪي ضلعن جا ڳوٺَ لڳندا.... توهان کي ڪَڇَ جا گهرَ ۽ گهٽيون عمر ڪوٽ، مٺي، ڇاڇري جون لڳنديون.... پر يارو هڪ ڳالهه غُور سان ٻڌو.... اها مشابهت ماضيءَ جي گذريل صدي جي سٺ ۽ ستر واري ڏهي جي آهي جڏهن اسانجي ڪمپني جي ننڍن ۽ پراڻن جهازن “پنجند”، “مَڪران” ۽ “روپ سا” جهڙن کي ڪراچي کان ڪولمبو ۽ ڪولمبو کان چٽگانگ وٺي ويندا هئاسين ته احتياطً هندستان جي ڪناري سان لڳ لڳ هلندا هئاسين، جيئن سانوڻيءَ جي موسم ۾ خراب سمنڊ ۽ طوفانن ۾ جيڪڏهن جهازَ سَٽَ نه جھلي سگهي ۽ ڪنهن نقصانَ جو خطرو ٿي پوي يا انجڻ خراب ٿي وڃي ته پنهنجي حفاظت ۽ جهازَ جي بچاءَ لاءِ انڊيا جي ڪنهن ننڍي بندرگاهه ۾ ئي سهي، داخل ٿي مدد وٺي سگهون.
سالَ ٻه اڳ آمريڪا ۾ رهندڙ منهنجي پيٽارو جي هندو دوست جي پُٽَ جي شادي لاءِ راجستان جي شهر بيڪانير ويس ان بعد گجرات رياست جي شهرن: ڀڄ، راجڪوٽ ۽ جھونا ڳڙهه بس ذريعي ويس .... جنهن ڪري رستي تي ڳوٺن مان به گذر ٿيو ٿي. سائين راجستان ۽ ڪڇ گجرات جا ڳوٺَ هاڻ سنڌ جي مِٺي، عمر ڪوٽ، ڏيپلو، بدين توڙي اٻاوڙو، گمبـٽ ۽ ٽنڊو مستي خان جهڙا نه رهيا آهن..... جتي ڪٿي خوشحال ۽ ساوڪَ نظر آئي ٿي ماڻهن جي جِسمَ تي سٺي پوشاڪَ ۽ چهرن تي مُرڪَ نظر آئي ٿي.... ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين جون چمنيون نظر آيون.... ٻهراڙي ۾ گرڊ اسٽيشنون، ٽرئڪٽر ۽ ٿريشر مشينون نظر آيون .... جِتي ڪِٿي ٽوئرسٽ نظر آيا..... مُنهنجي خيالَ ۾ جيترا مونکي ڀڄ شهر ۾ فارينر نظر آيا ان جو ڏهون حصو موهن جو دڙو تي به نه آيا..... انڊيا ڪو مَڪو مدينو نه ٿي ويو آهي ..... منهنجو مطلب آهي ان جهڙو امن امان ناهي ته به ايترو ته آهي جو دنيا جي ٻين ملڪن جا ٽوئرسٽ ته ڇا جپانَ جون ڇوڪريون رات وارين بسين ۾ پيون سفر ڪن. اهو ئي حال بيڪانير ۽ ڍٽ پاسي ڏٺم....... اسان جي سهڻي لطيف انهن سڀني علائقن سان گڏ سنڌ لاءِ به دعا ڪئي هئي ته “سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار” پوءِ اڄ باقي عالم ته آباد ۽ خوشحال ٿي ويو آهي پر اسانجي سنڌ ۾ ڇو ايڏي غربت ۽ بدحالي آهي..! هن ايڪهين صدي ۾ به سنڌ جا ڳوٺَ ڪارخانن ۽ فئڪٽرين کان خالي آهن .... جن ۾ اسان جا مڪاني ماڻهو روزگار ڪمائي سگهن.... موهن جو دڙو، اروڙ، ساڌ ٻيلو، ستين جو آستان، ڪوٽ ڏيجي، ڀنڀور هوندي به ڪو ٽوئرسٽ اسان وٽ نٿو اچي... اسان وٽ امن امانَ جي اهڙي ته خراب حالت آهي جو جپاني ڇوڪريون ته نظر نٿيون اچن پر آفريڪا جا شيدي مردَ به اسان وٽ اچڻ کان ڪيٻائين ٿا.... حالت اهڙي آهي جو مسجدن مان ٻانگا ۽ نمازي، ته اسڪولن ۽ اسپتالن مان ماستر ۽ ڊاڪٽر پيا اغوا ٿين .... ماڻهن جو پوليس مان ئي وشواس کڄي ويو آهي ... ڇو جو لڳي ٿو ته اسانجي پوليس فورس به اسٽيٽ طرفان عوام جي حِفاظت ۽ خدمت ڪرڻ بدران تر جي ڀوتارن جي غنڊا فورس بنجي چڪي آهي ..... جن ڀوتارن جي اثر رسوخ سان هنن جون بدليون ۽ ترقيون ٿين ٿيون......