ٽرائيڪا جي وچ ۾ جنم وٺندڙ انسان
ضلعي جي حيثيت ۾ لاڙڪاڻي کي هڪ صدي ٿي چڪي آهي. 1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته انهن سنڌ کي انتظامي لحاظ کان جن ٽن ضلعن ۾ ورهايو، اهي هئا: ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور. 1901ع ۾ لاڙڪاڻي کي الڳ ضلعي حيثيت ڏني وئي جنهن ۾ ڪراچيءَ مان دادو ضلعو ڪڍي لاڙڪاڻي سان ڳنڍيو ويو. پوءِ 1930ع ۾ دادو کي الڳ ضلعي جي حيثيت ڏني وئي. بهرحال اڄ ڪلهه انتظامي سهولت کان لاڙڪاڻو ضلعو بيحد ننڍو ٿي ويو آهي ۽ منجهس هاڻ فقط رتو ديرو، ڏوڪري ۽ باقراڻي تعلقا وڃي رهيا آهن.
لاڙڪاڻي جو هي هوائي اڏو ڏوڪري تعلقي ۾ بلڪل موهن جي دڙي وٽ آهي. جيئن ئي ايئرپورٽ کان نڪري اڳيان ساڄي پاسي ڪئڊٽ ڪاليج ڏي مڙجي ٿو ته موڙ وٽ کاٻي پاسي موهن جو دڙو آهي. اڄ کان اڌ صدي اڳ پيٽارو کان بس ۾ چڙهي اسان هڪ ٻه دفعو موهن جو دڙو ڏسڻ ۽ پڪنڪ ملهائڻ آيا هئاسين. ڪجهه چهرا هن وقت به ياد اچي رهيا آهن: لياقت جتوئي، هادي بخش جتوئي، عبدالجبار عباسي، قاسم لاشاري، ظفر شورو.... اُهي سڀ ڪڏهوڪو 60 جو ڏاڪو ٽپي ويا آهن..... ۽ انهن کان علاوه مرحوم نصير قاضي، محسن پنهور، عاشق حسين شاهه..... اسان کان جدا ٿي ويا آهن ... رب پاڪ کين جنت نصيب ڪري.
موهن جو دڙو کان جيئن ئي ڪار اڳيان هلي ته سڏ پنڌَ تي هڪ رستو کاٻي پاسي نظر آيو. اهو اڄ نه فقط پڪو هو پر ان جي منهن تي لڳل بورڊ تي رستي جو نالو “انور پيرزادو روڊ” به لکيل نظر آيو.
اهو ماڻهو جنهن جو ڪراچي جهڙي ڪنهن وڏي شهر جي اهم روڊ تي نالو هجڻ کپي، شڪر آهي ڪنهن ڳوٺ جي رستي تي ته آهي. مون منير چانڊيو کي جيڪو مونکي ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي طرفان ايئر پورٽ تان وٺڻَ لاءِ آيو هو، ڪار بيهارڻ لاءِ چيو ۽ لهي هن روڊ جو فوٽو ڪڍيم. دل چيو ته اڄ وري اهو روڊ وٺي سڌو ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ وڃي ڏينهن کن گذاريان. مونکي اهو ڏينهن ياد آيو جڏهن اسين فرسٽ ييئر ۾ هئاسين ۽ موڪلن ۾ موهن جو دڙو گهمڻ آيا هئاسين. آئون ۽ هڪ ٻه ٻيا ڪلاسي خالد مخدوم جي چوڻ تي موهن جي دڙو کان هڪ چيچاٽي ٽانگي ۾ چڙهي، هي رستو جيڪو ان وقت ڪچو هو، ان تان جھاڪا کائيندا سندس وڏن جي مريدن جي ڳوٺَ ٻلهريجي کان اچي نڪتاسين. ڳوٺ جي ماڻهن اسان جي وڏي آءُ ڀاڳت ڪئي. خالد پهرين به ڪيترا دفعا هتي اچي چڪو هو. هن اسان کي جنهن گهر ۾ آڻي ماني ٽڪي کارائي اهو مامي جمعي ۽ ماسي شاهان جو هو. ڳوٺ جي ٻين ماڻهن وانگر هي به مسڪين ماڻهو هئا ۽ ڪڙمڪو ڌنڌو ڪري هنن پيٽ گذر ڪيو ٿي. مامي جمعي جي ٻارن کي پڙهڻ جو وڏو شوق هو پر سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڄ به ڪٿي آهن تعليمي ۽ ڊاڪٽري علاجَ جون سهولتون!؟ ڳوٺ آهر ٿورو گهڻو پڙهي سندس وڏو پٽ يار محمد داروغو ٿيو هو. ٻيو پٽ امام بخش موهن جي دڙي تي گائيڊ هو. انهن ڏينهن ۾ موهن جو دڙو گهمڻ لاءِ نه رڳو پاڪستان جا پر ولايت کان به ٽوئرسٽ آيا ٿي جن کي هن Guide طور گهمايو ٿي.
اهو لکڻ رهجي ويو ته مامو جمعو جيڪو سڄي ڳوٺ جو مامو هو، ان جو نالو شفيع محمد پيرزادو هو. شفيع محمد ڳوٺ جي مسجد جو امام به هو. خالد کلندي پنهنجي روايتي اسٽائيل ۾ ٻڌايو هو ته “بابا! مامي جمعي کي امام ٿيڻ کان اڳ ٿوري گهڻي نشي پتي جي به ٽوڪر هئي. پر شاباس هجيس پڪو عزم ڪري هڪ ڏينهن ڇڏي ڏنائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته نماز پڙهائيندي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن لفظ تي ٿاٻڙجيو پوي.”
مامي جمعي جو ٽيون پٽ محمد حسن هو جيڪو پوءِ اڳتي هلي وڏن ڀائرن کان وڌيڪَ پڙهيو ۽ لاهور مان جانورن جي بيمارين ۽ علاجَ جي ڊاڪٽري پڙهي ڪراچي جي سرڪاري اسپتال جو “ڊاڪٽر ڍور” ٿيو. مامي جمعي جو ننڍو پٽ پَريل جيڪو اڳتي هلي شاعر، اديب، مقرر، مفڪر ۽ جرنلسٽ ٿيو سنڌ ۾ انور پيرزادو جي نالي سان مشهور ٿيو، اسان کان هڪ سال ننڍو هو. پريل (يعني جيڪو پوءِ انور جي نالي سڏجڻ لڳو) تعلقي واري شهر ڏوڪري ۾ پڙهي رهيو هو جتان هن مئٽرڪ ڪئي. هو پنهنجن وڏن ڀائرن وانگر ذهين ۽ بااخلاق نينگر هو. اڄ به خالد مخدوم چوندو آهي ته مامي جمعي جي پٽن جا سنڌي اکر موتي داڻن جهڙا آهن. وفات کان اڳ منهنجي هڪ ڪتاب تي انور پيرزادي جو لکيل مهاڳ واري هٿ اکري اڄ به آئون سندس سهڻن اکرن ڪري رکيو ويٺو آهيان.
انور انٽر ۽ B.A پرائيويٽلي ڪئي ۽ ان دوران هن جونئر ورناڪيولر ٽيچرس ڪورس (JVT) ڪري مشورين جي ڳوٺ ۾ ٽيچنگ ڪندو رهيو. شايد هو وڏن ٻن ڀائرن وانگر باقي زندگي ڳوٺ ۾ ئي گذاري ڇڏي ها پر ان دوران سندس ڊاڪٽر ڀاءَ محمد حَسن کي تن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ملي ۽ هن همت ۽ سٺو فيصلو ڪري ڪراچيءَ ۾ هڪ ننڍڙي ئي سهي، مسواڙ تي جاءِ وٺي پنهنجي فئملي سان گڏ انور ۽ هن جي فئملي کي ڪراچيءَ گهرائي ورتو. انور جي ڳوٺ مطابق ننڍي هوندي شادي ٿي چڪي هئي ۽ ٻه ٻار زبير ۽ زرار (عوامي آواز اخبار وارو) ڄمي چڪا هئا. هن ڪراچيءَ اچي ايم اي ۾ داخلا ورتي. سال 1967ع جي لڳ ڀڳ جي ڳالهه آهي... خالد مخدوم انهن ڏينهن ۾ NED ڪاليج مان BE ڪري رهيو هو ۽ پاڪستان چوڪ واري ميٺارام هاستل ۾ رهندو هو. آئون به انهن ڏينهن ۾ ان هاسٽل ۾ رهيل هوس. خالد ننڍي هوندي انگريزي ميڊيم اسڪولن مان پڙهيو هو ان کي هاڻ اچي سنڌي لکڻ پڙهڻ جو شوق ٿيو هوس ۽ منهنجو مٿو کائي ويو هو ته مونکي سنڌي لکڻ سيکار. ڀلو ٿئي انور جو جو هو ڪراچي اچي ويو ۽ خالد سان ملڻ ايندو رهيو. خالد ۽ سندس ڀائرن احمد حسين ۽ زاهد مخدوم جي انگريزي جو جواب ناهي. هن انور کي چيو: “وڏا! تون مونکي سنڌي سيکار آئون توکي انگريزي.”
خالد خبر ناهي ڪيتري سنڌي لکڻ سکيو پر انور هڪ ذهين، چئيدار ۽ محنتي شاگرد ٿي ڏيکاريو ۽ مونکي اڄ تائين حسن مجتبيٰ، جاويد سومرو، مرتضيٰ سولنگي ۽ انور پيرزادي جهڙن جرنلسٽن تي حيرت ٿيندي آهي ته هنن جي بنيادي تعليم جيتوڻيڪ ٻهراڙي جي اسڪولن مان ٿي پر سندن انگريزي ڪراچي جي گرامر اسڪول جي شاگردن کان به بهتر آهي! انور انهن ڏينهن ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان M.A مٿاهين پوزيشن ۾ پاس ڪئي ۽ هن کي 1970ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچراري ملي وئي. ڪراچي ۾ رهڻ دوران هو ادبي محفلون به اٽينڊ ڪندو رهيو ۽ هتي محمد پريل بدران سندس قلمي نالي “انور پيرزادو” سان سڃاڻڻ ۾ اچڻ لڳو. سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري وارن ڏينهن ۾ هو پاڪستان ايئرفورس جي ايڊيوڪيشن Wing لاءِ چونڊجي ويو جتي پڙهائڻ واري نوڪري شروع ڪيائين ته 1971ع واري جنگ شروع ٿي وئي. هيءَ جنگ به عجيب هئي جنهن ۾ ڪيترن کي اهو احساس ٿيو ته هي ڇا آهي جو پاڪستاني پاڪستانين کي ماري رهيا آهن، مسلمان مسلمانن کي ماري رهيا آهن. انور اهڙي خيال جو اظهار پنهنجي سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ليڪچرار دوست ضيا جلباڻي (هاڻ لاڙڪاڻي ۾ وڪيل آهي) ڪيو. سندس اهو خط انٽر سيپٽ ٿي پيو ۽ کيس ڪورٽ مارشل ڪري ست سالَ جيل جي سزا ڏني وئي. پر پوءِ ان بنياد تي ته هن اهو خط پبلڪ کي نه پر دوست کي لکيو، هو شآدي شده ۽ ٻارن جو پيءُ هو، هو پهريون ڳوٺاڻو هو جيڪو ايئرفورس ۾ چونڊجي آيو هو، هن کي ڇهن مهينن بعد آزاد ڪيو ويو.
ان بعد انور جرنلزم شروع ڪئي. 1972ع ۾ سراج ميمڻ صاحب هلال پاڪستان اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ هن نوجوانن جي همت افزائي ڪئي. ستر واري ڏهي جي انهن شروعاتي سالن ۾ منهنجو جهاز جڏهن به ڪراچي ايندو هو ته آئون شامَ جي وقت هلال پاڪستان آفيس هليو ايندو هوس جتي انور پيرزادي، دستگير ڀٽي، منظور قُريشي، اسلم آزاد ۽ محمود صديقي TV واري سان ملاقات ٿيندي هئي.
انور هلال پاڪستان کانپوءِ ڊان ۽ اسٽار اخبارن ۾ به ڪم ڪيو. وچ ۾ 1975ع ۾ روسي سفارتخاني ۾ به نوڪري ڪئي جيڪا پوءِ مارشل لا لڳڻ بعد ڇڏي ڏنائين. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ انور ڇهه مهينا جيل به ڪاٽيو. ان بعد هو آخر تائين انگريزي اخبار ڊان ۽ اسٽار سان وابسته رهيو. پاڻ 62 ورهين جي ڄمار ۾ 8 جنوري 2007ع تي وفات ڪيائين.
انور هڪ لاجواب ماڻهو هو.... بيحد پيارو ۽ سٻاجھو انسان هو... جهڙو صورت ۾ سهڻو تهڙو سيرت ۾ پڻ. پاڻ مون تي هڪ انگريزي اخبار ۾ پروفائيل به لکيائين ۽ منهنجي هِڪَ ڪِتابَ تي مهاڳ به لکيو اٿس. هن کي پاڻ کان وڌيڪَ ٻين جو خيال رهيو ٿي بقول هڪ انگريزي اخبارَ جي:
Throughout his life, Anwar gave little thought to his personal life and prosperity, instead he struggled for the prosperity and progress of Sindh.
بقول تاج جويو جي انور سدا ملوڪ، سدا کلڻو، سدا مرڪڻو اديب هو. هو ترقي پسند سنڌ دوست، روشن خيال ۽ روشن ضمير ۽ دانشور هو. هن جي تخليق، هن جي سوچن ۽ هن جي جدوجهد جو محور ۽ مرڪز سنڌ هئي ۽ هن جي جدوجهد ۽ عمل ڦرلٽ ۽ هر قسم جي استحصال کان آجي سنڌ لاءِ هو. هو جديد شاعري ۽ ادب جو اهو پارکو سرجڻهار ۽ تنقيدنگار هو، جنهن جي راءِ جو وڏو وزن هو. انور لطيف جو سچو عاشق هو. جنهن اک، جنهن نگاهه (vision) جنهن سوچ ويچار سان انور لطيف جو اڀياس ڪيو ۽ لطيفي فڪر جا نوان زوايا ۽ رخ واضع ۽ چٽا ڪيا، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ ان جو پنهنجو مقام ۽ مرتبو رهندو. هو صحافت ۽ ادب جي وچ ۾ اها پُل هو جنهن ادب ۽ صحافت جون حدون ايتريون ويجھيون ڪري ڇڏيون جو اديب ۽ صحافي سنڌ جي جديد شعور جا پرچارڪ بڻجي ويا. انور اينٿرو پالاجي، آرڪيالاجي ۽ ڪلچر جو وڏو ڄاڻو هو.
انور جون ڪيترويون ئي خوبيون ڳڻايون وڃن ٿيون پر منهنجي نظر ۾ هو زبردست Visionary ماڻهو هو. هو دورانديش انسان هو. هن جي سوچَ صحيح طرف ڏي رهي ٿي. مون کي ياد آهي ته MRD تحريڪ بعد اسان وٽ ڪجهه ماڻهو سنڌ جي ڌاڙيلن کي هيرو جو درجو ڏئي رهيا هئا. انور ان عمل کي سختي سان ننديو ۽ هو هميشه چوندو هو ته ڏوهاري ماڻهو اسان جو همدرد ۽ خير خواهه ٿي نٿو سگهي. انور لاءِ مونکي سندس ان ڳالهه ڪري وڏي عزت آهي ته هن کي پاڻ به تعليم حاصل ڪرڻ جو شوق هو ۽ هن ٻين لاءِ به تعليم کي عام ڏسڻ چاهيو ٿي. هو اڪيلي سر ۽ پنهنجي حيثيت آهر ٻيو ڪجهه گهڻو ته نه ڪري سگهيو پر پنهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ تعليم ضرور عام ڪيائين... نه فقط ڇوڪرن لاءِ پر ڇوڪرين لاءِ پڻ. اڄ ٻلهڙيجي جهڙي هڪ ننڍڙي ڳوٺَ ۾ نه فقط ڇوڪرن جو پر ڇوڪرين جو به پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول آهي ۽ توهان کي حيرت ٿيندي ته جتي پاڪستان ۾ پڙهيلن جو سيڪڙو مشڪل سان ٽيهه آهي اتي ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ تعليم يافته ماڻهن جو سيڪڙو نوي کان مٿي آهي. موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي FIA پوليس جي يونيفارم ۾ ٻن عورتن کي ڏسي مونکي حيرت ٿي. سندن نالا زهرا بانو ۽ صبا هئا. هو سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.
“توهان سکر يا لاڙڪاڻي جون هونديون؟” مون پنهنجو ڪارڊ کين ڏيندي کانئن پڇيو.
“نو سر! اسان ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ جون آهيون.” هنن وراڻيو.
“ڪمال آهي! ڪهڙي ڳوٺَ جون؟” مون حيرت مان پڇيو.
“ٻلهڙيجي جون.” هنن مرڪندي وراڻيو ۽ مونکي خيالن ۾ گم ڏسي هڪ چيو، “ڇا توهان کي يقين نٿو اچي؟”
مون کين ٻڌايو ته ٻلهڙيجي جو نالو ٻڌي هاڻ عجب نٿو لڳيم. توهان ڄايون به نه هونديون ته توهان جي ڳوٺ جو منهنجو هم عمر دوست انور پيرزادو پنهنجي پياري ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ جدوجهد شروع ڪئي هئي ۽ اڄ توهان کي ڏسي هن جي ڪاميابي تي يقين ٿئي ٿو. اسان جو ڪو پير مير يا وڏيرو وزير به پنهنجي ڳوٺ کي ان حد تائين تعليم يافته نه بڻائي سگهيو آهي.
بيشڪ انور هڪ مثالي ۽ Special ماڻهو هو. هڪ ڏينهن ٽهڪ ڏيندي مونکي چيو هئائين:
“الطاف مونکي ٽن شين Inspiration ڏني آهي. آئون هڪ ٽرائيڪا جي وچ ۾ آهيان..... منهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي جي اوڀر م سنڌو درياهه آهي، اولهه ۾ ٻِنڊي (سوڀو گيانچنداڻي جو ڳوٺ) ۽ اتر ۾ اسانجي 5000 سال پراڻي تهذيب موهن جو دڙو آهي.”