سنڌي ٿي ساڌٻيلو نه ڏٺو اٿئي.....
“ڀلا سکر جو اوسو پاسو ..... روهڙي، ٺيڙهي يا پير جي ڳوٺَ به هلون؟” اياز گل پڇيو.
مون ٽهڪ ڏيندي چيو” خبر ناهي ڪيترو وقت ملي پر يارو مونکي ساڌ ٻيلو ضرور ڏيکارجو”
“ڇو ڀلا رڳو ساڌ ٻيلو؟” ادل سومري تعجب مان پڇيو.
“ان ڪري ته آئون کلي رهيو آهيان.” مون کين ٻڌايو،
“آئون 1969 ڌاري جڏهن پهريون دفعو انڊيا جي بندرگاهه ‘ڪنڊلا’ ويو هوس ته اتي جي هِڪَ هندو سنڌي دڪاندار مون کي دڙڪو ڏيندي چيو هو ته تون ڪهڙو سنڌي آهين جو توکي ساڌ ٻيلي جي خبر ناهي. هاڻ سڌو سکر وڃي ساڌ ٻيلو ڏسي پوءِ اچجانءِ.”
جهاز هلائڻ کڻي اسان جي هٿ ۾ آهي پر ان کي ڪيڏانهن وٺي وڃجي اهو جهاز جي مالڪن جي هٿ ۾ رهي ٿو. اسان ڪولمبو ويندي جهاز جي خرابيءَ ڪري ٻه ٽي ڏينهن گجرات جي هن ڪنڊلا بندرگاهه ۾ گهڙي پيا هئاسين. جيئن ئي انجڻ جي مرمت جو ڪم مڪمل ٿيو ته اسان سڌو سکر وڃڻ بدران ممبئي (انهن ڏينهن ۾ اڃا بمبئي سڏي وئي ٿي)، مئنگلور، ڪاليڪٽ، ڪوچين ۽ تِريواندرم بندرگاهن وٽان لنگهندا اچي سلون (سري لنڪا) جي بندرگاهه ڪولمبو ۾ لنگر ڪيرايوسين.
آئون دل ئي دل ۾ ياد ڪرڻ لڳس ته ان کي ڪيڏو عرصو ٿيو هوندو. گهٽ ۾ گهٽ چاليهه پنجيتاليهه سالَ..... سٺ واري ڏهي جا آخري سالَ هئا..... مون جهازَ تي نوڪري ڪرڻ جي شروعات ڪئي هئي. اسان هڪ ننڍو ۽ پراڻو جهاز هلائي رهيا هئاسين جيڪو جيئن ئي ڪراچي کان نڪتو ۽ ڪيٽي بندر جي سامهون لنگهي سنڌ جو بارڊر ڪراس ڪيو ته ڍرڪڻ لڳو. اسان چيو ته هن مڙهه کي اڳتي ڌڪي هلڻ بدران ڪنهن ورڪ شاپ جي مدد سان صحيح ڪرڻ کپي جو منجھس خرابيون ايتريون ته وڌي ويون هيون جو سمنڊ تي ترسائي سندس مرمت ڪرڻ اسان جهازَ وارن (مئرين انجنيئرن) جي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ موسم به سانوڻي (Monsoon) جي هئي.... ‘ڪيٽي بندر’ ۽ ‘ماندوي’ بندرگاهن وٽ ئي اهو حال هو ته اڃا اڳتي ڏکڻ ڏي وڌڻ معنيٰ الله ڏئي ۽ بندو سهي..... هونءَ به اسانجي جهازران ڪپنيءَ کي جهاز جون اهي خرابيون جپان جي شپ يارڊن مان دور ڪرائڻيون هيون پر جهاز جي مالڪ جي ذهنيت ڳني جي رس وڪڻندڙ جهڙي ٿئي ٿي. هو چيڀاٽيل ڪمندَ کي تيسين پيو مروڙي سروڙي مشين مان گذاريندو جيسين هن کي پڪ ٿي وڃي ته هاڻ هن ۾ رس (Juice) جو هڪ ڦڙو به نه بچيو آهي. جهازَ جو مالڪ به جهاز جي تيسين مرمت تي خرچ ڪرڻ کان پيو ڪيٻائيندو جيسين هن کي لڳي ته هاڻ جي دير ڪندس ته جهاز ٻڏندو. اسان جي جهازَ کي ڪراچيءَ ۾ Repair جي ضرورت هئي پر ڪمپني وارن (يعني مالڪن) کي جو اوچتو ڪولمبو ۽ سنگاپور لاءِ ڪمائتو ڪارگو ملي ويو ته هنن اها مرمت اڳتي جپان يا ڪوريا جي بندرگاهن لاءِ postpone ڪري ڇڏي. پر جهاز هاڻ ماڳهين پڙ هڻي ٿي بيٺو. ايتريقدر جو واپس ڪراچي موٽڻ جي به منجھس سگههَ نه هئي. انڊيا سان هميشه وانگر تعلقات خراب هئا پر جان بچائڻ جهڙن امرجنسي ڪمن لاءِ ڪنهن به ملڪَ جو جهاز رٺل ملڪَ ۾ به وڃي سگهي ٿو. ڀلي کڻي اهو ملڪ اسرائيل هجي يا سائوٿ آفريڪا! سائوٿ آفريڪا سان هاڻ اسانجا تعلقات سٺا آهن، نه ته مونکي ياد ٿو اچي ته انهن ڏينهن ۾ انٽرنيشنل پاسپورٽ ٺهرائبو ته ان تي ٺپو هڻي ڏيندا هئا ته:
All Countries Except Israel and South Africa
ڪڏهن اهڙي ايمرجنسي نه ٿي جو اسرائيل وڃڻو پوي پر ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ مان لنگهندي اڪثر سائوٿ آفريڪا جي بندرگاهن ڊرين، ڪيپ ٽائون، پورٽ ايلزبيٿ وغيره راشن پاڻي، علاج ۽ حادثن ڪري يا جهازَ جي مرمت لاءِ لنگهي وڃڻو پيو ٿي ..... جو سمنڊ جو هي حصو جتي هندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ اچيو ٿا ملن (يا کڻي چئجي ته ٽڪرائجن) ايڏيون ته ڇوليون ۽ ڪُنَ ٿا پيدا ڪن جو جهازن توڙي جهازين جون اڪثر وايون بتال ٿيو وڃن..... جھونا ته جھونا پر نوان لاٿل جهازَ به هتي جي رکي رکي بگڙجندڙ سمنڊَ جي سَٽَ نٿا جھليو سگهن.
بهرحال پاڻ هندستان جي بندرگاهه ڪنڊلا جي ڳالهه پئي ڪئي جيڪو سمجھو ته اسان جي ڪيٽي بندر کان يا مٺي ۽ اسلام ڪوٽ کان باءِ روڊ چند وکن تي چئبو. ائين ته ڪيٽي بندر کان پوءِ يڪدم ماندوي بندرگاهه اچي ٿو جتان جا ڪراچي لڏي آيل ماڻهو پاڻ کي “مانڊولا” سڏرائين ٿا، پر ڪنڊلا مانڊوي کان وڏو بندرگاهه آهي. دراصل هندستان جي ورهاڱي کان اڳ تائين يعني انگريزن جي ڏينهن ۾ هن عربي سمنڊ پاسي هيٺ ڏکڻ ڏي بمبئي جو بندرگاهه هو ته مٿڀرو اتر ۾ ڪراچي هو جِتان ننڍي کَنڊ جو سامان ۽ ماڻهو عرب ملڪن يا آفريڪا جي بندرگاهن ڏي ويا ٿي .... خاص ڪري گجرات، سنڌ ۽ پنجاب پاسي جا. هونءَ به هندستان جي گجرات رياست جا ڪڇ ۽ جھونا ڳڙهه وارا ضلعا سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ بدين وارن ضلعن سان مليا پيا آهن ۽ مانڊوي، ڪنڊلا، نولکي، اوکا، ڀُڄ، انجار، ٻني، جھام ننگر، گانڌي ڌام جهڙن گجرات جي شهرن لاءِ ممبئي کان ڪراچي ويجھو آهي ۽ مٺي، عمر ڪوٽ، اسلام ڪوٽ جهڙا ٿرپارڪر جا شهر ته ڄڻ ٻن قدمن تي ٿيا.
بهرحال ورهاڱي کانپوءِ هندستان سرڪار اولهه هندستان (گجرات، راجستان) جي ماڻهن جي سهولت لاءِ ڪنڊلا جي بندرگاهه کي 1950ع ۾ develop ڪيو ۽ اڄ ڪلهه انڊيا جي اولهه واري ڪناري جي مٿين حصي ۾ اهو هڪ اهم بندرگاهه آهي. ڪراچي کان سمنڊ وٺي هيٺ ڏکڻ ڏي لڙبو ته سنڌ جون حدون ختم ٿيڻ بعد ڪڇ جي نار (Gulf of Kutch) ٿي شروع ٿئي جنهن ۾ هي بندرگاهه ڪنڊلا آهي جيڪو ڪراچي کان 256 ميلن جي مفاصلي تي آهي ۽ ممبئي کان 430 ميلن جي فاصلي تي آهي. هي بندرگاهه انجار شهر سان ريل ذريعي ڳنڍيل آهي.
ڪنڊلا ۾ رهڻ دوران اسان کي گانڌيڌام ڏسڻ جو شوق ٿيو جِتي تمام گهڻا سنڌ کان لڏي ويلَ هندو رهن ٿا. ڪنڊلا جي هِڪَ ٽئڪسين جي سنڌي مالڪ اسان کي گانڌيدام گهمائڻ جو بندوبست ڪيو. هن مونکي سنڌي سمجھي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته اتي رات ٽڪڻ جو بندوبست هن اسان لاءِ ساڌ ٻيلو اپارٽمينٽس ۾ ڪيو آهي جيڪو شِوَ مندر جي ڀرسان آهي. پوـءِ کلندي مون کان پڇيو ته “ساڌ ٻيلو کان ته توهان چڱي طرح واقف هوندائو.” ان وقت اسان کي ڪٿي هئي سنڌ جي ماڳن جي خبر ..... ۽ نه وري ڪا تاريخ ۾ ايڏي دلچسپي هئي. حيدرآباد ۾ رهي ڪري اسان کي ڪچي قلعي ۽ پڪي قلعي ڏسڻ جي به توفيق نه ٿي هئي سو اسان کي ڪهڙي ڄاڻَ ته ساڌ ٻيلو ڪٿي آهي ۽ ڪهڙي اهميت ٿو رکي. اسان کي ته ان وقت دماغَ ۾ رڳو پئرس ۽ لنڊن جا خوابَ هئا. ٽوڪيو ۽ هانگ ڪانگ گهمڻَ جي شوقَ ۾ اچي سامونـڊي نوڪري جي اکڙيءَ ۾ مٿو وڌو هئوسين. بهرحال منهنجي انڪارَ ڪرڻ تي هي همراهه مڇرجي ويو.
“تون ڪهڙو سنڌي آهين؟ تو ساڌ ٻيلو نه ڏٺو آهي.” هن حيرت مان چيو ۽ پوءِ مونکي تنبيهه ڪئي ته هاڻ هِتان سڌو ساڌ ٻيلي جو رخ ڪجانءِ. ۽ ان “هاڻ پهچڻ” کي به چاليهه سالَ لڳي ويا آهن. اڄ سکر پهچڻ تي مونکي گجرات جي ڪنڊلا جو هندو واپاري ياد اچي ويو جنهن مونکي نصيحت ڪئي ته سفر شروع ڪرڻ کان اڳ پهرين ساڌ ٻيلو جو ديدار ضرور ڪجي ۽ اڄ آئون هن دنيا جا ۽ نوڪريءَ جا سمورا سفر پورا ڪري آخر ۾ سکر پهتو آهيان ...... شايد هيترو وقت داڻو پاڻي نه هو.
ادل سومري ۽ اياز گل کي چيم ته سائين ٻيا ڪم ڇڏي مونکي ساڌ ٻيلو ضرور ڏيکارجو ..... ان بعد ڀلي سکر مان ڪڍجو.