ادب ۾ امير آهي......
مون مرڪندي چيومانس ته آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ٻي بئج جو آهيان يعني 69 ورهين جو آهيان. پنجين بئچ تائين ڪو اهڙو پيٽارين آهي جنهن کي شگر نه هجي ۽ چاڪيلٽ کائيندو هُجي؟
لاڙڪاڻي Landing وقت آئون هنجي ڀرسان ڪاڪ پٽ ۾ ويٺل هوس. هيٺ چنجھين بتين ڏي اشارو ڪندي چيائين “اهي باقراڻي ۽ ڏوڪري جون آهن ۽ لاڙڪاڻي جي اتر ۾ نئين ديري جون آهن جنهن جي ڀر ۾ ڳڙهي خُدا بخش آهي.” پوءِ ساهي پٽي چيائين “ڏينهن هجي ها ته ٿورو Low اڏام ڪري توکي رتوديرو ۽ باڊهه وغيره وٽان ڦيرو ڪرائي وٺان هان جيئن سنڌو ندي، رائيس ڪئنال، حمل ۽ کيرٿر جو بهتر View ڪري سگهو ها.”
“مون گوگل ذريعي هن ضلعي جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ ڍنڍن ڍورن جو چڱي طرح جائزو وٺي ڇڏيو آهي..” مون ورندي ڏنيمانس ۽ دل ۾ سوچيم ته ماکيءَ جي مک وانگر سڌو موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لهه... فيول لڀي ڪونه ماڳهين اسان مسافرن کي به سورن ۾ ٿو وجھين ۽ پنهنجي نوڪري به ٿو وڃائين.
جھاز جي ڦيٿن جو زمين کي ڇُهڻ تي مون کي هڪ عجيب احساس ٿيو. اڄ کان 52 سالَ اڳ جڏهن فرسٽ ييئر ۾ هوس ته پنهنجن ٻن ڪلاس ميٽن اختر عباسي (ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي جو وچيون پٽ) ۽ علي رضا ميمڻ (مرحوم سفير عبدالفتاح ميمڻ جو فرزند) سان گڏ ريل رستي سندن هن ڳوٺ ۾ پهريون دفعو آيو هوس. ان بعد 1970ع تائين آئون هر سال ڪار يا ٽرين ذريعي لاڙڪاڻي ايندو رهيس... ۽ هاڻ 44 سالن کانپوءِ مون، بلڪه منهنجي هن جهاز جي ڦيٿن، هن ڌرتيءَ کي ڇهيو آهي. پيٽارو کان ايندي وقت اسٽيشنن مان ڪجهه جا نالا خبر ناهي ڪيئن هڪ دفعو وري منهنجي دماغ جي ڪپيوٽر ۾ refresh ٿي ويا... مانجھند، آمري، ڀان، خدا آباد، ڦلجي، راڌڻ، باڊهه، باقراڻي.... وغيره.
ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچر دوران مون اسٽوڊنٽس کان پڇيو ته توهان جا وڏا سنڌ جي ڪهڙي شهر مان هتي آيا. مون کي حيرت ٿي ته هنن شڪارپور بعد لاڙڪاڻي ضلعي جا شهر ٻڌايا هئا. دنيا عظيم تر تهذّيب موهن جو دڙو جي آثارن ڪري لاڙڪاڻي ضلعي جي وڏي اهميت ۽ افاديت آهي. بقول منهنجي ميزبان ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال محمد يوسف شيخ جي سڪندر اعظم جي آمد کان وٺي انگريزن جي آمد تائين لاڙڪاڻي ضلعي جو هر ڪو ڏينهن اهم تاريخي واقعي جو پڙاڏو آهي. ڌارين جي ڪاهن کان وٺي ڌرتيءَ دوستن جي قربانين تائين، ارغونن جي آڪڙ کان وٺي نادر شاهه جي قهر ۽ ڪاوڙ تائين لاڙڪاڻي واسين انسان دوستي ۽ وطن دوستي جو مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. جديد سنڌ جي تعبير ۽ تشڪيل ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، ان کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.
شايد اها لاڙڪاڻي جي سونهن ۽ سڪ آهي جيڪا پنجٽيهه سال گذرڻ بعد به هتان کان ممبئي لڏي ويل ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي کي هر وقت بي چين رکي ٿي ۽ بقول هن جي هو گيتا ۽ ويدن وانگر روزانو سنڌ کان آيل هِڪُ ڪِتابُ “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” جنهن ۾ لاڙڪاڻي جي ماڳن ۽ ماڻهن جو احوال آهي، پڙهي دلي سڪون ۽ اُتساهه محسوس ڪري ٿو.
لاڙڪاڻو ضلعو... جيڪو پراڻي زماني ۾ چانڊڪا پرڳڻي جو مرڪزي شهر هو ۽ جنهن نالي سان اڄ هن شهر ۾ ميڊيڪل ڪاليج به آهي... سياستدانن، اديبن، شاعرن ۽ عالمن کان به مشهور آهي. ڀٽو فئملي جي سياستدانن ۽ وزير اعظمن کان وٺي محمد ايوب کهڙي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، پير علي محمد راشدي، قاضي فضل الحق، بيگم اشرف عباسي جو هن شهر سان واسطو رهيو. ڪشنچند بيوس، قاضي عبدالحي قائل ۽ حاجي محمود خادم جهڙن شاعرن کان ڊاڪٽر اياز قادري، انيس انصاري ۽ جمال ابڙي جهڙن ڪهاڻيڪارن، حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ ۽ قربان بگٽي جهڙن محققن ۽ دانشورن جو هن علائقي سان واسطو رهيو آهي.
قائل صاحب (KTN جي مشهور ائنڪر ياسر قاضي جو ڏاڏو) جو سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي ترجماني ڪندڙ ۽ اڄ جي حالت تي ٺهڪندڙ هڪ شعر ٿو ياد اچي:
عجيب تنهنجي زردار سرمائيداري
اجڙ جنهن ڪري ٿي وئي سنڌ ساري
رڳو توکي پنهنجي آ عشرت پياري
ذرا ٻڌ غريبن جي تون آهه زاري
نه توکي وطن لئه ذرا پيار آهي
محبت وطن جي مزيدار آهي
هن ڌرتي جي حصي تي دادا سام جئسنگهاڻي جهڙن صوفي درويـشن به جنم ورتو ته علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ علي خان ابڙو (بدر ابڙو جو ڏاڏو) به هتي ڄائو. غلام نبي گل، ڊاڪٽر بشير احمد “شاد”، شهزادو شيخ، عبدالوهاب سهتو، قاضي مقصود گل، اشتياق بُخاري، اسحاق انصاري ۽ مختيار سمي جهڙين شخصيتن جو هي علائقو ئي جنم ڀومي آهي.
منهنجا ڪِتابَ ڇپيندڙ پبلشر علي نواز گهانگري کان حيدرآباد ۾ پڇيم ته هن انٽرنيٽ جي دور ۾ تون جو وتين ڪِتاب ڇپيندو... پڙهڻ وارا ته مونکي نظر نٿا اچن! مونکي حيرت ٿي جڏهن هن مونکي ٻڌايو ته هن جا اڌ کان وَڌيڪَ ڪِتابَ لاڙڪاڻي شهرَ ۽ ان جي اوسي پاسي وارن ڳوٺن ۾ خريد ڪيا وڃن ٿا. پوءِ مونکي به احساس ٿيو ته مون وٽ سڀ کان گهڻا پـڙهندرن جا خَطَ به لاڙڪاڻي ۽ ٻئي نمبر تي شڪارپور، شهداد ڪوٽ ۽ سکر ضلعي کان اچن ٿا.
لاڙڪاڻي جا ڪجهه نوجوان اديب ۽ شاعِرَ جيڪي فيس بُڪ ۽ ٽيوٽر معرفت ذهن ۾ اٿم: رضوان گل، رياضت ٻرڙو، مدهوش ڀٽو، ملهار سنڌي، روبينه ابڙو، ثمير ساجد جوڻيجو، امام راشدي، عيسيٰ ميمڻ، منير چانڊيو، منصور ابڙو، عادل عباسي، رضا بخاري، ستار ڀٽي، اخلاق احمد انصاري، احسان دانش ۽ ٻيا کوڙ سارا آهن. اڳوڻو سعودي عرب جو سفير مرحوم عبدالفتاح ميمڻ صاحب چوندو هو ته:
Larkana is rich in literature
منهنجي خيالَ ۾ اڄ به لاڙڪاڻو ادبَ ۾ اَمير آهي.