ٻج بنا ميوو
نئون ديرو کان ڳڙهي خدا بخش فقط ٽي چار ڪلو ميٽر فاصلي تي آهي ۽ ان لاءِ کاٻي پاسي الڳ رستو ڦٽي ٿو. اسان ڏهن منٽن اندر اچي ٽن قبن واري سفيد رنگ جي مزار وَٽِ پهتاسين. مزارَ جي چوڌاري ڪافي وڏو اڱڻ آهي جِتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي سگهن ٿا. اهم ڏينهن تي يا پيپلس پارٽي جي جلسن ۾ هي سڄو ڪورٽ يارڊ ڀرجي ويندو هوندو بلڪه ٻاهر به پري پري تائين ماڻهن جا انبوهه نظر ايندا هوندا. هي ڪجهه هزار ماڻهن جي آدمشماري جو ڳوٺ اهم ڏينهن تي منيٰ (سعودي عربَ) جيان هڪدم Highly Populated ٿي ويندو هوندو. اڄ هڪ عام ڏينهن هو ۽ سخت سرد ڏينهن پڻ. مون سنڌ جي فقط گرمين جون ڳالهيون ٻُڌيون هيون پر اڄ ڏينهن جي ڏهين يارهين وڳي به هيڏي ٿڌ محسوس ڪري مونکي ناروي ۽ سئيڊن جا ڏينهنَ ياد اچي رهيا هئا. اسان کي سئيٽر ۽ ڪوٽ ۾ به ڏڪڻي ٿي رهي هئي پر چوڌاري ۽ ڳـڙهي خُدا بخـش جي گهـٽين ۾ بنا گرم ڪپڙن ۽ پيرين اگهاڙن ٻارن کي ڏسي ڏک سان گڏ احساس جرم ٿي رهيو هو. ڪنهن سچ ٿي چيو ته سنڌ جي ڳوٺن جهـڙي غربت آفريڪا ۾ به نه آهي. پر هي ڳوٺ ته هڪ عام ڳوٺ ناهي.... هـِنَ ڳوٺ ۾ ملڪ جا ٻه وزير اعظم دفن آهن. هِنَ ڳوٺَ ۾ ملڪَ جو امير ترين صدر گذريل پنجن سالن ۾ ڪيترا ئي دفعا دورو ڪري ويو آهي. دنيا جا سفير ۽ ملڪ جا وزيرَ هِتي ايندا رهن ٿا، وڏا وڏا بيوروڪِريٽ (ڪامورا) ۽ بزنيس مين ايندا رهن ٿا..... ڪيڏي افسوس جهڙي ڳالهه چئجي جو اهڙي ڳوٺَ جون رهواسي نياڻيون اسان جي سامهون بِنا پوتي ۽ بنا چمپل جي ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏڪي رهيون هيون..... جِتي (يعني ههڙي ڳوٺ ۾)گاڏي بيهارڻ سان فقير خيرات گهرن ٿا.
اڄ هِڪَ عام ڏينهنَ هجڻ جي باوجود مزارَ جي چوڌاري ڪافي ٽوئرسٽ نظر اچي رهيا هئا جن ۾ ڪجهه سنڌي ڳوٺاڻا هئا ته ڪجهه فئملين سان ملڪ جي ٻين صوبن کان پنهنجين ڪارن ۾ آيا هئا. چوڌاري ڪيترائي خومچي ۽ گاڏي وارا ڇولا، مٺائي، چانهه بسڪٽ، مڱيرا ۽ ٻيون شيون وڪڻي رهيا هئا. ٽوئرسٽن لاءِ ڪا هوٽل نه هجڻ ڪري هر ڪو هنن کان ڪجهه وٺي رهيو هو. ملائيشيا ۽ جپانَ جي سهڻن مندرن ۾ ڪجهه هن قسم جو ماحول هوندو آهي خاص ڪري انهن جي مذهبي ڏينهن تي جڏهن هر هڪ ٻارن سميت اتي پهچي ويندو آهي. اهڙن مندرن ۽ درگاهن (جن کي جپاني جنجا يا اوتيرا سڏين ٿا) چوڌاري ٺهيل ريسٽورنٽون ٻاهران آيل ٽوئرسٽن سان ٽپ هونديون آهن. هِتي ڪا اهڙي هوٽل نه ڏسي اسان هِڪَ گاڏي واري کان زيتون ورتا جنهن انهن کي پني تي ڳتر ڳترا ڪري مٿانهن لوڻ مرچ ٻرڪي ڏنو.
“هن مزار جي ڪري توهان جي ڪجهه ڪمائي ٿي ويندي هوندي.” مون زيتونن واري کان پڇيو.
“ها سائين شڪر آهي ۽ شهيدن جي دعا آهي.... پر هي سڀ هوائي روزي آهي.... ماڻهن جي اچڻ تي مدار رکي ٿو.” هن ٻڌايو. آئون سوچڻ لڳس ته ڪاش اسان جا حاڪم ، اسان جا ڀوتار، اسان جا سردار ۽ وزير جڏهن حڪومتن ۾ آهن ته شل سندن دل ۾ اچي يا هنن جي ويجھو رهندڙ صلاحڪار کين صلاح ڏين ته ڳوٺ جي ڀلي لاءِ سٺي تعليم ۽ ڪارخانا به ضروري آهن جيئن هي ماڻهو علم ۽ روزگار حاصل ڪري سگهن. جپان کان ملائشيا تائين آئون اهو ئي ڏسندو اچان ته اتي جي سياستدانن پنهنجن ڳوٺن ۾ امن امان ۽ اُڇت انصاف مهيا ڪرڻ سان گڏ تعليم ۽ ڪارخانن تي زور ڏنو. اڄ ملائيشيا جي ننڍن ننڍن ڳوٺن جو به هر ٻار پڙهيل ڳڙهيل آهي..... گذريل ٽهي جي هارين، مزدورن، پورهيتن جا ٻارَ به ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، سائنسدان ۽ فوجي آفيسر آهن. گذريل صديءَ جي اسي واري ڏهي ۾ مون وٽ مالهيءَ جو ڪم ڪرڻ واري جا ٽئي پٽ وڏين نوڪرين تي آهن ۽ پوٽا ملڪ جي وڏين يونيورسٽين ۾ پڙهي رهيا آهن. اتي اسان وٽ ڪم ڪندڙ ڳوٺاڻي ماسي جو پٽ ڪرنل آهي ۽ ڌيءَ سرجن آهي. ملائيشيا ۾ ههڙي ڳڙهي خُدا بخش يا دودائي جهڙي جنهن ڳوٺ ۾ جتي آئون رهندو هوس ٽي چار ڪارخانا هئا. هِڪَ ته موبائيل فونن جو ڪارخانو آهي جنهن جا هِتي فون ۽ پاڪيٽ ريڊيو ڏسي مونکي حيرت ٿيندي آهي ۽ حسرت پڻ ته اسان وٽ هالا، سڪرنڊ، راڻي پور ۽ ٺيڙهي جهڙن وڏن شهرن ۾ به ايترا ۽ اهڙا ڪارخانا نه آهن ... جِتي اسان جا ماڻهو ڪم ڪري روزگار ڪمائي سگهن .... جيئن ملائيشيا جي ڳوٺن جا ماڻهو پوڙها ٿيڻ جي باوجود، پٽ پوٽن جي ڪمائڻ جي باوجود، وقت پاس ڪرڻ ۽ چئن چهرن کي ڏسڻ لاءِ اليڪٽرانڪ قسم جي ايئرڪنڊيشن ڪارخانن ۾ نوڪري ڪن ٿا جِتي گهڻو تڻو اسيمبلي ورڪ هجڻ ڪري هنن کي ڪو گهڻو جسماني يا ذهني ڪم نٿو ڪرڻو پوي. 1986ع ۾ مون پنهنجي هم عمر ۽ دوست ملئي وزير نجب رزاق (جيڪو اڄ ڪلهه ملائيشيا جو وزير اعظم آهي) کان ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ ڪارخانا کولڻ جو سبب پڇيو هو ته هن اهوئي سبب ٻڌايو: “ڏس الطاف! تعليم علم خاطر آهي ۽ هر تعليم يافته لاءِ ضروري ناهي ته هن کي آفيس جي نوڪري ملي وڃي. روزگار لاءِ هنر ضروري آهي ۽ هنر مندن لاءِ ڪارخانا ضروري آهن. اسانجي ڳوٺاڻي لاءِ سندس ڳوٺ ۾ ئي ڪارخانو هجڻ ضروري آهي ..... نه ته ان لاءِ هن کي ڳوٺ ڇڏي ڪوالالمپور يا پينانگ وڃڻ تي هن جي اڌ کان وڌيڪَ ڪمائي ته گهر جي مسواڙ ۽ بسين جي ڀاڙن ۾ ئي ختم ٿي ويندي!”..... ڳالهه اها آهي ته ان وقت اسان کي ملائيشيا جا هي سياستدان چريا ۽ درويش صفت لڳندا هئا پر اڄ ٿو محسوس ڪريان ته هو ڪيڏو عقلمند ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال رکڻ وارا نڪتا. هنن پنهنجي لاءِ کڻي پئسو نه ميڙيو پر عوام کي تعليم ۽ خوشحالي ڏئي ڇڏي، عزت ۽ ناموس ڏئي ڇڏي.
ڳڙهي خدا بخش ۾ ڀٽي جي مزارَ تي هڪ همراهه ڪٽلي ۾ چانهه ٺاهي وڪڻي رهيو هو. ڪٽلي جي هيٺان فڪس ٿيل گول دٻي ۾ ڇوڏا يا شايد ڇيڻا ٻري رهيا هئا. سندس ڪوپَ چڱي طرح ڌوتل نه هئا پر سخت سيءَ ڪري مون چانهه پيئڻ چاهي. چانهه واهه جي هئي پر تمام مٺي هجڻ ڪري ان جو فقط هڪ ٻه ڍُڪ پي نئون ديرو جي روڊَ جي سائيڊ واري هِڪَ هوٽل تي اچي ڦڪي چانهه جو آرڊر ڏنوسين. چوڌاري کٽن ۽ بينچن تي ڊگهو سفر ڪندڙ ٽرڪ وارا ماني کائي رهيا هئا. اسان جيئن ئي بينچ تي ويٺاسين ته روڊ جي ٻئي پاسي بيٺل لاڙڪاڻي جي مشتاق شيخ تي نظر پئي جنهن سان ايندي وقت رستي تي ملاقات ٿي هئي. “سائين ڪريو خبر توهان راشدي صاحب ڏي نه ويائو ڇا؟” مون پڇيو ۽ هن ڀرسان بيٺل پنهنجي هَم عمر ڏي اشارو ڪندي چيو: “هي ته سراج راشدي آهي ۽ هن جي هتي ئي ته نرسري آهي.”
سراج صاحب وڏي حب سان مليو. ويجھڙائيءَ ۾ هن ڪو منهنجو هندستانَ جو سفرنامو پڙهيو هو جنهن ۾ مون جھنڊي وارن پيرن جي ذڪر ۾ راشدي خاندانَ تي به لکيو آهي. پاڻ ٻڌائين ته منهنجا سرهاري وارا مرحوم ڪلاس ميٽ امام شاهه راشدي ۽ سيف الله شاهه راشدي وارا به هن جا مائٽ ٿين. پاڻ وڪالت کان علاوه زمينداري ۽ ڀاڄين ۽ ميون جي پوکَ تي تجربا ڪرڻَ جو شوق رکي ٿو. ويجھڙائي ۾ هو چين مان ڪونڊين ۾ چيري ٽماٽا پوکڻ جي ڄاڻَ وٺي آيو آهي جنهن ۾ چين کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي. پاڻ ٻڌائين ته لارڪاڻي جو هي پاسو اعليٰ جنس جي زيتونن کان مشهور آهي ۽ هن وٽ ته Seedless (بنا ٻج) وارا زيتون به آهن.
سراج راشدي تي سندس ڏاڏي سراج اولياءَ جو نالو آهي پاڻ محمد شجاع راشدي جو فرزند آهي سندس جنمَ جي تاريخ 6 جون 1954ع آهي. سراج مئٽرڪ ۽ انٽر لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان LLB ۽ ايڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس ۾ M.A ڪئي. 1981ع کان وڪالت شروع ڪئي. 1984ع کان هاءِ ڪورٽ ۾ پرئڪٽس ڪري رهيو آهي. پر سندس گهڻو شوق زمينداري يعني کيتي ٻاڙي سان آهي.
اڄ ڪلهه دنيا ۾ بنا ٻجن وارو ميوو تمام گهڻو مشهور ٿيندو وڃي ۽ ان جو اگهه به عام ميوي کان ٻيڻو ٿئي ٿو. ٻجن بنا پهريون ميوو مون جپان ۾ ڇانهين ڏٺي. اسان ننڍا هئاسين يعني اڄ کان سٺ پنجهٺ سال اڳ جيڪا ڇانهين کائيندا هئاسين ان ۾ ٻج هڪ ته تمام گهڻا هوندا هئا ٻيو وڏا وڏا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي ٻج سڪائي کائڻ ۾ پنهنجو مزو هوندو هو پر ڇانهين کائڻ مهل اهي ٻج پريشان ڪندا هئا ۽ پوءِ گهڻُو گهڻو پوءِ جڏهن جهاز تي نوڪري شروع ٿي ته بيروت، طرابلس ۽ پورٽ سعيد (مصر) جهڙن بندرگاهن ۾ ۽ پوءِ ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اهـڙيون ڇانهيون ڏٺيونسين جن ۾ هڪ ته ٻج تمام گهـٽ هو ۽ ٻيو ايترو سنهو ۽ نرم جو ان کي ڪڍڻ جي ضرورت نٿي ٿي ۽ پوءِ اسي واري ڏهي ۾ جپان ۾ اهڙيون ڇانهيون ڏٺيونسين جيڪي بغير ٻج جي هيون. ائين ته جپان ۾ هئڊي، گلابي ۽ ڳاڙهي رنگ جي گودي واريون ڇانهيون پڻ ڏٺيونسين ۽ گول شڪل بدران ليوڊو جي ڇڪي وانگر ڇهه پاسن واريون چورس ڇانهيون پڻ نظر اچڻ لڳيون. بهرحال ٻج بنا ٻيو ميوو جيڪو يورپ توڙي آمريڪا ۾ گهڻو نظر اچي ٿو اهو آهي گريپ فروٽ، موسميون ۽ انگور. هونءَ زيتون مون هتي نئي ديري ۾ سراج وٽ اچي ڏٺا. سراج ٻڌايو ته هن وٽ بنا ٻج وارن زيتونن جا تمام گهٽ وڻ آهن.
“ڇو ڀلا؟ بنا ٻج وارو ميوو ته جتي ڪٿي پسند ڪيو وڃي ٿو ۽ اهو وڪامي به مهانگو ٿو.” مون پڇيو.
“بلڪل صحيح ٿا چئو” سراج چيو، “پر ان قسم جي ميوي جي Yield تمام گهٽ ٿي ٿئي. هر وڻ ۾ تمام گهـٽ زيتون ٿين ٿا ۽ اسان ان کي هتي ايترو مهانگو وڪڻي نٿا سگهون جيترو يورپ ۾ وڪيو وڃي ٿو. هِتي اسان کان ڪير به خريد نه ڪندو. پر جيڪڏهن ڪو ٻيڻ قيمت تي وٺي ته به اسان کي فائدو نه ٿيندو جو بنا ٻجن واري زيتونن جي وڻ کان ٻجن واري وڻ ۾ چئوڻا پنجوڻا زيتون ٿين ٿا.”
“ڀلا ٽماٽي جو سنڌي نالو ڇا آهي.” مون پڇيو.
“ٽماٽو سنڌ جي شيءِ آهي ئي ڪانه. ٽماٽو ٻاهران سنڌ ۾ آيو آهي ان ڪري ان جو نالو ڌاريون آهي جيئن ٿوم ۽ بصر عرب ملڪن کان اچڻ ڪري انهن جا نالا عربي زبان جا آهن .... جيئن انگلينـڊ ۾ پڪوڙن کي انگريز به پڪوڙائي سڏين ٿا.”
سراج راشدي صاحب ٻڌايو ته ٽماٽي جو اصل ملڪ آمريڪا آهي. ڪولمبس جو آمريڪا وڃڻ ۽ ان بعد آمريڪا تي قبضي دوران دنيا ۾ ٽماٽو پکڙيو. مشرق وسطيٰ ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ ٽماٽي جو تعارف برٽس قونصلر جان بيڪر اوڻهين صدي جي شروعاتي سالن ۾ ڪيو. اسان وٽ ٽماٽو ايران کان آيو ۽ ايران ۾ هڪ ته ترڪي ۽ آرمينيا کان ٿيندو آيو ۽ ٻيو ايران جي شاهي خاندانَ قاجار هن کي ايران ۾ متعارف ڪرايو. قاجار خاندانَ جو فرانس وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي جِتي هنن سلاد ۾ توڙي ٻوڙ ۾ ٽماٽي کي استعمال ٿيندو ڏٺو ۽ کين بيحد پسند آيو. شروع جي ڏينهن ۾ ايراني ماڻهو ٽماٽي کي آرميني واڱڻ (آرماني بادن جان) سڏڻ لڳا پر هاڻ ان کي فرانس جو آلوبخارو (گوجه فرنگي) سڏين ٿا.
دنيا ۾ ٽماٽن جون سوين جنسون آهن.... ايتريون انب ۽ کجور جون به نه هونديون. جن مان هڪ چيري ٽماٽو آهي جنهن جون چَڪيون سراج راشدي جي نرسري ۾ رکيل هيون ۽ مشتاق شيخ جهڙا زميندار خريد ڪري رهيا هئا. چيري ٽماٽو گيدوڙي جيڏو گول ۽ تکي ڳاڙهي رنگَ جو ٿئي ٿو. اهو پڻ ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن پيرو ۽ اتر چلي کان دنيا جي ملڪن ۾ پکڙيو ۽ اڄ ڪلهه چين ۾ ان تي تجربا ڪيا پيا وڃن ۽ ڪونڊين ذريعي گهر ۾ پوکيا وڃن ٿا. سراج راشدي ٻڌايو ته اسان جي موسم ۾ هي ٻوٽو ايڏو ڦل نٿو ڏئي پر تڏهن به هڪ ڪونڊيءَ ۾ پوکيل هڪ ٻوٽو اٽڪل يارهن سؤ کن چيري ٽماٽا ڏئي ٿو جيتوڻيڪ چين ۾ ٽي هزار کن ڏئي ٿو.
اٿڻ مهل مون سراج کان اهو پڇيو ته جڏهن زيتونن ۾ ٻج ئي نه آهي ته پوءِ اهڙي ميوي جا وڌيڪَ وڻ ڪيئن ٿا لڳن.
“هونءَ ته هر ميوي جي وڻ لاءِ ان جو ٻج ئي پوکيو وڃي ٿو پر هن حالت ۾ وڌيڪَ وڻ پئدا ڪرڻ لاءِ ان وڻَ جا قلم هنيا وڃن ٿا.” سراج ٻڌايو.