لاڙڪاڻو ستر سالَ اڳ
غلام مصطفيٰ سومرو صاحب 14 جولاءِ 1933ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو ۽ 65 ورهين جي ڄمارَ ۾ وفات ڪيائين. پاڻ فنانس کاتي مان ٽريزري آفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيو. لياقت راڄپر ٻڌائي ٿو ته سومرو صاحب لاڙڪاڻي جي تاريخَ جي ڄڻ کاڻ هو. لياقت جڏهن 1973ع ۾ انفارمينشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري شروع ڪئي ته هن سومرو سان ملڻ جلڻ شروع ڪيو ۽ هن کان لاڙڪاڻي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون پڇندو رهيو جيڪي هاڻ هن عبرت مخزن ۾ لکيون آهن. لياقت راڄپر جو به لاڙڪاڻي سان واسطو آهي جِتي هن پهرين اپريل 1952 تي جنم ورتو ۽ اتان ئي تعليمَ حاصل ڪئي. پاڻ 2012ع ۾ ڊئريڪٽر انفارميٽن جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس ڪيترائي تاريخي، ادبي ۽ معلوماتي مضمون انگريزي ۽ سنڌي اخبارن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. اڄ ڪلهه هو سنڌ ٽي وي سان وابسته آهي. منهنجي خيالَ ۾ لياقت راڄپر جون غلام مصطفيٰ سومرو جون مرتب ڪيل ڳالهيون سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر رهندڙ نوجوانن لاءِ دلچسپ ثابت ٿينديون.
گذريل سال سنگاپور ۾ رهندڙ لاڙڪاڻي جي هڪ سنڌي هندو واپاريءَ مونکان پڇيو ته لاڙڪاڻي جي رايل چوڪ ۾ هندو وڪيل ريجھو مل جو مجسمو (Statue) اڃا آهي يا نه؟ آئون وائڙو ٿي ويس. منهنجي خيالَ ۾ ان قسم جي ڪيترين ئي ڳالهين جا جوابَ توهان کي غلام مصطفيٰ سومرو جي هنن يادگيرين (Memoirs) مان ملندا جيڪي سنڌ ٽي وي جي لياقت راڄپر Compile ڪري اخبار ۾ ڏنا آهن:
“......جڏهن کان مون هوش سنڀاليو ۽ ڏٺو ته لاڙڪاڻي جا اڪثر ماڻهو پٽڪو پائيندا هيا ۽ ان جو وڏو مان ۽ مرتبو هيو. جڏهن ته ترڪي ٽوپي پائڻ جو به فيشن هيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو مٿي اگهاڙو گهمندو هيو ته ان کي چڱو نه سمجھبو هيو ۽ گهٽين ۽ گهرن جي ڀرسان اهڙي ماڻهوءَ جو لنگهڻ به بند هوندو هيو. دوست هڪ ٻئي سان پٽڪو مٽائيندا هئا ته انهن کي پٽڪي مٽ يا پڳ مٽ يار چئبا هئا.
“ان زماني ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ رهندا هئا، انهن ۾ هڪ ٻئي لاءِ پيار به هيو، پر ڪافي شين ۾ هو هڪ ٻئي کان ڌار هوندا هئا. مثال طور ڪپڙا سبرائڻ لاءِ ٻنهي جا درزي الڳ الڳ هئا، مسلمانن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ٻاهر رکيل مٽ ۽ ڪپڙا الڳ هئا. بهرحال ان وقت بوٽ اهو پائبو هيو جيڪو چيڪاٽ ڪري ۽ ڪپڙن کي ڪلف لڳرائبو هيو. ڪپڙا، بوٽ ۽ ٻيون کائڻ پيئڻ جون شيون سستيون هونديون هيون ۽ ماڻهو تمام گهڻو خوش هئا. ان وقت ماڻهن جي وڏي ضرورت ماني، گهر ۽ ڪپڙو هيو. اولاد ڇوڪرو يا ڇوڪري جوان ٿيڻ تي ان جي هڪدم شادي ڪرائي ويندي هئي، جڏهن ته ڇوڪرن جا طوهر دير سان ڪرائبا هئا. سو ڪڏهن ڪڏهن ته حجم جواب ڏئي ڇڏيندو هو ته هو هيڏي ڏگهه (وڏي) ڇوڪري جو طوهر نه ڪندو. جيڪڏهن ڇوڪرو حجم کي ٿڦ وهائي ڪڍي ته پوءِ بدلي ۾ ان کي مينهن ڏيڻي پوندي هئي. طوهر ڪرائڻ واري ٻار جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ان کي چئبو هيو ته هو جهاز ٿو وڃي مٿي ڏس ۽ جيئن ئي هو ائين ڪندو ته پاڪي وهي ويندي، طوهر ٿي ويندو هيو.
“ورهاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي جو هڪ دردناڪ ۽ افسوسناڪ واقعو: جڏهن شهر ۾ ڪالرا جي بيماري لٿي ته هر گهر مان روزانو چار پنج لاش نڪرڻ شروع ٿيا، فوت ٿيندڙن جا مٽ مائٽ لاش ڍوئي ڍوئي ٿڪجي پيا، سڄو شهر ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو زلزلو آيو هجي. اها حالت ڏسي الله رکيو کٽي نالي هڪ شخص ڪجهه ٻين ماڻهن سان گڏجي لاشن کي قبرستان پهچائڻ لاءِ هڪ لاش جو هڪ سؤ روپيا وٺندو هيو. جيڪا ان وقت تمام وڏي رقم هئي، پر ماڻهو مجبور هئا.
ان بيماري دوران لاڙڪاڻي شهر جي آباديءَ جو وڏو حصو ختم ٿي چڪو هو. آخرڪار برٽش سرڪار تسبيح جي هڪ داڻي وانگر اڇي رنگ جي دوا انگلينڊ کان موڪلي، جنهن سان اها وبا آهستي آهستي ختم ٿي وئي.اُنَ وَبا دوران هندو وڪيل ريجھو مل ڪالرا ۾ مرندڙ ماڻهن جا لاش مذهب ۽ ذات جي فرقَ کانسواءِ ڍوئيندو هيو. هن جي گهر ڀاتين هن کي منع به ڪيو پر هو نه مڙيو ۽ خدمت جاري رکيائين، جڏهن ته نتيجي ۾ پاڻ به هن وبا ۾ وٺجي مري ويو. هن کي ان خدمت لاءِ هيرو آف لاڙڪاڻو چيو ويندو آهي ۽ هن جو مجسمو ٺاهي شهر جي هڪ چوڪَ تي لڳايو ويو، پوءِ خبر ناهي ته اهو مجسمو اتان ڪاڏي ويو.
“اهي به وقت هئا جڏهن تقريبن هر ٻئي گهر ۾ مينهن ڌاري ويندي هئي ۽ جن ماڻهن وٽ مينهن نه هوندي هئي اهي لسي ۽ ان ۾ ٿورو پيل مکڻ مفت ۾ حاصل ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو کير به غريبن کي مفت ۾ ڏيندا هئا. ان زماني ۾ کير وڪڻڻ ۽ زمين وڪڻڻ ماڻهو پاڻ کي گار ڏيڻ برابر سمجھندا هئا. کير ۾ ملاوت جو ته تصور به نه هو. شهر ۾ سچو گيهه ۽ مکڻ وڪڻڻ وارو هوندو هو، جِتان شهر وٺي ڀاڄين ۾ استعمال ڪندا هئا. پر 1945 ـــ 1939ع تائين ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪوڪونٽ، بناسپتي ۽ ڊالڊا بناسپتي وجودَ ۾ آيو، جنهن آهستي آهستي سچي گيهه جي جاءِ ورتي. اهو بناسپتي ۽ ڊالڊا گيهه ايترو ته سٺو هو جو ماڻهو سچي گيهه کي وساري ويٺا. جڏهن ته پهريان پهريان ان کي پسند نه ڪيو ويندو هو، پر پوءِ ماڻهو ان جا عادي ٿي ويا. مانيءَ ۾ وڏو سواد ان لاءِ هوندو هو جو اها ڪاٺين جي باهه تي پچندي هئي ۽ ٻوڙ ٺڪر جي ڪُنيءَ تي تيار ٿيندو هو. ان ۾ ڏوئي ڪاٺ جي هوندي هئي. پاڻي ٺڪر جي مٽن ۾ رکبو هو، جيڪو ٿڌو رهندو هو. پاڻي پيئڻ لاـءِ به ٺڪر جو ڪُپڙو هوندو هو، اهڙي طرح ڀت به پاٽڙي ۾ کائبو هو، جيڪو پڻ ٺڪر جو ٺهيل هوندو هو.
“رمضان شريف جي ختمي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پاڙي جي پوري جماعت ويندي هئي ۽ اهي ماڻهو نعرا هڻندا پهچندا هُئا. عيد جي موقع تي دهل وڄندا هئا ۽ ڏهه ڏينهن اڳ تياري ڪئي ويندي هئي. عيد جي موقعي تي ڀلي ۾ ڀلو جوتو صرف چند روپين ۾ ملندو هيو.
لاڙڪاڻي شهر ۾ محمد رضوي اردو ڳالهائيندڙ هيو، جنهن ملڪي سطح تي سنڌي اردو مشاعرو ڪرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ ان ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ قتيل شفائي، حمايت علي شاعر ۽ جوش مليح آبادي جهڙن وڏن شاعرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان علاوه قوالين جا پڻ وڏا پروگرامَ ٿيندا هئا ۽ ملڪ جا مشهور قوال اچي فن جو مظاهرو ڪندا هئا اهڙي قسمَ جا پروگرامَ گهڻي قدر جناح باغَ ۾ ٿيندا هئا. جتي انتظام سنڀالڻ لاءِ اسڪائوٽس ۽ ٻيا ڇوڪرا جن ۾ آئون (غلام مصطفيٰ سومرو) به شامل هيس. اسين سڀ شوق سان ڪم ڪندا هئاسين. ان کان علاوه جڏهن 1945ع ۾ آل مسلم ڪانفرنس لاڙڪاڻي ۾ ٿي ته ان ۾ مون (غلام مصطفيٰ سومرو) کي نيشنل گارڊ جون ذميواريون سنڀالڻيون پيون. هڪ لڪڻ ڏنو ويو هو ته غير ضرور گهٽ وڌائيءَ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. ان ڪانفرنس جي صدارت عبدالرب نشتر ڪري رهيو هو. اتي راجه غضنفر علي چيو هو ته “يه تو رب ڪا عبد هي مگر دشمنون ڪي لئي نشتر هي.”
“ان زماني ۾ لاڙڪاڻو ڏاڍو صاف سٿرو شهر هو، جتي ميونسپل ڪاميٽي جو عملو فجر وقت اچي روڊن ۽ گهٽين جي صفائي ڪندو هو. نالين کي پخال ۾ ڀريل پاڻي هاري صاف ڪيو ويندو هو. عملي کي يونيفارم گرميءَ ۽ سرديءَ جي حساب سان پاتل هوندو هو.
هڪ ڀيري مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته چيف آفيسر سيتل داس پنهنجي سر پاڻ روڊن تان ڪيلي ۽ ٻين ميون جون کلون کڻي ڪچريدان ۾ وجھي رهيو هو. ٽانگن جي سواري هوندي هئي. گهوڙن جي پويان هڪ ٿيلهي ٻڌل هوندي هئي ته لِڏِ هيٺ زمين تي نه ڪري. گهوڙن جي پاڻي پيئڻ لاءِ بندر روڊ تي سرن جا ٺهيل هودَ هوندا هئا. گهوڙن کي ساهي پٽرائڻ لاءِ هڪ اسٽينڊ ٺهيل هو، جنهن کي بگي اسٽينڊ چئبو هو.
“پهريان جيئن ته فلمون گونگيون هيون، پوءِ آواز واريون فلمون 1931ع ۾ آيون مون کي فلمون ڏسڻ جو عـشق جي حد تائين شوق هو. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج ڊرامن جو به وڏو شوق هوندو هو. غلام عباس قادري اميچر ڊراماٽڪ سوسائٽي هلائيندو هو ۽ حاجي يار محمد سومرو، حافظ عبدالڪريم پهوڙ، خان محمد ۽ ٻيا ان سوسائٽيءَ جا اداڪار هئا. غلام عباس قادري هر هفتي ملهه جا مقابلا پڻ ڪرائيندو هو، جن ۾ سنڌ جا مشهور مَلههَ پهلوان حصو وٺندا هُئا.
“ان زماني ۾ ماڻهن ۾ فونو ٻڌڻ جو وڏو شوق هو ۽ ان لاءِ رڪارڊ هٿ ڪيا ويندا هئا ۽ ڪجهه دوست هڪ ٻئي وٽ اوطاقَ تي اچي گانا ٻڌندا هئا، پوءِ وري ريڊيو به عام ٿيڻ لڳو. لاڙڪاڻي ۾ جيڪو پاور هائوس هو ان جي بجلي هر هڪ وٽ نه هوندي هئي، جڏهن ته عام ماڻهو گاسليٽ واري لالٽين ٻاريندا هئا. ان وقت لاڙڪاڻي جي قادري، جعفري، ڀٽا، کهڙا خاندانن ۽ ٻين خاص وڏن ماڻهن ۽ سرڪاري ادارن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر وغيره لاءِ بجلي هوندي هئي. لاڙڪاڻي جو پاور هائوس ڪاٺين جي باهه سان هلندو هو جنهن جي بجلي ڪڏهن به بند نه ٿيندي هئي. چوڪن تي جيڪي فانوس ٻرندا هئا ان کي ٻارڻ ۽ وسائڻ لاءِ صفر نالي هڪ ماڻهو رکيل هو جيڪو هر روز شام جو سج لهڻ کان اڳ ڏاڪڻ ڪلهي تي رکي. هٿ ۾ ماچيس، ڪپڙو ۽ گاسليٽ کڻي هر فانوس کي صاف ڪري، ان ۾ گاسليٽ وجھي ٻاريندو ۽ صبح جو وسائيندو هو. هن جو ڪمرو ڊي سي آفيس جي ڀرسان هوندو هو.
“لاڙڪاڻي ۾ بندوق به ڪنهن ڪنهن وٽ نظر ايندي هئي، نه ته لٺ يا ڪهاڙيءَ جو رواج هو. ٻهراڙيءَ جا ماڻهو صبح جو لاڙڪاڻي شهر ايندا هئا ۽ سج لٿي کان اڳ پنهنجي ڳوٺ روانا ٿي ويندا هئا. شهر ۾ گهٽين، گهرن ۽ ٻنين ۾ کوهه هئا، جن جو پاڻي صاف، شفاف ۽ مٺو هوندو هو. علي گوهرآباد جي اوڀر ۾ انبن جا وڻَ، ڀاڄين جون واڙيون ۽ فاروَن ۽ شهتوتن جا ٻوٽا هوندا هئا، ان کان علاوه گهاڙ واهه جي ٻئي پاسي زيتونن جا وڻ پڻ هئا. اهي ڀاڄيون ۽ ميوا گهاڙ واهه ذريعي جيلس بازار پهچايون وينديون هيون. لاڙڪاڻي کان ٻاهر به واپار گهاڙ واهه ذريعي ٿيندو هو لاڙڪاڻي کي باغن جو شهر سڏيو ويندو هو. گهاڙ واهه ۾ ماڻهن جي تفريح لاءِ ٻيڙيون هلنديون هيون، جيڪي اناج وغيره جي واپار لاءِ به ڪتب آنديون وينديون هيون.
“لاڙڪاڻي شهر جو پراڻو مڇي مارڪيـٽ 40 سال لاڙڪاڻي ميونسپل جو صدر رهندڙ نواب امير علي لاهوريءَ 1942ع ۾ ٺهرايو هو. جيلس بازار تي نالو هڪ انگريز ڪمشنر سان منسوب آهي جنهن جو تعلق بمبئي پريزيڊنسي سان هو. هن وقت جتي ڊي سي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو آهي اتي ڌوٻي گهاٽ هو، جنهن کي ٽي ڀتيون ڏنل هيون ته جيئن پردو رهي . ڇاڪاڻ ته اتي هندو ناريون سنان ڪنديون ۽ ڪپڙا ڌوئينديون هيون. انهيءَ هنڌ ڀرسان چوڌاري ڪيتريون ئي کوهيون هيون. پر هٿ وارا نلڪا تمام گهٽ هوندا هئا. گيان باغ جيڪو هاڻي باغِ ذوالفقار سڏجي ٿو، اتي ماڻهن جي پهچڻ لاءِ ميونسپل طرفان ٻيڙين جي مفت سهولت ڏنل هئي. شهر ۾ جيڪو بندر روڊ سڏجي ٿوان تي اهو نالو ان ڪري پيو ته اتي ننڍڙو بندرگاهه هو، جتي پير شير ۽ ٻين ڳوٺن مان گهاڙ ذريعي ٻيڙين تي سامان پهچايو ويندو هو،
“پاڪستان چوڪ تي طوفان ميل جي نالي سان هڪ هوٽل هو، جتي شهري پنهنجي مهمانن ۽ دوستن کي وٺي ويندا هئا. ان کان سواءِ هاڻي جيڪو حضور بخش جو مڍائيءَ وارو دڪان آهي اتي مايا مل مٺائي واري جو دڪان هوندو هو، جنهن جي کاٻي پاسي تان تلڪ مل سانچي واري وٽ چدي واري بوتل ملندي هئي. هندو جڏهن ڪا خيرات ڪندا هئا ته هو دال ۽ ڦلڪو (ماني) ورهائيندا هئا.
“ان دور ۾ هڪ حاجي شربتي سومرو هو، جيڪو شربت جو گلاس هڪ آني ۾ وڪڻندو هو، پر اهو گلاس لاهور جي لسي واري گلاس جيڏو هوندو هو. هن وٽ اڪثر هڪ آءِ سي ايس جو آفيسر جي بي ڦل ايندو هو، جيڪو هر روز ٽانگي تي ويهي شربت جو هڪ گلاس ضرور پيئندو هو. شربتيءَ جو پٽ ابلي وري پڪوڙا وڪڻندو هو، پر پڪوڙا ڪؤڙي جا مشهور هوندا هئا. جيڪو هڪ پئسي ۾ ست وڏا پڪوڙا ڏيندو هو ۽ هن جي کپت ايڏي هئي جو هو بيسڻ جون ٻوريون ۽ سرنهن جي تيلَ جا وڏا ٽينَ وٺندو هو. ان وقت لڪس صابڻ جي وڏي چڪي ڏهن ۾ ۽ ننڍي ڇهن پئسن ۾ ملندي هئي. هڪ مڻ سڳداسي چانور هڪ روپئي ۾ ملندا هئا. ڪمرڪ ڪپڙي جو وال ۽ ٽي پاءَ مکڻ چئن آنن ۾ ملندا هئا. ٽانگي وارا گهر کان ريلوي اسٽيشن پهچائڻ لاءِ اٺ آنا ڀاڙو وٺندا هئا ۽ انهن کي اڳ ۾ بُڪ ڪبو هيو ته اچي گهران کڻي ويندا هئا. ان وقت لاڙڪاڻي ۾ منگل جا بيههَ مشهور هيا. جڏهن ته کارڪن کي لوڻ وجھي نمڪين ٺاهبو هيو. قلفي مَٽَ ۾ ٺاهبي هئي پر پوءِ جڏهن هندستان کان اردو ڳالهائڻ وارا آيا ته نون لڪن ۾ برف جو ڪارخانو لڳو. جتي قلفي به ٺهڻ لڳي جنهن کي نور محمد دهلي والا قلفي والا سان مشهوري ملي. روزگار لاءِ ماڻهو ٿرماس ۾ قلفي وجھي گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ وڪڻندا هئا. بندر روڊ تي جيڪو ٽانگا اسٽينڊ ٺاهيو ويو، ان جو خرچ شهداد ڪوٽ جي هڪ ديوان برداشت ڪيو.
“سنڌي اسڪول ۾ هڪ پائي ڏيندو هيس ته چار شيون ملنديون هيون ـــ سڱر ـــ ڀڳڙا هڪ مُٺي ۽ هڪ چهري شيءِ. جڏهن ته چار ڪوڏيون ڏبيون هيون ته هڪ مُٺ کاڄن جي ملندي هئي. ان دؤر ۾ جيڪي سِڪا هلندا هئا، انهن ۾ ڪوڏيون، پائي، دهلا، ٽڪا، پئسا، آنڪون، ٻيانيون، چار آنا، اٺ آنا ۽ روپيو شامل آهي. ورهاڱي کان اڳ فلم جي ٽڪيٽ اڍائي آنن کان هڪ روپئي تائين هئي. جڏهن ڪا نئين فلم لڳندي هئي ته حاجي نالي هڪ ملازم هٿ وارو گهنڊ کڻي، پوسٽرن کي ٽانگي ۽ ريڙهن تي سجائي فلم بابت ماڻهن کي معلومات ڏيندو هيو.
“آئون (غلام مصطفيٰ سومرو) فلمن جي شوقَ ڪري سئنيما جي مشين هلائڻ وارو ڪم سکڻ لڳس. رائل سئنيما 1935ع ۾ ٺهي هئي. ان جي افتتاح تي نورجهان ۽ ڪجن بيگم کي گهرايو ويو. مان هميشه بمبئيءَ سان گڏ فلم رليز ڪندو هئس. جڏهن به فلم شروع ٿيڻ واري هوندي هئي ته پينٽ شرٽ پائي ڪلين شيو ٿي اچي بيهندو هيس ۽ ويهندو ان ڪري نه هئس ته متان ڪپڙن جي ڪريز خراب ٿئي. وارن جي وچان سيند ڪڍندو هئس. جيڪي ٻارَ دريءَ مان ٽڪيٽ نه وٺي سگهندا هئا اهي مون وٽ ايندا هئا، جن کان پئسا وٺي کين فلم ۾ ويهاريندو هئس. ان کانپوءِ روي ڪش 1940ع ۾ امپائر سئنيما شروع ڪئي. جنهن تي پهرين فلم ‘هيرو نمبر ون’ هلائي وئي. جنهن جو هيرو هئو ذڪريا خان ... جنهنجو فلمي نالو جنيت (Jayant) هيو. هو بالي ووڊ اداڪار امجد خان جو پيءُ هئو. پاڻ سدائين پرڪاش ڪمپني جي فلمن ۾ ايندو هو ۽ ان ڪمپنيءَ جو زبردست ڪامياب هيرو هو. رائل سئنيما جي مالڪ نگار سئنيما پڻ ورتي، ان کان علاوه موجوده مهراڻ هوٽل رائل هوٽل هو، جيڪو پڻ هن جي ملڪيت هيو، رائل ٽاڪيز وارو ممتاز شانتيءَ جا لائيو پروگرام گهڻا ڪرائيندو هيو، جڏهن ته فلمن جو مقابلوٿيندو هيو يا وري فلم گهڻي هلندي هئي ته سئنيمائن جا مالِڪَ ٽڪيٽ سان گڏ لڏون به ڏيندا هئا.
“اُنَ زماني ۾ وڏن جو گهڻو ادب ۽ احترام ڪيو ويندو هيو. ڪنهن کي به جرئت نه ٿيندي هئي ته پاڙي ۾ مٿي اگهاڙي گهمي سگهي.... قميض جا بٽڻ کولي هلي، گهٽين ۾ ڪو گانو ڳائي سگهي يا وري ڪا سيٽي وڄائي ۽ بنا ڪنهن ڪم جي گهٽين ۾ گهمي. تڏهن چوري نه هجڻ جي برابر هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ٻڌڻ ۾ ايندو هو ته فلاڻي جي مينهن چوري ٿي وئي آهي يا وري گهر کي کاٽ لڳو اٿس.
چورن ۾ به شناس هوندي هئي. جنهن گهر ۾ قرآن رکيل هوندو هيو يا وري جنهن جو نمڪ کاڌل هوندو هين، اتان چوري نه ڪندا هئا ۽ ڪيل چوري به ڇڏي ايندا هئا. عورتن جو احترام حد کان وڌيڪَ هُيو، ڪا قتل وغيره جي واردات ٿي پوي ته ان جو ڏهڪاءُ سون ميلن تائين ۽ ورهين تائين نه وسرندو هيو. منهنجي زندگيءَ ۾ خون جو پهريون واقعو ٿيو .... امپائر سئنيما ڀرسان ان وقت جي غنڊي امير رند چاڪو هڻي ٻن ڀائرن غلام قادر۽ محمد بخش انصاريءَ کي قتل ڪيو هيو، جيڪي سنڌ جي مشهور اديب الله بخش انصاري عرف انيس انصاريءَ جا ڀائر هئا. ان ڳالهه تي ماڻهن ۾ وڏو خوف، حراس ۽ ڪاوڙ هئي ۽ ماڻهو ايترا ته سادا هئا جو انهن کي اها به خبر نه هئي ته سزا ڪورٽ ڏيندي نه ڪي ڊپٽي ڪليڪٽر جنهن لاءِ هو چئي رهيا هئا ته هاڻي ڊي سي قاتل کي سزاءِ موت ڏيندو. انهن ڏينهن ۾ ماڻهو پوليس کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا ڇو جو ان کي اختيار حاصل هئا ۽ رشوت عام نه هئي. جڏهن پوليس نفري گهٽ هوندي هئي ۽ ان وقت گهڻي قدر لٺ هوندي هئي. پوليس واري جو يونيفارم چڍي ۽ ڪارو پٽڪو هوندو هو ۽ کين ڪاري بوٽَ سان ڪارا جورابا پاتل هوندا هئا. ان وقت ايس ايس پي، ڊپٽي ڪليڪٽر يا جج انگريز هوندا هئا، جيڪي پنهنجو ويس مَٽائي رات جو به گشت ڪندا هئا ۽ ستل يا غافل عملدارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪندا هئا. عام ماڻهو انهن جي انصاف مان خوش هيو، تڏهن اها چوڻي ٺهي ته انگريزن جي حڪومت ۾ ٻڪري ۽ شينهن گڏ کائين ٿا.
“اها هڪ تاريخ آهي ته لاڙڪاڻي شهر ۾ جيڪا سول اسپتال هئي (هاڻي اتي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول آهي) ان ۾ ليلا نالي ڊاڪٽرياڻي هوندي هئي ۽ ان جو مڙس سام ماڻهن جي وڏي خدمت ڪندا هئا، اسپتال ۾ هٿ وارو نلڪو هئو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هڪ ڪراڙي هندو عورت پنهنجي ٻن مري ويل پٽن جي ياد ۾ لڳرايو هو، جنهن تي لکيل هو “ليلو مري ويو لاهور ۽ گيان گت ٿيو گهاڙ ۾” ڇو جو هن جو هڪ پٽ جڏهن لاهور ويو ته اتي مارجي ويو ۽ ٻيو پٽ گهاڙ واهه ۾ وهنجندي مري ويو.
لاڙڪاڻي شهر ۾ سڪ پل جو به هڪ اهم ورثو آهي جتي سياسي جلسا ۽ سرڪس ٿيندا ۽ ميلا پڻ لڳندا هئا. انهن يادن ۾ هڪ اهڙو گهر به آهي جنهن تي ڪنهن به حڪومت ڌيان نه ڏنو ۽ نه وري ان کي ڪو قومي ورثو قرار ڏنو. اهو آهي جان محمد جوڻيجي جو گهر، جتي مهاتما گانڌي، قائد اعظم محمد علي جناح، مولانا آزاد، مولانا ظفر علي ۽ ٻيا ڪيترائي تحريڪِ آزاديءَ جا اڳواڻ آيا هئا. جان محمد جوڻيجو، تحريڪ آزاديءَ جو اهم اڳواڻ هو.
“لاڙڪاڻي شهر ۾ قافلي سراءِ وٽ هڪ فري ڊسپينسري هئي جتي مذهب، نسل رنگ ۽ ذاتِ جي فرقَ کانسواءِ هر غريب کي ڊاڪٽر مفت چڪاس ڪندو ۽ مفت دوا ڏيندو هو. اتي هڪ لائبرري به هئي جتي ٻه آنا ڏئي پڙهڻ لاءِ ڪِتاب ڪِرائي تي کڻبا هيا، جنهن ۾ گهڻي قدر ناول، افسانا ۽ ٻيا ادبي ڪِتاب هوندا هئا. مون کي به ڪِتابن پڙهڻ جو جنون 1943ع کان شروع ٿيو، مان به اتان ڪهاڻين جا ڪِتابَ وغيره کڻي پڙهندو هيس.
“لاڙڪاڻي کان سکر ريلوي ٽرين جي ٽڪيٽ ست آنا هئي، پر جڏهن جرمني ۽ برطانيا وچ ۾ ٻي عالمگير جنگ لڳي ته اها ٽڪيٽ وڃي 13 آنا ٿي. سنڌ اندر جڏهن 1942ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي ته رڪ ۽ جيپ ڪوٽ جون ريلوي لائينون پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويون ۽ لاڙڪاڻي کان سکر لاءِ ريلوي ٽريفڪ بند ٿي وئي. ان تي برٽش حڪومت اهو حڪم ڏنو ته لاڙڪاڻي جا مُسافر ساڳي ڀاڙي ۾ سکر وڃڻ لاءِ ڪوٽڙيءَ کان ڦري وڃي سگهندا. ان زماني ۾ پير صاحب پاڳاري جي مريدن ۽ انگريز سرڪار جي وچ ۾ لڙائي ٿي وئي هئي، ان ڪري جتي رات پئجي ويندي هئي ريل گاڏيءَ کي اتي بيهاريو ويندو هيو ۽ ان جي سنڀالَ برٽش آرمي ڪندي هئي.
“لاڙڪاڻي اندر پاڙو قافله سراءِ 1942ع واري ٻوڏ کانپوءِ وجود ۾ آيو، جِتي ٻوڏ جي متاثرن کي ترسايو ويو هو. اتي هڪ وڏو دروازو ۽ ٻه ننڍا دروازا هوندا هئا. ٻوڏ جا متاثر پوءِ اتي ئي رهجي ويا جن ان کي آباد ڪيو.
“جناح باغ جو پهريون نالو ريجھو مل باغ رکيو ويو هيو ۽ ان دوران تجر باغ به سڏبو هو. ماڻهو گهڻي قدر گيان باغ وڃڻ پسند ڪندا هئا، جتي ايندڙن جي هوا لاءِ هڪ وڏو پکو لڳل هوندو هو، اتي عورتن لاءِ به سيتا ديوي نالي پارڪ هو.
“نگار سئنيما جي سامهون هڪ بوتلن وارو هو تلو ڪومل جنهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪوبه هن جي بوتل هڪ ساهيءَ ۾ پي وڃي ته هو ان کي 50 روپيا انعام ڏيندو. پر ڪو به ائين نه ڪري سگهيو، ڇاڪاڻ جو اها ڏاڍي تيز هوندي هئي. پيئڻ کانپوءِ اکين، ڪنن ۽ نڪ مان دونهان نڪرندا هئا. ان جي ڀرسان وري لوڪومل ٻِيڙِين وارو هو جنهن وٽ اڍائي آنن ۾ 25 ٻِيڙِين جي هِڪَ پُڙي ملندي هئي. ٻيڙين جي تکي يا هلڪي ذائقي جي نشانيءَ لاءِ انهن کي ڪاري، اڇي ۽ ڳاڙهي رنگَ جا ڌاڳا ٻڌل هوندا هئا. تڏهن ماچيس پائيءَ ۾ ملندو هو. ٻيڙين لاءِ پَنُ هندستان مان ايندو هو. ان وقت ڪجهه سگريٽ به هئا جن ۾ ڪيپسٽن، ٿري ڪيسل، لالٽين وغيره پر اهي گهڻي قدر انگريز يا ٻيا وڏا ماڻهو پيئندا هئا.
“لاڙڪاڻي شهر جي هر چوڪَ تي لوڪل براڊ ڪاسٽنگ جا لائوڊ اسپيڪر لڳل هوندا هئا، جن تي ماڻهو پنهنجي پسند جا رڪارڊ ٻڌندا هئا ۽ ان جي اسٽيشن تجر بلڊنگ ۾ هوندي هئي. 1954ع ۾ قاضي فضل الله لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ جي ڀرسان ٽائون هال تعمير ڪرايو، جتي ادبي، ثقافتي ۽ سرڪاري گڏجاڻيون ٿينديون هيون. جيڪو پوءِ نيشنل سينٽر ٺاهيو ويو، پر هاڻي ان کي ڊاٿو ويو آهي. جڏهن نيشنل سينٽر هو ته اتي سيد خادم حسين شاهه کي ان جو پهريون انچارج مقررر ڪيو ويو. نيڻوءَ جو پٿر مشهور هيو جتي ڀڳت ڪنور رام ۽ ٻيا ڳائڻا اچي ڳائيندا هئا پر اهو پروگرام رات جو 12 وڳي کانپوءِ ٿيندو هو، ڇو جو ان وقت لائوڊ اسپيڪر نه هئا، تنهنڪري رات جي خاموشي ۾ ڳائبو هو. ڀڳت ڪنور رام کي جيڪڏهن ڪو به مسلمان ۽ هندو عرض ڪندو ته هن کي پنهنجي نياڻيءَ جي شادي ڪرائڻي آهي. پر هن وٽ پئسو نه آهي ته پوءِ جيڪي به پئسا ڀڳت کي ملندا هئا هو انهن غريبن کي ڏيندو هيو. هن کان علاوه ان وقت جيوڻي ٻائي ڳائڻي هئي جنهن جو چهرو ته سهڻو نه هئو، پر ان جي آواز ۾ جادو هوندو هو، هن ڳائڻيءَ جو تعلق انڊيا جي شهر جيسل ڀرسان هئو جتان جي جُتي مشهور هئي.
“ملڪ جي مشهور ڳائڻي عابده پروين جنهن جو تعلق به لاڙڪاڻي سان آهي، جو والد غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ منهنجي ڀاءُ جي دڪان تي ڪم ڪندو هو. جتي هو ڪپڙا استري ڪندو هو. عابده جي ماءُ پنجاپڻ هئي ۽ هوءَ پڻ ڳائڻي هئي. جنهن ڏينهن منهنجي شادي هئي انهيءَ ڏينهن عابده پروين ڄائي هئي. عابده جو پيءُ سندس ماءُ ممتاز سان هارمونيم به وڄائيندو هو. منهنجي ڌيءَ ۽ عابده هڪ ئي پرائمري اسڪول ۾ علي گوهر آباد ۾ پڙهيون آهن. غلام حيدر کي ڪوڙل خان هارمونيم وڄائڻ سيکاريو هئو، جيڪو ميڊم نورجهان سان گڏ هارمونيم وڄائي چڪو هيو ۽ اهو پروگرام لاڙڪاڻي ۾ ٿيو هو. ڪوڙل خان جي ڪم ميڊم نور جهان کي متاثر ڪيو ۽ هن کيس لاهور هلڻ لاءِ چيو، پر هو نه ويو.”