ڪارا ڪنگڻ ۽ هاڪڙو
ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار،
ڪنهين ڀُڄُ ڀڄائيو، ڪنهين ڍَٽَ مَٿي ڍار.............
بيڪانير بابت اسانجي B.A جي شاگردياڻين کان جڏهن پڇيم ته هنن مان هڪ به صحيح جواب نه ڏنو. ڪنهن بيڪانير کي ترڪي جو شهر سمجهيو ته ڪنهن اسپين جو..... ڪنهن ڪينيا آفريڪا جو ته ڪنهن سائوٿ آمريڪا جو..... هڪ ته چيو ته سامونڊي قذاقن کي بڪانير سڏجي ٿو.
دراصل جيسلمير، بيڪانير ۽ گرنار وغيره هندستان جي رياست راجستان جا شهرَ آهن جيڪا رياست سنڌ جي سڄي اوڀر واري بارڊر سان ائين مٿي کان هيٺ تائين ملي پئي آهي جيئن سئيڊن ناروي سان.... يا کڻي چئجي ته ڪئناڊا جو ڏاکڻو سڄو بارڊر آمريڪا (USA) جي اتراهين بارڊر سان مليل آهي. اسان اهڙي طرح ڳنڍيل ٻن ملڪن، رياستن يا ضلعن لاءِ چوندا اهيون ته ٻکن ۾ آهن يعني ڀاڪرن ۾ آهن.
ايراضي جي لحاظ سان راجستان هندستان جي سڀ کان وڏي رياست آهي..... آدمشماري جي خيالَ کان هرگز نه جو سندس وڏو حصو ٿر وارو بيابان ريگستان (Great Indian Desert) آهي. اهو “ستلج انڊس” ماٿري جي بلڪل Parallel آهي. بهرحال راجستان رياست جيڪا پکيڙ ۾ ساڍا ٽي لک کن چورس ڪلوميٽر ٿيندي، سڄي هندستان جو ڏهون حصو آهي. هونءَ اها ايراضي ڪا گهٽ ناهي. اسان وارو پنجاب هيڏو وڏو صوبو آهي ته به راجستان کان ننڍو آهي ۽ سندس پکيڙ به ٻه لک کن چورس ڪلوميٽر آهي.انڊيا جي هن رياست جيڏا ڪجهه ملڪ هن ريت آهن: جپان، جرمني، ڪانگو، فنلئنڊ، ويٽنام، ناروي، ملائيشيا وغيره .... جيڪي پوڻن چئن لکن کان سوا ٽي لک چورس ڪلوميٽر پکيڙ جا آهن.
اسان وارو بلوچستان صوبو جنهن جي ايراضي 347000 چورس ڪلوميٽر آهي بلڪل راجستان جيڏو صوبو آهي. جابلو علائقو ۽ پاڻي جي کوٽَ هجڻ ڪري اسانجي بلوچستان جي آدمشاري به گهٽ آهي، اٽڪل هڪ ڪروڙ کن پر سائين انڊيا جي راجستان رياست جي آڊمشماري گهٽ ۾ گهٽ ته به ست ڪروڙ آهي ۽ مهاراسٽرا صوبو جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر اچي وڃن ٿا ان جي آدمشماري يارهن ڪروڙ آهي. اهڙي طرح سنڌ جي چار ڪروڙ کان مٿي آهي جنهن مان چيو وڃي ٿو ته فقط ڪراچي جي ٻه ڪروڙ آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته هندستان جي ورهاڱي کان اڳ تائين هن رياست راجستان جو نالو “راجپوتانا” هو جنهن ۾ 18 نوابي رياستون ۽ هڪ “اجمير مروارا” نالي ضلعو انگريزن جي هٿ هيٺ ائين هو جيئن ملائيشيا ۾ ملئي سلطانن جي رياستن جي وچ ۾ پينانگ، ملاڪا يا سنگاپور ٻيٽ ..... جيڪي علائقا انگريزن ملئي حاڪمن کان اٽڪلون سٽڪلون ڪري هٿ ڪيا يا ڪجهه پئسا ڏئي پينانگ ۽ سنگاپور جهڙا ويران ٻيٽ خريد ڪري انهن کي آباد ڪيو .... يا وري اهي شهر، ضلعا يا ٻيٽَ جن تي اڳهين يورپي قومن جو قبضو هو انهن سان انگريزن وڙهي جڙهي انهن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو .... ڇو جو اسانجي ننڍي کنڊَ توڙي سري لنڪا (سلون)، ملايا (ملائيشيا) ۾ پهرين ڊچ ۽ پورچو گالي آيا جو اهي انگريزن کان به بهتر جهازران (Navigators) هئا ۽ آفريڪا وارو “ڪيپ آف گڊ هوپ” وارو ڏکيو سمنڊ لتاڙي ايشيا جي ملڪن ۾ اچي نڪتا. اسان جي ننڍي کنڊ ۾ انگريز اچن ان کان گهڻو گهڻو اڳ پورچوگالي سنڌ ۾ ٺٽي ۽ گجرات ۾ گوا پاسي پهتل هئا. اهڙي طرح ملايا ۽ انڊونيشيا ۾ هو. پر انگريز بهتر ائڊمنسٽريٽر، ڊپلوميٽ ۽ هر ڳالهه کي دور انديشي جي نظرَ سان ڏسڻ وارا ۽ سٺي پلاننگ ڪري (منفي طرز جي ئي سهي) ڌارين جي ڌرتي تان نه فقط ڦر لٽ ڪئي ٿي پر ان تي ڄمائي وهڻ جو بندوبست به ڪيو ٿي.
راجستان رياست ۾ ڪيترائي آڳاٽا ۽ تاريخي شهر آهن. ڪيترن جي ڌرمي حيثيت هجڻ ڪري ملڪي توڙي غير ملڪي هندو، سک ۽ مسلمان اچن ٿا. اڄڪلهه جئپور شهر راجستان جي گادي جو شهر آهي. هونءَ ڏٺو وڃي ته راجستان دنيا جي پراڻي “سنڌو ماٿري تهذيبَ” جو حصو آهي ۽ هتي جي هنومان ڳڙهه ضلعي جو شهر “ڪالي بئنگن” سنڌو ماٿري تهذيبَ جو صوبائي راڄ ڌاني رهيو. بيڪانير جي منهنجي هڪ سک ڪئپٽن دوست تيجپال سنگهه ٻڌايو ته اهو لفظ ڪالي بنگان دراصل پنجابي جو لفظ ڪالي ونگان هو جنهن جي معنيٰ هٿن جا “ڪارا ڪڙا” (Bangles) آهي. هن مونکي پنجابي جو هڪ راڳ “هٿان تي سوني، ديان ونگان”به ٻڌايو هو. ڪوٽڏيجي ۽ ڀنڀور جهڙو هي آڳاٽو ۽ ڊٺل شهر ڪالي بنگال (Kalibanggan) گهگر هاڪڙو ندي جي کاٻي ڪناري (يعني ڏکڻ طرف آهي). ٿورو لهوارو هلڻ تي هڪ ٻيو جنگشاهي جهڙو ٽائون ۽ ريلوي اسٽيشن پيلي بنگان نالي آهي جنهن جي معنيٰ هئڊا ڪڙا (ڪنگڻ) آهي. رابرٽ رائيڪس نالي هڪ انگريز جنهن هڙپا، موهن جو دڙو ۽ ڪالي بنگان تي تحقيقي مضمون لکيو آهي، ان جو چوڻ آهي ته ڪالي بنگان هڪ سر سبز ۽ پنهنجي وقت جو قديمي شهر هو جيڪو هي درياهه “گھگھر ـــ هاڪڙو” سڪڻ بعد برباد ٿي ويو. هن شهر جي سائيٽ بڪانير شهر کان 200 کن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. جيئن موهن جو دڙو سِڌين گهٽين، تالابن ۽ لوهه جي شين کان مشهور آهي تيئن ڪالي بنگان پڻ بهترين ٽائون پلاننگ ۽ کيڙيل زمينن کان مشهور آهي. ان کان علاوه هن شهر جي سڃاڻپ اگني مندر (Fire Altars) آهي جنهن مان لڳي ٿو ته هتي اگني ديوتا جي پوڄا هلي ٿي.
ڪالي بنگان کنڊرن جي معلومات سؤ سال کن اڳ اٽلي جي شهري تيسيٽوريءَ (Luigi Pio Tessitori) ڏني. هي همراهه جيڪو اٽليءَ جي شهر Udine ۾ 1877ع ۾ ڄائو عجيب ماڻهو هو. هن کي انڊيا جي وڏي ڄاڻَ هئي. هن اٽليءَ جي يونيورسٽي آف فلورينس مان 1910ع ۾ Humanities ۾ ايم اي ڪئي جنهن ۾ هن جا سبجيڪٽ سنسڪرت، پالي ۽ پراڪرت زبانون هيون. اهڙي ڄاڻَ رکڻ بعد هو انگريزن وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ راجستان آيو جتي هن ڪالي بنگان جي کنڊرن جي کوج لڳائي جنهن جي کوٽائي(Excavation) جو ڪم سندس مري وڃڻ بعد، 50 سال کن رکي 1970ع ۾ شروع ڪيو ويو جنهن کي 34 سالَ لڳي ويا ۽ 2003ع ۾ مڪمل ٿي.
اٽلي جو ٽيسيٽوري راجستان ۾ ئي هو ته کيس انفلوئنزا ٿي پئي. انهن ڏينهن ۾ اهڙين بيمارين جا ترت علاجَ نه هئا ۽ هو 32 سالن جي ڄمار ۾ 1919ع ۾ بيڪانير ۾ گذاري ويو.
سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪالي بنگان جهڙا شهر کڻي اوپرا نالا هجن پر “گهگر هاڪڙو” درياهه جنهن جي ڪناري تي ڪالي بنگان هو ۽ درياهه جي سڪي وڃڻ ڪري هي شهر نابود ٿي ويو ان درياهه هاڪڙو کان اسان جا سنڌي ضرور واقف هوندا جيڪو درياهه انڊيا ۽ پاڪستان مان لنگهي ٿو. دراصل انڊيا جي اوتُو (Ottu) بئراج کان پهرين واري حصي کي گھگر سڏيو وڃي ٿو ۽ ان بعد واري حصي کي هاڪڙو. ڪيترن ئي اسڪالرن جي اها راءِ آهي ته اهو هاڪڙو سرسوتي ندي آهي جنهن جو ذڪر هندن جي پاڪ ويدن ۾ آهي.
منگهارام اوجھا ٻڌائي ٿو ته “جڏهن ڪڇ جورڻ سمنڊ هو، تڏهن سنڌو ندي جي هِڪَ شاخَ هاڪڙو عمر ڪوٽ جي اوڀر طرف وهي، ننگر پارڪر وٽان ٿي، ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي جنهن جو ٻيو نالو “وهندو” هو. هاڪڙو تمام قديمي ندين ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي. رامائڻ واري زماني ۾ به هاڪڙو ندي وهندڙ هئي. ابوالفضل (اڪبر جي نورتن مان هڪ) آئين اڪبري ڪِتاب ۾ پڻ هاڪڙي بابت اشارا ڏنا آهن. ڪي ماهر هاڪڙو درياهه جو پراڻو نالو سرسوتي ٻڌائين ٿا، جيئن احمد غزالي لکي ٿو، “جاگرافيائي تقسيم مطابق درياهه هاڪڙو سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ سرحد جو ڪم ڏيندو هو.” هو اڳتي سرسوتي درياهه لاءِ ٻڌائي ٿو ته “اٽڪل چار هزار قبل مسيح جي ڳالهه آهي ته صحرائي چولستان جي وچ ۾ درياهه سرسوتي موجون هڻندي گذرندو هو. اهو درياهه اڄ به هاڪڙو جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
هاڪڙي درياءَ جي الڳ وجودَ لاءِ تاريخ ۾ ڪافي شهادتون ملن ٿيون جن جي آڌارَ تي اهو بخوبي چئي سگهجي ٿو ته هاڪڙي دريا جو سنڌو نديءَ جيان پنهنجو الڳ وجود هو، ليڪن تحقيقَ جي ميدانَ ۾ ڪن مؤرخن هاڪڙو ۽ سنڌوءَ کي گڏ بيان ڪيو آهي. هاڪڙو دراصل سرسوتي نديءَ جو سنڌ جي علائقن ۾ نالو آهي ۽ هند جي علائقن ۾ سرسوتي چيو ويندو هيو. هن نديءَ جا نشان اڄ به سانگهڙ ضلعي جي اڇڙي ٿر جي ڀڪ وٽان ڏسي سگهجن ٿا ۽ هن نديءَ لاءِ جناب ايم ايڇ پنهور سائنسي دليلن سان پڪ 9ني آهي.
مسٽر رام سنگهه راٺوڙ پنهنجي ڪِتاب “ڪڇ اتهاس” ۾ لکي ٿو ته: “پراڻي زماني ۾ “ڪڇ جو رڻ گلف آف کنڀات واري سمنڊ سان ڳنڍيل هو. هاڪڙو مٿان اتر مان ٿيندو هيٺ ڏکڻ ۾ ننگر پارڪر وٽ ڪڇ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪندو هئو، جنهن جا ڦٽل نشان اڄ به جيسلمير ۽ ٿر ۾ بيٺل آهن.”
انگريز ليکڪ ڪئپٽن ريڪس هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته “سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو نالي ننگر پارڪر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي، جنهن ۾دنگيون ۽ جهازَ هلندا هئا .... ويراواهه جي ڀرسان پَري (Fairy) ننگر جو مشهور بندرگاهه هو جيڪو عيسوي پهرين صدي تائين موجود هو. ويراواهه جي ڀرسان هڪ ٽڪري آهي جنهن جو نالو “ڏو تڙ” آهي جنهن جي معنيٰ ٻه تڙ ٿي سگهي ٿي..... چون ٿا ته انهيءَ ٽڪري وٽ اڳي ٻن جهازن جي بيهڻ لاءِ تڙ هو. اتي هاڪڙي جي پيٽ کي “سنگا” سڏين ٿا. هاڪڙي جي سڪي وڃڻ بعد هاڻي اتي پوک ٿئي ٿي.