طوفانن ۾ جهاز هلائڻ وڏي ڳالهه ناهي....
“مختيار مونکي توهان سان ۽ ٻين ڪيترن واقفڪارن سان ملڻ جو شوق آهي پر آئون سائين يوسف شيخَ جي دعوت تي فقط ٽن چئن ڏينهن لاءِ اچي رهيو آهيان ۽ جيئن ته هن وٽ ئي رهندس ان ڪري آئون اوڏانهن پيو هلندس جيڏانهن هو مونکي وٺي پيو هلندو.” مون کلندي مختيار کي ٻڌايو. دراصل سنڌ جا شهر يورپ يا جَپان، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ وانگر ته نه آهن پر انڊيا يا ايران وانگر به نه آهن جنهن جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ هر قسم جون هوٽلون هجن، جن ۾ امير توڙي غريب پنهنجي حيثيت آهر رهي سگهي.... جِتي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ لاءِ سواريءَ جو به مسئلو نه هجي. ماڻهو پئسي ۽ وقتَ مُطابق پيا ٽئڪسين، بسين، ريل گاڏين، رڪشائن ذّريعي سفر ڪن. سڀ کان وڏي ڳالهه اسان جي مُلڪَ جي وڏن وڏن شهرن ۾ ته ڇا پر ننڍن ڳوٺن ۾ به امن امان ناهي. دنيا جي ڳوٺن ۾ سڪون ۽ امن جي زندگي هوندي آهي. اسان جي مُلڪـَ ۾، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته هر ماڻهوَ جو ساهه مٺ ۾ آهي. چوري چڪاري کان علاوه اغوا جون وارداتون ... بيماريون ۽ بي روزگاري ايڏي وڌي وئي آهي جو ڪو ڌاريون ته ڳوٺن جو رُخ نٿو ڪري پر ڪو ڳوٺاڻو شهر ۾ روزگار کي لڳي وڃي ٿو ته هو واپس ڳوٺ موٽڻ جو نالو نٿو کڻي.
ايران توڙي انڊيا جي جنهن به شهر ۾ ويندو آهيان ته اتي ڪنهن دوست تي بار وجھڻ بدران ڪنهن سستي هوٽل ۾ رهي پوندو آهيان. رات جا چار پهر ته گذارڻا هوندا آهن! جڏهن ٻن اسٽار وارين هوٽلن ۾ به سک، آرام ۽ امن امانُ هجي ته فائو اسٽار هوٽل ۾ ڇو رهجي. ويتر جي سياري جي موسم آهي ته ايئر ڪنڊيشنر يا پنکي جي به ضرورت ناهي. ايران ۾ بک لڳي ته چلو ڪَباب زنده باد ۽ انڊيا ۾ آلو پراٺا...... ڪنهن به دوست جي ماني جي دعوت قبول ڪرڻ معنيٰ وقت جو زيان هڪ طرف ته هن کي تڪليف ۾ وجهڻ ٻي طرف ..... چانهه جي ڪوپَ تي ڪچهري ڪري باقي ٽائيم شهر ۾ چڪر هڻجي. مسجدون، مندر ڏسجن، پليون، چوراها، ميوزيم ڏسجن، تاريخي جايون ۽ پارڪ ڏسجن..... انڊيا ۽ ايران جهڙن ملڪن ۾ به هڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ تائين، شهر جي هِڪَ ڪُنڊَ کان ٻي ڪُنڊَ تائين، هر قسمَ جي سواري جام ۽ سستي. ايرانَ ۾ پيٽرول سستو هجڻ ڪري هونءَ ئي ڀاڙو گهٽ آهي پر اڃان به گهٽ خرچ ڪرڻ لاءِ چئن ماڻهن واري ٽئڪسي زنده باد. ايران لاءِ اسان بنا سوچي چئون ٿا ته اتي جي مُلن سختي ڪئي آهي .... عورتون قيد جي زندگي گُذارين ٿيون. پر اسانجي مُلڪَ کان ته هو گهڻو گهڻو لبرل آهي. عورتون مردَ هڪ ئي ٽئڪسي ۾ هڪ ئي بس ۾ سفر پيا ڪن. انڊيا ۽ ايرانَ ۾ سڄي سڄي رات بسون ۽ ٽئڪسيون هڪ شهر کان ٻئي شهر ملڪي ۽ غير ملڪي مسافر پيون ڍوئين. ڪنهن کي ڪو ڊپ ڊاءُ ناهي. هر هِڪَ کي خبر آهي ته قانون سڀني لاءِ آهي ۽ ڏوهاري سزا کان بچي نٿو سگهي. اسان وٽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪولَ جا ٽيچر به پيا اغوا ٿين. عورتون ۽ ٻار تڪ پيا اغوا ٿين .... مسجد مان ٻانگا ۽ نمازي پيا کڄن. اخبارون آهن سي خونن ۽ قتلن سان ڀريون پيون آهن...... دنيا وتي اسان تان کلندي ۽ اسان وتون سيمينار ڪندا ته اسان سنڌي صوفي ماڻهو آهيون .... امن امان پسند ڪريون ٿا.... ڇا دنيا انڌي ۽ ٻوڙي آهي....؟ ٽي وي يا ريڊيو تي خبرون نٿي ٻڌي .... منهنجي خيالَ ۾ روزانو ايترا سنڌي ڌارين هٿان نٿا مرن جيترا پنهنجي سنڌين هٿان مرن ٿا.... پوءِ ڪي قبيلائي جهڳڙن ۾ ته ڪي ڪارو ڪاري ۽ ذاتي دشمنين ۾! ڪي پوليس جي لاڪپن ۾ ته ڪي وڏيرن ڀوتارن جي خانگي جيلن ۾!
انهن مسئلن ۽ ڳالهين ڪري ڪو غير ملڪي ته اسان وٽ سنڌ ۾ نٿو اچي پر اسان جهڙو سنڌي به لاڙڪاڻي سکر يا جيڪب آباد وڃي ٿو ته ڪو دوست ڳولهي ٿو جيڪو نه رڳو رهائش جو پر پنهنجي سواري ذريعي هِڪَ هنڌَ کان ٻئي هنڌ وَٺي هلي. احمد آباد، بڙودا، جيسلمير، آگري يا مشهد، تبريز، اصفهان، يزد يا انڊيا يا ايران جي ٻين شهرن ۾ اسانجي سنڌ جي شهرن وارا مسئلا نه آهن. اهوئي ته سبب آهي جو مردَ ته ڇا ڇوڪريون به انڊيا، ايران، ملائيشيا، سري لنڪا توڙي دبئي شارجا جهڙن ملڪن ۾ اڪيلي سِر گهمندي نظر اچن ٿيون.
ڪئڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي پرنسپال محمد يوسف صاحب جڏهن رهائش ۽ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ پنهنجي ڪار جي آفر ڪئي ته مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ آئون هِنَ وٽ پهچي ويس. رات جو مچ ڪچهري ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ڪاليج ۾ ليڪچر هليو. شامَ جو سائين لاڙڪاڻي شهر وٺي هليو. شهر جي ٻن ٽن اهم روڊن جو سير ڪرائي هڪ هالا جهڙي ڍڪيل (Covered) بازار ڏيکاريائين. سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ هندو سنڌين کان لاڙڪاڻي جي بِهن، پٻڻن ۽ مڱيرن جون چٽ پٽ ڳالهيون ٻڌندو آيو هوس. هِڪَ هنڌ همراهه گاڏي تي رڌل بِههَ وڪڻي رهيو هو.
“سائين بِههَ کائجن” مون يوسف صاحب کي چيو پر کين ڳالهه نه وڻي.
“پوءِ ٿا ڏسون” ٿڌائيءَ مان جواب ڏنائين. دل ۾ چيم ته ڇا به ٿئي واپس موٽڻ مهل بِههَ ۽ مڱيرا ضرور وٺندس. ڊنر بدران اهي کائيندس.
“سائين ڀلا منهنجو فوٽو ته هن بهن واري سان گڏ ڪڍو.” ڪئميرا سائينءَ کي ڏئي بِهن واري کي ڀاڪر پائي بيٺس. مون ڏٺو ته سائين کي اِها ڳالهه نه وَڻي. خبر ناهي ڇو. مون ته ٽي چار فوٽو ڪڍائڻ ٿي چاهيا پر سائينءَ ٻه ڪڍي چيو “بس هاڻ گهڻا ٿيا”.
“سائين ڪمال ٿا ڪريو. اڄ جا ڪلاسڪ فوٽو ئي هي آهن جيڪي منهنجا جپان جا دوست ۽ ملائيشيا جا شاگرد ڏِسي حيرت کائيندا.”
مڱيرن ۽ مٽ دلا وڪڻڻ وارن سان گڏ فوٽو ڪڍرايم پر ڏٺم ته سائينءَ کي مزو نه پئي آيو. پر پوءِ مون محسوس ڪيو ته مونکي ڪو سڃاڻي ڪونه ٿو پر سائين ته ويهن سالن کان هتي آهي ۽ کين هر هڪ ٿي سڃاتو جو هر ايندڙ ويندڙ سائين کي سَلام پئي ڪيو ۽ مٿن حيرت پئي کاڌي ته سائين ڇا پيو ڪري .... وتي هڪ ڏاڙهي واري جا فوٽو ڪڍندو. بعد ۾ مختيار سمي ٻڌايو ته سائين ڊسپلين جو ايڏو سخت آهي جو هو پنهنجن شاگردن کي ته ڇا پر استادن کي به چوندو آهي ته شهر ۾ فضيلت سان هلو. فضيلت سان ڳالهايو ۽ ڪَم سان ڪَمُ رکو. ايتري قدر جو هو چوندو اٿن ته قميص جا ٻيڙا به بند ڪري هلو.... وغيره. بهرحال هڪ نيوي جي آفيسر جي حيثيت ۾ ته صحيح آهي پر هِنَ وقت هتي منهنجي سڃاڻپ هِڪَ ليکڪ يا جرنلسٽ جي آهي .... ۽ هونءَ به زندگي ۾ ڪٿي ڪٿي پاڻ کي ڇڙواڳ رکڻ ۾ به مزو آهي.....
لازم هي دل ڪي پاس رهي پاسبانِ عقل
ليڪن ڪبهي اسي تنها بهي ڇهوڙ دي
“سائين ڀلا ڇا آهي پروگرام؟ ڪيڏانهن هلڻو آهي يا واپس موٽجي؟” منهنجي پڇڻ تي يوسف صاحب هر وقت واچ ۾ ٽائيم ٿي ڏٺو. اسان وري ان مين روڊ تي آياسي جِتي DIG پوليس جو بورڊ لڳل هو. “سائين عبدالخالق شيخ وٽ هلڻ چاهيو ٿا؟” مون پڇيو .... پر سائين لنوائي ويو. مون سوچيو ته هاڻ روڊن تي وقت وڃائڻ کان جيڪڏهن سوڀو گيانچنداڻي سان پنج مِنٽَ به ملاقات ٿي وڃي ته ان کان وڌيڪَ اهم ڳالهه ٿي نٿي سگهي. خبر ناهي سوڀو صاحب پنهنجي ڳوٺ ٻنڊي ۾ رهي ٿو يا لاڙڪاڻي ۾ يا ڪراچي ۾؟ مون سائينءَ کان پڇيو ته ڪيڏانهن جي نه هلڻو آهي ته سوڀو سان ملاقات ٿي سگهندي؟...... اتي هڪ مسجد وٽان لنگهه ٿيو. سائين چيو ته ٻانگ پئي اچي مغرب نماز پڙهي وٺجي. مون کلندي وراڻيو:
“سائين نمازون روزا چڱا ڪم پر گيانچنداڻي سان ملاقات ڪرڻ به اهم ڳالهه آهي...” سائينءَ ڪو جواب نه ڏنو ۽ مسجد ۾ گهڙي ويو. آئون سمجھي ويس ته ڪِٿي ڪو ڊنر يا ڪنهن فنڪشن جو پروگرام آهي جو سائين نه مونکي ٿو بهه کائڻ ڏي نه مڱيرا، نه مونکي سوڀو سان ٿو ملائي نه ڳوٺ وليداد ٿو وٺي هلي. مَچُ ڪچهريءَ وانگر اوچتي Surprise ڏيڻ ٿو چاهي .... آخر ائين ئي ٿيو. مسجد مان نڪرڻ مهل سائينءَ آخري دفعو واچ ۾ ڏٺو ۽ ڊرائيور کي پوسٽ آفيس روڊ ڏي هلڻ لاءِ چيو. عبداللطيف نظاماڻي واپڊا ليبر هال وٽ اسان لٿاسين ۽ خبر پئي ته اتي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽوريڪل سوسائٽي وارن منهنجي مانَ ۾ فنڪشن ڪيو آهي. لهڻَ سان کيڪار کڙي ۽ گلن جا هارَ پئجي ويا ۽ اسٽيج تي چيف گيسٽ بڻائي وهاريائون. ماڻهن سان سڄو هال ڀرجي چڪو هو ٻاهر بهن وارو هوڪا ڏئي رهيو هو. دل ۾ چيم ته حق تي سائينءَ مونکي رستي تي بيهي بهه کائڻ کان منع پئي ڪئي نه ته Scene جو تصور ڪريو...... آيل مهمانَ چيف گيسٽ جو انتظار پيا ڪن ۽ چيف گيسٽ مين روڊَ تي آڪٽوپس مڇيءَ جهڙا بهه چشڪا ڏئي پيو کائي. لاڙڪاڻي ۾ گاڏن تي اهي ڳاڙهي رنگَ جا بهن جا ٿالهه ڏسي مونکي هانگ ڪانگ جي رات وارين بازارين ۾ آڪٽوپس مڇيءَ جي ڳترن جا ٿالهه ياد ٿي آيا جن کي ڏسي اسان جي دل ڪچي ٿيندي هئي پر چيني سهڻيون ڇوڪريون چشڪا ڏئي کائينديون هيون. پليٽ خالي ٿيڻ بعد هوڪا دير پنهنجيون آڱريون به پيون چٽينديون هيون.
مونکي هن فنڪشن ۾ مختيار سمون، انجنيئر عبدالوهاب سهتي، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر، پروفيسر عبدالحميد چانڊيو صاحب، خالد چانڊيو، ڊاڪٽر پره سڪينا گاد جن سان ملي خوشي ٿي. سندن قُربَ ۽ خُلوصَ مان اِهو احساس ٿيو ته لکياري (Writer) هن مشيني دور ۾ به عزت لائق سمجھيو وڃي ٿو. هي ماڻهن جا پيارَ هي محبتون ان ڪري نه آهن ته ڪو مون طوفانن ۽ اونداهين راتين ۾ جهازَ هلايا..... نه ان ڪري ته ڪو مون ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ سمنڊَ لتاڙيا..... ۽ نه ان ڪري ته مون ڪو برمودا ٽرئنگل يا بي آف بسڪي کان به خوف نه کاڌو..... پر ان ڪري آهن جو مون ڪجهه وقت قلم هٿ ۾ جھلي پني تي رنڍا روڙيا..... ان ڪري ئي ته آئون نوجوانن کي اِهائي نصيحت ڪندو رهان ٿو ته لکڻ پڙهڻ جهڙي ٻي ڪا وندر نه آهي.....