سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي آمو دريا تائين (I)
نقشي ۾ نظر ڪبي ته سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر کانپوءِ ڏکڻ ۾ هندستان جو “رڻ جو ڪڇ” آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ سمنڊَ جو چاڙهه هو ۽ مختلف ملڪن جا ٻيڙا عربي سمنڊ مان ٿي، ڪڇ جو رڻ اڪري هن سهڻي بندرگاهه ۾ پهتا ٿي جنهن جو نالو ئي هو پَري نگر بندرگاهه. ان وقت جي سڙهن وارن جهازن لاءِ، آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته هي بندررگاهه واهه جو سڻائو رهندو هوندو. نه ڪراچيءَ وارا ڪُن (Under Currents) نه کُلئي سمنڊ وارا طوفان. بندرگاهه اندر هجڻ ڪري ٻاهرن ملڪن کان آيل سامان گڏهن ۽ اٺن ذريعي يڪدم اندروني سنڌ، گجرات ۽ راجستان پهچي ويندو هوندو. پر پوءِ چوڏهين صدي جي شروعات ڌاري سمنڊ جو پاڻي لهڻ لڳو ۽ آهستي آهستي ٿي هن بندرگاهه ۾ آمدرفت بند ٿي وئي. چوڌاري ميلن تائين رڳو واري ئي واري رهجي وئي. هڪ ٻهڪندڙ چهڪندڙ شهر ويران ٿي ويو.... بندر ۽ بازاريون سڃيون ٿي ويون....واپاري ۽ ناکئا هڪ هڪ ٿي ٻين تڙن ڏي هليا ويا. “بندر بازاريون، سڃيون سامونڊين ريءَ”
دراصل ان سامونڊي لاٿ کان هڪ صدي کن اڳ ئي هن شهر جي بدقسمتي جو آغاز 1222 کان شروع ٿيو جڏهن ايران جي خورزم گهراڻي جي آخري شاهه بادشاهه جلال دين تي چنگيز خان جلهه ڪري آيو ۽ هو همت ڪري هن جو مقابلو ڪرڻ بدران پنهنجي لشڪر جو ڪجهه حصو وٺي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندو ۽ لڪندو رهيو ۽ پنهنجي سلطنت وڃائڻ جي عيوض پنهنجيون باهيون ٻين علائقن مان ڪڍندو رهيو. هو پَري نگر کان به اچي نڪتو ۽ هِتي جي ماڻهن جي مار مارا ۽ شهر کي ائين تباهه ڪيو جيئن هن کان اڳ رستي تي ايندڙ ٻين شهرن ملتان، اُچ ۽ بکر کي ڪيو. پَري نگر کي ساڙي هو ڀنڀور پهتو جنهن کي پڻ هن تباهه ڪري ڇڏيو پر اهو آهي ته پري نگر ۾ رهندڙ جين ڌرم جي واپارين خوب پئسو ڪڍي هن بندرگاهه کي هڪ مدت اندر وري جيئاري ورتو. پوءِ اهي ساڳيو رونقون کڻي موٽي نه آيون پر ان حال ۾ ضرور رهيو جو هڪ صدي تائين عرب دنيا ۽ لنڪا توڙي ممباسا ۽ زئنز يبار کان، واپاري ٻيڙا ۽ تاجر ايندا ويندا رهيا جيسين وڃي سمنڊ پوئتي هٽيو ۽ آخرڪار آمدرفت بند ٿي وئي. گذريل چند صدين ۾ پري نگر کنڊر ٿي ويو آهي. ٻيو ڪجهه به نه بچيو آهي پر هڪ جين مندر جا فقط ڪجهه حصا ۽ ڪجهه ڊٺل گهر موجود آهن جن بابت اخبار ۾ پڙهيم ته ڀر واري ڳوٺ ويراوهه جا ماڻهو پنهنجا گهر ٺاهڻ لاءِ انهن تاريخي جاين مان سرون ڪڍيو وڃن. اهڙيون ئي چوريءَ جون ڳالهيون موهن جو دڙو بابت پڻ ٻڌجن ٿيون. ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي ته اسان جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت جي تباهي جو ڪو افسوس نٿو ٿئي.
پَري نگر بندرگاهه جو اوج ته ان ڏينهن کان ختم ٿيو جڏهن ايران جي بادشاهه جلالدين خوارزميءَ هن کي اچي ساڙيو.... ان بعد جيتوڻيڪ پاڻ مارجي ويو پر ايران جي شهنشائيت قائم رهي. هڪ پٺيان ٻيو بادشاهه ۽ هڪ گهراڻي بعد ٻيو گهراڻو ايران تي سالن جا سالَ راڄ ڪندو رهيو ۽ بادشاهي نظام هلندو رهيو تان جو گذريل صدي جي آخر ۾ (1979ع ۾) امام خمينيءَ اسلامي انقلاب آڻي هن ملڪ ۾ جمهوريت آندي ۽ مارمارا، داداگيري ۽ Killing کي ٻنجو ڏنو.
مون ايران جي شهنشاهن ۽ سندن ڪمن بابت پنهنجي ايران واري سفرنامي “ايران ڏي اڏام” ۾ ڪافي لکيو آهي. اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيتوڻيڪ گهڻي کان گهڻو ايران وڃن ٿا پر هو گهڻو ڪري پنهنجو سفر زيارتن تائين محدود رکن ٿا. اسان جي وڏن فارسي پڙهي ٿي ۽ هنن کي وري به ايران جي ڪافي ڄاڻ رهي ٿي پر اڄ جي نوجوان ٽهيءَ کي ڏِسان پيو ته هڪ طرف ايران ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي ته ٻئي طرف اسانجي پاڙي وارين رياستن گجرات ۽ راجستان وغيره جي ڄاڻَ تمام نه برابر وڃي رهي آهي. ايران جو بادشاهه جلال الدين “خوارزم گهراڻي” جي بادشاهن مان هو جن 1096ع کان 1230ع تائين “ايران” تي حڪومت ڪئي جيڪو انهن ڏينهن ۾ “پرشيا” سڏبو هو ۽ منجھس اڄوڪي ايران کان علاوه اوسي پاسي جي ملڪن جا به ڪجهه حصا اچي ويا ٿي. خوارزم گهراڻي (Khwarezmid Dynasty) کان پهرين ايران تي سلجوقن (تغلق بيگ، مالڪ شاهه، سليمان شاهه وغيره)، غزنوين (سبڪتگين، محمود وغيره)، سمانيا ۽ ٻين گهراڻن جو راڄ هو.
سلجوقن جي جيئن ئي حڪومت ڪمزور ٿي ته خوارزم جي شاهن آخري سلجوق بادشاهه تغرل سوم کي قتل ڪري پاڻ ايران جا حاڪم ٿيا. هنن ايران تي 134 کن سال حڪومت ڪئي. 1218 ڌاري چنگيز خان ايران ڏي ٽريڊ مشن موڪلي جنهن کي پاراب جي گورنر جاسوس سمجھي سندن سامان ضبط ڪيو ۽ کين قتل ڪرائي ڇڏيو. چنگيز خان ان جي بدلي ۾ خون بها گهري پر ان وقت جي ايراني بادشاهه علاؤ الدين محمد (جلال دين جي پيءُ) انڪار ڪيو. فيبروري 1220 ۾ چنگيز خان ٻه لک ماڻهن جي فوجَ سان ايران تي چڙهائي ڪئي ۽ رستي تي ايندڙ شهرن بخارا ۽ گرگانج کي تباهه ڪري خوارزم سلطانن جي گادي واري شهر سمرقند کي باهيون ڏئي ماڻهن جو ايڏو قتل ڪيو جو انساني کوپڙين جو ٽَڪر بنجي ويو. هي به انهن ڏينهن ۾ فئشن هوندو هو يعني حملي وقت نه فقط شهر جون عمارتون ساڙيون ويون ٿي پر قتل ڪيل ماڻهن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري انهن جو اهرام ٺاهيو ويو ٿي.
چنگيز جي حملي تي ايران جو شاهه علاؤالدين محمد سمرقند ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ ڪجهه هفتن بعد ڪئسپين سمنڊ جي هِڪَ ٻيٽَ تي گذاري ويو. سندس پٽ جلال الدين نئون سلطان ٿيو. يعني هن کي تخت ۽ تاج ته نه مليو پر سندس قبيلي جي ماڻهن کيس پڳدار بنايو. چنگيز خان هن کي به نه ڇڏيو. هو جان بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪجهه لشڪر کي وٺي انڊيا ڏي ڀڳو. انهن ڏينهن ۾ دهلي جي تختَ تي التمش جو راڄ هو جنهن عباسي خليفن جي ڊپ کان جلال دين کي پاڻ وٽ نه رکيو. تخت ۽ تاج وڃائڻ جي غم ۽ غصي ۾ هو رستي تي ڀُڄ، ملتان ۽ ٿرپارڪر جي بندرگاهه پَري نگر کي تباهه ڪندو رهيو. آخرڪار 1213 ۾ کيس چنگيز جي ماڻهن ماري ڇڏيو.
ايڪسپريس ٽربيونل اخبار جي ڪالم نگار ۽ لاهور جي سنگ ميل طرفان ڇپايل ڪِتاب The Apricot Road to Yarkand جي مصنف سلمان راشد “پري نگر” جي کنڊرن کي ڏسي لکيو ته جلال الدين گيديءَ هن شهر کي برباد ڪري ڇڏي. ان ڪالم تي ڪنهن Comments ۾ لکيو آهي ته سلمان کي جلال الدين لاءِ اهڙو لفظ “Cowardly” استعمال نه ڪرڻ کپي. تنهن تي ٻئي لکيو ته ڇو نه . هو ڊڄڻو ئي ته چئبو جو چنگيز خان جي لشڪر جو مقابلو ڪرڻ بدران وتيو ٿي امن امان وارا شهر ساڙيندو ۽ بي هٿيار ماڻهن کي ماريندو.
مٿي بيان ڪيل پاراب شهر جيڪو اڄ ڪلهه اترار (Utrar) سڏجي ٿو وچ ايشيا جو شهر آهي جيڪو قزاڪستان مان لنگهندڙ شاهراهه ريشم (Silk Road) تي آهي. چنگيز خان منگول هو جيڪو 1162 ۾ ڄائو ۽ 1227 ۾ وفات ڪيائين. ڄمڻ وقت سندس نالو تيموجن هو. هو منگوليا جي بدو قبيلن کي گڏ ڪري پاور ۾ آيو ۽ پنهنجو پاڻ کي چنگيز خان سڏرياائين. هن يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي چڙهائي ڪري پنهنجي حڪومت ته وڌائي پر هن ان لاءِ دنيا ۾ وڏيون خونريزيون ڪيون.
هِتي اهو به لکندو هلان ته ٿر جي بندرگاهه پري نگر کي تباهه ڪرڻ واري ايراني شاهه جلال الدين خوارزم جي خاندان جو واسطو خوارزم علائقي سان هو جيڪو امو دريا (Amu Darya) جي ڊيلٽا تي وڏي ۾ وڏو خياباني علائقو آهي. جنهن جي اتر ۾ ارل سمنڊ (Aral Sea) آهي ته اوڀر ۾ قائزل قم (Kyzul Kum) رڻ پٽ آهي. سندس ڏکڻ ۾ ڪارا ڪم بيابان آهي ته اوڀر ۾ استرت (Ustyurt) پليٽو آهي. اڄ خوارزم جو ڪجهه حصو ازبڪستان ۾ آهي ته ڪجهه ڪزاڪستان ۾ ته ڪجهه ترڪمنستان ۾.
مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ازبڪستان جو شاگرد اميرلو جنهن جو واسطو هن علائقي خوارزم سان آهي ۽ هو انگريزي کان علاوه ترڪي ۽ ازبڪ زبانون ڳالهائي ٿو، ان ٻڌايو ته هنن (خوارزمين) جي نسل جو واسطو اڄ جي ايرانين سان آهي ۽ ماضي ۾ هنن جي وڏن اوڀر ايران واري زبان ڳالهائي ٿي جيڪا خوارزمي سڏجي ٿي. هن جومطلب هو ته خوارزمي فارسي جي ئي ڀيڻ سمجھڻ کپي. جيئن اسان وٽ کڻي چئجي ته پنجابي ۽ سرائڪي آهي بهرحال خوارزمي زبان آذري، ازبڪ ۽ ترڪي زبانن وانگر ڪا ڌارئين زبان نه آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته عربي جي مشهور سائنسدان البيروني (ابوالريحان محمد اِبن احمد البيروني) جو واسطو وچ ايشيا جي هن علائقي خوارزم سان هو جيڪو ان وقت پرشيا (ايران) جو حصو هو جيئن ڪنهن زماني ۾ ملتان به سنڌ ۾ اچي ٿي ويو. البيرونيءَ کان ٻيو ڪو واقف هجي يا نه پر لياقت يونيورسٽي جا شاگرد ۽ پروفيسر ضرور هوندا جو ان جي نالي تي ڄامشوري ۾ هاسٽل پڻ آهي. اهڙي طرح پنڊ دادن خان (پنجاب) ۾ البيروني ڊگري ڪاليج ۽ علي ڳڙهه انڊيا ۾ البيروني هاسٽل پڻ آهي. نيو دهلي جي جاميه همدرد (يونيورسٽي) ۾ ويو هوس ته اتي پڻ البيروني نالي هاسٽل هئي ۽ ازبسڪتان جي شهر گرگانج جي هڪ اهم روڊ جو نالو “البيروني اسٽريٽ” آهي جنهن تي خوارزم پئلس نالي شاندار هوٽل به آهي. البيروني سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ايتريقدر جو روس وارن هن جي مانَ ۾ پوسٽ جي ٽڪلي پڻ جاري ڪئي آهي.
البيروني 973ع ۾ (يعني اڄ کان 1130 سال اڳ خورزم ۾ ڄائو. پاڻ اسلامي دنيا جو وڏو عالم، سائنسدان، تاريخدان، حسابدان ۽ زبانن جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي کيس پنهنجي مادري زبان خوارزمين، ايراني ۽ عربي کان علاوه يوناني، هيبرو، شامي ۽ سنسڪرت پڻ آئي ٿي. جِتي پاڻ سائنس ۽ ميڊيڪل جي ڄاڻَ کان واقف هو اتي سندس ايجاد ڪيل مئٿس ۽ Astronomy جي ڳالهين مان اسان جهازران فيض حاصل ڪريون ٿا. هن ڪجهه عرصو خوارزم ۾ علم حاصل ڪرڻ بعد زندگي جو وڏو حصو غزني ۾ گذاريو جِتي 1048 ۾ سندس وفات ٿي. غزني شهر اهو آهي جِتي جو محمود غزني هو جنهن گجرات (انڊيا) جي سومناٿ مندر تي لڳاتار ڪاهون ڪيون. اڄ ڪلهه غزني افغانستان ۾ آهي پر تن ڏينهن ۾ افغانستان جو اهو حصو به ايران سان شامل هو ۽ غزنوي گهراڻي جي حڪومت ۾ ايران جي گاديءَ جو شهر هو.
1017 ۾ محمود غزنويءَ پنهنجي حڪومت ۾ هن (البيروني) کي ڪورٽ ۾ ماهر نجوم جي حيثيت سان پاڻ وٽ رکيو ۽ سومناٿ تي حملا ڪرڻ وقت محمود غزنوي سان گڏ البيروني به هليو ٿي. اهڙي طرح البيرونيءَ انڊيا ۾ ڪجهه سالَ گذاريا ۽ سنسڪرت زبان سکڻ سان گڏ انڊيا جي ڪيترين شين: رسمن رواجن ۽ تهذيب تمدن جي ڄاڻَ حاصل ڪئي ۽ 1030 ۾ ڪِتاب “تاريخ الهند” مڪمل ڪيو.
بيرونيءَ ڌرتيءَ جو radius ماپڻ جو پڻ طريقو ايجاد ڪيو جيڪو هن ڪنهن جبل جي اوچائيءَ کي ذهن ۾ رکي ڪڍيو ٿي. اهو تجربو هن پنجاب (پاڪستان) جي جابلو شهر پنڊ دادن خان جي قلعي نندنا ۾ ڪيو. اڄ به اتي جي کنڊهرن ۾ شهر جي ڪجهه عمارتن ۽ مندر جا نِشانَ قائم آهن. نندنا تي هندو شاهي بادشاهن جو راڄ هو جن سلطان محمود غزنويءَ جي حملي بعد خالي ڪري ڇڏيو ۽ بيرونيءَ هِتي ڌرتيءَ جي نيم قطر (radius) جون ماپون ورتيون. البيروني جي هن تَرَ ۾ آمد ڪري، شايد پنڊ دادن خان جي ماڻهن پنهنجي شهر جي ڊگري ڪاليج جو نالو البيروني رکيو آهي.
البيرونيءَ جو هندستان بابت هڪ ڪِتاب جيڪو فارسي ۽ عربي کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي زبانن ۾ ڇپيو آهي ۽ اڄ کان سؤ سالَ کن اڳ 1910 ۾ لنڊن جي Trubner & Co نالي پبلشنگ اداري Alberuni’s India نالي ڇپرايو، پڙهڻ لائق آهي جنهن جي 50 کن بابن (Chapters) مان ڪجهه هن ريت آهن:
• هِندُن جو خدا ۾ يقين.
• ذاتين مُطابق
• بت پرستي جي شروعات
• ويدن ۽ پرنائن بابت
• هندستان ۽ اتي جي ندين مطابق
• لنڪا بابت
• مهيني جي حصن ۽ سالَ بابت
• سمڌي
• چئن يوگا بابت..... وغيره.