مهاڳ
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي کان پوري سنڌ ته ڇا پر پوري دنيا واقف آهي، لطيف سائين سنڌ ۽ سنڌ جي ادب جي سڃاڻپ آهي، ان کان علاوه پوري اقوام ۽ عالم انسانيت جي لا خير گهرندڙ آهن.
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
جيئن هر قوم پنهنجي ڏاهن ۽ سياڻن جي جيڪا سيوا ڪندي آهي اهڙي طرح سنڌي قوم جا سڄاڻ ماڻهو لطيف سائين جي ڏنل پيغام تي ڪم ڪن ٿا، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو فڪر ۽ لطيفيات تي تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي ۽ ٿئي پيو ۽ اڃا به ٿيندو، لطيفيات جي انهن چاهيندڙن مان راهب علي لاڙڪ به هڪ آهي، سندس پنج ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ڪوئيز ڪتاب لطيفي معلومات موضوع وار، ڪتاب پير پروڙي کڻ ۽ ٽي حصا ڪتاب، شاهه جا شيدائي جي نالي سان پبلش ٿيل اٿس، لطيف ڪوئيز جي بهترين ڪاميابي کان پوءِ ان ئي ڪتاب ۾ واڌارو آڻي ٻيهر شاهه سائين جي موضوعاتي ڪوئيز ڪتاب جنهن ۾ ٽوٽل ايڪيهه موضوع ڏنل آهن ۽ انهن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بهترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائين جو خاندان، لطيف سائين جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاهه لطيف ايوارڊ وغيره بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنهن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي، لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي، لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انهن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي، راهب علي لاڙڪ سان منهنجي ملاقات صوفي فائونڊيشن پاران شايع ڪرايل مئگزين (مڙيا مٿي مچ) جي توسط سان فون تي ٿي، پوءِ مسلسل فون تي رابطو هلندو رهيو، راهب علي لاڙڪ سان منهنجي روبرو ملاقات سومر 24 جون 2019ع تي پنهنجي ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي ۾ ٿي جتي هو مزار خان فراش سان گڏ منهنجي اوطاق تي آيو ۽ مون کي شاهه جا شيدائي ڪتاب جا ٻه جلد پڻ تحفي طور ڏنائون، راهب علي لاڙڪ پاڻ استاد آهي، سندن ڳوٺ کاهي راهو لڳ نوشهرو فيروز ۾ واقع آهي، لطيفيات جي هڪ سٺي لائبرري پڻ ٺاهي اٿن، لطيف سائين جي محبت ۽ عقيدت رکندڙ ماڻهو هڪٻئي سان اڪثر ملندا رهندا آهن، لطيفي فڪر تي ڪم ڪندڙ راهب علي لاڙڪ پنهنجي وس آهر دلي ڪوششون ڪري هي ڇهون ڪتاب ڏئي رهيو آهي، ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ڪو ادارو لطيفيات تي هن جا ڪتاب ڇپرائي ها پر هي مرد مجاهد هڙان وڙان ڏئي لطيفيات تي ڪتاب ڇپرائي پنهنجي مرشد سان عقيدت جو پيغام ڏئي رهيو آهي، لطيف سائين اسان سڀني جو رهبر آهي، لطيفيات تي ڪتاب ڪافي سارا اچي رهيا آهن مختلف نمونن سان سائين جو پيغام ڦهلجي رهيو آهي پر ڪو جامع ادارو ٺاهيل ناهي، لطيفيات تي ڪم ڪندڙ راهب علي لاڙڪ انتهائي پرخلوص جذبي سان لطيف جو پيغام جهرجنگ پهچائڻ ۾ پرخلوص ٿي ڪم ڪري رهيو آهي، محبت ۽ عقيدت وچان ڪم ڪندڙ ماڻهو لطيف سائين جا سرشار ٿيندا آهن، جيڪي لطيفيات تي ڪم ڪري خود تاريخ جو حصو بنجي ويندا آهن.
راتو ڌار رسن، اوڏڙو پنڌ ان کي،
اٿي ويٺي ان جو نظر ۾ نيلن،
پهرين پهتا وک سين جا کنئي کاهوڙين،
ڀيٽي کي ڀلن، وهاڻيا اڳي ويا.
فقير حاجن نظاماڻي
ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي (ڀٽ شاهه)
shermuhammed447@gmail.com
03003011834
20 جولاءِ 2023ع