لطيفيات

ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.

Title Cover of book ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ٻه اکر

سنڌ ڌرتيءَ ڪيترائي عالم، اديب، ليکڪ، سگهڙ ، شاعر ، استاد پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي علم ۽ عقل وسيلي قدرتي ڏات جا جوهر ڏيکاري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو مان مٿانهون ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي سان تعلق رکندڙ شاعر ، جنهن کي شاعرن جو سرتاج چئون ٿا. اهو شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ئي آهي. جنهن کي حقيقي عشق سنڌ ملڪ جا سير سفر ڪرايا. پوءِ پاڻ اهي ماڳ اکئين ڏسي انهن جو مشاهدو ڪري شاعري جي صورت ۾ پيش ڪيائين. شاهه سائينءَ جي انهيءَ فڪر کي ڪيترن ئي اديبن، محققن، قلمڪارن، ليکڪن، مرتبن ۽ مترجمن پنهنجي پنهنجي طريقي سان سهيڙي ۽ لکي پيش ڪيو آهي.
اسان جي ساهتي پرڳڻي نوشهرو فيروز جي شاهه جي شيدائي راهب لاڙڪ کي جڏهن لطيفي لئون لڳي ته هن به لطيفي فڪر کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. راهب لاڙڪ جا هن وقت تائين پنج ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. سندس قلمي پورهيي جو قدر ڪندي شاهه سائينءَ جو هيءُ بيت به اهڙن جاکوڙي انسانن لاءِ چيل ٿو ڏسجي.
کر ڪڻا لاهي سُک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو.
راهب لاڙڪ جو پهريون ڪوئيز ڪتاب، لطيفي معلومات موضوع وار 2006ع ۾ شايع ٿيو. ان ڪم کي اڳتي وڌائيندي ڪتاب ”ڏورڻ منجهان ڏس“ وڏي جاکوڙ ڪري ننڊون ڦٽائي هيءَ معلومات سهيڙي اوهان تائين پهچائي آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه سائين جي پيدائش کان وٺي شاهه لطيف ايوارڊ تائين هر موضوع تي بيشمار معلومات ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ نئون عنوان ”شاهه جي شاعري ۾ سنڌؤ جي وهڪرن، بندرن، ڍنڍن ڍورن ۽ ندين “ بابت تمام ڪارائتي ڄاڻ ڏنل آهي. دعا آهي ته راهب لاڙڪ پنهنجي لکڻ جي سفر کي جاري و ساري رکي ۽ سنڌ واسين لاءِ شاهه سائينءَ بابت لازوال تحفا ڪتابن جي صورت ۾ ڏيندو رهي ته جيئن اسان مطالعو ڪندڙ هن جي ڪاوشن مان مستفيد ٿي سگهون. (آمين).

استاد محرم علي مشوري.
ڳوٺ حاجي محمد خان مشوري.
نوشهرو فيروز.
جولاءِ 2023ع