شاهه سائينءَ سان عقيدت جو اظهار
تاڙيون ڏيئي طاق، جانب ويٺو جيءَ ۾.
2.آءُ بدن ڀٽ ڌڻي جو، پاڻ منهنجو پساهه،
ڄاڻي هڪ الله، ته رتي ناهه روات جي.
راضي فقير.
شعر آهي شاهه جي خود زندگي اسرار آهه،
شاعري پوشاڪ مان پيغمبري اظهار آهه .
شاهه جي هستيءَ کان پائي شان ٿي خود شاعري،
شاهه جي ڪامل ڪلامي هر صفت ٽمٽار آهه .
ڪشنچند بيوس.
شاعرن جو سنڌ ۾ سردار شاهه عبداللطيف،
اوليائن ۾ به نروار شاهه عبداللطيف.
مرزا قليچ بيگ.
ڪافي، ٿلهه : منهنجو پيارل پير آهي ڀٽ ڌڻي،
واهرو سو وير آهي ڀٽ ڌڻي.
محمد هاشم سائل لاکو.
دماغ کي ٿو تراوت ڏئي پيام لطيف،
پيئي ٿو روح به آبِ زلال جام لطيف،
لطيف آهه سڄو رازُ طالب المولى،
صدا سروش جي مضمر تهِه ڪلام لطيف.
مخدوم محمد زمان طالب المولى.
ڀٽائي بادشاهه ! ابيات تنهنجا آيتون بيشڪ،
مگر جيڪو پڙهي پرجهي ۽ سمجهي جان سان لائي،
اسان سنڌي سٻاجهن ان صحيفي کي کڻي حب سان،
رکيو آ ريشمي رومال ۾ ويڙهي ٺپي ٺاهي !
مقول احمد ڀٽي.
سهسين سج لطيف ۽ سچل سهسين چنڊ،
جن مان پنجيئي کنڊ، کڻندا رهندا روشني.
شيخ اياز.
قدرت هر قوم کي هادي ۽ رهبر موڪليو،
جڏهن سنڌ جو وارو آيو ته لطيف جي چيچ جهليائين.
مڌر ايلسا قاضي.
شاعر پنهنجي شاهه تان، گهڻو ئي گهوريان،
گفتا هن گڻوان جا، چِت اندر چوريان،
تڪيا ۽ توريان، لک سان لفظ لطيف جو.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو.
اي سخن جا تاجدار ، اي شاعرِ شيرين بيان،
تنهنجي دم سان ئي ته قائم آهي هيءَ سنڌي زبان .
مظفر حسين جوش.
سيد حبيب شاهه جو دلبر لطيف هو،
ڪامل ولي ۽ مرد قلندر لطيف هو.
چشم و چراغ سيد قدوس جو چوان،
صدف جمال شاهه جو گوهر لطيف هو.
مرزا گل حسن احسن ڪربلائي.
شاهه سائينءَ کي پنهنجو سونهون سمجهي ڪهڙي شاعر چيو ته:
لطيف هوندي ڪهڙو ڀؤ ـ ـ سورج هوندي ڪهڙو انڌ .
امداد حسيني.
مبارڪ اسان وٽ جو آيو ڀٽائي،
سبق عشق وارو پڙهايو ڀٽائي.
اقبال شينو.
دنياء شاعريءَ جو اڳواڻ آ ڀٽائي،
اهل سخن جو سهڻو سرواڻ آ ڀٽائي.
غلام مصطفى مشتاق.
سنڌڙيءَ جو سرتاج ولي ۽ سرور شاهه ڀٽائي آ،
علم ۽ حڪمت جي درياء جو گوهر شاهه ڀٽائي آ.
حبيب سومرو.
تنهنجي قدمن ۾ پيو آهيان،
مون کي ڀاڪر پاءِ ڀٽائي،
مون کي سيني لاءِ ڀٽائي.
انور علي انور
شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ ۾ تنهنجي آ واکاڻ ڀٽائي،
غزلن ۽ واين جو تون آن مهراڻ ڀٽائي.
سلطان کوکر.
شاعرن ۾ سنڌي ٻوليءَ، جو ادارو آ لطيف،
ترجمي ۾ پيش ڪيو، قرآن سارو آ لطيف.
عاجز رحمت الله لاشاري.
علم ادب فهم جو گوهر لطيف آهي،
جانثارن ۽ جوڌن جو، جوهر لطيف آهي،
قرب ۽ محبت جو ڪڪر لطيف آهي،
دنيا جي شاعرن جو رهبر لطيف آهي.
مصري خان مخمور مهيري.
اعلى تنهنجو شان ڀٽائي،
حق سچ جو اعلان ڀٽائي،
محبتن جو ميدان ڀٽائي،
ظالمن لاءِ طوفان ڀٽائي.
ڪريم عباسي.
هٿ ۾ شاهه جو رسالو هوندو،
سارو ديس اجالو هوندو،
منهنجي ثقافت ناهي مرڻي،
جيسين هو جمالو هوندو.
ساجد زخمي چانڊيو.
اسان من پنهنجي ۾ سمايو ڀٽائي،
منزل تي آهي پڄايو ڀٽائي.
لڳل جنهنجي من ۾ اها تار آهي،
سبق جيڪو حق جو پڙهايو ڀٽائي.
ديدار شاد گوپانگ.
ڪل جهان جي شاعرن جو رهنماءُ ڀٽ شاهه ۾،
آ ستل سنڌي زبان جو، پيشوا ڀٽ شاهه ۾.
محمد سومار وفا ڀٽ شاهي.
او لطيف سرڪار تنهنجي مان فقيرياڻي آهيان،
تون خالي جهولي ڏي ڀري مان بيٺي درگاهه ۾ آهيان.
حسينه لغاري.
”شاهه جي شعر سان نينهن جو ناتو، محبت منجهه مستان،
شاهه جي شعر کي ڳوليندو، ڀلي جرمن هجي يا جاپان.“
استاد قادر بخش ميمڻ. ”قلندر“
لطيفي سبيل، صدقو پياس شبير جو. قيامت جي ڪاڙهي جو،
وارث سو وسيل، لطيف لال حسين جو، جنهن ۾ داخل ناهه دليل،
فقير قربان علي آزاد.
ڏئي ڏير ويا اٿم ڏاج ڏونگر،
آيو سر تي سرتيون سخت سفر.
پير علي بخش شاهه علڻ ڀٽائي (ولادت 1871ع ۽ وفات 1933ع ۾).
جهڙا تنهنجا بيت هي، تهڙي هر وائي،
بيشڪ ڀٽائي، تو جهڙو ٻيو ناهه ڪو.
ادل سومرو. 19 جنوري 2021ع. ڀٽ شاهه.
لطيفي لات آ مون ۾، تنبوري جي تنوار آهيان،
سڏيندا لوڪ ادب آهن، ڪندو مارن سان پيار آهيان.
عاجز رحمت الله لاشاري.
شاعرن جو سردار تون، مشاعرن ۾ مهدار تون،
هر محفل ۾ تنهنجي تات، واهه لطيف تنهنجي لات.
خاڪي ربڏنو خاصخيلي.
سنڌڙيءَ جا ٿيا ڀاڳ ڀٽائي،
مهڪايا تو ماڳ ڀٽائي،
لوڪ سمورو ڳائي ويٺو،
هر جاءِ تنهنجا راڳ ڀٽائي.
معشوق محسن ابڙو.