شاهه سائينءَ جي سورمين، سورمن ۽ ڏاتارن بابت
سوال: شاهه سائين سڀ کان وڌيڪ بيت ڪنهن بابت چيا آهن؟
جواب: سسئي پنهون بابت.
سوال: شاهه سائين سسئي پنهونءَ جو قصو ڪهڙن پنجن سرن ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورمي لاءِ ”رفيع الدرجات“ جو لفظ ڪتب آندو آهي؟
جواب: پنهونءَ لاءِ.
سوال: پُنهونءَ جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: آري ڄام (ڪيچ مڪران جو حاڪم هو) ماءُ جو نالو مِلي.
سوال: مير عالي ڪيچ مڪران جو ڪڏهن حڪمران ٿيو؟
جواب: اندازن 1157ع کان 1220ع تائين.
سوال: سسئي پنهونءَ جو قصو اندازن ڪڏهن ٿيو؟
جواب: سسئي پنهونءَ جو قصو 1194ع کان 1223ع جي وچ ۾ ٿيو.
سوال: مير عالي ڪهڙي لقب سان مشهور ٿيو؟
جواب: آري ڄام لقب سان.
سوال: ڪيچ جو موجوده نالو تربت آهي، ڪيچ جو پراڻو نالو ڇا هو؟
جواب: گنج آب.
سوال: پنهونءَ جو قلعو دڙي جي صورت ۾ ڪهڙي نئن جي ڪناري تي موجود آهي؟
جواب: ڪيچ نئن جي ڪناري تي.
سوال: پنهونءَ جو اصل شهر ٻڌايو؟
جواب: ڪيچ.
سوال: هوت ڪنهن جي وفات کان پوءِ ڪيچ جي گاديءَ تي ويٺو؟
جواب: مير جلال خان جي وفات کان پوءِ.
سوال: پنهونءَ جو تعلق ڪهڙي قبيلي سان هو؟
جواب: هوت قبيلي سان / هورتائي خاندان سان ۽ ڪجهه ڪتابن ۾ سماٽ نسل مان.
سوال: سسئيءَ جيڪو پنهون لاءِ سفر ڪيو ان سفر ۾ اندازن ڪيترا ماڳ اچن ٿا؟
جواب: 35 ماڳ. (محقق، گل حسن ڪلمتي)
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ تائين ڪل ڪيترا ماڳ آهن جيڪي شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: ڪل 36 ماڳ.
سوال: ڀنڀور، ٺٽي کان ڪيترا ميل پري اولهه طرف سنڌو درياءَ جي ڪناري تي وڏو تجارتي مرڪز هو؟
جواب: 20 ميل. (حوالو، ذڪر لطيف، ص، 64 ).
سوال: پنهونءَ جي زالن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: 1. آئسان. 2. ٻائي (محقق، ڊاڪٽر بلوچ)
سوال: پنهون کي ڀنڀور ۾ ٿانيڪو ڪري پوءِ سندس ڀائرن ڪهڙي قبيلي وارن کان سواريءَ لاءِ اُٺ وٺي پنهونءَ کي کڻي ويا؟
جواب: ساسولي قبيلي وارن کان. (برفت بروهي)
سوال: سسئيءَ جو جنم ڪهڙي شهر ۾ ٿيو هو؟
جواب: ٻانبڻا شهر ڀانڀر واهه جي ڀر ۾ ( ٻي روايت موجب سيوهڻ ۾).
سوال: سسئيءَ جي اصل ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ماءُ منڌر ۽ پيءُ جو نالو نائون مل ٻانڀڻ (برهمڻ). پيءُ تانيه برهمڻ (مير علي شير قانع ).
سوال: سسئي نالي جي معنى ڇا آهي؟
جواب: چنڊ.
سوال: سسئيءَ جي ويڳي پيءُ ۽ ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: محمد ۽ زينب.
سوال: سسئيءَ کي جنهن پيتيءَ ۾ وجهي لوڙهيو ويو، اها پيتي ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ڀنڀور شهر جي گهاٽ وٽ پهتي ؟
جواب: سورنهن ڏينهن کان پوءِ.
سوال: جنهن صندوق ۾ سسئي کي بند ڪري لوڙهيو ويو اها صندوق ڪهڙي ڍنڍ مان لڙهندي لڙهندي اچي گهاري ۾ پهتي؟
جواب: سونهري ڍنڍ مان.
سوال: محمد ڌوٻي ڀنڀور ۾ ڪهڙي گهاٽ تي ڪپڙا ڌوئيندو هو؟
جواب: گهاري گهاٽ واري ڦاٽ تي.
سوال: سسئيءَ کي ڪنهن نپايو هو؟
جواب: محمد کٽي عرف لالا (روايتن ۾ منهيه ۽ لار به نالو ملي ٿو).
سوال: شاهه سائين جي سر سسئي آبري ۾ لفظ ڀنڀور ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 14 ڀيرا.
سوال: آري ڄام، ٺٽي جي پاسي کان اَن ڳنهي اچڻ لاءِ جيڪو قافلو موڪليو هو ان جو سرواڻ ڪير هو؟
جواب: ٻاٻل (ٻاٻيهل)
سوال: پنهون قافلو وٺي ڀنڀور ڏانهن آيو هو، ڀٽائيءَ ماضيءَ واري ان منظر کي ڪهڙي بيت ۾ بيان ڪيو؟
جواب: ڪيچان آيو قافلو ساٿ ڌڻي سرواڻ،
وار وڍي واڳون ڪريان، پئان هوند پلاڻ،
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي. (سر ديسي)
سوال: پنهونءَ ڪهڙي شخص کي ڀنڀور ڏانهن موڪليو هو؟
جواب: جسو عرف ٻاٻيهل/ٻاٻل کي.
سوال: آري ڄام جي منيب جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ٻاٻيهو ( اصل نالو جَسو ).
سوال: ڪهڙي شاهراهه ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جو واپار عراق تائين ٿيندو هو؟
جواب: ڪيچ، مڪران، ڪرمان، خراسان کان ٿيندي عراق.
سوال: ڄام پنهل جو تعلق ڪيچ مڪران جي ڪهڙي علائقي سان هو؟
جواب: حرب علائقي سان.
سوال: سسئي جي سونهن جي خبر پنهونءَ کي ڪنهن ٻڌائي هئي؟
جواب: ٻاٻيهل واپاريءَ (ٻاٻل).
سوال: سسئيءَ جي ان سهيليءَ جو نالو ٻڌايو جنهن سان سسئيءَ کي تمام گهڻي محبت هئي؟
جواب: سهجان سوناري.
سوال: سسئيءَ ۽ پنهونءَ جي محبت جو داستان آريءَ ڄام سان ڪنهن اوريو هو؟
جواب: چنروءَ.
سوال: آري ڄام ڀنڀور مان پنهونءَ کي گهرائڻ لاءِ ڪنهن کي موڪليو هو؟
جواب: چنري، هوتيءَ ۽ نوتيءَ کي.
سوال: ”جيڪڏهن ويساهه نٿو اچيئي ته کيس آزمائي ڏس“اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: سهجان، محمد کٽيءَ کي پنهونءَ لاءِ اهي لفظ چيا.
سوال: پنهونءَ کي ڀنڀور مان ڪهڙن ڀائرن کنيو هو؟
جواب: چنرو، چنو، ۽ هوتيءَ.
سوال: پنهونءَ جي ڀائرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: هوتي، نوتي، چنرو.
سوال: جديد تحقيق مطابق پنهونءَ جي ڀائرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: نوت، قمبر، چنو ۽ چوٽا (حوالو. ڪتاب سسئيءَ جي واٽ. ص.59 ).
سوال: پنهونءَ سسئيءَ جي باغ ۾ ڪهڙي پکيءَ کي تير هنيو هو؟
جواب: ڪبوتر کي.
سوال: سسئي ڪهڙي پکي سان مخاطب ٿيندي چيو ته پنهل جي قافلي آڏو کاٻي پاسي کان اُڏامي ساڄي پاسي نه وڃجانِءِ؟
جواب: مالاري پکيءَ سان.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئي، پنهل پويان ويندي ڪهڙي وڻ تي چڙهي پنهونءَ لاءَ واجهايو هو؟
جواب: بيد جي وڻ تي (جمر).
سوال: سسئي جي واٽ جو نشان ”سسئيءَ جو ٽوڀو“ ڪٿي آهي؟
جواب: پٻوڻي لڪ وٽ.
سوال: ڀنڀور ڪراچي کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: چاليهه ميل اوڀر ۾ ۽ گهاري جي ڏکڻ ۾. (چوهٺ ڪلوميٽر)
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سسئيءَ جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ويري ڳايا آهن؟
جواب: ست ويري ـ اٺ، اوٺار، ڏير، واءُ، سج، چنڊ ۽ جبل يا ڇپر.
سوال: سسئي ڪهڙي جبل لاءِ چيو ته پنهنجي ريٽي رت سان ان جبل کي ريجهائيندس؟
جواب: هاڙهو جبل.
سوال: پنهونءَ جي ساٿ گهگهر نئن وٽ ڪنهن جي مهماني کاڌي هئي؟
جواب: سهجان سوناري جي.
سوال: پنهونءَ جي ساٿين ڀنڀور ڏانهن ايندي هنڱور ۽ هاڙهو لتاڙيندي ڪانهيري ٻيلي وٽ منزل ڪئي ۽ ڪانهيري کان پوءِ ڪٿي منزل ڪيائون؟
جواب: وندر وٽ (وندر سون مياڻيءَ کا ن چار ميل پري آهي).
سوال: پنهونءَ جو قافلو ڪهڙي واٽ کان سنڌ ۾ آيو هو؟
جواب: پسني اور ماڙا، گدور (هنڱور) ۽ ولپٽ وٽان مَٽي، ڦور ندي، ٽپي هاڙهي جبل جي ڏاکڻئين لڪ مان نڪري ڪانهري ٻيلي وٽان لياري کان پوءِ، سون مياڻي وٽان حب نديءَ تي اچي ڀنڀور طرف آيو.
سوال: پنهونءَ کي جڏهن ڀائرن نشو ڏئي بيهوش ڪري اٺ تي سوار ڪيو ته کيس ڪٿي سجاڳي ٿي هئي؟
جواب: منهٻار ڍوري وٽ.
سوال: پنهونءَ کي سندس ڀائر نشو ڏيئي کڻي ويا ته ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سسئيءَ ڪهڙي بزرگ کان خط لکرائي پنهل ڏانهن روانو ڪيو هو؟
جواب: آخوند لعل کان.
سوال: سسئي پنهل پويان ويندي ڪهڙي هنڌ اٺن جو پيرو وڃايو هو؟
جواب: منهٻار ڍوري وٽ. (مانباڻ ڍوري سنگهر وٽ).
سوال: سسئي جي سهيلي سهجان اصل ڪٿان جي رهاڪو هئي؟
جواب: ڀنڀور جي هئي.
سوال: پنهونءَ کي ڪيچ مان جڏهن آزادي ملي ته ڪنهن کي ساڻ وٺي ويو؟
جواب: ڀاءُ هوتو (ساٿي مارک ۽ ٻٻر).
سوال: ڪهڙي ماڳ تي لڪڻ يا لٺ ٺوڪڻ سان وٽي جي آواز وانگر درديلو آواز نڪرندو آهي؟
جواب: سسئي وارو ڪنجهو. منهٻار نئن وٽ جتي سسئيءَ جو وٽو وڃائجي ويو هو.
سوال: سسئيءَ پهريون وڏي ۾ وڏو ڪهڙو پهاڙي سلسلو لتاڙيو هو؟
جواب: پٻ جبل جو.
سوال: اُن نديءَ جو نالو ٻڌايو جنهن جي تيز وهڪري سبب سسئي اُها ندي ٽپي نه سگهي هئي؟
جواب: ڦور ندي.
سوال: سسئي جي ڪهڙي ساهيڙيءَ هاڙهي لڪ ڀرسان خيمان کوڙي پنهونءَ جي قافلي جو انتظار ڪيو هو؟
جواب: سهجان.
سوال: پنهونءَ کي ڪهڙي ويڳي ڀاءُ اُٺ سان ٻڌو هو؟
جواب: ٻٻر نالي.
سوال: سسئيءَ ڏوراپي طور پاڻ کي ڪهڙين ذاتين کان گهٽ سمجهيو آهي؟
جواب: سمن، سومرن، جتن ۽ اوٺن کان.
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ تائين پهچندڙ واٽ تي ڪئين ماڳ اچن ٿا، انهن مان ڪهڙا ڇهه ماڳ وڌيڪ مشهور آهن؟
جواب: (1) وٽيجي. (2) سون مياڻي. (3) ڪانهري ٻيلو. (4) ولپٽ. (5) اورماڙ. (6) پسني.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سسئي جي وصفي نالن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب: پنجويهه.
سوال: سسئيءَ وارن سرن ۾ لطيف سائينءَ، پنهونءَ کي ڪيترن وصفي نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: 16/19 نالن سان.
سوال: شاهه سائينءَ پنهونءَ کي ڪهڙن نالن سان ڳايو آهي؟
جواب: پنهل، پنهون، ٻاروچو، هوت، ڪوهيارو، ڪانڌ، آرياڻي، جت، آري ڄام، ڪيچ ڌڻي، ڪامل ڌڻي، آري، سردار، لالڻ، پنهون ڄام، وريام، خان بلوچ، هاڙهي ڌڻي، پٻ ڌڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين سرديسيءَ ۾ ڪهڙين ٻانهين جي ڪردار کي ڳايو آهي؟
جواب: گلبوءِ، ناتر ۽ دولت.
سوال: شاهه سائين چنبيلي چوٽيءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر حسيني ۽ سر ديسي ۾ ٻه ڀيرا.
سوال: شاهه سائين پنهون جي خوبصورت جتي جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪوهياري ۽ معذوريءَ ۾ .
سوال: سسئي ڍنڍ ڪٿي واقع آهي؟
جواب: تاريخي ماڳ ڀنڀور جي ڪنڌيءَ تي اوڀر ۾، تعلقو ميرپور ساڪرو.
سوال: ”سسئيءَ جو باغ“ ڪٿي واقع آهي؟
جواب: گهگهر ۾ وٽيجي نئن جي ڪنڌيءَ تي.
سوال: سسئي جو باغ ڀنڀور کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 12 ڪلوميٽر.
سوال: سسئيءَ جو چوڍو ۽ سسئيءَ جو ٽوڀو ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي ۾ پٻوڻي ناڪي جي ڀر ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي پويان ويندي هٿ ۾ ڇا کنيو هو؟
جواب: شادي جي رات واري مينديء جي ٽاري.
سوال: سسئيءَ ميندي جي ٽاري ڪٿي پوکي هئي؟
جواب: پٻ جبل جي پٻوڻي ناڪي واري چشمي جي ڀر ۾.
سوال: ڪيچ نديءَ جي اوڀر طرف پنهونءَ ۽ آري ڄام جي رهائش گاهه يعني ڪوٽ جا آثار آهن، ان ماڳ کي مقامي ماڻهو ڇا سڏين ٿا؟
جواب: ميري يعني قلعو (ڪيچ ندي جي سطح کان 80 فوٽ مٿي آهي).
سوال: پنهون جو قلعو دڙي جي صورت ۾ ڪهڙي نئن جي ڪناري تي موجود آهي؟
جواب: ڪيچ نئن جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائينءَ سسئي جي داستان ۾ ڪيچ جي تمثيل ڪهڙي شهر ڏانهن اشارو آهي؟
جواب: مديني ڏانهن.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي سر ۾ ڀنڀور جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر حسيني ۾ 26 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ پنهون ۽ سندس ڀائرن لاءِ لفظ جت ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 63 ڀيرا.
سوال: ميري قلات (پنهون جو قلعو) ڪٿي آهي؟
جواب: ڪيچ ۾.
سوال: ميري قلات، تربت شهر کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 12 ڪلوميٽر.
سوال: پُنون نالي جو تعلق سنسڪرت سان آهي ان جي معنى ٻڌايو؟
جواب: سج. ( بلوچ پنهون کي پنون معنى پيارو چون ٿا ).
سوال: ڪهڙي سال لسٻيلي جي حڪومت برفتن جي هٿ هيٺ هئي ۽ ملڪ پاهڙ خان حڪمران ٿيو؟
جواب: 1115هه موجب 1703ع.
سوال: ڄام عالي کٿوريو ڪڏهن کان لسٻيلي جو حاڪم مقرر ٿيو؟
جواب: 1742ع کان 1766ع تائين .
سوال: 1739ع ۾ ملڪ دينار گچڪي ڪنهن کان ڪيچ مڪران جي حڪومت حاصل ڪئي؟
جواب: بليدين کان.
سوال: 1742ع ۾ قلات تي ڪنهن جي حڪومت هئي؟
جواب: مير محبت خان.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ لفظ هوت پنهون ڪيترن بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 24 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ واري قصي جي سرن ۾ خان بلوچا، بلوچ، ٻروچن، بلوچن، ٻروچ، ٻاروچن، بلوچا، هوت بلوچ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي ؟
جواب: 145 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ لفظ پنهون يا پنهل جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 12 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ جي سرن ۾ آري، آريچن ۽ آرياڻي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 15 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ جي پنجن سرن ۾ جت، جتن جتڙو ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 63 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئيءَ وارن پنجن سرن ۾ سسئي جي برهمڻ يا ٻانڀڻ لاءِ ڪيترابيت چيا آهن؟
جواب: 20 بيت.
سوال: محمد کٽيءَ وٽ ڪيترا ڌوٻي ڪم ڪندا هئا؟
جواب: 500 .
سوال: شاهه سائين جي لوڪ ڪهاڻين ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي قصي مقبوليت ماڻي؟
جواب: سسئي پنهون.
سوال: ڀنڀور جي ڦٽل شهر ۽ بندر جا آثار ڪراچيءَ کان ٺٽي ويندڙ رستي تي ڪيترن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهن؟
جواب: 64 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي.
سوال: ڀنڀور جا آثار اٽڪل ڪيترن ايڪڙن تي مشتمل آهن؟
جواب: ڇهن ايڪڙن تي.
سوال: پير صدرالدين مرانپوريءَ جي درگاهه لڳ هڪ پراڻي وهڪري کي اتان جا مقامي ماڻهو ڪهڙي نالي سان سڏين ٿا؟
جواب: سسئي جو درياهه.
سوال: ڀنڀور جي لفظي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڳاڙهو ( مقامي ماڻهو ڀڃ ڀور چون ٿا ).
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ڀنڀور جو نالو ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 54 ڀيرا.
سوال: ڀنڀور کان ڪيچ وڃڻ لاءِ سسئي سان ساهيڙيون ڪيستائين گڏ هلي پوءِ موٽي آيون هيون؟
جواب: وٽيجيءَ تائين.
سوال: سسئي جا ڏير ڀنڀور ۾ ڪيتريون راتيون رهيا هئا؟
جواب: هڪ رات به نه ٽڪيا.
سوال: سسئي جو ڀنڀور ڇڏڻ، ڀنڀور سان سڪ، ڀنڀور کي دانهن ۽ ڀنڀور کي باهه ڏيڻ بابت رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 46 بيت ۽ 14 وايون.
سوال: سسئي وارو ڍورو ڀنڀور کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 8 ڪلوميٽر.
سوال: سسئي وارو ڍورو ۽ سسئي واري روهي ڪٿي آهي؟
جواب: ڳوٺ نبي بخش ڪلمتي وٽ.
سوال: سسئي ڀنڀور ڇڏي پنهون لاءِ ڪيچ ڏانهن پنڌ پيئي ته پهرين منزل ڪٿي ڪيائين؟
جواب: ويڙهه واري جهنگ ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ويڙهه واري جهنگ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ست ڀيرا.
سوال: سسئي واري روهي ڪٿي آهي؟
جواب: ديهه پپريءَ ۾.
سوال: سسئي ڪهڙي رستي کان وندر ڏانهن ويئي هئي؟
جواب: جوريجي، ڪوٽيرڙي واري رستي کان.
سوال: سسئي واري لڪي، ڪٿي آهي؟
جواب: ميندياري ڍوري لڳ.
سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ جي سر معذوري ۽ حسيني ۾ ملير جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ٻه ڀيرا.
سوال: ”سائو هوندين پر ڊائو نه هوندين“ هي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: ملير نئين کيس رستو نه ڏنو ته، اهي لفظ سسئيءَ ملير نئين کي چيا هئا.
سوال: سسئي واري واٽ سان شاهه سائين جو تڪيو ڪهڙي جبل وٽ هو؟
جواب: پاهواري جبل وٽ. ( اتي هاڻي گرينڊ مسجد آهي )
سوال: سسئي جو ڪنگڻ ڪٿي ڪري پيو هو؟
جواب: گريو/گرو بٺي هن وقت اتي عبدالحڪيم گبول ڳوٺ.
سوال: شاهه سائين لٽ واري علائقي جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر معذوريءَ ۾.
سوال: سسئي جو ڳوهيل اٽو ۽ ٿال ڪهڙي جاءِ تي موجود آهي؟
جواب: حب ڊيم روڊ جي ڪناري، مٺان ڍوري جي ڪپ تي.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ حب ندي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: اٺ ڀيرا.
سوال: وندر شهر کان سسئي پنهون جي درگاهه کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 26 ڪلوميٽر.
سوال: پنهون جي ڀائرن ۽ انهن جي اٺن جي پيرن جا نشان ڪهڙي ماڳ تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا؟
جواب: پٻوڻي نئين جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ ڪانڀو ۽ ڪاري جبل جو ذڪر ڪيو آهي؟ ڪانڀو جبل جي ڊيگهه ۽ اوچائي ڪيتري آهي؟
جواب: ڊيگهه 20 ميل ۽ اوچائي 2300 فٽ.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي پنجن سرن ۾ پٻ ۽ ان جي ڏکيائين جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي ؟
جواب: ٽيهن کان وڌيڪ.
سوال: سسئي لاءِ سڀ کان اڙانگو پنڌ ڪهڙي جبل جو هو؟
جواب: پٻ جبل جو پنڌ.
سوال: سسئي ڪهڙي لڪ تان هٿين، پيرين، مونڙين، ڀر گسڪي پار پهتي هئي؟
جواب: ٿڙيءَ وارو لڪ جتان پٻوڻي ڍورو وهي ايندو آهي.
سوال: شهدادپور جو ڪهڙو شخص ”سسئي جي قدمن جا نشان“ چڪي جي صورت ۾ ڪڍي کڻي آيو هو؟
جواب: منظور خاصخيلي 2012ع ۾.
سوال: سسئي جي پير جو ٻيو اڻ چٽو پنڊ پهڻ ٿيل قدم چڪي جي صورت ۾ ڪير ڪڍي کڻي آيو هو؟
جواب: نبي بخش پٺاڻ (سنڌي پٺاڻ ) ڪيٽي بندر.
سوال: ڪهڙي سال کان سسئي جي قدمن جا نشان پنهون جي درگاهه تي رکيا ويا؟
جواب: 2018ع کان.
سوال: سسئي، پنهل پويان ويندي اٽڪل ڪيترا ميل پنڌ ڪيو هو؟
جواب: 75 ميل (47 ڪوهه ڪتاب تحفةالڪرام).
سوال: شاهه سائين، سسئي پنهونءَ جي قصي جي پنجن سرن ۾ سسئي جي واٽ سان لاڳاپيل ڪهڙن ماڳن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 1. ڀنڀور. 2. ويڙهه. 3. ملير (نئين). 4. پاهوارو جبل. 5. پڙهه / للو پڙهه. 6. گريو / گرو. 7. چنبيل. 8. ناراسر/ ناراٿر. 9. لٽ. 10. حب. 11. ڪارو جبل. 12. ڪانڀو جبل. 13. پٻ. 14. سنگهر. 15. مانباڻ / منهبار. 16. بَر. 17. وندر. 18. لياري. 19. هاڙو. 20. ڪهه ڳڻي پٽ.21. وڻڪار. 22. لس. 23. لمون / لوڻو. 24. جهائو (جائو). 25. جمرجهر / جومورجر. 26. ڪيچ. 27. مڪران.
سوال: جديد تحقيق موجب جنهن واٽ تان سسئي سفر ڪري آئي هئي انهي واٽ مطابق ڀنڀور کان سنگهر پٽ ڪيترو پري آهي؟
جواب: 119 ڪلوميٽر.
سوال: سسئي سنگهر کان اڳتي ڪيستائين وئي هئي ۽ پوءِ اتان واپس سنگهر پٽ آئي هئي؟
جواب: هاڙهي، وڻڪار ۽ ڪهه ڳڻي پٽ تائين.
سوال: شاهه سائين سنگهر پٽ جو ذڪر سسئي وارن سرن ۾ ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: ست ڀيرا.
سوال: ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڦرين کي ڪوهستان ۾ ڇا چوندا آهن؟
جواب: سنگهر.
سوال: ايل پنهوار سسئي کي ڪٿي ڏٺو هو؟
جواب: منهٻار نئين جي ڪنڌيءَ تي.
سوال: ايل پنهوار جي ذات ٻڌايو؟
جواب: باکڙو (روايت مطابق ذات موندرو.
سوال: سسئي جو وٽو/سسئي جو ڪنجهو ڪٿي وڃائجي ويو هو؟
جواب: پٻوڻي ناڪي کان ٿورو اڳتي منهٻار نئن ۾.
سوال: مانباڻ جبل ۽ نئين تي منهٻار نالو ڪيئن پيو؟
جواب: ان ماڳ تي سسئي نقاب لاهي منهن ٻاهر ڪڍيو پوءِ ان ماڳ تي منهٻار نالو پئجي ويو.
سوال: سسئي پنهونءَ جي درگاهه، وندر کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 26 ڪلوميٽر.
سوال: پنهون جو قافلو ڪهڙي رستي سان ڀنڀور آيو هو؟
جواب: لياري کان سونمياڻي، پوءِ سنگهر، پٻ کان ڀنڀور.
سوال: مقامي ماڻهن جي خيال مطابق پنهون جو قافلو ڪهڙي رستي سان ڪيچ کان ڀنڀور آيو هو؟
جواب: ڪيچ کان آواران، جائو لڪ وارو رستو، پٻ کان ڀنڀور آيو.
سوال: پنهونءَ جو واپاري قافلو ڪيچ کان ڀنڀور ڪيترن ڏينهن ۾ پهتو هو؟
جواب: 12 کان 15 ڏينهن تائين.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ وڻڪار پوٺي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 15 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙي جبل جو ذڪر ٽيهن کان به وڌيڪ ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: هاڙهي جبل جو. ( 32 ڀيرا. محقق. گل حسن ڪلمتي ).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ هاڙهي جبل جي ويجهو هڪ پوٺي بَرِ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 20 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ لسٻيلي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 2 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ سر ديسيءَ جي ڪيترن بيتن ۾ ڪهه ڳڻي واري پٽ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 14 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڀنڀور واري ماڳ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 67 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ ڪيچ ۽ ڪيچيءَ جو ذڪر بيتن ۽ واين ۾ ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 120 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ پٻ جبل جو ذڪر ڪيترا ڀيرا آيل آهي؟
جواب: 24 ڀيرا. هڪ بيت سر کاهوڙي ۽ سارنگ ۾ به (مختلف رسالن ۾ 46 ڀيرا).
سوال: شاهه سائينءَ سنگهر پٽ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 6 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ مڪران جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 3 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين، سسئي جي سرن ۾ وندر جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 25 ڀيرا.
سوال: وندر برساتي نئن آهي ان جي ڊيگهه ڪيتري آهي؟
جواب: ڊيگهه 75 ڪلوميٽر.
سوال: شاهه سائين، سسئي وارن سرن ۾ بَر علائقي جو ذڪر ڪيو آهي. بَرُ ڪٿي آهي؟
جواب: ڳوٺ غلام قادر کان بالا قبرستان تائين ٻئي پاسي اٿل تائين ميلن جا ميل واريءَ جا دڙا آهن.
سوال: شاهه سائين جي پنجن سرن ۾ لفظ بَرُ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 16 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لياري شهر ۽ لياري نئن جو ذڪر ڪيو آهي؟ لياري شهر ۽ لياري نئن ڪٿي آهن؟
جواب: لياري شهر ضلعو لسٻيلو. لياري نئن ضلعو ملير.
سوال: شاهه سائين، سسئي واري واٽ سان ڪيترا ڀيرا سفر ڪيو آهي؟
جواب: ٻه . ٽي. ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئيءَ جي سرن ۾ هاڙهي جبل جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 34 ڀيرا.
سوال: سسئي واري کٽ ڪٿي آهي؟
جواب: رونگهاڻ واٽ جي وچ ۾ هاڙهي جي جابلو سلسلي سان گڏ ڏهه ٻارهن فٽ مٿي اوچو پٿر.
سوال: ڀٽائي، روميون ۽ نيروهي ڪٿي آهن؟
جواب: بالا ڪوٽ قبرستان ۾.
سوال: سسئي جون کونهريون ( کونئريون ) ڪٿي آهن؟
جواب: ٻاڙڪي ڍوري ۾، ٻراڙ واري علائقي ۾.
سوال: بلوچستان جي سڀ کان وڏي مينهوڳي ندي جو نالو ٻڌايو؟
جواب: هنگول، هڱور ۽ اگور.
سوال: شاهه سائين، سر ديسيءَ ۾ ڪهه ڳڻي ( گهڻي ) واري پٽ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 14 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين سسئي جي سرن ۾ وڻڪار جو ذڪر ڪيو آهي، وڻڪار وارو ماڳ ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي جي اولهه پاسي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ سنگهر پٽ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 6 ڀيرا ( سر حسيني ).
سوال: ضلعي خضدار جو ڪهڙو علائقو موندر سڏجي ٿو؟
جواب: جومر جهل.
سوال: شاهه سائين، سسئي واري قصي ۾ سسئي جي واٽ کان 209 ڪلوميٽر پري ڪهڙي ماڳ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جومر.
سوال: شاهه سائين، سسئي وارن سرن ۾ ڪيچ، ڪيچان ۽ ڪيچن جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 174 ڀيرا.
سوال: سسئي، پنهونءَ جي پويان ڪهڙي واٽ سان وئي هئي؟
جواب: ڀنڀور کان وندر واري واٽ.
سوال: سسئي، پنهون جي عشق ۾ ڪشالا ڪڍي ڪيترا ڏينهن مسلسل جبلن جو سفر ڪيو؟
جواب: 18 ڏينهن. سترنهن منزلون.
سوال: ڪهڙي شاعري سسئي جي ڄمڻ کان ويندي ڌرتيءَ م داخل ٿيڻ تائين 126 بيت چيا آهن؟
جواب: موريو مل ٺٽائي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙيء سورميء رب پاڪ کي ٻاڏائيندي فرمايو ته اي ستار! ”هن بي وسيليءَ جو وسيلو ٿيءُ“ ؟
جواب: سسئي (ايل پنهوار کان عزت بچائڻ مهل).
سوال: سسئي جي قبر مٿان پٿرن جا نشان ڪنهن ڏنا هئا؟
جواب: ايل. ٻڪرار.
سوال: هي لفظ، ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟ لفظ: ”ذرا ويرم ترسو ته هن قبرجي زيارت ڪري وٺان“ ؟
جواب: پنهونءَ سسئي جي قبر تي پنهنجي ڀائرن کي چيا.
سوال: پنهون ڀائرن کان آزاد ٿي سسئي جي قبر وٽ پهچندي ئي رب سائين ڪهڙي دعا گهري؟
جواب: دعا ”اي وڇڙيلن کي ملائڻ وارا ڪار ساز! مون کي منهنجي محبوب سان سدائين جي لاءِ ملائي ڇڏ“.
سوال: سسئيءَ جو موت ڪهڙي واديءَ ۾ ٿيو هو؟
جواب: وندر جي واديءَ ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: سنگهر واريءَ سيم، پٻنيءَ ۾. (پٻوڻي لڪ. ضلعو لسٻيلو)
سوال: شاهه سائين جي سورمي، سسئي جي قبر تي شاهه سائينءَ جو ڪهڙو بيت لکيل آهي؟
جواب: سسئي جي سري سان ڪيچ ڌڻي ڪانڌي،
پسڻ ڪارڻ پرين جي منڌ هئي ماندي،
لڪن تان لطيف چئي آرياڻي آندي،
پنهونءَ پيراندي، نماڻي نصيب ٿئي. (سر حسيني).
سوال: ٺٽي شهر جو ڪهڙو شيرازي بزرگ سسئي جي مزار تي پهتو ته، قبر کلي ۽ سسئي کي ڏٺائين؟
جواب: سيد علي شيرازي ثاني.
سوال: ملتان مان ڪهي آيل درويش اسماعيل سسئي پنهونءَ جي مزار تي ڪيترا ڏينهن فاقو ڪاٽيو هو؟
جواب: ٽي ڏينهن.
سوال: ملتان جي درويش اسماعيل، سسئيءَ جي مزار تي چلو ڪڍيو ته، کيس ڪهڙو جواب مليو؟
جواب: سسئي مان آهيان، باقي پنهونءَ ڏسڻ جي پچر ڦٽي ڪري ڇڏ، ڇو ته زماني تي ڀروسو ناهي، آءُ اڳيئي ڏيرن جي ستايل آهيان.
سوال: سسئي پنهونءَ جي مزار تي پهريون ڀيرو ميلو لڳرائيندڙ شخصيتن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ميون اسماعيل ۽ گل محمد.
سوال: سسئيءَ پنهونءَ جو پهريون ڀيرو ميلو ڪهڙي انگريزي مهيني ۾ لڳو هو؟
جواب: آڪٽوبر ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جو پهريون ميلو شعبان مهيني جي ڪهڙي تاريخ کان شروع ٿيو هو ۽ ان ميلي جي باقاعده شروعات لس ٻيلي جي ڪهڙي ڊي.سي.او ڪئي هئي؟
جواب: هر مهيني شعبان جي 11 تاريخ کان 13 تاريخ تائين ڊي.سي.او محمد اسماعيل. ( 1962ع )
سوال: سسئي پنهون جو ميلو هر سال ڪهڙي تاريخ تي لڳندو آهي؟
جواب: 13 جولاءِ کان 15 جولاءِ تائين، پٻني ناڪي جي ويجھو ڳوٺ سنگهر ۾. (حوالو: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد 7 س ـ 1)
سوال: تعلقي وندر جي سنگهر پٽ ۾ سسئي پنهونءَ جو ميلو آگسٽ 2009ع جي ڪهڙي تاريخ کان شروع ٿيو هو؟
جواب: 4 کان 6 آگسٽ 2009ع تائين.
سوال: سسئي پنهوءَ جو ميلو ڪهڙي هجري مهيني ۾ لڳندو آهي؟
جواب: 11 شعبان کان 13 تاريخ تائين، ڪڏهن وري 22 کان 25 شعبان تائين.
سوال: سسئي پنهونءَ جو ميلو 12 شعبان 1430هه کان 14 شعبان تائين ڪهڙي فقير جي سرواڻيءَ ۾ لڳو هو؟
جواب: فقير عبدالرحمان ٻرا لاهوتيءَ جي سرواڻيءَ ۾.
سوال: 16 ڊسمبر 2011ع تي سسئي پنهونءَ جي مزار تي مچ ڪچهري ڪنهن ڪرائي هئي؟
جواب: نور احمد سمون، ڊپٽي ڪمشنر ضلع لسٻيلو.
سوال: سسئي ۽ پنهونءَ جي قبر ڪنهن ڳولي لڌي؟
جواب: سيٺ علي محمد بِڪڪ.
سوال: سڀ کان پهرين ڪهڙي شخص سسئيءَ جي قبر تائين وڃڻ لاءِ رستو ٺهرايو؟
جواب: سيٺ علي محمد بڪڪ 1941ع ۾ ڪم شروع ڪرايو.
سوال: سسئي ۽ پنهونءَ جي قبر مٿان ڪکائون ڇاپرو ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺهرايو هو؟
جواب: سيٺ علي محمد بڪڪ 1968ع ۾.
سوال: پهرين مارچ 1980ع ۾ سسئي پنهونءَ جي مزار ڪنهن ٺهرائي هئي؟
جواب: حاجي محمد علو صديق الياساڻي ملاح.
سوال: سسئي پنهونءَ جي مزار جي موجوده گادي نشين جو نالو ٻڌايو؟
جواب: عبدالرحمان لاهوتي (2009ع مطابق).
سوال: سسئي پنهون جي قصي کي انگريزي ٻوليءَ ۾ پهريون ڀيرو 1862ع ۾ ڪنهن ترجمو ڪيو؟
جواب: سنڌ جي نائب ڪمشنر ميجر سر فريڊرڪ گولڊ سمڊ.
سوال: ڪتاب. سسئي جي واٽ ڪنهن جو لکيل آهي ۽ پهريون ڀيرو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: تحرير ۽ تحقيق. گل حسن ڪلمتي ۽ ڊاڪٽر رخمان گل پالاري، آڪٽوبر 2021ع. ايڊيٽنگ. پروفيسر محمد سليم ميمڻ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
سوال: مضمون. سسئي جي سرن جا ماڳ ۽ مڪان ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، روزاني هلال پاڪستان 11 کان 25 مئي 2006ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: ”داستان سنڌ“ جي نالي سان سسئي پنهون جو قصو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪري ڪنهن ۽ ڪڏهن ڇپرايو؟
جواب: ڊي. ٽي. ايڇ هارٽ 1861ع ۾ بمبئي مان.
سوال: ڪهڙي مترجم سسئي پنهون جو قصو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري 1863ع ۾ لنڊن مان شايع ڪرايو؟
جواب: ميجر هينري ايف. جي. گولڊ سمڊ.
سوال: سسئي پنون، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو تعليم کاتي پاران ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1867ع ۾.
سوال: قصو پنهون سسئي جو نظم ۾ ڪنهن جوڙيو هو؟
جواب: عارف ڪلهوڙي. (هڪ ڪتاب ۾ 1867 ۽ ٻئي ۾ 1868ع )
سوال: ڪڇ جي ڪهڙي ليکڪ سر سسئي نالي ڪتاب لکيو؟
جواب: مولوي اسماعيل.
سوال: سڀ کان پهريائين سسئي پنهونءَ جي قصي کي منظوم مثنوي ۾ ڪهڙي نالي سان ۽ ڪنهن لکيو هو؟
جواب: حسن و ناز نالي مير معصوم بکريءَ.
سوال: قصو سسئي پنهل جو ڪنهن ۽ ڪڏهن سنڌي مثنوي ۾ منظوم ڪيو؟
جواب: ماستر واحد بخش مشتاق شڪارپوري 1889ع ۾.
سوال: ڪتاب ”ڪيچ نامو“ ڪنهن ۽ ڪڏهن لکيو هو؟
جواب: ڪمالا بن مير هاشم گچڪيءَ سن 1283هه ۾.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قصي کي امر تسر شهر جي ڪهڙي شاعر لکيو هو؟
جواب: هاشم شاهه. 1955ع.
سوال: ڪتاب اصل وڏو قصو سسئي پنهون (سرائڪي شعر ۾) ڪنهن جوڙيو؟
جواب: خليفي نبي بخش لغاريءَ.
سوال: ڪتاب سسئي پنهون (سرائڪي شعر ۾) ڪنهن نئين سر ترتيب ۾ شايع ڪرايو؟
جواب: غلام نبي کوسو، ڪتب فروش خيرپور ناٿن شاهه ، ڇاپيندڙ ، مولوي محمد عظيم ، تاجران ڪتب شڪارپور 1970ع.
سوال: سسئي پنهونءَ جي قصي جا سٺِ بيت نظم جي صورت ۾ ڪنهن چيا آهن؟
جواب: گل خان نصير.
سوال: ”مقالو، سسئي ۽ پنهون تاريخ جي روشني ۾“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو. 1983ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: ”ڪتاب ڀنڀور ۽ ديبل“ ڪنهن جي تصنيف آهي؟
جواب: عبدالقادر منگيءَ جي.
سوال: ”سسئي جي سورن جي ڪهاڻي شاهه لطيف جي زباني“ هن مضمون جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئيءَ تي لکيل مضمون ”لنگهي ڪالهه قطار“ جي ليکڪ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: عنايت بلوچ.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سسئي تي لکيل مضمون ”ڪوهياري جا ڪردار“ ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: محمد ابراهيم سنڌيءَ جو.
سوال: بلوچي زبان ۾ سسئي پنهون جي قصي تي پنجٽيهه بيتن تي مشتمل نظم ڪنهن جو چيل آهي؟
جواب: ملا محمد رمضان رمي گواداريءَ جو.
سوال: پهرين ڀنڀور عالمي ڪانفرنس ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ سال ۾ منعقد ٿي؟
جواب: 10 مارچ 2012ع تي ثقافت کاتي پاران ٺٽي ۾ منعقد ٿي.
سوال: مضمون. سسئي پنهونءَ جي مزار: هڪ ڏينهن جو سفر ، ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: مهر فقير جو.
مقالو. سر سسئي آبريءَ ۾ وحدة الوجود، ڊاڪٽر امير علي شاهه.
مقالو. سسئيءَ جو پنهنجي عشق تي يقين، نذير سومرو.
مضمون. سرجيس تان سور، سامائي تان سک وئا. عطا چانهيو.
اول آخر آه ، هلڻ منهنجو هوت ڏي. پروفيسر ستار سومرو.
مضمون. هوند جنين سين هوءِ، هوت نه هوندو تن سين. منير ڊومڪي.
مضمون. ججهي جس جتن کي جتي جت رهن. آزاد عبدالحميد جت.
مقالو. اهي ماڳ جتي سسئي پنهون پويان ويندي ٽي راتيون رهي ! . محقق. گل حسن ڪلمتي.
مقالو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سسئيءَ جي سرن جو فڪري مطالعو. امداد علي مجيداڻو. ڊسمبر 2021ع.
شاهه لطيف جو سر سسئي آبري ۽ شاعراڻي عالمگيريت، چئندر ڪيسواڻي، ڪاوش دنيا آچر 3 جولاءِ 2022ع.
مقالو. پٻ جبل ۽ سسئي پنهون ڏانهن سفر. مختيار شاهنوازاڻي. ڪاوش دنيا، آچر 28 مئي 2023ع.
سسئي پنهونءَ جي پويان سترنهن منزلن تي رات گذاري، اهي هيٺ ڏجن ٿا.
پهرين منزل، ويڙهه ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
ٻي منزل، پاهوارو جبل ( ڪنهن ڳوٺ ۾ ).
ٽين منزل، ناراسر / ناراٿر (قافلا سراءِ يا ڪنهن مسافرخاني ۾ ).
چوٿين منزل، مٺان ڍوري جي ڪناري لڳ الله ڏنو بروهي ڳوٺ (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
پنجين منزل، عباس هوٽل، پٻوڻي ڍوري جي ڪپ تي، عباس ڳوٺ ليويز چيڪ پوسٽ (قافلا سراءِ ۾ ).
ڇهين منزل، کر پلاڻ لڪ لڳ ننڍي سنگهر ( قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
ستين منزل، بالا ڪوٽ وندر (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
اٺين منزل، لياري (قافلا سراءِ يا مسافر خاني ۾ ).
نائين منزل، هاڙهي جبل لڳ هاڻوڪي رحيم اڱاريو ڳوٺ جتي پراڻي وسنديءَ جا به آثار آهن.
ڏهين منزل، هاڙهو جبل، ڪنڊ واري علائقي ۾، گهوڙو پٽ ( پٿر تي ).
يارهين منزل، ڪنڊ واري علائقي ۾، گهوڙو پٽ (پٿر تي) ٻيهر ڦور نئين کان واپسي ۾.
ٻارهين منزل، هاڙهي جبل لڳ هاڻوڪي رحيم اڱارو ڳوٺ. ٻيهر ڦور نئين کان واپس ورڻ کانپوءِ.
تيرهين منزل، ڪانيارو ڪوٽ / ڪانيارو ٻيلو (قافلا سراءِ يا مسافرخاني ۾ ).
چوڏهين منزل، وڻڪار، لوڻو جبل ۽ لوڻو ڍوري جي ڪپ تي پراڻي وسندي جا آثار، هاڻي اتي رکيل شاهه جي دونهين به آهي.
پندرهين منزل، لاکڙو (مسافرخاني يا قافلا سراءِ ۾).
سورهين منزل، ڄوڙا، ونگوئي (مسافرخاني ۾).
سترهين منزل، ڀمنبڙ ٻرو ڳوٺ (قافلا سراءِ ۾). ( حوالو. ڪتاب سسئي جي واٽ)
سسئي پنهونءَ تي ٺهيل فلمون
1. ورهاڱي کانپوءِ سسئي پنهونءَ جي قصي تي ٺهيل پهرين اردو ٻوليءَ ۾ فلم ”سسئي“ 3 جون 1954ع ۾ لاهور ۾ رليز ٿي.
2. ورهاڱي کانپوءِ سسئي پنهون (سنڌي زبان ۾) 30 مئي 1958ع ۾ رليز ٿي.
3. سسئي پنهون: 1960ع ۾ اها فلم ڀارت ۾ ٺهي راس ٿي.
4. سسئي پنهون پنجابي زبان ۾ ٺهيل بليڪ اينڊ وائيٽ. هي فلم لاهور ۾ جمع 26 جولاءِ 1968ع تي رليز ٿي.
5. سسئي پُنون: اردو ۾ ٺاهيل اها فلم لاهور ۾ ٺاهي وئي ۽ 2004ع ۾ رليز ٿي.
6. سسئي پنهون: انڊيا ۾ ٺهندڙ هي پنجابي ٻوليءَ ۾ فلم 1983ع ۾ رليز ٿي.
سورٺ راءِ ڏياچ (ڪاٺياواڙي ۽ سنڌي قصو)
سوال: ڪهڙي سفر دوران شاهه سائين کي راءِ ڏياچ ۽ چارڻ جي داستان جي پروڙ پئي؟
جواب: جهونا ڳڙهه جي.
سوال: لفظ ڏياچ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: حشمت وارو. / ڏيندڙ.
سوال: ڪاٺياواڙ جي ايراضيءَ ۾ سورٺ جي نالي سان لاڳاپيل ڪهڙا ٽي قصا مشهور ٿيا؟
جواب: راءِ ڏياچ جو ڪاٺياواڙي قصو، راڻڪ ديويءَ ۽ راءِ دياس جو قصو، راءِ ڏياچ جو سنڌي قصو.
سوال: شاهه سائين جي بيان ڪيل ”راءِ ڏياچ جي قصي کي“ پهريون ڀيرو ڪهڙي هندو ليکڪ ڇپرايو هو؟
جواب: اُڌارام ٿانورداس مير چنداڻيءَ.
سوال: سورٺ جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: انيراءِ عرف انهلراءِ (سنڌي قصي مطابق).
سوال: انيراءِ ڪٿان جو رهاڪو هو؟
جواب: اونچل ڪوٽ جو.
سوال: راجا انيراءِ جي ٻيجل سان ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: نار درياءَ جي ڪناري تي تپه بلغاءِ ديهه ڏگڪي ۾.
سوال: ٻيجل جي نک ڪهڙي هئي؟
جواب: تمير. (حوالو، ڪتاب. شاهه لطيف هڪ ڪامل انسان، ص. 99 ).
سوال: ٻيجل جي زال جو نالو ڇا هو؟
جواب: مالتي/ مالدي.
سوال: سورٺ کي ڪنهن پاليو هو؟
جواب: رتن ڪنڀار (رتني).
سوال: ٻيجل جوانيءَ ۾ ڇا ڪندو هو؟
جواب: جهنگ ۾ گڏهه ۽ گهوڙا چاريندو هو.
سوال: سر سورٺ ۾ واسطيدار عورتن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: سورٺ، دايون، ٻايون، راڻيون، ناريون، سرتيون ۽ اڙدا بيگيون.
سوال: هي لفظ ٻيجل کي ڪنهن چيا هئا ”ڪنهن به طرح سرندو کڻي راءِ ڏياچ ويراڻي وٽ وڃي ان کان سر جو سوال ڪر“ ؟
جواب: راجا انيراءِ عرف آتم راءِ.
سوال: راجا اکيراج عرف انيراءِ کي ڪل ڪيتريون ڌيئرون هيون؟
جواب: اٺ.
سوال: سنڌي قصي مطابق راجا انيراءِ عرف انهلراءِ کي ڪيتريون ڌيئرون هيون؟
جواب: 60 (سَٺِ).
سوال: راجا اکيراج عرف انيراءِ ۽ راجا راءِ ڏياچ ڪيترا مهينا پاڻ ۾ جنگ ڪئي هئي؟
جواب: ٻارنهن مهينا (ان جنگ ۾ انيراءِ هارايو هو).
سوال: شاهه سائين سر سورٺ ۾ راءِ ڏياچ کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: داتا، راڄيا، راجا، ڏاتار، ملوڪ، ملڪ ڌڻي، گهوٽ، سردار.
سوال: راءِ ڏياچ جي ان وفادار ٻانهيءَ جو نالو ٻڌايو جيڪا سورٺ سان گڏ ڏاگهه چڙهي سڙي مئي هئي؟
جواب: گُلبوءِ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ٻيجل کي ڪهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: عطائي، راڳائي، جاجڪ، تنبير ، تنبيري، پاٺ، ڳُن، منگتو، گويو ۽ قوال. (حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف)
سوال: ٻيجل، راءِ ڏياچ جي اڳيان ڪهڙا راڳ ڳايا هئا؟
جواب: ڀيرو ۽ ڀياس راڳ.
سوال: ٻيجل گرنار جي چوٽيءَ تي ڪيترا ڏينهن راڳ ڳايو؟
جواب: 40 ڏينهن ۽ راتيون (ڪاٺياواڙي قصي مطابق).
سوال: راءِ ڏياچ جي درٻار ۾ چارڻ ڪيترا ڏينهن ۽ راتيون چنگ چوريو هو؟
جواب: ڇهه ڏينهن ۽ پنج راتيون. (ٻي روايت، ڇهه ڏينهن ۽ ستين ڏينهن سر ڏنائين.)
سوال: سؤراشتر يا سورٺ ضلعي ۾ ڪهڙا ٽي مشهور پاڪ جبل آهن؟
جواب: گرنار ، داتار ۽ پاليتانا.
سوال: گرنار ۽ پاليتانا جي وچ ۾ جيڪي گهاٽا جهنگ آهن تن کي ڇا ڪوٺيندا آهن؟
جواب: گرٻيلو.
سوال: گرنار جي اوسي پاسي جيڪي ڌرمي تيرٿ آهن، تن کي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويندو آهي؟
جواب: وسترا پٿ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورمي امبل ديس جي رهواسڻ هئي؟
جواب: سورٺ. ( حوالو. ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، ص. 155 ).
سوال: ڪهڙو علائقو قديم دور کان وٺي سخين ۽ ڏاتارن جي سر زمين رهيو آهي؟
جواب: ٻيلو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻيجل جي سازن جا ڪهڙا نالا بيان ڪيا آهن؟
جواب: بين، تنبير ، تندون، چنگ، ساز، سرندو، ڪماچ، ڪنجهي، ڪينرو، واڄٽ، وڏاڻ وغيره.
سوال: محل جي ڪهڙي دروازي وٽ ٻيجل سرندو وڄائي راجا راءِ ڏياچ کان سر جي صدا هنئي هئي؟
جواب: لکي دروازي وٽ.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سورٺ ڪهڙي وڻ جي ڪاٺين جي چکيا تيار ڪرائي ۽ ڏاگهه چڙهڻ لاءِ تيار ٿي هئي؟
جواب: چندن جي ڪاٺين جي.
سوال: شاهه سائينءَ عورت جي ڪردار کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: پدمڻي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورميءَ جو ڪردار سڀني ڪردارن کان نرالو آهي؟
جواب: سورٺ جو.
سوال: ڪاٺيا واڙ جي قصي مطابق راءِ ڏياچ جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: راءِ ويرم. ٻي روايت روري.
سوال: راءِ ڏياچ جي ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جوا ب: خاتون راڻي. (حوالو، ڪتاب، سر سورٺ.)
سوال: شاهه سائين جو سورمو راءِ ڏياچ ڪهڙي عيسوي سال گاديءَ تي ويٺو هو؟
جواب: سن 1003ع ۾.
سوال: جهونا ڳڙهه جو شهر راءِ ڏياچ جي ڪهڙي ڏاڏي ٻڌايو هو؟
جواب: راءِ گرهپو عرف گورارو.
سوال: راءِ ڏياچ ڪهڙي شهر کي گاديءَ جو هنڌ بنايو؟
جواب: جونا ڳڙهه.
سوال: جونا ڳڙهه ڪٿي آهي؟
جواب: گرنار جبل جي ڪڇ ۾ اترئين ڪنڌيءَ تي.
سوال: سنڌي قصي مطابق ڏياچ ويراڻي ڪٿي جو حاڪم هو؟
جواب: جهونا ڳڙهه جو (ڪاٺياواڙ قصي مطابق گرنار جو).
سوال: پار ڪر ۽ ٻيلي جي مشهور سخي ۽ ڏاتار جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڏياچ ويراڻي.
سوال: مشهور قلعو جوڻا گڍ ڪنهن جوڙايو هو؟
جواب: ڄام جوڻي. (ڏياچ ويراڻيءَ جو ڏاڏو)
سوال: سنڌي قصي مطابق سورٺ کي جنهن پيتيءَ (صندوق) ۾ وجهي لوڙهيو ويو اها صندوق ڪنهن کي هٿ آئي هئي؟
جواب: رتنو ڪنڀر کي (نالو سورٺ رکيائينس).
سوال: ڪاٺياواڙ جي قصي مطابق ٻيجل کي ڪهڙو ساز هٿ ۾ هوندو هو؟
جواب: چنگ.
سوال: سنڌي قصي مطابق ٻيجل هرڻ جي آنڊرن مان ڪهڙو ساز ٺاهيو هو؟
جواب: سرندو.
سوال: راءِ ڏياچ جو موت ڪيئن ٿيو؟
جواب: سندس ڀاڻج ٻيجل ساز وڄائي سر جي صدا هنئي.
سوال: ڪاٺياواڙي قصي مطابق راءِ ڏياچ ڪڏهن سر ڏئي سرهو ٿيو؟
جواب: 1010ع تي.
سوال: ڪاٺياواڙي قصي مطابق راءِ ڏياچ جي ڪهڙي پٽ ڏهن سالن کان پوءِ جهونا ڳڙهه تي حڪومت ڪئي؟
جواب: راءِ نوگھن.
سوال: ڪهڙي ڪتاب ۾ راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي آکاڻي ضميمي طور ڏني وئي؟
جواب: ڪتاب، سنڌي گرامر 1849ع.
سوال: ڪهڙي ليکڪ ”چارڻ ٻيجل راءِ ڏياچ“ کي ننڍي ناول جي روپ ۾ شايع ڪيو؟
جواب: ڪرشنداس ماڻيڪ .
سوال: مضمون. سورٺ راءِ ڏياچ 1863ع ۾ جرمن ٻوليءَ ۾ ڪنهن شايع ڪرايو؟
جواب: ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: شاهه سائين نو لک واري نيل جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي قصي تي ٺاهيل فلم 6 جون 1973ع ۾ رليز ٿي؟
جواب: فلم سورٺ.
سهڻي ميهار (سنڌ جو قصو اڳ ۽ پنجاب وارو قصو پوءِ جو آهي.)
سوال: سهڻي ۽ ميهار جو جنم ڪهڙي رات تي ٿيو هو؟
جواب: شبِ قدر جي ڀلاري رات ۾.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق ميهارجو اصل نالو ڇا هو ۽ سندس ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: نالو ساهڙ ذات نڱامڙو (پنجاب جي قصي مطابق نالو عزت بيگ).
سوال: ساهڙ ڪهڙو ساز درديلي انداز ۾ وڄائيندو هو؟
جواب: نڙ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ”ساهڙ“ سان شروع ٿيندڙ بيتن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب: 9 بيت.
سوال: ميهار ڪهڙي ڏينهن صبح سان ئي سمورو کير خدا جي واٽ ۾ ورهائي ڇڏيندو هو؟
جواب: خميس جي ڏينهن.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق ميهار جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: گهنور ڄام (پنجاب جي قصي مطابق مرزا عالي بيگ اصل بخارا جو هو).
سوال: سنڌ جي قصي ۾ سهڻي جي ذات ڪهڙي بيان ٿيل آهي؟
جواب: سامٽي ۽ واهوچي (حوالو ڪلاچي 2003ع).
سوال: شاهه سائين جو سورمو ميهار سڀ کان پهريائين سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ داخل ٿيو جتي اُن واپار شروع ڪيو هو؟
جواب: پينگهارو ۾.
سوال: لاڙ واسين وٽ سهڻي ميهار جو قصو ڪهڙي درياءَ سان وابسته آهي؟
جواب: پٽيهل درياءَ سان (پنجاب جي قصي مطابق چناب درياءَ سان).
سوال: سهڻي ميهار جو قصو ڪهڙي بادشاهه جي دور جو آهي؟
جواب: دلوراءِ بادشاهه جي.
سوال: سهڻي جي شادي سندس ڪهڙي سؤٽ سان طئه ٿيل هئي؟
جواب: ڏم سان.
سوال: ڏم ڪٿان جو رهاڪو هو؟
جواب: ميرانپور جو.
سوال: سنڌ جي قصي مطابق سهڻيءَ جي پيءُ جو نالو ڪهڙو هو؟
جواب: جرڪت عرف جرڪس سامٽيو (پنجاب جي قصي مطابق تلاءُ ڪنڀر گجرات).
سوال: سهڻيءَ جو پيءُ جرڪت شهدادپور جي جوءِ ۾ ڪٿي رهندو هو؟
جواب: لوهاڻي جي ڪناري تي.
سوال: شاهه سائينءَ سر سهڻي ۾ ميهار کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: ساهڙ، ساهڙ ڄام، ميهار، سنگهار، وڇار، هوت ۽ پي ٻيلائي.
سوال: ڪهڙي درياءَ کي سهڻيءَ وارو ڍورو يا سهڻي وارو درياءُ سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: لوهاڻو درياءَ کي (شهدادپور کان اولهه ۾ ان جا آثار موجود آهن).
سوال: ميهار سهڻيءَ لاءِ روزانو ڪهڙو طعام کڻي ويندو هو؟
جواب: مهاڻن کان پڪل مڇي.
سوال: سهڻيءَ جي ملاقات وچ درياءَ ۾ ڪهڙيءَ بزرگ هستي سان ٿي هئي جيڪو وچ سير ۾ روزانو نماز پڙهندو هو؟
جواب: ڇٽي پير سان.
سوال: سهڻيءَ جي مرشد جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڇٽو فقير.
سوال: سهڻي ميهار ۽ ڇٽي پير جا اهڃاڻ ۽ آثار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙن ٻن ضلعن ۾ ملن ٿا؟
جواب: سانگهڙ ۽ ٺٽي ۾.
سوال: هي بيت ڪهڙي موقعي تي چيل آهي؟
ڇٽا ڇينڀ مَ مون کي تون پل مَ پيرَ،
نيو نمازون پڙهين، سائر مٿي سير،
ڪٺيون جي تقدير ، سي گهر گهارينديون ڪيترو.
جواب: جنهن وقت درويش ڇٽو امراڻي درياءَ جي سير ۾ نماز پڙهي رهيو هو ته سهڻي ان جي اڳيان ترندي وئي ته ڇٽي سهڻي کي ڇينڀيو ان موقعي تي.
سوال: ڇٽي پير جي مزار ڪهڙي هنڌ درياءَ جي ڪناري تي واقع آهي؟
جواب: نند سر جي ڪناري تي. (گولاڙچي جي چڪ نمبر 34 ۾).
سوال: سهڻي ۽ ميهار جو عشق تقريبن ڪيترا مهينا هليو؟
جواب: 13 مهينا.
سوال: سهڻيءَ جي سس سهڻي کي ٻوڙڻ لاءِ، ڪچو گَهڙو ڪهڙي ڪنڀار کان تيارڪرائي سهڻيءَ جي گَهڙي جي جاءِ تي رکيو هو؟
جواب: ڪوڏو ڪنڀار کان.
سوال: شاهه سائين سهڻيءَ جي موت جو منظر پنهنجي ڪهڙي بيت ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: ڪانڌي ڪنگ ٿياس، وهڻ جنازو سهڻي،
ٻگها جي ٻيٽن جا ڪُلها تن ڏناس،
اکين ملڪ ڏٺاس، توء من ڪاڍو ميهار ڏي.
سوال: لاڙ جي روايتن مطابق سهڻيءَ جو لاش ريڻ درياءَ مان لڙهندو لڙهندو ڪٿي اچي پيو هو؟
جواب: ڳٺي دوري ۾.
سوال: شاهه سائين سرسهڻيءَ ۾ لفظ مهراڻ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 5 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورميءَ کي عشق جو امام سڏي ٿو؟
جواب: سهڻيءَ کي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻيءَ جي رهائش جا آثار نوشهرو فيروز ضلعي جي ڪهڙي شهر ويجهو ملن ٿا؟
جواب: گهيڙ گجو واري وهڪري لوهاڻي درياءَ جي ساڄي ڪپ تي. (حوالو. تحقيقي جرنل ڪلاچي ).
سوال: سهڻيءَ جو مقام ڪٿي آهي؟
جواب: لوهاڻي درياءَ جي کاٻي ڪنڌي لڳ شهدادپور ۾.
سوال: ميهار ڪنهن جي مدد سان سهڻيءَ جو لاش درياءَ مان ڪڍيو هو؟
جواب: ڏاڙهون کٽيءَ جي مدد سان.
سوال: سهڻي ميهار جي قبر شهدادپور شهر جي ڪهڙي پاڙي ۾ آهي؟
جواب: سيد الله اوڀائي شاهه جي پاڙي ۾.
سوال: سهڻيءَ جي قبر مٿان چوٽي واري سنئين پٿر تي ڪهڙو ڪتبو اڪريل آهي؟ يا اڪريل هو؟
جواب: ته ڪر ڪينءَ سئي، جي سير نه گهڙي سهڻي،
هت حياتي ڏينهڙا، هڏئين تان نه هئي،
چُڪي تنهن چري ڪئي، جو ڏنس اُن ڏهي،
سهڻي کي سيد چئي، وڌو قرب ڪهي،
هنهين هوند مئي، پر ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا. (شاهه)
سوال: ساهڙ جي قبر تي سيرانديءَ واري پاسي ڪهڙي شاعر جو فارسيءَ ۾ بيت اڪريل آهي؟
جواب: حافظ شيرازيءَ جو.
سوال: ساهڙ جي مزار تي پيرانديءَ کان ڪهڙو ڪتبو اڪريل آهي؟
جواب: ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياءَ توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي. (شاهه)
جوڙائيندڙ سيد مدد علي شاهه لڪياري، هالاڻي.
سوال: ڪهڙو شخص مجاوريءَ وارن ڏينهن ۾ سهڻيءَ جي مقبري لاءِ ”سون چڙيءَ جي ڀڙي مان“ پڪيون سرون ڪڍي پاڏي تي کڻي آيو ۽ سهڻي جو مقبرو ٺاهيائين؟
جواب: ساهڙ ڄام.
سوال: محمد ابراهيم ڏيٿي، شاهه سائين جي ڪهڙيءَ سورمي جي مزار مٿان مقبرو تعمير ڪرايو هو؟
جواب: سهڻيءَ جي مزار مٿان.
سوال: سهڻيءَ جي مزار مٿان مقبرو ۽ مسافر خانو ڪنهن ۽ ڪهڙي سال ٺهرايو هو؟
جواب: محمد ابراهيم ڏيٿي 1980ع ۾، هڪ لک رپين ۾.
سوال: سهڻي جي قبر ڪنهن جوڙائي؟
جواب: مرحوم حامد علي. نوابشاهه ضلعي جواڳوڻو ڪليڪٽر.
سوال: ڪهڙي شخص سهڻي جو پراڻو مقبرو ڊهرائي ان جاءِ تي سنگ مرمر جي پٿر جو مقبرو ٺهرايو؟
جواب: مرحوم حامد علي (برطانيه جي دور ۾ ).
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورميءَ جي درگاهه تي فقير، شاهه جو راڳ ۽ مولود شريف چوندا آهن؟
جواب: جمعي جي رات، سهڻي جي درگاهه تي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻيءَ تي ميلي لڳائڻ جي شروعات ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: محمد ايوب ٻانڀڻ.
سوال: پهريون ڀيرو ثقافت کاتي پاران سهڻي ميهار جي مزار تي ميلو ڪهڙين تاريخن تي لڳايو ويو؟
جواب: 29، 30، 31، مئي 1980ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي سورمي سهڻي ۽ ميهار جي درگاهن جا موجوده متولي بزرگ ڪهڙا آهن؟
جواب: فقير محمد يوسف خاصخيلي ۽ ميهار جو متولي سيد ارباب شاهه. سال 2010ع مطابق
سوال: سهڻيءَ جي ميلي ۾ منعقد ٿيل ادبي ڪانفرنس ۾ نظم ”سهڻي نينهن نڀائي وئي“ ڪنهن پڙهيو هو؟
جواب: شهزاده علي بخش ناز لطيفيءَ 29 مئي 1980ع ۾ پڙهيو هو.
سوال: سڀ کان پهرئين پنجابي زبان ۾ سهڻي ميهار جو قصو ڪنهن منظوم ڪيو؟
جواب: هاشم شاهه، ولادت 1166هه.
سوال: سڀ کان پهريائين سهڻي ايوارڊ ڪهڙي فنڪاره کي ۽ ڪڏهن ڏنو ويو هو؟
جواب: عابده پروين کي 1980ع ۾.
سوال: 1980ع ۾ ٻيو نمبر ۽ ٽيون نمبر سهڻي ايوارڊ ڪهڙن فنڪارن کي ڏنو ويو؟
جواب: ٻيو نمبر جيجي زرينه بلوچ ۽ ٽيون نمبر موهن ڀڳت کي.
نوري ڄام تماچي
سوال: سمن جي دور ۾ ڪهڙي لوڪ ڪهاڻيءَ جو اضافو ٿيو، جنهن کي لطيف سائين پنهنجي ستن سورمين ۾ ڳايو آهي؟
جواب: نوري ڄام تماچي.
سوال: شاهه سائينءَ نوري ڄام تماچيءَ جو قصو ڪهڙي سر ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ، نوري ڄام تماچيءَ جو قصو ڪهڙي ڳوٺ ۾ جوڙيو؟
جواب: هيلايا ڳوٺ ۾. (هيلايا ٽڪريءَ جي ڀر ۾.)
سوال: ڄام تماچي ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: فيروزالدين جو.
سوال: دهليءَ جي سلطانن کي شهه ڏئي سنڌ ۾ سمن جي حڪومت ڪنهن قائم ڪئي هئي؟
جواب: ڄام تماچيءَ.
سوال: نوريءَ کي ڪنهن پاليو هو؟
جواب: ڪينجهر ۽ سونا ٻائي.
سوال: نوريءَ جي ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ماءَ مروبت راڻي ۽ پيءُ جسونت راءِ.
هٿين پيرين آرکڻين، منهن نه مهاڻي،
ڌيءَ جسونت راءِ جي، ماءُ مروبت راڻي،
جيئن سڳو وچ سرندڙي، تيئن راڻين ۾ راڻي،
اصل هئي ان کي اهل ڄاماڻي،
سمي سڃاڻي، ٻيڙو ٻڌس ٻانهن ۾ . حوالو، شاهه جو گنج، محمد قاسم راهمون.
سوال: جسوڌڻ راءِ کي جڏهن سمن ۽ جاڙيجن تاجاڻن جي مدد سان ڪڇ مان ڪڍيو ته پوءِ هو ڪٿي رهيو؟
جواب: ڍور ۽ ڍاڳيءَ جي وچ ۾ مٿاهين بٺ تي مياڻي شهر جي مهاڻن وٽ.
سوال: جسوڌڻ راءِ کي مروبت راڻي ڪهڙي وصيت ڪئي هئي؟
جواب: منهنجي نياڻيءَ کي مارجانءِ نه، ڪنهن وٽ امانت ڇڏي وڃجانءِ.
سوال: نوريءَ جي ولادت ڪٿي ٿي؟
جواب: مياڻي شهر ۾. (حوالو. ڪتاب.ڄام هٿ ۾ ڄار، ص.18 )
سوال: شاهه سائين جي سورمي نوري اصل ڪٿان جي رهاڪو هئي؟
جواب: آڳڙي لڳ ڪڙيو گهنور.
سوال: شاهه سائين جي سورمي نوريءَ جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: نُور ڀري.
سوال: ڪينجهر ڍنڍ تي ڪينجهر نالو ڪيئن پيو؟
جواب: ڪينجهر ملاح (گندرو) جي ڪري. ٻي روايت مطابق، بڊام گندري جي نالي پٺيان.
سوال: نوريءَ کي ڪنهن پاليو هو؟
جواب: ڪينجهر ملاح ۽ سونهريءَ. (ٻي روايت. هيلالو ۽ پوپري ).
سوال: شاهه سائين جي سورميءَ کي ننڍي هوندي ڪهڙي بيماري هئي؟
جواب: ڪوڙهه جي بيماري.
سوال: نوريءَ کي ڪوڙهه جي بيماريءَ مان ڪهڙي بزرگ ڇوٽڪارو ڏياريو؟
جواب: بزرگ شاهه هندڙي.
سوال: نوريءَ جي مرشد جو نالو ٻڌايو؟
جواب: شاهه هندڙو.
سوال: ڪينجهر ڍنڍ ٺٽي ۽ جهرڪن جي وچ ۾ ڪهڙي ٽڪريءَ جي هيٺان واقع آهي؟
جواب: هيلا يا ٽڪريءَ جي ويجهو.
سوال: ڪينجهر ڍنڍ جي مشهور تڙن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: گنهڊڻي، رم جهم، لال شاهه ۽ مولدي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي ڄام تماچيءَ ڪهڙي بزرگ جي چوڻ تي مڪلي تي هڪ جامع مسجد ٺهرائي هئي؟
جواب: شيخ حماد جي چوڻ تي 1390ع ۾.
سوال: سنڌوءَ جي ڪناري سونڊا شهر ڪنهن آباد ڪرايو؟
جواب: ڄام تماچي.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جا ڪيترا سر تاريخي ڪردار جي حيثيت رکن ٿا؟
جواب: 13 سُرَ.
سوال: ڪينجهر جي ڀرسان رهندڙ مهاڻا اصل ۾ ڪٿان جا رهاڪو هئا؟
جواب: ملبار.
سوال: ڪينجهر ڍنڍ ۾ ڪهڙي واهه جو پاڻي ڇڏيو ويندو آهي؟
جواب: ڪلري بگهاڙ واهه جو.
سوال: لطيف سائينءَ، سرڪاموڊ ۾ ڄام تماچي کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: تڙ ڌڻي، تماچي، سمون، راءِ، راجا، ڄام ۽ تڙ راءِ لقبن سان.
سوال: ڄام تماچي ڪهڙي لقب ۽ ڪنهن سان گڏجي حڪومت ڪئي هئي؟
جواب: رڪن الدين شاهه ڄام تماچيءَ جي لقب سان ۽ خير الدين ڄام توڳاچيءَ سان گڏجي.
سوال: ڄام تماچي ٻيو ڀيرو ڪهڙي سال کان ڪيستائين سنڌ جي حڪمراني ڪئي هئي؟
جواب: ٻيو ڀيرو 1388ع کان 1392ع تائين. ( پهريون ڀيرو 1366ع کان 1375ع تائين).
سوال: ڄام تماچيءَ جي باري ۾ ڪهڙي بزرگ دعا طور چيو ته : جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ، سٻاجهي ٻاجهه پئي توسين ٺٽو راءُ.
جواب: شيخ حماد جمالي.
سوال: درويش نوح هوٿياڻي، ڄام تماچيءَ کي دعا طور ڪهڙا لفظ چيا هئا؟
جواب: جوڻو وڃي جهوري ماريو،
ڄام تماچي شهرين چاڙهيو.
سوال: ڄام تماچي دهليءَ مان واپسي دوران کيبر ۾ ڪهڙي بزرگ سان ملاقات ڪئي هئي؟
جواب: درويش نوح هوٿياڻيءَ سان.
سوال: ڪهڙي عيسوي سال ڄام جوڻي سازش ڪري ڄام تماچي کي قيد ڪرائي دهليءَ موڪليو هو؟
جواب: 1375ع ۾.
سوال: شاهه سائين جي سورمي ڄام تماچي دهليءَ جي سلطان وٽ ڪيترا سال قيد ڪاٽي هئي؟
جواب: 13 سال.
سوال: ڄام تماچيءَ جهول ماڙي ڪيترن سالن ۾ تيار ڪرائي هئي؟
جواب: چئن سالن ۾.
سوال: جهول ماڙيءَ جا آثار ڪينجهر ڍنڍ کان اٽڪل ڪيترا ڪلوميٽر پري آهن؟
جواب: چار ڪلوميٽر اولهه ۾.
سوال: سمن جي بادشاهيءَ کان اڳ ڪينجهر ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ گندرا قومن جو گذر ڪيترين ۽ ڪهڙين ڍنڍن تي هو؟
جواب: ستن ڍنڍن تي (1) سونهري. (2) ڪينجهر. (3) هاليجي. (4) هڏيرو. (5) ڪلان. (6) جهول. (7) کوئي.
سوال: آڳاٽي زماني ۾ جيڪي مهاڻا مڇين، ڪمين، ڪڇن، لڌڙن ۽ سيسرن جو شڪار ڪري انهن جي چرٻي ڪم آڻيندا هئا، تن کي لاکيڻي لطيف ڇا سڏيو آهي؟
جواب: جُهٻير (حوالو، ڪتاب، سر ڪاموڏ، ص: 146.)
سوال: مهاڻن جو ابو، ڪنهن کي ڪوٺيو وڃي ٿو؟
جواب: ڄام تماچيءَ کي. (محقق، ڊاڪٽر غلام علي الانا)
سوال: نوريءَ ڪينجهر جو ڪهڙو ميوو ڄام تماچيءَ اڳيان پيش ڪيو هو؟
جواب: پاٻوڙو.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو سورمو پنهنجي راڻيءَ کي مورڇل هڻندوهو؟
جواب: راءِ تماچي ڄام.
سوال: مورڇل ڇا آهي؟
جواب: مور جي کنڀن جو ٺهيل ونجڻو (وڃڻو، پکو).
سوال: نوريءَ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: سندس مرشد هوندڙو شاهه جي پيرانديءَ کان ڪينجهر ۾.
سوال: ڄام تماچيءَ جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: مڪلي تي شيخ حماد جمالي جي پيراندي کان (حوالو تحفةالڪرام).
سوال: فلم نوري ڄام تماچي ڪڏهن رليز ٿي هئي؟
جواب: 1970ع ۾.
ليلا چنيسر
سوال: سومرن جي دور ۾ دودي چنيسر جو قصو سڀ کان پهريائين ڪنهن ڳايو هو؟
جواب: ڀاڳو ڀان.
سوال: ڪهڙيون سورميون سونهن جون عظيم پيڪر هيون؟
جواب: سسئي، سهڻي، ليلا ۽ سورٺ.
سوال: شاهه سائين دودو چنيسر ۽ علاؤالدين بادشاهه جي لڙائيءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر بلاول ۾.
سوال: ابڙي اڙٻنگ جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: رامپور ابڙاسو ۾.
سوال: چنيسر ڪونئروءَ کي ڪهڙيون ٽي نشانيون ڏنيون هيون؟
جواب: منڊي، هار، ٻٽون، ٻٽ جي چنيءَ تي نالو لکيل (چنيسر).
سوال: چنيسر ڪهڙا ٽي شرط ليلا جي مدد سان پورا ڪري پوءِ ان سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: (1) ڪاٺ جي ڪهاڙي سان لوهه جي ٿلهي شيخ کي وڍڻ، (2) سؤ هڪ جيڏيون ۽ هڪ جهڙيون مينهون آڻڻ. (3) هڪ سؤ اٺن جو وڳ هڻي اچڻ.
سوال: ليلا جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: گائنچڻ (حوالو نئين زندگي ڊسمبر-جنوري 5-2004ع).
سوال: ليلا چنيسر جي قصي ۾ ڪهڙا خاموش ڪردار نظر اچن ٿا؟
جواب: اتمادي، جمنا، مرکي ۽ جکرو.
سوال: شاهه سائين جي سر ليلا چنيسر ۾ ڪهڙن ڪردارن جو ذڪر ڪيل آهي ؟
جواب: چنيسر، ليلا، ڪؤنرو، جکرو وزير.
سوال: چنيسر جي خاص وزير جو نالو ڇا هو؟
جواب: جکرو.
سوال: ليلا ڪنهن جي شاديءَ ۾ پنهنجي رُٺل وَر چنيسر کي ريجهائي ورتو هو؟
جواب: جکري جي شاديءَ ۾ (ان ملاقات دوران ٻنهي جو روح پرواز ٿيو).
سوال: ليهور شهر جا آثار ڪٿي آهن؟
جواب: تعلقو ٽنڊو باگو ضلعو بدين. حوالو، ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن. تعلقو سامارو ضلعو عمرڪوٽ. حوالو، ڪتاب. لطيف جا ٿر تان ڀيرا. تعلقو سنڌڙي ضلعو ميرپور خاص. حوالو، ڪتاب. سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر.
سوال: راءِ چنيسر داسڙي جي راڄداني ليهور شهر جا آثار، ساماري تعلقي جي ڪهڙين ديهن ۾ موجود آهن؟
جواب: ديهه ڪينجهيجي، ديهه لولان (هاڻي جهلوري)، ديهه پوڀا ۽ ديهه لياري.
سوال: ليهور جي کنڊرن کي مقامي ماڻهو ڪهڙي نالي سان سڏين ٿا؟
جواب: ڳاڙهو ڀڙو.
سوال: ليلا چنيسر سان لاڳاپيل شهر ليهور جو اصل نالو ڇا آهي؟
جواب: اصل نالو ليار.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورميءَ پير پٺي ڏانهن نذراني طور نغارا موڪليا هئا؟
جواب: ليلا.
سوال: هي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا. لفظ ”اي نازنين! خدا جي واسطي پنهنجي منهن تان نقاب پري ڪر ته تنهنجو منهن مبارڪ ڏسان“؟
جواب: ڄام چنيسر پنهنجي گھرواريءَ ليلا کي چيا هئا.
سوال: ڪؤنرو جي ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ماءُ جو نالو مرکي (مرکئين)، پيءُ جو نالو راءِ کنگهار لکپت جو راجا.
سوال: ڪونئروءَ جو مڱڻو ڪنهن سان ٿيو هو؟
جواب: سندس سؤٽ اُتماديءَ سان.
سوال: ڪؤنرو ۽ سندس ماءُ چنيسر جي محفل ۾ ٻانهين طور ڪهڙو ڪم ڪنديون هيون؟
جواب: ڪؤنرو چنيسر جي سيج وڇائيندي هئي ۽ سندس ماءُ چنيسر جي پڳ سينگاري آڻيندي هئي.
سوال: ڪؤنرو کي هي لفظ ڪنهن چيا هئا، لفظ ”هيترو هار سينگار پئي ڪرين ڄڻ ته چنيسر کي موهت ڪرڻ ٿي چاهين“ ؟
جواب: سندس سهيلي جمنيءَ.
سوال: ليلا کي ڪهڙي عورت نو لکو هار ڏيئي هڪ رات لاءِ چنيسر ورتو؟
جواب: ڪونئرو.
سوال: راءِ چنيسر جي حڪومت ڪهڙن علائقن تي هئي؟
جواب: پراڻ، هاڪڙو، پائر، وٽ ۽ کريڙ جي علائقن تي.
سوال: شاهه سائين راءِ چنيسر جي راڄڌاني ڏانهن ويندي ساري سنگهار جا ڪهڙا تلاءَ ڏٺا هئا؟
جواب: نوهٽي، ليٽڪو، ڀيماس ۽ صاحب تڙ جا تلاءَ.
سوال: ڳهڙ راءِ جي خاندان مان ڪهڙي حڪمران ناري پٽ واري ايراضي جي مشهور شهر پٽڻ ۾ هڪ وڏو قلعو ٺهرايو هو ؟
جواب: چنيسر بادشاهه.
سوال: شاهه سائين جي ان سورمي جو نالو ٻڌايو جنهن ڪڇ جي کريڙ واري علائقي ۾ هڪ مضبوط قلعو ٺهرايو هو؟
جواب: چنيسر داسڙي.
سوال: ”ليلا جي ڪنڊي“ ۽ ” ليلا جي ترائي“ جا آثار ڪهڙي بزرگ جي ويجهو اڄ به موجود آهن؟
جواب: بزرگ حسن باگواڻي عرف حسن باغباني جي ويجهو.
سوال: ڳهڙ راءِ جي اولاد مان ڄام چنيسر داسڙو ڪائون نمبر سردار ٿيو هو؟
جواب: ستون نمبر.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورمي پچٽ سامي جي شاگردياڻي هئي؟
جواب: ليلا.
سوال: ليلا ليهور ڇڏڻ وقت ڪهڙي سواري استعمال ڪئي هئي؟
جواب: اٺ جي سواري.
سوال: چنيسر داسڙو ديول جي گاديءَ تي ڪهڙي عيسوي سن ۾ ويٺو هو؟
جواب: 1288ع کان 1306ع تائين، ٻي روايت 1220ع کان 1228ع تائين.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سورمو ”ملڪ ثناءُالدين حباش“ لقب سان مشهور هو؟
جواب: چنيسر بادشاهه.
سوال: ڪهڙي حڪمران ماموئي فقيرن کي مارڻ جو حڪم ڏنو هو؟
جواب: ڄام تماچيءَ.
سوال: جنهن وقت چنيسر ديبل جو حاڪم ٿيو ته ان وقت دهليءَ جو حاڪم ڪهڙو هو؟
جواب: التمش.
سوال: سومرن جي تاريخ ۾ اهو ڪهرو پهريون حڪمران هو جنهن دهلي وڃي ڏن ڀرڻ لاءِ راضي ٿيو؟
جواب: چنيسر سومرو.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي تعلقي ۾ ليلا ۽ چنيسر جي ماڳ مڪان جا يارهن آثار موجود آهن؟
جواب: ساماري تعلقي ۾.
سوال: چنيسر جي چوڻ تي ايران جي ڪهڙي بادشاهه سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي؟
جواب: ترم شيرين عرف علاؤالدين .
سوال: شاهه سائين، دودي چنيسر واري قصي جو مکيه ڪردار ڪنهن کي قرار ڏنو آهي؟
جواب: ابڙي سمي کي.
سوال: نئين تحقيق مطابق ڳوٺ غيبي ديري ڀرسان شاهه سائين جي ڪهڙي سورميءَ جي ڪوٽ (گهر) جا آثار موجود آهن؟
جواب: ليلا چنيسر. (ليلا چنيسر جو ڪوٽ)
سوال: ليلا چنيسر جو ڪوٽ هن ماڳ جي ويڪر ۽ اوچائي ڪيترا فوٽ آهي؟
جواب: ويڪر چار فوٽ ۽ اوچائي پنج فوٽ.
سوال: وڳهه ڪوٽ جي ڀرسان شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورمي ڪوٽ ٺهرايو هو؟
جواب: چنيسر.
سوال: ساماري تعلقي ۾ ليلان چنيسر جا ڪهڙا ماڳ مشهور آهن؟
جواب: ڄام چنيسر داسڙي جو دڙو، پچٽ جادوگر جو دڙو، ليلان جو ڀڙو، ليهور، ليلان جي ماڙي، ڪونرو جي ماڙي، ليلان شاخ، ليلان ديهه، ليلان جي ڪنڊي، ليلان جو بڙ ۽ ليلان جي ترائي مشهور آهن. (حوالو، نئين زندگي، آگسٽ 2002ع).
سوال: تعلقي وارهه جي ڳوٺ دوست عليءَ جي ڀرسان شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورميءَ جي ماڙي موجود هئي؟
جواب: ليلا .
سوال: شاهه سائين سرليلا چنيسر ۾ چنيسر جي ڪردار کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: ڄام، داسڙو، وينجهار، ڍولا، راءِ، راڄاڻ، ريسارو.
سوال: ليلا ۽ چنيسر جي قبر ڪهڙي مقام ۾ آهي؟
جواب: موڙ مراد فقير جي مقام ۾ ليهور ديهه تعلقو ٽنڊو باگو. حوالو، ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، ص. 17 (ٻي روايت: وها ڳوڙي قبرستان ۾)
سوال: ارغون، ترخان دور ۾ فارسيءَ ۾ مثنوي چنسير نامه ڪنهن لکي هئي؟
جواب: ادراڪي بيگلاريءَ (سن 1010هه) ۾.
عمر مارئي
سوال: شاهه سائين عمر مارئيءَ جو قصو ڪهڙي سر ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورمي ڦار (فال) وجهندي هئي؟
جواب: مارئي. (پرهه ڦٽندي ڦار وڌم ويڙهيچن لاءِ ).
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سورميءَ ۾ گهڻي ڀاڱي پنهنجون سڀئي خوبيون بيان ڪيون آهن؟
جواب: مارئي ۾.
سوال: مارئي جي ماءُ ۽ پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ماءُ ماڏوئي (مهراد عرف مهراڏي) پيءُ جو نالو پالڻي (پالهوڻو).
سوال: مارئي کي سندس مائٽن ڪهڙي شخص سان مڱايو هو؟
جواب: کيت.
سوال: کيت جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: ڏوڏ.
سوال: کيت ڪهڙي علائقي جو رهواسي هو؟
جواب: جوڌپور لڳ ڳوٺ سانچور جو رهواسي هو.
سوال: مارئي جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: ريٻاڙي (رٻاري).
سوال: کاروڙي جي جوءِ مان عمر جي هٿان مارئي جي کڄڻ وارو واقعو شاهه سائين کي ڪهڙي بزرگ سڻايو هو؟
جواب: رحيم ڏني فقير پليءَ.
سوال: ڳوٺ کاروڙيءَ ۾ شاهه سائين جي ڪهڙي همعصر بزرگ مسجد تعمير ڪرائي هئي؟
جواب: ميون امان الله ڊاسوڙيءَ واري.
سوال: شاهه سائين سر مارئي ۾ ڪهڙي علائقي جي مشهور کٿين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: کاهڙ /کاهوڙ.
سوال: شاهه سائين جي سورمي مارئي ڪهڙن رنگن جي لوئي، کٿي استعمال ڪندي هئي؟
جواب: ڪاري ۽ اڇي رنگ جي.
سوال: عمر سومري، مارئي کي ڪهڙي ايراضي يا ڳوٺ مان کڻي ڪوٽ ۾ بند ڪيو هو؟
جواب: کاروڙيءَ مان. ٻي روايت کائر مان. حوالو، ڪتاب. ساڻيهه سان سچائي، آگسٽ 2017ع. ص. 10.
سوال: مارئي جي کڄي وڃڻ کانپوءِ مارئي جي مائٽن راتو رات ملير مان لڏو کڻي ڪهڙي طرف رخ ڪيو هو؟
جواب: پهريائين کاهڙ طرف، اُتان پوءِ پائر ۽ سامروٽي ڏانهن.
سوال: مارئي جي مائٽن ملير، پائر، سامروٽي، مهراڻي ۽ کاهڙ کان پوءِ ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي؟
جواب: ويڙيجهپ ۾.
سوال: عمر بادشاهه ڪوٽ ۾ جڏهن مارئي کي ڏسڻ آيو ته، مارئيءَ ان سان ڪهڙو واعدو ڪيو هو؟
جواب: جي منهنجن مائٽن منهنجي سار نه لڌي ۽ هنن مون کي ٻارهن مهينن ۾ نه ڇڏايو ته، پوءِ آءُ هميشه لاءِ تنهنجي ٿيندس.
سوال: مارئي عمر بادشاهه جي بند ۾ ڪيترو عرصو رهي؟
جواب: رسالي ۾ 30 ڏينهن. ( ڪي سگهڙ 3، 6، 7مهينا. ڪي چون ٿا هڪ مهينو. 12 مهينا. ڪي سگهڙ چون ٿا 66 ڏينهن ).
سوال: مارئي عمر جي قيد ۾ پهرين ڪنهن کي ساريو هو؟
جواب: ٿر جي گولاڙن، گاهن ۽ اباڻن کي.
سوال: مارئي کي عمر جي قيد مان ڪنهن ڇڏايو هو؟
جواب: کيت. (حوالو، ڪتاب. سنڌ جون لوڪ آکاڻيون، 2013ع، ص. 28 ).
سوال: مارئي، عمر جي قيد مان ڪهڙي تاريخ آزاد ٿي هئي؟
جواب: ساوڻ جي پهرين تاريخ.
سوال: مرزا جاني بيگ، شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سورميءَ جو داستان اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾ بيان ڪيو هو؟
جواب: عمر مارئي جو داستان.
سوال: عمر مارئي جي قصي جا ٻيا ڪهڙا ڪردار مشهور آهن؟
جواب: پالڻي پنهوار، ماڏوئي، کيت ۽ ڦوڳ.
سوال: مارئي جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: ڀوڏيسر جي ڀرسان. محقق، محمد رحيم راهمون. ٻي روايت، راڻاسر کان ٻه مڙها اولهه ۾ رڙلي جي ترائيءَ جي اترئين پاسي دڙي تي مارئي دفن آهي.
ٽين روايت، رتي ڪوٽ جي ڏکڻ اوڀر ۾، مارئي ديهه آهي اتي هڪ ڀٽ تي مارئي جي قبر آهي. ڪتاب.کاروڙو چت آيو، ص. 20.
چوٿين روايت، تعلقي کپري جي يونين ڪائونسل روڻجھو، ڀٽ ڀائٽيءَ کان ڏهه ڪلوميٽر مفاصلي تي ڏکڻ ۾ هڪ ڀٽ تي موجود آهي.
سوال: شاعر مل محمود جي شاهدي موجب مارئي جي ٻولي ڪهڙي هئي؟
جواب: ڍاٽڪي.
سوال: مارئي جو کوهه ننگر پارڪر کان ڪيترا ڪلوميٽر پري آهي؟
جواب: 40 ڪلوميٽر. ( ڀالوا ۾ )
سوال: مارئي جو کوهه ننگر پارڪر جي ڪهڙي ديهه ۾ آهي؟
جواب: ديهه ڍنڍوريءَ ۾.
سوال: ڀالوا ۾ مارئيءَ جو کوهه ۽ ڇيلڙن کي پاڻي پيارڻ واري ڀڳل ڪونڊي ڪنهن ڳولي لڌي هئي؟
جواب: مختيارڪار خانصاحب عبدالله چنه.
سوال: مارئيءَ جي کوهه تي ضلعي لوڪل بورڊ ٿرپارڪر جي خرچ سان مسٽر عبدالله چنه ڪهڙو بيت لکرايو هو؟
جواب: عمر آئين اوچتو ڪهڙي هاج حمير،
تو ڏٺي مون ڀؤ ٿئي سنڪو منجهه سرير،
ميان منجهه ملير، اڳ نه ڏٺين ڪڏهن.
سوال: 6 مارچ 1967ع ۾ مارئيءَ تي ميلو ڪنهن لڳرايو هو؟
جواب: مير حاجي محمد بخش خان ٽالپر.
سوال: مارئيءَ جو ٻيو ميلو ڪڏهن لڳو هو؟
جواب: 10 مارچ 1968ع ۾.
سوال: ڪهڙي شخص جي ڪوششن سان هڪ ئي سال ڀالوا ۽ مٺي ۾ مارئيءَ جو ميلو لڳو هو؟
جواب: انفارميشن آفيسر در محمد ڪمال جي ڪوششن سان 1997 ۾.
سوال: 1998ع ۽ 1999ع ۾ ڀالوا ۾ مارئيءَ جو ميلو ڪنهن لڳرايو هو؟
جواب: ٿر جي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت.
سوال: 3 مئي 2008ع تي ڀالوا ۾ مارئيءَ جي ميلو جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: صوبائي وزير سسئي پليجو صاحبه.
سوال: ڀالوا ۾ ثقافت کاتي پاران مارئيءَ جو ميلو پهريون ڀيرو ٽي ڏينهن ڪهڙي سال لڳايو ويو؟
جواب: 2010ع ۾.
سوال: 2013ع جي ڪهڙي مهيني ۾ ثقافت کاتي پاران مارئيءَ جو ميلو فقط هڪ ڏينهن لڳايو ويو؟
جواب: 22 جون.
سوال: پهريون مارئي ايوارڊ ڪهڙي تاريخ، مهيني ۽ سال ۾ ڏنو ويو؟
جواب: 3 مئي 2008ع مٺي شهر ۾.
سوال: پهريون مارئي ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو هو؟
جواب: شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي (ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ ڊاڪٽر ولي محمد راهمون وصول ڪيو).
سوال: پهريون ڀيرو مارئيءَ جي ميلي ۾ بهترين راڳيءَ جو ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: ڪريم بخش فقير کي.
سوال: مارئيءَ جي ميلي ۾ پهريون ڀيرو سگهڙ ايوارڊ ڪنهن کي ڏنو ويو؟
جواب: ملوڪ نهڙيو کي.
سوال: شاهه سائين ڀالوا جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: چئن بيتن ۾. محقق مير حسن لاشاري.
سوال: شاهه سائين کي وڌ ۾ وڌ ڪهڙي سورميءَ جي قصي تي جھٻو آيو آهي؟
جواب: مارئي.
سوال: ”مارئي ٿر جي ستي ساوتري هئي انهيءَ ڪري ٿر جي هن عظيم ڪردار تي جتي پائي ڳالهائڻ مناسب نٿو سمجهان“ هي جملا ڪنهن ۽ ڪڏهن چيا؟
جواب: فقير محمد عرف مقيم ڪنڀار 1998ع ۾ مارئي جي ميلي ۾.
سوال: ان پهرين محقق جو نالو ٻڌايو جنهن عمر مارئي جو قصو تاريخي حوالن سان لکيو؟
جواب: آخوند عبدالرحيم وفا عباسي 1871ع ۾ تعليم کاتي پاران شايع ٿيو.
ڪتاب. تحفة الڪرام، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو 1989ع. ص. 100 . مارئي تلها ڳوٺ ۾ رهندڙ هئي، سندس مڱڻو پنهون نالي هڪ شخص سان ٿيو.
سوال: پاڪستان جي پهرين سنڌي فلم عمر مارئي ڪڏهن رليز ٿي؟
جواب: 12 مارچ 1956ع ۾ .
سوال: سنڌي فلم عمر ماروي ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺاهي هئي؟
جواب: 1956ع ۾ سيد حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ .
سوال: بمبئي جي سئنيما ۾ سنڌي فلم عمر ماروي جو افتتاح ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: ان وقت جي وزير اعظم جواهر لال نهرو.
سوال: بمبئي جي سئنيما ۾ سنڌي فلم عمر ماروي شروع ٿي ته ڀٽائيءَ جو روضو مبارڪ ڏسي عوام عقيدت وچان اٿي بيٺو ته ڪهڙو وزير اعظم به هال ۾ اٿي بيٺو؟
جواب: جواهر لال نهرو.
مومل راڻو
سوال: راجا نند جي پيءُ ۽ امڙ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: والد جو نالو رتل راءِ ۽ امڙ جو نالو سمي.
سوال: راجا نند جو اصل نالو ڇا آهي؟
جواب: ڀوڄ. (حوالو، ڪتاب، شاهه جي ڪلام جو فلسفو، ڊاڪٽر تهمينه مفتي. ص: 101)
سوال: مومل راڻي جو واقعو ڪهڙي عيسوي سن ۾ ٿيو هو؟
جواب: 1400ع کان 1440ع واري عرصي ۾ (حوالو ڪتاب لطيف جا ٿر تان ڀيرا). هي قصو 15هين صديءَ جو. حوالو، لئج لال لطيف چئي.
سوال: شاهه سائين جي سورمي مومل جي ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: گنگ راڻي يا گنگا راڻي (حوالو ڪتاب مومل راڻو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ).
سوال: مومل جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: راجا نند، قوم گجر راٺوڙ.
سوال: مومل جو جنم سنڌؤ ڪناري ڪهڙي شهر ۾ ٿيو هو؟
جواب: ماٿيلي شهر ۾.
سوال: ماٿيلي شهر جو بنياد ڪنهن رکيو هو؟
جواب: راجا راءِ سهارس 495ع ۾.
سوال: ماٿيلي قلعي جي اڏاوت ڪهڙي عيسوي سن ۾ پوري ٿي هئي؟
جواب: 1335ع ۾ راجا نند جي وقت ۾. ٻي روايت 1395ع.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ ڪهڙا جاگرافيائي نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: لڊاڻو، ڪاڪ ۽ ماٿيلو.
سوال: راجا نند ڪهڙي علائقي جو حاڪم هو؟
جواب: ميرپور ماٿيلو جو.
سوال: مومل ۽ سومل جي ڀائرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ڪانجي سنگ ۽ مانسنگ.
سوال: راجا نند کي ڪل ڪيتريون نياڻيون هيون؟
جواب: نَوَ نياڻيون.
سوال: راجا نند جي نياڻين جا نالا ڪهڙا آهن؟
جواب: سهجان، سومل، مومل، سوڍي، سليمت، صحت، ساڏهان، سلهان ۽ مرادان.
ٻي روايت مطابق، سهجان، سومل، مومل، سوڍي، مرادان، ڪوڏ، ڪونداهي، مارکي، صحت، سونگل ۽ صفوران.
سوال: راجا نند جو خزانو ڪهڙي شخص چورايو هو؟
جواب: سامي سيتل راءِ.
سوال: راجا نند جي ڌيئرن مان ڪهڙيون ٻه ڀينرون حرفتي هيون؟
جواب: سومل ۽ مرادان.
سوال: شاهه سائين، سر مومل راڻي ۾ ڪهڙا مڪاني نالا استعمال ڪيا؟
جواب: منهن، ڇنا، ڇپر، ماڙيون، محلات، ڀتيون، ماڳ، هنڌ، سيج، آتڻ، اوطاق، کٽون، وهاڻا، پلنگ ۽ هندورا.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ جسم سان لاڳاپيل ڪيترا اسم استعمال ڪيا آهن؟
جواب: 32 اسم.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ لفظ راڻو ۽ لفظ مومل ڪيترا دفعا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: راڻو 40 دفعا ۽ لفظ مومل 24 دفعا.
سوال: ڪاڪ جو طلسماتي محل ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي مومل ڪنهن جي صلاح سان ٺهرايو هو؟
جواب: سومل جي صلاح سان.
سوال: شاهه سائينءَ سر مومل راڻي ۾ بيک مٽائيندڙ فقيرن جا ڪهڙا نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: ڪاپڙي، لوڌي، مويا، موالي، آديسي، اويسي، سناسي، جوڳي، جلالي، فيراقي، فقير، بابو، بان، بيکاري، ڀڀوت، بري، لاهوتي، سامي، پرڏيهي ۽ لانگوٽيا.
سوال: راڻي مينڌري جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪبير سوڍو / راڻو چندن سوڍو.
سوال: راجسٿاني لوڪ ڪهاڻين ۾ راڻي مينڌري جي پيءُ جو نالو ڪهڙو لکيل آهي؟
جواب: ويسلديو.
سوال: راڻو مينڌرو ڪهڙي شهر جو رهواسي هو؟
جواب: عمر ڪوٽ جو.
سوال: راڻي مينڌري جا ناناڻا ڪهڙي قوم جا هئا؟
جواب: مهياجڙ راجپوت.
سوال: راڻو مينڌرو ڪهڙي بادشاهه جو وزير هو؟
جواب: همير سومري جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي سڀني سورمين مان سڀ کان وڌيڪ حسن جي مدح ڪهڙي سورميءَ جي ڪئي آهي؟
جواب: مومل جي.
سوال: عمر ڪوٽ کان سوا ميل مفاصلي تي شاهه سائين ڪهڙي سورميءَ جي ماڙيءَ جا آثار ڏٺا هئا؟
جواب: مومل جي ماڙيءَ جا.
سوال: شاهه سائينءَ جي سورمي مومل ۽ راڻي جي وچ ۾ جدائيءَ جو سبب ڪير بڻيو؟
جواب: سومل.
سوال: سومل جو ذاتي محل ڪٿي هئو؟
جواب: سنجر پور ۾.
سوال: جاتي کور واهه روڊ تي نند ڪوٽ جي الهندي حصي ۾ مومل جي ماڙيءَ جا آثار ڪيترن فوٽن تي مشتمل آهن؟
جواب: 95 فوٽ هم چورس.
سوال: راڻي مينڌري سان ٻيا ڪهڙا جوان مومل ماڻڻ لاءِ ڪاڪ طرف روانا ٿيا هئا؟
جواب: ڏونر ڀٽي، سنهڙو ڌماچاڻي، همير سومرو ۽ راڻو مينڌرو.
سوال: ” اُڀي جو امير“ ڪنهن کي سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: سينهڙو ڌماچاڻي.
سوال: مومل پيءُ جو مال موٽائڻ لاءِ ماٿيلي کي ڇڏي ڪهڙي ماڳ تي تنبو لڳايا؟
جواب: ڳاڙهي پاڻيءَ واري وهندڙ نئن ڪاڪ جي ڪپ تي.
سوال: امرڪوٽ کان لڊاڻو اٽڪل ڪيترا ميل پري هو؟
جواب: 150 ميل (حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، ص: 207 . ڪاڪ محل کان عمر ڪوٽ 75 ڪوهه پري)
سوال: لوڍاڻو يا شهر لوڌرو جيسلمير کان ڪيترو پري هو؟
جواب: 10 ميل پري. (حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، ص: 207 . ڪاڪ جو ماڳ جيسلمير کان پنج ڪوهه پري)
سوال: لوڍاڻي شهر کي ڪيترا دروازا هئا؟
جواب: ٻارنهن دوازا هئا.
سوال: ڪاڪ ڪهڙي ٽڪر تان هڪ چشمي مان وهندي هئي؟
جواب: لڊاڻي جي ٽڪر تان هڪ چشمي مان.
سوال: مومل جي ڪاڪ ۽ لڊاڻي وارن آثارن کان جيسلمير جو شهر اٽڪل ڪيترا ڪلوميٽر پري آهي؟
جواب: اٽڪل 16 ڪلوميٽر اوڀر طرف.
سوال: ڪاڪ ۽ لڊاڻي جي ايراضي اٽڪل ڪيترن ڪلوميٽرن ۾ ڦهليل آهي؟
جواب: اٽڪل 290 ڪلوميٽرن ۾ اتر اوڀر طرف ڇتريل جي تڙ وٽ.
سوال: راڻي جو ڀڙو، عمر ڪوٽ کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: ست ميل.
سوال: مومل جي چالاڪ ۽ هوشيار ٻانهيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ناتر.
سوال: ناتر مهمانن جي مرحبا ڪهڙي طريقي ڪندي هئي؟
جواب: مهمانن جي اڳيان چڻن جي ٿالهي ۽ منجهيل سٽ جي ڦاري رکي پاڻ غائب ٿي ويندي هئي.
سوال: مومل، راڻي لاءِ ڪهڙو طعام موڪليو هو؟
جواب: حلوي جو ٿالهه .سوادي سترڇي طعام
سوال: ڇا، اسان کي زالون سمجهيو اٿو، جو اهڙو زنانو طعام اسان جي کائڻ لاءِ کڻي آئي آهين. اهي لفظ ڪنهن ۽ ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: راڻي، ناتر کي چيا هئا.
سوال: راڻي جي ساٿين مان سڀ کان پهريائين ڪهڙو شخص مومل جي طلسمي محلات وٽ پهچي پوئتي موٽيو هو؟
جواب: هيمر سومرو (تنهن کان پوءِ سنهڙو ڌماچاڻي ۽ ڏونئرو ڀٽي).
سوال: همير سومري جي ٽن خاص وزيرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ڏونئر ڀٽي، سنهڙو ڌماچاڻي ۽ راڻو مينڌرو همير جو سالو.
سوال: راڻي مينڌري جي ڪهڙي ڀيڻ سان همير سومري شادي ڪئي هئي؟
جواب: کلڻ ٻائي.
سوال: مومل راڻي جو عشقيه داستان سومرا خاندان جي ڪهڙي حاڪم جي دور جو چيو وڃي ٿو؟
جواب: همير سومري جي وقت جو.
سوال: شاهه سائين جي سورمي مومل جي طلسمي ڪاڪ محل جا آثار ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي موجود آهن؟
جواب: جيسلمير جي شهر لڊاڻي لڳ، راجسٿان واري علائقي ۾ ۽ امرڪوٽ ويجهو.
سوال: راڻي کي ڪنهن قيد ۾ وڌو هو؟
جواب: همير سومري.
سوال: راڻي کي قيد ۾ وجھڻ مهل هي لفظ ڪنهن چيا، لفظ ”تون جيڪو به طعام چوندي ان مان توکي هڪ گرهه روز ملندو“؟
جواب: همير سومري.
سوال: قيد دوران راڻي ڪهڙي طعام جي طلب ڪئي؟
جواب: پهرات ڳئون جي پهرئين ڏينهن جي پِسُ (کڙ) جوگره.
سوال: همير سومري کي روزانو، راڻي مينڌري لاءِ، ڳئون جو پِسُ ڪنهن وٽان ملندو هو؟
جواب: سارو سنگهار کان.
سوال: سومرن جو آخري حڪمران همير سومرو ڪنهن سان جنگ ڪندي مارجي ويو هو؟
جواب: سمن جي سردار ڄام هالي سان.
سوال: ڄام هالي جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: سوڍا ٻوڙ لڳ (ڪاڇيلو).
سوال: عمرڪوٽ جو حاڪم همير سومرو ٽن ڏينهن ۾ ڪيترا ميل پنڌ ڪري ڪاڪ پهتو هو؟
جواب: 150 ميل.
سوال: اونچل ڪوٽ جو شهزادو راول، مومل کي ماڻڻ ۾ ناڪام ٿيو ته ڪهڙي ڍنڍ جي ڪپ تي فقير بنجي ديرو ڄمايائين؟
جواب: ڳموري ڍنڍ جي ڪپ تي.
سوال: مومل پنهنجي طلسمي محلات واري ماڙي اندر ڪيتريون کٽون سينگاري رکيون هيون؟
جواب: ست کٽون.
سوال: مومل ڪاڪ محل ۾ ڪيترا کوهه کوٽرايا هئا ۽ انهن جي اونهائي ڪيترا فوٽ هئي؟
جواب: ڇهه کوهه، اونهائي اٽڪل هڪ سؤ فوٽ.
سوال: ماٿيلي کان ڪجهه مفاصلي تي مومل جي ماڙيءَ وارو قلعو ڪيتري اوچائيءَ تي ٺهيل هو؟
جواب: چاليهه فوٽ اوچائيءَ تي. (پنجاهه فوٽ اوچو دڙو)
سوال: مومل جي ماڙي (ڳوٺ ماٿيلو کان اٺ ميل مفاصلي تي) هي دڙو ڪيترن ايڪڙن تي ڦهليل هو؟
جواب: 15 ايڪڙن تي. ( هن وقت ٻه ايڪڙ ).
سوال: مومل جي محلات جو نالو ڇا هو؟
جواب: رنگ محل.
سوال: مومل جي لڊاڻي واري ماڙي جيسلمير کان ڪيترو پري آهي؟
جواب: 16 ڪلو ميٽر پري.
سوال: راڻو منيڌرو مومل کان رُسي ڪٿي اچي ٿاڪ ڪيو هو؟
جواب: عمرڪوٽ کان ڏکڻ طرف وهري ڳوٺ ڀرسان.
سوال: راڻي جي رُسي وڃڻ کان پوءِ مومل ڪاڪ کي الوداع چئي ڪهڙي ايراضي ۾ هڪ محلات ٺهرائي اتي رهڻ لڳي؟
جواب: ڍٽ جي ”سيريين“ واري ايراضي ۾.
سوال: ڪهڙو علائقو ٿر جو روح چيو وڃي ٿو؟
جواب: ڍٽ (حوالو، ڪتاب، مومل جي ماڙي، ص: 48)
سوال: ميرپور ماٿيلي کان لڊاڻي ۽ پوءِ عمر ڪوٽ تائين مومل سان ڪير گڏ هئي؟
جواب: ناتر.
سوال: سنڌ جي قديم راند چوپڙ جو ذڪر شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻو ۾.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ لفظ ”ڪاڪ“ سان شروع ٿيندڙ بيتن جو تعداد ڪيترو آهي؟
جواب: اٺ بيت.
سوال: لفظ ڪاڪ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: سرسبز ۽ ساوڪ وارو هنڌ.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ راڻي جي ڪردار کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: سوڍو، ڍولو، ڍاٽي ڍول، ڌوج ڌرتيءَ جا ڌڻي، راڻو، ڪامل ڌڻي، راءِ، ڍٽ ڌڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين ڪهڙيءَ سورميءَ جي تارن کي گجمير جي ڪهاڙين سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: مومل.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ سنڌ جي شالن جي سائي رنگ کي پانن سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: سر مومل راڻي ۾.
سوال: مومل ڪهڙي سال ڏاگهه تي چڙهي هئي؟
جواب: 1385ع - 1400ع (محقق. بدر ابڙو ).
سوال: مومل جي ڏاگهه چڙهڻ ۽ راڻي جو گهوڙي سميت سڙڻ جا نشان ڪٿي موجود آهن؟
جواب: سيريين واري ايراضي ۾ ”راڻي جي ڀڙي“ لڳ جنهن کي مومل جو ڀڙو به سڏيندا آهن.
سوال: صوفي فقير کان ڏکڻ طرف شاهه سائين جي ڪهڙي سورميءَ جي قبر آهي؟
جواب: مومل جي (حوالو ڪتاب-سنڌ جو شاهه).
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بيت ۾ مومل جي واتان راڻي جي ساراهه جا سخن ٻولايا آهن؟
جواب: تون ڍاٽي ڍٽ ڌڻي، ڍوليا تنهنجو ڍٽ،
پائي ترازي توريان ملڪ نه تنهنجو مٽ،
لاهي ڪسر ڪٽ، کوڙ قناتون ڪاڪ تي.
سوال: صوفي فقير شهر کان هڪ ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه پاسي هاڪڙي درياءَ جي پراڻي وهڪري جي ساڄي ڪناري تي ڪهڙي حڪمران جي ڦٽل شهر جا آثار موجود آهن؟
جواب: همير جو ڀڙو.
سوال: همير جو ڀڙو اٽڪل ڪيترن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي؟
جواب: 20 ايڪڙن جي ايراضيءَ تي.
سوال: انگريزن پاران زمينن جي سروي وقت راڻي مينڌري جي ڀڙي لاءِ ڪيترا ايڪڙ زمين رکي هئي؟
جواب: 100 ايڪڙ.
سوال: ميرپور ماٿيلي جي مکيه چونڪ ۾ شاهه سائين جو تنبورو ڪنهن ٺهرايو هو؟
جواب: ايس. ڊي. ايم. مظهر نواز شيخ.
سوال: ميرپور ماٿيلي ۾ ڀٽائي چونڪ جنهن کي ماڻهون تنبورو چونڪ سڏن ٿا، ان جو افتتاح ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪيو؟
جواب: ايس. ڊي. ايم. مظهر نواز شيخ 31 مئي 2000ع تي.
سوال: ”ڪتاب شاهه جا سر موڙ “ ان ڪتاب ۾ شاهه سائين جي ڪيترن ۽ ڪهڙن سورمن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: ڏهن سورمن جو (1) ميهار. (2) پنهون. (3) چنيسر. (4) راڻو. (5) عمر. (6) ڄام تماچي. (7) راءِ ڏياچ. (8) مورڙو. (9) امام حسن عليھ السلام. (10) امام حسين عليھ السلام.
سوال: ٺٽي شهر جي ان شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن سرمومل راڻي کي فارسي شاعريءَ ۾ لکيو؟
جواب: شاعر محمد نعيم (ترنم عشق نالي سان).
موکي متارا
سوال: موجوده ترتيب مطابق شاهه سائين جي رسالي ۾ پهرئين عورت ڪردار جو نالو ٻڌايو؟
جواب: موکي.
سوال: موکي جي قبر بابت اتان جا مقامي ماڻهون ڇا چون ٿا؟
جواب: ساقي جي مزار.
سوال: متارن جو ذڪر سڀ کان پهرين ارغونن جي دؤر جي ڪهڙي شاعر ڪيو آهي؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: موکي متارن جو واقعو اندازن ڪڏهن پيش آيو؟
جواب: 1380ع. ڪجهه ڪتابن ۾ 1450ع / 1460ع.
سوال: موکي ۽ متارا تي پهريون ڀيرو تفصيلي مقالو ڪهڙي اديب لکيو هو؟
جواب: حافظ محمد بخش خاصخيليءَ.
سوال: شاهه سائين موکي متارن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: ڀٽائي سرڪار کي موکي متارن جي ڪهاڻي ڪهڙي علائقي مان ملي هئي؟
جواب: گڏاپ مان.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعري ۾ موکي ۽ متارن جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: 96 بيتن ۾/75 بيت ۾ 56 بيتن ۽ ٻن واين ۾ ۽ 60 بيتن ۾ (مختلف رسالن جي ڪري تعداد گهٽ وڌ آهي.)
سوال: سومرن جي دور ۾ سرڪاري رکوالن کي ڇا چيو ويندو هو؟
جواب: متارا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ متارن جا ڪهڙا نعم البدل نالا بيان ڪيا آهن؟
جواب: سري جا سردار، سورهيه، مهايا، مئي جا مشتاق، سري ڌڻي، داتا، گهوٽ، اگهوري، پرين، پوشيده، پره جا پياڪ، پهيڙا، ڀتار، کنجڙيا، اڳڙيا ۽ ڪونئر.
سوال: مومل جي سڙي مرڻ کان پوءِ سندس ٻانهيءَ ناتر ڪهڙي علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي؟
جواب: گڏاپ پاسي نارا ٿر علائقي ۾. (ڪراچي)
سوال: روايتن مطابق ناتر ڪنهن سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: هيبت خاصخيلي سان. ٻي روايت محبت گولي سان.
سوال: موکيءَ جي ماءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ناتر، جيڪا مومل جي ٻانهي هئي.
سوال: ناتر کي ڪيتريون نياڻيون هيون؟
جواب: ٽي. موکي، سونگل، سڦوران. (ليکڪ، نياز سرڪي)
سوال: ناتر کي ڪل ڪيترو اولاد هو؟
جواب: ست ڌيئر هڪ پٽ مهادل (1) موکي. (2) سونل (سونگل). (3) سپرا (صفوران). (4) تائيسر. (5) مٺان. (6) الله ڦائي. (7) سکان. (حوالو، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، ص: 281 . اَٺ ڌيئرون، سونگل، دوزان، ٻائل، سورجاڻي، الله ڦائي، مٺان، سفوران ۽ موکي.)
سوال: موکيءَ جي قبر ڪهڙي هنڌ واقع آهي؟
جواب: شاهه مريد درگاهه لڳ نئين سبزي منڊي ڪوزي واٽر پارڪ ويجهو (ناڙا ٿر کان ٽي چار ڪوه اولهه طرف جتي سندس مئخانو هو).
سوال: متارن جون قبرون ڪٿي آهن؟
جواب: ناڙا ٿر ٽڪريءَ جي اولهه واري ڇيڙي تي (حوالو ڪتاب سنڌ جو شاهه ڇاپو 2000ع صفحه 306 تان ورتل) ڳوٺ گاجان بلوچ ويجهو.
سوال: عام روايتن مطابق موکيءَ وٽ اَٺ متارا ايندا هئا، هن وقت تائين انهن مان ڪهڙن متارن جي قبرن جا نشان مليا آهن؟
جواب: (1) حيدر حاجي (هالار). (2) اسحاق حاجي. (3) سمو اسماعيل. (4) قبر تي نالو نه آهي. (5) آدم. (6) يادگار اسماعيل حاجي. (7) قبر تي نالو نه آهي.
مورڙو ميربحر
سوال: شاهه سائينءَ مورڙي مير بحر جو قصو ڪهڙي سر ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر گهاتوءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙا مردَ، اعلى آدرشي ڪردارن ۾ پيش ڪيا آهن؟
جواب: لاکو ڦلاڻي، ٻيجل، راءِ ڏياچ ۽ مورڙي کي.
سوال: مورڙي عرف مورجا وڏا ڪڇ جي ڪهڙي شهر ۾ رهندا هئا؟
جواب: شهر گنڊا سنگهه ۾ (ان کان پوءِ شهر نرئي ۾ لڏو لاٿائون).
سوال: مورڙي جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: اوباهيو.
سوال: مورڙي جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڏاڏو ٻاراچ ۽ ڏاڏيءَ جو نالو سون.
سوال: مورڙي مير بحر جي اصل ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: بهليم.
سوال: مورڙي مير بحر جي ڀائرن ۽ ڀينرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: مور ۽ سيرئين هڪ ماءُ مان ۽ ٻيءَ ماءُ مان ڇهه ڀائر. حوالو، ڪتاب. لوڪ داستان سر گھاتو.
(1) پنيهر. (2) اڱاريو. (3) مانجهاندو. (4) لَلوُ. (5) سانئر. (6) هنجهه هڪ ڀينر سيرهين عرف سيرئين. ٻي جمڙي.
ٻِي روايت ۾ (1) پڙهيار يا پنهور. (2) اڱارو. (3) منارو. (4) اسماعيل. (5) مانجهاندو. (6) لاڏڪو.
سوال: مورڙي جي خاندان نرئي شهر مان لڏو کڻي سنڌ جي ڪهڙي جبل تي رهائش اختيار ڪئي هئي؟
جواب: حب نديءَ جي اوڀر ۾ سوناري جبل وٽ مهندان مياڻي ۾.
سوال: مورڙي واري دور ۾ ڪلان ڪوٽ (هاڻي ان کي ميٺا در ۽ کارا در سڏجي ٿو) تي ڪهڙي راجا جي حڪومت هئي؟
جواب: راجا ڦلوند.
سوال: ”ڪلاچيءَ جو ڪن“ ۽ گهاتوءَ جو موضوع ڪهڙي عيسوي سن ۾ شروع ٿيو؟
جواب: پندرهين صديءَ ۾.
سوال: ڪراچي کان سٺ ميل پري اوباهئي ۽ سندس پٽن ڪهڙو ڳوٺ ٻَڌو هو؟
جواب: ڳوٺ سونمياڻي.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي ساراهه ۾ ڪهڙو سر چيو آهي؟
جواب: سر گهاتو.
سوال: ڪراچيءَ تي نالو ڪراچي ڪيئن پيو يا اهو ڳوٺ ڪنهن ٻڌرايو هو؟
جواب: مائي ڪولاچي عرف ڪلاچي مهاڻيءَ. ٻيو حوالو ڪتاب سرگهاتو جي صفحه 44 تي ”ڪلاچي دودائي بلوچن مان هڪ مائي هئي، ان هي ڳوٺ ٻَڌايو هو.
سوال: راجا دلوراءِ سونمياڻيءَ مان ملندڙ ڪيترا لک محصول اوباهئي کي معاف ڪيا هئا؟
جواب: هڪ لک روپيا.
سوال: ڪلاچيءَ جوڪن ڪٿي هو جنهن ۾ خطرناڪ مانگر مڇ رهندو هو؟
جواب: هاڻوڪي منهوڙي ۽ ڪلفٽن جي وچ واري حصي ۾. ٻي روايت ڪن جو ماڳ لياري نديءَ وٽ بابا ڀٽ ٻيٽن ۾ هاڪس بي واري پاسي اونهي سمنڊ ۾.
سوال: مورڙي پنهنجا ڀائر مانگر مڇ جي پيٽ مان ڪڍڻ لاءِ لوهي ڪلن وارو پڃرو ڪهڙي لوهر کان ٺهرايو هو؟
جواب: ٻُڍل لوهر کان.
سوال: مورڙي مانگر مڇ جي منهن ۾ جيڪا ڪل (مشين) وڌي هئي ان جي ڊزائننگ ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: مورڙي پاڻ.
سوال: مانگر مڇ کي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مورڙي ڪيترا جانور جوٽيا هئا؟
جواب: 500 گهوڙيون ۽ 500 سانَ ۽ ڍَڳا ۽ ڍڳيون (حوالو لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا).
(ٻي روايت 500 سانَهه، 900 گهوڙا ۽ 100 پاڏا).
سوال: مورڙي ۽ ٻين ملاحن جيڪو خطرناڪ مانگر مڇ ماريو هو ان جو وات ڪيترا گز وڏو هو؟
جواب: سورهن گز (16) .
سوال: ڀٽائي گهوٽ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جون قبرون ڏٺيون ته کيس شيخ عبدالجليل جو ڪهڙو بيت ياد آيو هو؟
جواب: جو گهڙي سونيئي، ڪوجو قهر ڪلاچ ۾،
خبر ڪونه ڏيئي، ته رڇ ڪڄاڙيان رنڊيا.
سوال: لاڙ علائقي وارا ميربحر کي ڪهڙي نالي سان پڪاريندا هئا؟
جواب: گھاتو، گھاتوئڙا.
سوال: شاهه سائينءَ جي سورمي مورڙي جو اولاد اڄ ڪلهه ڪٿي آباد آهي؟
جواب: ڪراچي ۾ ڳوٺ شمس، ڳوٺ بابا ڀٽ ۽ ڳوٺ ابراهيم حيدري.
سوال: شاهه سائينءَ مهاڻن ۽ مير بحرن کي پنهنجي شاعري ۾ ڪهڙو لقب ڏنو آهي؟
جواب: مير.
سوال: مورڙي مير بحر جي ڀائرن جون قبرون ڪٿي آهن؟
جواب: وزير مينشن ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هڪ چوراهي ۾ ڇهن ئي ڀائرن جون قبرون آهن جن کي هاڻي گل باءِ (گل ڀائي) يا سڀ ڀائر چيو وڃي ٿو ۽ ٿورو اڳتي ٽڪريءَ تي مورڙي جي قبر آهي.
سوال: ڪلاچيءَ جي ڪپ تان ڪهڙي سال انگريز مانگرمڇ لنڊن کڻائي ويا؟
جواب: 1899ع يا 1936ع ۾. (حوالو. ڪتاب. ابيات ڀاڳو فقير ڀان. ڇاپو 1999ع. ص. 51).
سوال: مورڙو مير بحر دي فائونڊر آف ڪراچي سيمينار، ڪڏهن ۽ ڪٿي منعقد ٿيو؟
جواب: 7 مارچ 2023ع تي شمس پير گورنمينٽ ڊگري ڪاليج هاڪس بي روڊ ماڙيپور ڪراچي ۾ منعقد ٿيو.
سوال: هن سيمينار جي چوٿين نشست ۾ اسڪالرن ڪهڙي عنوان تي مقالا پڙهيا؟
جواب: مورڙو مير بحر ۽ سر گهاتو عنوان تي.
سوال: مورڙو مير بحر دي فائونڊر آف ڪراچي سيمينار، هن پروگرام جو مهمان خاص ڪير هو؟
جواب: سيد سردار علي شاهه صاحب، منسٽر تعليم ۽ ثقافت کاتو سنڌ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي قصي تي ٺاهيل فلم 9 آڪٽوبر 1981ع تي رليز ٿي؟
جواب: فلم گهاتو گهر نه آيا.
سورهيه ۽ ڏاتار
سوال: شاهه سائين ڪهڙن سرن ۾ سمن سردارن جي سخا، سورهيائي ۽ عوامي ڪردار جو خوب ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر بلاول، سر پرڀاتي، سر ڏهر، سر سورٺ، سر ڪاموڏ ۽ سر ڪارايل ۾.
سوال: سر بلاول ۾ شاهه سائينءَ ڪهڙن مشهور ڪردارن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: الا بندي يا الا دين، حاتم طائي، وڳند فقير، ڄام جکرو ڳهڙ راءِ، ڄام جکرو اوڍاڻي، ابڙو اگهام، ڄام راهو، ڄام ڪرن، ڄام اوڍر سمون، ابڙو اڙٻنگ، ڏونگر راءِ سمون ۽ يارو مل.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سورهيه يعني بهادر انسان کي ڪهڙا لقب ڏنا آهن؟
جواب: ڪوپو، ڪوڏيو، ڪونڌر، ڪونئر، سُڌر، جُنگ، پائو (پانو)، مرد، مير، متارو، مَل، مانجهي، ورنھ، ڌڱ، ماهي، بانڪو، پاونگ، وير، گهوٽ، للنگهه، راوت، جوڌو، جوان، بورائو، بهادر، پهلوان، وريام، جهونجهار، کڳمارو، سائو، سَڌو، شير، دلير، دودو، ماچ، جُود، شاهُو وغيره.
سوال: سمن مان ڪهڙا ڏهه ڏاتار مشهور ٿيا؟
جواب: وڪيو ڏاتار، جکرو جادماڻي، ڄام ڪرن، راءِ ڏياچ، راهو هوٿياڻي، ڄام انڙ، سٻڙ چوٽاڻي، ڄام لاکو، ڄام اوٺو جکراڻي ۽ هڻند ٿڌياڻي.
سوال: معمور يوسفاڻيءَ ڪهڙا ڏهه ڏاتار ڄاڻايا آهن؟
جواب: ڄام ڪرن، ابڙو اگھام، ڄام راهو، ڏياچ ويراڻي، ڄام سپڙ چوٽاڻي، ڄام جکرو اوڍاڻي، ٿانور ڀٽي، ڄام انڙ، ڄام جکرو ڳهڙ راءِ ۽ لاکو ڦلاڻي.
سوال: لسٻيلي جي روايتي تاريخ موجب سٻڙ ڄام جي خاندان جا ڪل ڪيترا سردار ٿي گذريا آهن؟
جواب: 64 سردار.
سوال: ڄام سٻڙ ڪنهنجو پٽ هو؟
جواب: ڄام چوٽا.
سوال: ڄام سٻڙ پنهنجي پٽ چوٽا کي ڪيترن گهوڙن سان روانو ڪري چيو ته، وڃي فقير کي ڏئي اچ؟
جواب: پنجاهه گهوڙن سان.
سوال: ڄام چوٽي جو مقام ڪٿي آهي؟
جواب: وندر جي ڀرسان. جتي ڄام چوٽي فقير کي گهوڙا ڏنا هئا.
سوال: شاهه سائينءَ سنڌي سورمن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سربلاول ۽ سرڏهر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو سورمو ملڪ جي گهرجائن کي گهر ويٺي دان پهچائيندو هو؟
جواب: ڄام سٻڙ چوٽاڻي.
سوال: ڍولا مارو ۾ ڪهڙا ٽي ڪردار نمايان آهن؟
جواب: ڍول (ڍولا)، مارل (مارو) ۽ امره سمره بادشاهه.
سوال: سمون ۽ ڪيريو ڪنهن جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام هٻي جا.
سوال: پنهنجي وقت جو وڏو درويش ۽ فقير ”ڄام ڀيئن سي“ ڪهڙي سخي ۽ سورهيه جو پٽ هو؟
جواب: ڄام ڏهر جو.
سوال: شاهه سائين سپڙ نالي سان ڪيترن ۽ ڪهڙن ڪردان کي ڳايو آهي؟
جواب: ٻن کي، هڪ ڄام سپڙ سمون لقب ٻيلي ڌڻي، ڀٽ ڌڻي، چوٽاڻي، ٻيو سپڙ ولد چوٽو رونجهو.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سورهيه کي ٻيلي ڌڻي سڏيو آهي؟
جواب: ڄام سپڙ چوٽاڻيءَ کي.
سوال: ڪهڙي سخي سورهيه هڪ ڏڏ مڱڻهار کي هڪ سؤ عربي گهوڙا دان ۾ ڏنا هئا؟
جواب: ڄام سپڙ.
سوال: ڄام سپڙ جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: لسٻيلي ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سخي ۽ سورهيه کي ”ڪاڇي جو ڪيسري نر“ چيو وڃي ٿو؟
جواب: ابڙي سمي کي.
سوال: ابڙي سمي کي ڪهڙن لقبن سان ياد ڪيو ويو آهي؟
جواب: هالار ڌڻي، ڪاڇي ڌڻي، باگو لاڻي ڌڻي، ڪنڊ جي ڪلاهه، جوڻا جو سردار، ڪڇ ڌڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل ڪهڙي سورهيه کي ڪڇ ۾ پيرَ جيترو درجو حاصل آهي؟
جواب: ابڙي اَڙٻنگ کي.
سوال: شاهه سائين ڏهن ڏاتارن مان سڀ کان وڌيڪ ساراهه ڪهڙي ڏاتار جي ڪئي آهي؟
جواب: ڄام جکرو اوڍاڻيءَ جي.
سوال: ڄام هوٿي کي سهڻيءَ مان ڪهڙو پٽاڻو اولاد ٿيو هو؟
جواب: ڄام ابڙو، ڄام جوڻو ۽ ڄام کيبر.
سوال: ڄام هوٿيءَ جي ڪهڙي پٽ پنهنجي سرداري ونگي ۾ قائم رکي هئي؟
جواب: ڄام جکري.
سوال: راءِ کنگهار ڪهڙي عورت تي موهت ٿيو هو؟
جواب: چينچل ريٻارڻ تي (عرف البيلي).
سوال: ڀڄ شهر ڪڇ جي ڪهڙي حاڪم ٻڌايو هو؟
جواب: راءِ کنگهار سن 1548ع ۾.
سوال: سماٽ قوم جي شجرن مان ڄام قوم جو لقب سڀ کان پهريائين ڪنهن کي مليو هو؟
جواب: ڪاڪي ولد سمي کي.
سوال: شاهه سائينءَ جاڙيجن ۽ لاکي ڦلاڻيءَ بابت بيت ڪٿي چيا؟
جواب: ڀڄ ۾.
سوال: شاهه سائين، لاکي ڦلاڻي بابت بيت ڪٿي چيا هئا؟
جواب: کڏي (گهاڙيءَ ويجهو.)
سوال: لاکو ڦلاڻي ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: مشهور سمي سردار ڄام ڦل جو.
سوال: لاکي ڦلاڻي جو اصل ڳوٺ ڪهڙو هو؟
جواب: کڏي. (حوالو، ڪتاب، سنڌ جو کارو)
سوال: لاکو ڦلاڻي، مهر راڻي سان شادي ڪري ڄڃ سنڌ ڏانهن وٺي پئي آيو ته ڪهڙي جاءِ تي سندن سمورو ڏاج پسي ويو پوءِ سمورو سامان سڀني وڻن کي اوڍايائين؟
جواب: پراڻ جي گهيڙ ( آمري جي گهيڙ وٽ ).
سوال: لاکي ڦلاڻي جي پراڻ جي وڻن کي اوڍاڻي بعد ڪهڙي سوداگر انهن وڻن کي سونا زيور پارايا هئا؟
جواب: سيف الملوڪ.
سوال: آمريءَ جي قبرستان واري آمريءَ جو ذڪر شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. آمريءَ جي وڻ کي ڪهڙي بزرگ وڍائي ڇڏيو هو؟
جواب: عبدالرحيم گرهوڙيءَ.
سوال: تون ابل سندي آمري، ڪه تون لاکي سندي لال. هن بيت ۾ ابل نالي شخص ذات جو ڪير هو؟
جواب: سومرو.
سوال: آمريءَ جو مقام ڪهڙي تعلقي ۾ آهي؟
جواب: تعلقو ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد کان اوڀر طرف ڪجهه مفاصلي تي.
سوال: سگهڙن جي روايتن موجب ”بڊام“ گهڻيون شاديون ڪيون هيون؟
جواب: چار شاديون ڪيون هيون.
سوال: بڊام کي ڪيترو ۽ ڪهڙو اولاد ٿيو؟
جواب: پهرين زال مان ٻه پٽ جوڻو ۽ ويسو، ٻي زال مان ٻه پٽ سيئرو ۽ پاچوهو، ٽين زال مان پاتوريو نالي هڪ پٽ ۽ چوٿين زال مان هڪ ڌي کيري ۽ ٻه پٽ ڦل ۽ پونرو ٿيا.
سوال: ڪهڙي سورهيه جي اولاد وٽ ڳائو مال ججهو هئو ته، مٿن سانگي نالو پئجي ويو؟
جواب: بڊام جي ٻن پٽن جوڻو ۽ ويسو وٽ.
سوال: ڪڇ ۽ راجستان کان ٿيندڙ حملن کي روڪڻ لاءِ پنري بڊاماڻيءَ ڪهڙو قلعو تعمير ڪرايو هو؟
جواب: ٻرڙائي ڪوٽ. موجوده تعلقو جهڏو.
سوال: پنري جي پيءُ بڊام جي قبر ڪٿي آهي؟
جواب: کڏهري جي اتر طرف چار ڪلوميٽر مفاصلي تي.
سوال: ڄام ڦل بڊاماڻيءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: اندازن 890ع يا 885ع ۾.
سوال: ڄام ڦل ڪهڙي بادشاهه جي ڌيءُ سان شادي ڪئي؟
جواب: اُتم راءِ جي ڌيءُ ڀوري پدمڙي سان. لوڪ روايتن موجب پائر جي ڪرڌر ريٻاريءَ جي ڌيءُ سونل، ڄام ڦل پرڻيو جنهن جي پيٽان ڄام لاکو ڄائو.
سوال: ڄام لاکو ڪهڙي عيسوي سن ۾ ڄائو هو؟
جواب: 20-918ع ۾ ۽ وفات 976ع ۽ 979ع ( ڪجهه ڪتابن مطابق جنم 866ع ۽ لاڏاڻو 955ع ).
سوال: ڄام لاکو ڪهڙي سبب جي ڪري لوڙائو يعني ڌاڙيل ٿيو هو؟
جواب: ريٻارن سندس دوست جُسو ۽ جُسراج کي قتل ڪيو ان ڪري.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورهيه ڏاتار کي هڪ کوهه مان سون جو پتلو هٿ آيو هو؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ کي.
سوال: لاکو ڦلاڻي ڪنهن کان کماچ تي راڳ ٻڌندو هو؟
جواب: مهر کي ڏاج ۾ مليل مڱڻهار کان.
سوال: ڪهڙو سخي سورمو روزانو هڪ لک پنجويهه هزار غريبن ۾ ورهائيندو هو؟
جواب: ڄام لاکو ڦلاڻي.
سوال: لاکي ڦلاڻي جي آخري دور ۾ گجرات جو حاڪم ڪهڙو هو؟
جواب: مولراج سولنڪي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سورمو ڪڇ جي شاعرن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو؟
جواب: لاکو ڦلاڻي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ڏاتار کي حرص پسند سڏيو آهي؟
جواب: لاکو ڦلاڻي کي.
سوال: شاهه جو سورمو لاکو ڦُلاڻي، بدين ضلعي جي ڪهڙي تمام پراڻي شهر ۾ پنهنجن دوستن وٽ هميشه پيو ايندو هو؟
جواب: گهاڙي شهر ۾.
سوال: ان مشهور پهلوان ۽ سورهيه جو نالو ٻڌايو جيڪو سنڌ جي ستن سورهين ۾ پهريون سورهيه سردار چيو وڃي ٿو؟
جواب: پونرو ولد بڊام چنو (حوالو ڪتاب ڀٽائيءَ جو مطالعو صفحه 77).
سوال: وارهه تعلقن جي سرحد تي ايف. پي. بند جي اولهه ۾ بڊام ڍنڍ جي وچ ۾ بڊام جو ڪوٽ ڪيترن ايڪڙن تي پکڙيل آهي؟
جواب: چئن ايڪڙن تي.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ لاکي ڦلاڻيءَ سان گڏ ٻين ڪهڙن ڪردارن، ذاتين ۽ قبيلن جو ذڪر اچي ٿو؟
جواب: جاڙيجا، سما، اوڏ، ريٻاڙي، چاوڙا، راجپوت، راءِ کنگهار، جيسر (جسو) جئسراج، جسوڌن، پنرو بڊاماڻي وغيره.
سوال: لاکي ڦلاڻي عوام لاءِ ڪهڙن نالن سان ڪڇ ڀڄ ۾ ٻه تلاءَ ٺهرايا هئا؟
جواب: لاکا راءُ تلاءُ ٻيو بيلي راءُ تلاءُ.
سوال: لاکي ڦلاڻي جو راءِ کنگهار سان ڪهڙو رشتو هو؟
جواب: لاکو ڦلاڻي، راءَ کنگهار جو ڀاڻج هو.
سوال: ڪهڙو سورهيه ڏاتار اٺين اٺين ڏينهن پنهنجي راڻين کي گهرائي انهن کان پڇندو هو ته مون کان وڌ سنڌ ملڪ ۾ ڪو سخي آهي؟
جواب: ڄام لاکو.
سوال: ڄام لاکي سنڌ ملڪ ۾ پڙهو ڄارائي چارڻن، منگتن کي گهرائي پڇيو ته هن ملڪ ۾ مون جهڙو ڪو سخي آهي، ته کيس سمنگ چارڻ ڪهڙو جواب ڏنو؟
جواب: سمنگ چارڻ چيو اسان جي ملڪ ۾ ڏهه ڏاتار ڳڻڀا آهن. پهريون. سخي سپڙ چوٽاڻي ڏاتار. ٻيو. ڄام اونو ڏاتار. ٽيون. وينجهو ڏاتار. چوٿون. وڪيو ڏاتار. پنجون. جکرو ڏاتار. ڇهون. سمون هڻند ٿڌياڻي ڏاتار. ستون. ڄام اوڍاڻي جکرو ڏاتار. اٺون. ڄام ڪرن ڏاتار. نائون. راءِ ڏياچ ڏاتار. ڏهون. ڄام لاکا تون آهين.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل ڪردار لاکو ڦلاڻي جي درٻاري شاعر جو نالو ٻڌايو؟
جواب: سمنگ چارڻ (ڪيرا ڪوٽ جو ويٺل هو).
سوال: سمنگ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: سؤ مڱيندڙ.
سوال: ڄام وڪيي جي ڪهڙي علائقي ۾ تمام گهڻا پيرو ٿيندا هئا؟
جواب: چينائي ٻيلي ۾.
سوال: آزمائش وٺڻ لاءِ سمنگ چارڻ ڪهڙي سورهيه ڏاتار کان اڻ مندائتا پيرون گهريا ۽ اهو به چيو ته جي اوهان سوال پورو نه ڪندا ته آءُ ڄام وڪئي وٽ ويندس؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ کان.
سوال: هي لفظ لاکي ڦلاڻي کي ڪنهن چيا هئا ”ڄام وڪئي ڏانهن وڃ اتان پيرون آڻي ڏي يا وڪئي ڏاتار جو سر آڻي ڏي نه ته تنهنجي سر جو خير ڪونهي“ ؟
جواب: سمنگ چارڻ کي.
سوال: سمنگ چارڻ، وڪئي ڏاتار کان اڻ مندائتا پيرون گهريا ته، وڪئي سندس سوال ڪيئن پورو ڪيو هو؟
جواب: سون جا پيرون گهڙائي انهن مٿان ماکيءَ جي مَڌ جي چاش چاڙهائي اهي پيرون سمنگ کي ڏيئي لاکي ڏانهن روانو ڪيائينس.
سوال: سمنگ چارڻ کي پاراتو ڏيندي ڪهڙي ڏاتار چيو ”اڙي ڪوڙهيا ڏاتارن کان اهڙا اڻ مندائتا ڏان گهرڻ کپن ڇا“ ؟
جواب: وڪئي ڏاتار.
سوال: هي لفظَ ڪهڙي ڏاتار چيا هئا ”مون کي جيڪو بابي جي وفات جي خبر ڏيندو تنهن جي زبان ڪپائي ڇڏيندس“؟
جواب: لاکي ڦلاڻيءَ.
سوال: لاکي ڦلاڻي پنهنجي نالي ٿيل عورت مهر راڻي کان منهن موڙي ڪهڙي اوڏڻ سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: جسمان اوڏڻ عرف ٻاجهه سان.
سوال: جسمان اوڏڻ ڪهڙي شهر جي هئي؟
جواب: ڪڍڻ شهر جي.
سوال: لاکو ڦلاڻي پنهنجي سواريءَ لاءِ ڪهڙي رنگ جي گهوڙي استعمال ڪندو هو؟
جواب: ڪاري رنگ جي.
سوال: جسمان اوڏڻ ڀڄ تعلقي ۾ لاکي ڦلاڻي لاءِ ڪيرو ڪوٽ ٺاهيو هو، توهان ان عورت جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: بيلي اوڏ.
سوال: لاکي ڦلاڻيءَ جو دور ڪهڙي عيسوي سن کان ڪيستائين چيو وڃي ٿو؟
جواب: 920ع کان 978ع تائين (ٻي روايت 1200ع کان 1350ع تائين).
سوال: ڪهڙي حڪمران جي قهري ڪارواين سبب ٿانور ڀٽي راجا، مان رعيت سميت فقير بنيو؟
جواب: محمود غزنوي جي حملي سبب.
سوال: ٿانور ڀٽي جي والد ۽ امڙ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: والد راجا سارنگ راءِ، والده راڻي چترا ديوي.
سوال: ٿانور داس ڀٽي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 990ع ڌاري.
سوال: ٿانور ڀٽي ڪهڙي عيسوي سال راجا ٿيو؟
جواب: 1005ع ۾.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ کي، سندس ڪهڙي ظالم ڀاءُ جي، موت کان پوءِ حڪومت ملي؟
جواب: سانڀر ڀٽي جي موت کان پوءِ.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ کي ڪيترا ڀائر هئا؟
جواب: ٽي. سانڀر، ٿانور ۽ دوليءَ ڀٽي.
سوال: ڪهڙي سخيءَ جي گهڻي سخاوت ۾ گنج لٽائڻ جي ڪري سندس گاديءَ جو شهر ”گنج گوندي“ سڏجڻ لڳو؟
جواب: ٿانور ڀٽي جي.
سوال: ٿانور ڀٽي ڪيترا مهينا گنج گوندي ۾ گذاريندو هو؟
جواب: اٺ مهينا ۽ برساتن وارا چار مهينا هاڪڙي درياءَ جي ڪپ تي.
سوال: ٿانور ڀٽيءَ جي پتنيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: منيل ديوي عرف مڌهومتي. (حوالو، ڪتاب، سنڌ جي سڳنڌ)
سوال: ساموئي يا سما ننگر جي مذڪور شهر جو باني ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: ڄام انڙ جي والد ڄام لاکو کي.
سوال: انڙ بن سمون کي ڪيترا پٽ هئا؟
جواب: 28. حوالو، ڪتاب. سر پرڀاتي، ص، 138.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سورمي کي سنڌ جي سگهڙن انڙ وير ڪوٺيو آهي؟
جواب: ڄام انڙ کي.
سوال: ڄام انڙ ڪهڙي پرڳڻي جو حاڪم هو؟
جواب: ڌيرڪ پرڳڻي جو (سندس گاديءَ جو هنڌ ساموئي يا سما ننگر).
سوال: ڪهڙي سورهيه سج اڀرڻ ٽاڻي اٺ ڪروڙ جو سوالين کي دان ڏنو؟
جواب: ڄام انڙ.
سوال: ڄام انڙ کان پوءِ ڏهين صديءَ جي وچ تائين سندس ڪهڙي سپوت پٽ جي سرداري هئي؟
جواب: ڄام تماچي عرف ڄام سمي جي.
سوال: ڄام جکرو ڳهڙ راءِ ڪٿي رهندو هو؟
جواب: لاڙ جي پاتار بندر تي.
سوال: ڄام جکري جو تخت گاهه ڪٿي هو؟
جواب: پاتار شهر ۾. (آثار تعلقي ڏيپلي جي کاڙڪ تپي ۾ ).
سوال: ڄام جکرو ولد ڄام سمي جو شجرو ڪهڙيءَ ريت آهي؟
جواب: ڄام جکرو ولد ڄام سمون ولد انڙ ولد لاکيار ولد اوڍ.
سوال: ڄام جکري اوڍاڻي جي پيءُ جو نالو ٻڌايو؟
جواب: پيءُ جو نالو اوڍو ڪيهر ۽ ماءُ جو نالو هوٿل پري. (حوالو، ڪتاب. ست سورهيه ڏهه ڏاتار، ص. 67 ).
سوال: هوٿل نڱامري ڪهڙي شهر جي رهاڪو هئي؟
جواب: پارڪر جي.
سوال: ڄام جکرو اوڍاڻي ڪهڙي علائقي جو حاڪم هو؟
جواب: پارڪر ۽ پائر علائقي جو.
سوال: نهٽي شهر ڪنهن ٻڌايو هو؟
جواب: راءِ جکري.
سوال: جکري جي زماني ۾ نهٽي شهر ۾ ڪيترا هٽ هوندا هئا؟
جواب: 900.
سوال: ڪهڙي سخي ڏاتار کي لطيف سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ حاتم ڪوٺيو آهي؟
جواب: ڄام جکري اوڍياڻي کي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ سکر جي سونهن جي تعريف ڪئي آهي، سکر ڪنهن جي ڌيءُ هئي؟
جواب: ڄام جکري اوڍي جي.
سوال: جادم جکري کي ڪيترا ۽ ڪهڙا پٽ هئا؟
جواب: پنج پٽ، هشبت، نر پٽ، گج پٽ، ڀو پٽ ۽ ڳوهڙ راءِ.
سوال: ڄام راهوءَ کان پوءِ سندس ڪهڙو پٽ گادي نشين ٿيو؟
جواب: ڄام داسڙو.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ بيان ڪيل چئن سخي، ڏاتارن جا نالا ٻڌايو جيڪي راڳ ۽ ڪيرت جا تمام گهڻا قدر دان هئا؟
جواب: راءِ ڏياچ، ڄام سٻڙ چوٽاڻي، ڄام لاکو ڦلاڻي، ڄام انڙ.
سوال: ڄام سٻڙ کان پوءِ سندس گادي نشين ڪير ٿيو هو؟
جواب: ڄام وڪيو.
سوال: ڄام وڪيو ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: پنري جو (حوالو، ڪتاب. ست سورهيه ڏهه ڏاتار، ص. 38 )
سوال: گهاگهرا وادي ۾ قديم زماني جو هڪ اعلى ثقافتي مرڪز ”رنگ محل“ ڪهڙي حڪمران جو مضبوط قلعو هو؟
جواب: وڪيي.
سوال: ماڻڪ، ڦل ۽ وڌو ڪنهن جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام وڪئي جا.
سوال: شاهه سائينءَ رڻمل راٺوڙ جي تعريف ڪهڙي سر ۾ ڪئي آهي؟
جواب: سر ڍولامارو ۾.
سوال: پکوٿر ديهه ولهاري جي ڪهڙي وڏي بزرگ کي شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڳايو آهي؟
جواب: ڄام اوڍر سمون.
سوال: جڏهن سومرن جون سامون دودي جي مارجڻ کان پوءِ ڪڇ ڏانهن پئي ويون ته انهن جي آجيان ڪهڙي سورهيه ڪئي هئي؟
جواب: ڄام اوڍر سمي.
سوال: ڄام اوڍر سمون، علاءُ الدين جي فوج سان ڪيترا ڏينهن مسلسل جنگ ڪري سر ڏئي سرهو ٿيو؟
جواب: 10 ڏينهن.
سوال: دودي چنيسر جي جنگ دوران ڀاڳو ڀان هٿان سومريون (سامون ٿي) سڀ کان پهريائين ڪهڙي سورهيه وٽ پهتيون هيون؟
جواب: ابڙو اجيت اڙٻنگ وٽ. ( ابڙي الفاڻي سومرن جون سامون جهليون، حوالو. ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن، ص. 164 ).
سوال: سومرن جون ڪيتريون سامون ابڙي جي پناهه ۾ رهيون؟
جواب: اڍائي لک. (حوالو. ڪتاب. ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن ).
سوال: ڄام اوڍي جو ڪهڙو پٽ علاؤالدين جي فوج سان مسلسل ڏهه ڏينهن جنگ لڙيو ۽ يارهين ڏينهن سر ڏيئي سرهو ٿيو؟
جواب: ڄام اوڍر.
سوال: مشهور سورهيه سردار ابڙو اڙٻنگ ڪهڙي علائقي جو والي هو؟
جواب: ڪڇ جي وڏ سر جو.
سوال: دودي ۽ علاؤالدين جي جنگ ڪڏهن لڳي هئي؟
جواب: 1313ع ۾.
سوال: شهيد دودي سومري جي 709هين عرس جون تقريبون روپا ماڙيءَ ۾ ڪهڙي تاريخ ۽ مهيني ۾ ملهايون ويون؟
جواب: 11، 12، 13 فيبروري 2022ع.
سوال: ڄام ابڙي جي ڪري ڪڇ جي اولهه حصي جو نالو ڪهڙو سڏجڻ لڳو؟
جواب: ابڙا سيون.
سوال: هالار وارو پاسو جڏهن ڄام ابڙي جي قبضي ۾ آيو ته ابڙي کي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويو؟
جواب: هالار ڌڻي.
سوال: پراڻ جي مشهور ڪهاڻين مان سڀني کان پراڻي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟
جواب: بروئي ۽ رپ جي ڪهاڻي.
سوال: شاهه سائين جي سورميءَ رِپَ جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪلياڻ بادشاهه (ڪلات جو والي).
سوال: بروو ۽ رپ جي عشقيه داستان جا اشارا لطيف سائين ڪهڙن سرن ۾ بيان ڪيا آهن؟
جواب: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، رپ، بروو سنڌي، بروو هندي ۽ بلاول ۾.
سوال: شاهه جي رسالي جو اهم ڪردار بروو سنڌي ڪٿي رهندو هو؟
جواب: بروڙ جو دڙو (هي آثار فضل ڀنڀري کان 2 ڪلوميٽر پنڌ تي 32 ايڪڙن تي پکڙيل دڙي جي شڪل ۾ موجود).
سوال: قديم آثار بروڙ جو دڙو ڪيترن ايڪڙن تي پکڙيل آهي؟
جواب: 32 ايڪڙن تي.
سوال: ڄام ڪارايل ولد ڄام پينگهر سمون ڪٿي جو رهاڪو هو؟
جواب: ڪڇ جي گرڙيي ابڙاسي جو.
سوال: ڪهڙي ڏاتار کي ڪڇ ۽ سنڌ جا ماڻهو سُرهو چور ڪوٺيندا هئا؟
جواب: ڪارائڙو ڪونڌر کي.
سوال: ڪارائڙو ڪڇ کي الوداع چئي ٿرپارڪر ضلعي جي ڪهڙي ايراضيءَ ۾ رهندو هو؟
جواب: ناري واري ايراضيءَ ۾.
سوال: ڪارائڙي ڪونڌر جي ونيءَ جو نالو ڇا هو؟
جواب: ڪپوري (ڌي ساري سنگهار جي).
سوال: ڪپوريءَ پنهنجي شاديءَ جو ڪهڙو شرط رکيو هو؟
جواب: منهنجو ور اهو ٿيندو جيڪو ستن سانن ڪڍڻ وارو چڙوا ڪيلي سر ڪڍي ڏيکاريندو (اهو شرط ڪارائڙي پورو ڪيو هو).
سوال: ڪارايل ۽ ڪپوري شاديءَ کان پوءِ ڪهڙي ڳوٺ ۾ رهيا هئا؟
جواب: پولڙيا ڳوٺ ۾.
سوال: وينجهار ڪهڙي مشهور ڏاتار جو پٽ هو؟
جواب: ڪارايل جو.
سوال: نبي سر واري ايراضيءَ ۾ ڪهڙا چار مشهور تلاءَ ساري سنگهار ڏانهن مشهور آهن؟
جواب: ڀيماسر، صاحب تڙ، ليٽڪو ۽ نهٽو.
سوال: ڪارائڙي ڄام، ساري سنگهار جي ڪهڙين ٻن ڌيئرن سان شادي ڪئي هئي؟
جواب: مچاچل ۽ ڪپورئين سان.
سوال: سنگهار جي تربت ڪٿي آهي؟
جواب: هندستان جي شهر راءِ پور ۾.
سوال: لفظ سارو سنگهار جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: ڀاڳين جو بادشاهه .
سوال: سنگهار سومرو ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: دودي وڏي جو پٽ. ( حوالو. مقالو. شاهه ۽ ڪڇ، ليکڪ. محمد سومار شيخ ).
سوال: ڪهڙي شخص چيو هو ته منهنجي مال جو سمورو کير جمعي جي رات غريبن ۾ خيرات ڪيو وڃي؟
جواب: سنگهار سومري.
سوال: شاهه عنايت رضويءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ همون ئاڻي ڪنهن کي سڏيو آهي؟
جواب: سورهيه ڏاتار ڄام ڪرن کي.
سوال: ڄام ڪرن ڪهڙي ايراضيءَ جو حاڪم هو؟
جواب: ناري پٽ جي سونپور واري ايراضي جو.
سوال: ڄام ڪرن ڪيترو عرصو حاڪم رهيو؟
جواب: ڏيڍ ڏينهن. (محقق. غلام محمد لاکو ).
سوال: آڳاٽي دور ۾ جيڪو به سردار ڏاتاري جي دعوى ڪندو هو ته ڪهڙا پورهيت ان جو امتحان وٺڻ لاءِ پهچي ويندي هئا؟
جواب: چارڻ، ڀاٽي، ڀان ۽ مڱڻهار.
سوال: جنهن ڏاتار کان جيڪر ڪنهن سائل جو سوال پورو نه ٿي سگهندو هو ته ڏاتار ڇا ڪندو هو؟
جواب: بنا دير پنهنجو سر ڏيندو هو.
سوال: ابڙي اگهام جي رهائش ڪٿي هئي؟
جواب: پارڪر جي چوٽاڻ جي پٽ ۾.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سخي ڏاتار واٽ ويندڙ مسافرن جي جاچ ڪندو هو ته انهن مان ڪو بکيو ۽ اڃيو ته نه رهجي ويو آ ؟
جواب: ڄام ابڙو اگهام.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن ٽن سخي سردارن جي سخاوت ۽ ڏاتاريءَ کي برابر سمجهيو آهي؟
جواب: ڄام ابڙو اگهام، ڄام سٻڙ، ڄام جکرو اوڍاڻي کي.
سوال: ڄام راهو ڪهڙي مشهور حاڪم جو پٽ هو؟
جواب: ڄام تماچي عرف ڄام سمي جو پٽ هو (ڄام انڙ جو پوٽو).
سوال: ڄام راهو ڪهڙي پرڳڻي جو رهاڪو هو؟
جواب: ڌيرڪ پرڳڻي جو (ٻي روايت راهوڪيءَ جو).
سوال: شاهه صاحب سمن جي گاديءَ واري شهر محمد طور جو ذڪر ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: بيت- جڏهن ڍاڳي ڍور، ٻئي وهن ٻلهيار،
تڏهن تازڙين طور، هئي جسوڌڻ سين.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل ڪردار ساري سنگهار کي ڪيترو اولاد هو؟
جواب: ٻه ڌيئر ۽ چار پٽ.
سوال: مهڙ، منائي (مناهين) ۽ انڙ انڙاڻي شاهه سائين جي ڪهڙي سورهيه ڏاتار جا پٽ هئا؟
جواب: ڄام انڙ سمي جا.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سخي جي سخاوت لاءِ چيو ته ”هن جي سخاوت ارڙهن هزار حاتمن کي ڍڪي ڇڏيو آهي“؟
جواب: سخي جادم جکري جي سخاوت. (سر بلاول ۾.)
سوال: ڪهڙو سخي مڙني سمن جو ابو ليکجي ٿو؟
جواب: سخي جادم جکرو.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سورمو چئن قلعن جو ڌڻي هو؟
جواب: ڄام ڳهڙ.
سوال: شاهه سائين ڍول ۽ مارئي جي ڪهاڻي ڪهڙي علائقي ۾ ٻڌي هئي؟
جواب: سيريين (ڍٽ علائقي ۾).
سوال: ڍول ۽ مارل جي واقعي کان لڳ ڀڳ ڪيترا سال پوءِ عمر مارئي جو واقعو رونما ٿيو؟
جواب: ٻه سؤ سال پوءِ.
سوال: ڪهڙي شخص ڍول جي زال مارل کي کڻي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو هو؟
جواب: همير سومري. ( پهريون ). هاڃو ڪيو همير با الله نئي ٿو بند ۾ !
سوال: ڪهڙي محقق جي تحقيق مطابق، مارئي جي سر ۾ جيڪي بيت ”ور“ يا ”ڪانڌ“ جي نالي سان آهن، اهي سڀ ڍولي ۽ مارئي سان وابسته آهن؟
جواب: معمور يوسفاڻيءَ .
سوال: شاهه سائين جي سر ڍول مارئي جي ڪردار مارئي جي پيءُ جو نالو ڇا هو؟
جواب: راجا پينگڙ.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن ٻن راجائن جي قصي کي سامهون رکي سر ڍولا مارو جوڙيو هو؟
جواب: راجا نڙ ۽ راجا پينگڙ جي قصي کي.
سوال: شاهه سائين جي سر ڍول مارئي جي ڪردار ڍولو عرف ڍول ڪهڙي حڪمران جو پٽ هو؟
جواب: راجا نڙ جو.
سوال: راجا نڙ ۽ راجا پينگڙ ڪهڙن علائقن جا راجا هئا؟
جواب: راجا نڙ اوجڻ نگر جو ۽ راجا پينگڙ، پونگڙ گڊهه جو.
سوال: ڄام ڏهر جي شهر ڏهر جا آثار ڪٿي موجود آهن؟
جواب: ڏيپلي تعلقي جي ٻلهياري ۽ راحمڪي بازار جي وچ ۾.
سوال: ڄام ڏهر عرف ڏاهر پنهنجي نالي سان شهر ڪهڙي علائقي ۾ جوڙايو هو؟
جواب: وَٽِ واري سهڻي علائقي ۾.
سوال: جسوتڻ بادشاهه ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: مهڙ بادشاهه جو.
سوال: جسوڌڻ کي ڪيتريون نياڻيون هيون ۽ انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ٻه نياڻيو، سهڻي ۽ سانجهي.
سوال: جکري کي سانجهيءَ مان ڪهڙو پٽاڻو اولاد ٿيو هو؟
جواب: فقط ٻه پٽ، ساند ۽ ٿيٻو.
سوال: 14 جون 1870ع ۾ قصو وڪيي ڏاتار جو ڪنهن ٺاهي تيار ڪري ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو هو؟
جواب: آخوند عبدالرحيم.
سوال: سيد صالح محمد شاهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪهڙي سال، شاهه سائينءَ جا بيت تحت اللفظ رڪارڊ ڪرايا؟
جواب: 1979ع ۾.
سوال: سيد صالح محمد شاهه ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي شاهه جي ستن سورمين تي لکيل ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. اهي ڊراما ڪنهن لکيا ۽ ڪنهن پيش ڪيا؟
جواب: مشتاق چنگيزي لکيا ۽ جهانگير قريشيءَ پيش ڪيا.
سوال: ڊرامن جو سلسلو شاهه جا سورما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيا، اهي ڪنهن تحرير ڪيا هئا؟
جواب: سيد ماڪن شاهه رضوي.
سوال: شاهه سائينءَ ستن سورمين کان علاوه ٻين ڪيترين عورتن جا ذاتي ۽ صفاتي نالا پنهنجي رسالي ۾ بيان ڪيا آهن؟
جواب: 22 عورتن جا.
سوال: ڪهڙي ليکڪا پنهنجي مقالي ۾ شاهه لطيف جا 34 سورما ڳڻيا آهن؟
جواب: رقيه عامر.