شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ وهڪرن، بندرن، ڍنڍن، ڍورن ۽ ندين بابت
جواب: پٽيهل، جهول، ڍاڳي، ڍار ، ڍليار ، ڍورو ۽ پراڻ. (حوالو، ڪتاب، ڪنڌي ڪونئر ٽڙن. ص: 220)
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جي ڪيترن وهڪرن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 17 وهڪرن جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ عربي سمنڊ ۽ سنڌو نديءَ کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: عربي سمنڊ کي کارو ۽ سنڌو نديءَ کي مٺو.
سوال: شاهه سائين مهراڻ درياءَ جو ذڪر ڪهڙن ستن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: آسا، گهاتو، ڪارايل، سهڻي، ديسي، سامونڊي ۽ سريراڳ ۾.
سوال: تاريخ طاهريءَ موجب، سنڌو درياءَ مان ڪهڙيون ٽي شاخون ڦٽي وهنديون هيون؟
جواب: واهند، دامن، هاڪڙا.
سوال: ڪهڙو وهڪرو مهراڻ يا دامن درياءَ مان ڦٽي نڪرندو هو؟
جواب: ڍورجو وهڪرو (ان جو ذڪر سر ڏهر جي ٻارهن بيتن ۾ ملي ٿو).
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل نار واري وهڪري کي قديم دور جي شاعرن، ڪهڙي نالي سان ڳايو آهي؟
جواب: هاڪڙي جي نالي.
سوال: شاهه سائينءَ نارَ وهڪري جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۽ سر سارنگ ۾.
نيئي نهاريم نار پرت پراڻي نه ٿئي،
ويچارا سنگهار، ڪنهن ساٿيءَ جي سانگ ويا.
سوال: راجا انيراءِ جي ٻيجل سان ملاقات ڪٿي ٿي هئي؟
جواب: نار درياءَ جي ڪناري تي تپه بلغاءِ ديهه ڏگڪي ۾.
سوال: ”نارو“ هن وهڪري جو ذڪر شاهه صاحب ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: روضي تان رسول جي ڪيو وڄڙين وارو،
ڀريائين ڀير پئي نظر سين نارو. (سر سارنگ)
سوال: ڪهڙي وهڪري جون شاخون اولهه ۽ اوڀر کان ڦٽي ريڻي درياءَ، پراڻ درياءَ ۽ دامن درياءَ جي وهڪرن ۾ داخل ٿينديون هيون؟
جواب: نارو وهڪري جون شاخون.
سوال: ڀوريءَ جي شهر جا آثار ڪهڙي وهڪري جي ڪناري سان آهن؟
جواب: نار جي وهڪري. (تعلقو ٽنڊو الهه يار).
سوال: روايتن موجب ڍاڳي ڪهڙي درياءَ جي ڇاڙ هئي؟
جواب: هاڪڙي درياءَ جي.
سوال: ڍاڳي وهڪرو قديم دور ۾ ڪهڙي نالي سان مشهور هو؟
جواب: دامن نالي سان يعني دامن درياءُ.
سوال: ڍاڳي يا ڍاڪي وهڪرو جو ذڪر شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾ (کاري ۾ داخل ٿيندو هو).
جڏهن ڍاڳي ۽ ڍور ٿي ٻئي وهيا ٻلهيار ۾،
تڏهن تازڙين طور، هئي جسوڌڻ سين.
سوال: قديم دور ۾ ڍاڳي ۽ ڍور واري سموري ايراضيءَ ڇا ڪوٺيو ويندو هو؟
جواب: ڍور جي ڌرتي.
سوال: شاهه سائينءَ لوهاڻو (لوهاڻي) درياءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جهول وهڪري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻي ۾.
سوال: عرب دور ۾ ڏهريڙي عرف دهليله جو مشهور قلعو ڪهڙي نهر جي ڪناري تي هو؟
جواب: جهول جي ڪناري تي.
سوال: ڪهڙو درياءُ عمرڪوٽ جي ڀرسان آمراڻيءَ وٽان ٻن شاخن ۾ ورهائجي ويندو هو؟
جواب: مهراڻ درياءُ.
سوال: پراڻ ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي؟
جواب: يوناني (سنسڪرت).
سوال: پراڻ درياءُ جي تاريخ ڪيتري پراڻي آهي؟
جواب: 4000 ق. م.
سوال: پراڻ درياءَ جي شروعات ڪشمور کان ٿي، نئين ڪوٽ کان وڃي ڪٿي دنگ ڪندي هئي؟
جواب: رڻ ڪڇ ۾. (اروڙ کان شروعات رڻ ڪڇ ۾ ڇوڙ. محقق. مشڪور ڦلڪارو ).
سوال: پراڻ يا لوهاڻو نديءَ کي عربن ڪهڙي نالي سان سڏيو آهي؟
جواب: مهراڻ درياءُ.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ پراڻ جي ٻنهي پاسن کان ڪاڪ کان بڊام تائين ڪهڙي ذات وارن جي اڪثريت هئي؟
جواب: دل ذات.
سوال: ڪهڙي شخص ڪڇ جي ويجهو پراڻ درياءَ جي ڀرسان هڪ مضبوط پٿرائون قلعو ٺهرايو هو؟
جواب: ڪانجيءَ.
سوال: ڪهڙي جاگرافيائي عالم پراڻ وهڪري جو اصل نالو لوڻي لکيو آهي؟
جواب: رٽر RITTER
سوال: ماهرن مطابق 3 هزار سال اڳ ڪهڙي ندي ننگر پارڪر مان وهي اچي ڪوري نار ۾ پوندي هئي؟
جواب: لوڻي (روايت مطابق لوڻي شهر ۽ لوڻو بندر به هئو.)
سوال: شاهه سائين لوڻي نديءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: ڪڇ ۽ سنڌ جو پاڻ ۾ واپاري رابطو ڪهڙي درياءَ ذريعي ٿيندو هو؟
جواب: پراڻ درياءَ ذريعي.
سوال: پراڻ درياءَ کي ميرپورخاص کان ڪهڙي شهر تائين پراڻ جي نالي سان سڏين ٿا؟
جواب: نئين ڪوٽ تائين.
سوال: پراڻ درياءُ ميرپور خاص کان رڻ تائين ڪيترن ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي؟
جواب: چار سؤ ڪلوميٽر.
سوال: پراڻ درياءَ جا ڪيترا ڍورا هئا؟
جواب: ويهارو ڍورا.
سوال: شاهه سائين جي ڪيترن سرن ۾ پراڻ جي تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: چئن سرن ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪيترن سرن ۾ پراڻ درياءَ جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: ٽن سرن ۾. سر سارنگ، ڏهر ۽ مارئي.
سوال: شاهه سائينءَ پراڻ جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: 25 بيتن ۾.
سوال: پراڻ درياءَ جا مشهور بندر ڪهڙا هئا؟
جواب: علي بندر، وڳهه ڪوٽ وارو بندر، ديبل بندر، لکپت وارو بندر ۽ سنڌڙي بندر.
ڪتاب، سنڌ جو کارو ، ص: 81 . ونگو پتڻ، باغ جو پتڻ، رحمڪي بازار ، علي بندر ۽ سنڌڙي بندر.
سوال: ڄار پتڻ ڪهڙي درياءَ جو مشهور پتڻ هو؟
جواب: پراڻ درياءَ جو.
سوال: ڪهڙي نديءَ جي ڪنارن سان سوا لک ولين بزرگن جون آرامگاهون آهن؟
جواب: پراڻ نديءَ جي ڪنارن سان.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي درياءَ کي مخاطب ٿيندي چيو ته، تون ڇٽيهه جڳ سنڀرين؟
جواب: پراڻ درياءَ کي.
سوال: ڪهڙي بزرگ پراڻ جي پيرن جي خدمت ۾ سڄي عمر گذاري؟
جواب: جکرو ننڌو (سندس مزار آمري جي قبرستان ۾ ).
سوال: ڪهڙي نالي پويان علي بندر مشهور ٿيو؟
جواب: علي نوتيار جي نالي پويان.
سوال: 1799ع ۾ علي بندر وٽ وڏو بند ڪنهن ٻڌايو هو؟
جواب: امير فتح علي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ٻلهيار ڍنڍ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائين کي لاکي ڦلاڻي جي وڻن تي اوڍاڻيءَ وارو قصو معلوم ٿيو ته ڪهڙو بيت چيائون؟
جواب: جهوني تون پراڻ جڳ ڇٽيهه سنڀرين،
تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيئڙا.
سوال: ٿرپارڪر سان لاڳاپيل هاڪڙي ۽ پراڻ جي ڪنڌيءَ تي سمن جي دور جا ڪهڙا آثار موجود آهن؟
جواب: داسڙن جو دڙو، ليلان جو ليهور، ڳاڙهو ڀڙو، بروڙ جو دڙو، آمري جو مقام، منڌرن جو دڙو، سما ننگر، ٻرڙائي ڪوٽ وغيره.
سوال: پراڻ جي مشهور ڪهاڻين مان سڀني کان پراڻي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟
جواب: بروئي ۽ رپ جي ڪهاڻي.
سوال: شاهه سائين جي سفر ۾ بيان ڪيل ڪهڙي وهڪري جي وڏي تاريخ ملي ٿي؟
جواب: پوراڻ (پراڻ) درياءَ جي.
سوال: ان وهڪري جي نالو ٻڌايو جيڪو لکپت بندر تائين وهندو هو؟
جواب: پوراڻ.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ پوراڻ درياء جو ذڪر ملي ٿو ان وهڪري تي پوراڻ نالو ڪيئن پيو؟
جواب: هن وهڪري ۾ ور وڪڙ تمام گهڻا هئا ان ڪري هن درياءَ تي پراڻ يعني پورن واري نالو پيو.
سوال: محمود غزنويءَ ڪهڙي درياءَ جي ڪنديءَ تي هڪ يادگار مينار جوڙايو هو؟
جواب: پراڻ درياءَ جي ڪنديءَ تي (لڳ ڪوٽ مير جان محمد).
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ پوراڻ نديءَ جا ڪهڙا پتڻ مشهور هئا؟
جواب: ڪاهو، ڪاڪ، جھلوري، واگھريجي، جسرل، جهنڊو، ونگو ۽ اٻهاري پتڻ مشهور هئا.
سوال: روايتن مطابق ڪهڙي نديءَ جا اوڻويهه پتڻ مشهور هئا؟
جواب: پوراڻ نديءَ جا.
سوال: ٻنگار شهر جا آثار ڪٿي آهن؟
جواب: پراڻ جي ساڄي ڪپ تي پنگرئي کان ست ميل اوڀر طرف.
سوال: پراڻ درياءَ جون ڪيتريون ڍنڍون مشهور آهن؟
جواب: 9 ڍنڍون.
سوال: شاهه سائين گنگا جي وهڪري جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۽ بلاول.
سوال: شاهه سائينءَ واڳوڏر وهڪري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: ڪنڀ جو وهڪرو ڪهڙن ٽن نالن سان سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: ڪنڀ، کنڀات ۽ گنڀاٽ.
سوال: شاهه سائينءَ پٽيهل وهڪري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: پٽيهل تي ڪهڙي بادشاهه جي راڄڌاني هئي؟
جواب: پٽي بادشاهه جي.
سوال: پٽيهل تي پٽيهل نالو ڪيئن پيو؟
جواب: پٽي بادشاهه جي آباد ڪيل شهر پٽيجي سبب.
سوال: جھول ۽ ڪنگھار نالي شاخون ڪهڙي درياءَ جون اهم ڇاڙون هيون؟
جواب: پٽيهل درياءَ جون.
سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ ڪيترن ۽ ڪهڙن وهڪرن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: پنجن وهڪرن جو (1) اڀرندو هاڪڙو. (2) ڍاڳي. (3) ڍور جو وهڪرو. (4) پوراڻ. (5) پٽيهل وهڪرو.
سوال: آڳاٽي زماني ۾ بهاولپور ۾ ”مروٽ“ نالي قلعو ڪهڙي درياءَ جي ڪناري تي هئو؟
جواب: پراڻي هاڪڙي درياءَ جي ڪناري تي.
سوال: ڪهڙي قديم شهر جا آثار هاڪڙي ۽ پاري ننگر جي وچ ۾ وهندڙ قديم سامونڊي نار جي ڪناري تي هئا؟
جواب: نوهٽو شهر.
سوال: سنڌو درياءَ جو اهو ڪهڙو پراڻي کان پراڻو وهڪرو آهي، جنهن جو لطيف سائين سير ڪيو هو؟
جواب: پراڻ جنهن کي پٽيهل درياءُ به چون ٿا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪاڪ نئن جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻي ۾.
سوال: ڪاڪ نئن ۽ ”لو درو نئن“ ڪهڙي وهڪري جون ٻه شاخون هيون؟
جواب: لڊاڻي وهڪري جون (ذڪر سرمومل راڻو ۾).
سوال: شاهه سائين وندر نئين جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ، معذوري، ديسي ۽ حسيني ۾.
سوال: وندر نئن ڪٿان نڪري ٿي؟
جواب: پٻ جبل مان.
سوال: وندر نئن ڪيترا ڪلوميٽر وهي ٿي ۽ ڪٿي ڇوڙ ڪري ٿي؟
جواب: اٽڪل 125 ڪلوميٽر وهي ٿي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي.
سوال: مڪران جي پهاڙي سلسلي ۾ وڏي ۾ وڏي نئن ڪهڙي آهي؟
جواب: ماڪاڻي. (محقق. حبيب الله صديقي).
سوال: ڪهڙي نئن ۾ ٻارهو ئي پاڻي رهندو هو ۽ ان پاڻيءَ جو رنگ ڳاڙهسرو هوندو هو؟
جواب: ڪاڪ نئن جو.
سوال: ڪاڪ ڪٿي هئي؟
جواب: جيسلمير کان اٺ ميل پري ڪوٽڙي کان نڪرندي هئي.
سوال: ڪاڪ تي ڪاڪ نالو ڪيئن پيو؟
جواب: لڊاڻي جي چشمي تي هڪ جوڳي ڪاڪ يا ڪاگ رهندو هو جنهن ڪري ان نئن تي ڪاڪ نالو پيو.
سوال: ڪاڪ جو طلسماتي محل ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي ڪنهن ٺهرايو هو؟
جواب: مومل ۽ سومل.
سوال: ايم. ايڇ. پنهور جي راءِ مطابق لڊاڻو ڪهڙي نديءَ جو قديم وهڪرو هو؟
جواب: سرسوتي نديءَ جو.
سوال: قديم دور ۾ هاڪڙي درياهه جي ڪنارن سان ڪيترا واهڻ وستيون هيون؟
جواب: ٻارنهن سو کان مٿي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڇٽيهه جُڳ“ ڪنهن لاءِ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: پراڻ درياهه ۽ ان جي مک درياهه لاءِ.
سوال: هڪ جُڳ ۾ ڪيترا ورهيه ٿين ٿا؟
جواب: ٻارهن لک ورهيه.
سوال: آڳاٽي دور ۾ ڪهڙي علائقي ۾ ڪونج پکيءَ کي مارڻ تي پائبندي هئي؟
جواب: بڊام واري علائقي ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن سرن ۾ انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا، لڪا، لنڪا جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ ۾ .
سوال: شاهه سائين هاڪڙي درياهه لاءِ ٻه لفظ وَهَه ۽ وَهڻ (وَهَه ۽ مهراڻ) ڪهڙي سر ۾ ڪتب آندا آهن؟
جواب: سر سهڻي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ مهراڻ جو لفظ سمنڊ لاءِ ڪهڙن سرن ۾ ڪتب آندو آهي؟
جواب: سر سامونڊي، سر سريراڳ، سر گهاتو ۽ سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙيون نديون اڪري هنگلاج پهتو؟
جواب: هنگول ۽ اگهور نديون.
سوال: شاهه سائين بلوچستان جي ڪهڙي وڏي ۾ وڏي نديءَ جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي؟
جواب: هنگول نديءَ جو(هنگول يا هنگلور ندي).
سوال: هنگول يا هنگلور ندي ڪهڙي ملڪ مان شروع ٿيندي هئي؟
جواب: عراق مان شروع ۽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
سوال: هاڙهي جبل جي هڪ پاسي هنگول ندي آهي ۽ ان جبل جي ٻئي پاسي ڪهڙ ي ندي واقع آهي؟
جواب: اگهور ندي.
سوال: ڪهڙي ندي ٻن جبلن جي وچان وهي ٿي؟
جواب: اگهور ندي.
سوال: هنگول يا هنگلور ندي لسٻيلي جي حدن مان ڪيترا ميل سفر ڪري عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي؟
جواب: 358 ميل.
سوال: شاهه سائينءَ ماڪاڻي نئن جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾. (مڪران جي پهاڙي سلسلي ۾ ماڪاڻي وڏي نئن آهي ).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سمنڊ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٽن سرن، سريراگ، سامونڊي ۽ گهاتوءَ ۾.
سوال: مهراڻ نديءَ جي نسبت سان ڇور کان نئين ڪوٽ تائين علائقو ڪهڙي نالي سان سڏجي ٿو؟
جواب: مهراڻو. (حوالو. نئين زندگي، آگسٽ 2002ع).
سوال: ٿر ۾ ڪهڙن وهڪرن جي عروج جا مختلف آثار ملن ٿا؟
جواب: هاڪڙو، مهراڻ ۽ پراڻ.
سوال: قديم زماني ۾ بيڪا نير ۾ هاڪڙا درياءَ جو ڪهڙو نالو هو؟
جواب: گهاگهڙا.
سوال: ڪهڙي حڪمران جي دور ۾ ستن مهاڻن، سنڌ جي مستقبل متعلق ست اڳڪٿيون ڪيون هيون؟
جواب: ڄام تماچي جي دور ۾.
سوال: ساموئي جي ستن مهاڻن کي ڪنهن قتل ڪرايو هو؟
جواب: ڄام تماچيءَ.
سوال: هي بيت ڪنهن جو چيل آهي؟
ڀڄندي ٻنڌ اروڙ، هاڪ وهندو هاڪڙو
بهه مڇي ۽ لوڙ، سمي ويندا سوکڙي.
جواب: مامو يا فقير (پراڻ جي ڪنڌي تي آرامي).
سوال: هاڪڙو درياءَ جي تاريخ ڪيتري قديم آهي؟
جواب: پنج هزار سال. (حوالو، ڪتاب. سنڌؤَ جا قديم وهڪرا).
سوال: ڪهڙي وهڪري جي اترئين علائقي ۾ چار سؤ ست اهم قديم ماڳ هئا؟
جواب: هاڪڙي جي اترئين علائقي ۾.
سوال: قديم دور ۾ ڪهڙو درياءُ سنڌ ۽ هند جي وچ ۾ سرحدي طور ڪم ايندو هو؟
جواب: هاڪڙو. (حوالو، ڪتاب. سرسوتي تهذيب ۽ اڇڙو ٿر ).
سوال: ڪهڙي درياءَ جو پراڻو نالو سرسوتي هو؟
جواب: هاڪڙي درياءَ جو.
سوال: روايتن مطابق هاڪڙو، سنڌو درياءَ کان بلڪل الڳ ڪهڙي درياءَ جو آخري وهڪرو هو؟
جواب: سرسوتي درياءَ جو.
سوال: سڪندر اعظم جي حملي وقت سنڌ ۾ ڪيترا درياءَ وهندا هئا؟
جواب: 2 درياءَ.
سوال: ڪهڙي عيسوي سن ۾ هاڪڙو سڪي ويو هو ۽ سنڌو دريا اولهه ڏانهن وهڻ شروع ڪيو هو؟
جواب: 1226ع ۾.
سوال: ديهه اصحابي ۾ هاڪڙي جي ڪناري تي ڪهڙي بزرگ جي آستان تي ڀٽ ڌڻيءَ چلو ڪڍيو هو؟
جواب: بزر گ متواتر جي آستان تي.
سوال: اڀرندو هاڪڙو هماليه جبل مان نڪري ڪٿي ڇوڙ ڪندو هو؟
جواب: سامونڊي کاري ۾.
سوال: جيسلمير ۾ هاڪڙي جي شاخن جا نشان ڪيترن ميلن ۾ آهن؟
جواب: 132 ميلن ۾. (حوالو. نذر لطيف. ص. 185 )
سوال: 2012ع کان پنجاب يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي شعبي جي ڪهڙي سربراهه جي نگرانيءَ ۾ ماهرن جي هڪ ٽيم هاڪڙا ندي ۽ ان جي ڪنارن وارن شهرن جي سروي جو ڪم شروع ڪيو؟
جواب: ڊاڪٽر فرزند مسيح، يونيسڪو جي مالي سهڪار سان.
سوال: هاڪڙا نديءَ جي ڪنارن وارن قديم شهرن جي ڳولا پهريون ڀيرو ڪنهن ۽ ڪڏهن ڪئي؟
جواب: سر ابريل اسٽبن ۽ هينري فيلڊ 1941ع ۾.
سوال: هاڪڙا واديءَ جا ڦٽل شهر بچي سگهندا ؟ هي مضمون ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: نور محمد سمون.
سوال: شاهه سائين پٽيهل وهڪري جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٽن بيتن ۾ (سر ڏهر ۾).
سوال: دامن درياءَ وارو وهڪرو رحمڪي بازار کان اڳتي نڪري ڪٿي ڇوڙ ڪندو هو؟
جواب: ڪوريءَ جي نار ۾.
سوال: ڪهڙي وهڪري کي اڀرندو مهراڻ چوندا هئا ؟
جواب: دامن درياءَ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ بيان ڪيل ان وڏي وهڪري جو نالو ٻڌايو جيڪو پوريءَ سنڌ کي آباد ڪندو هو؟
جواب: دامن درياءَ جو وهڪرو.
سوال: عمر ڪوٽ کان ڇهه ست ميل پري اتر طرف قديم دور ۾ ڪهڙي درياءُ وهندو هو؟
جواب: دامن درياءُ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏهر واري ايراضي جي ٽئين نمبر وڏي وهڪري جو ذڪرڪيو آهي ان جو نالو ٻڌايو؟
جواب: ڍور وهڪري جو.
سوال: شاهه سائين ڍور درياءَ جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٻارهن بيتن ۾.
سوال: ڪهڙاوهڪرا جسوڌڻ جي دور ۾ ڀرتو وهندڙ هئا؟
جواب: ڍاڳي ۽ ڍور.
سوال: جسوڌڻ مهراڻي جي دور ۾ اڀرندي هاڪڙي کي ڇا سڏيو ويندو هو؟
جواب: سانگاهه (هي وهڪرو ننڍي ڍوري جي شڪل ۾ وهندو هو).
سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ ڪنڊي جي وڻ کي مخاطب ٿيندي بيت چيا آهن، اهو ڪنڊو ڪهڙي درياءَ جي ڪپ تي هو؟
جواب: ڍور درياءَ جي ڪپ تي.
سوال: ڪهڙي درياءَ کي سهڻيءَ وارو ڍورو يا سهڻي وارو درياءُ سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: لوهاڻي درياءَ کي (شهدادپور کان اولهه ۾ ان جا آثار موجود آهن).
سوال: سهڻيءَ واري درياءَ جي، لاڙ واري حصي کي ڇا چون ٿا؟
جواب: ريڻ.
سوال: ڪهڙو درياءُ پنجاب کان ٿيندو، بهاولپور ۽ جيسلمير مان ٿرپارڪر واري ايراضيءَ تائين وهندو هو؟
جواب: واهند درياءُ.
سوال: واهند درياء ڪهڙي شهر وٽ ڇوڙ ڪندو هو؟
جواب: پاري ننگر وٽ.
سوال: پارڪر واري ايراضيءَ ۾ واهند درياءَ جي بچيل حصي کي ڇا سڏيو ويندو آهي؟
جواب: سانگاهه.
سوال: شاهه سائين سانگهه وهڪري جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر.
ڪنڌيين اڪ ڦلاريا، سانگهه سڪو ساهه،
مهڙاڻي وٽانهه، رويو راڄ رضا گهري.
سوال: سانگاهه/سانگهه ڪٿي آهي؟
جواب: پاري ننگر ويجهو.
سوال: ٿرپارڪر جي ڪهڙي قديم شهر کي ٻه بندرگاهه هئا؟
جواب: پاري ننگر کي. (هڪ مٺي پاڻيءَ جو هاڪڙي تي ٻيو سامونڊي بندرگاهه جيڪو سامونڊي کاري تي موجود).
سوال: ڏوتڙ بندر ڪهڙي شهر جو مشهور بندرگاهه هئو؟
جواب: پاري ننگر.
سوال: پاري ننگر ڪٿي هو؟
جواب: موجودهه ويرا واهه کان ٻه ميل اولهه ۾. (ڏهين صدي ۾ زلزلي سبب هي بندر تباهه ٿي ويو.)
سوال: شاهه سائين ”سانگهه“ کان وٺي پٽيهل تائين وهندڙ وهڪرن کي سامهون رکي ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: سڪي ڍور ڍييون ٿيو ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
پاڻي پٽيهل ۾ ساڳيو نه سڻائو،
ماڻهن ميڙائو، ڪنين ڪنين ڀيڻين.
سوال: 1026ع ۾ سومرا حڪمرانن ٺريءَ وٽ سنڌو درياء جي ڪهڙي ڦاڪ تي پنهنجو تخت گاهه قائم ڪيو هو؟
جواب: ساڱرو يا نيرو درياء تي.
سوال: ساڱري ۽ ريڻ جا وهڪرا ڪهڙي سال سڪي ويا؟
جواب: 1658ع ۾.
سوال: ٺريءَ کان سنڌو درياء جا ڦڪ ڪهڙن ٻن حصن ۾ ورهايل هئا؟
جواب: اوڀر واري حصي کي ساڱرو ۽ اولهه واري حصي ريڻ سڏيو ويو.
سوال: ڪهڙو درياءُ شاهه صاحب جي وفات کان ڇهه سال پوءِ بند ٿيو هو؟
جواب: ريڻ درياءُ (حوالو ڪتاب. لطيف سائين جا لاڙ تان ڀيرا).
سوال: ريڻ درياءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ملي ٿو؟
جواب: سر ڍولا ماروءَ ۾.
سوال: ريڻ ڪهڙي نديءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي؟
جواب: ڪوري نديءَ ۾.
سوال: ڪهڙي درياءَ کي نئين ڪوٽ جي قريب ٻوڏاري ڪوٺيو ويندو هو؟
جواب: ريڻ درياءَ کي.
سوال: عمر ڪوٽ ضلعي ۾ ڪهڙي ندي قديم هئي؟
جواب: ريڻي ندي.
سوال: ريڻ درياءَ جا مشهور بندر ڪهڙا هئا؟
جواب: فتح باغ، جوڻ ۽ ميرانپور.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي وهڪري کي سسئيءَ جي سڀني سرن ۾ ڳايو آهي؟
جواب: ڀنڀور جي وهڪري کي (ڀنڀور واهه).
سوال: شاهه سائين حَب ندي جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪوهياري، سر ديسي ۽ سر معذوري ۾.
سوال: حب ندي کان وندر ڏانهن ويندي ڪهڙن لڪن مان لنگهڻو پوندو آهي؟
جواب: بريدي ۽ کارڙي لڪن مان.
سوال: حَب ندي ڪٿي ڇوڙ ڪري ٿي؟
جواب: ڪيپ مانز (راس العماري) عربي سمنڊ ۾.
سوال: حب نديءَ جي ڇوڙ وٽ ڪهڙي بندر تي لهي ياتري هنگلاج ويندا هئا؟
جواب: ڪارڪ بندر.
سوال: ڪهڙي ندي ٻه سؤ چاليهه ميلن ۾ پٽ پسائي ٿي؟
جواب: حب ندي.
سوال: حب ندي سنڌ ۾ ڪهڙي طرف کان وهي ٿي؟
جواب: اوڀر کان اولهه.
سوال: شاهه سائينءَ حَبُ ندي جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 7 ڀيرا.
سوال: حب ندي ڪيترا ڪلوميٽر پٽ پوٺا پسائيندي، ور وڪڙ ڏيندي اچي کڙڪ بندر جي ڦٽل آثارن جي ڪنڊ کان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي؟
جواب: 300 ڪلوميٽر.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ وندر نئين جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 17 ڀيرا.
سوال: سسئي ڪهڙي نديءَ جي اٿل سسببان اڳتي نه وڌي سگھي ۽ موٽي پٻوڻي ناڪي ڏي وئي هئي؟
جواب: ڦور ندي. (هيءَ ندي هاڙهي جبل جي پڇڙي وٽ آهي.)
سوال: سسئيءَ جي پاراتي سبب ڪهڙي ندي خشڪ ٿي وئي هئي؟
جواب: ڦور ندي. (محقق، بدر ابڙو)
سوال: ڪهڙي ندي هاڙهي جبل جي پڇڙيءَ وٽ آهي؟
جواب: ڦور ندي.
سوال: نيئڙ جي علائقي کي ڪهڙي سبب جي ڪري نيئڙ سڏيو ويو؟
جواب: هن علائقي ۾ پنج نديون، بناس، سوم، ماهي، لوڻي ۽ سابر وهن ٿيون.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ڪنگوريٽ، واري ٻيٽ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر کنڀات ۾.
سوال: ڪنگوريٽ، ٻيٽ ڪٿي آهي؟
جواب: گجرات جي سامونڊي ڪنڌيءَ سان.
سوال: شاهه سائين جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ ساڱري واهه جي ڏاکڻي ڪپ تي هڪ ٿَلهو ٺهرايو هو، پاڻ ان جاءِ تي ڪهڙي وڻ هيٺان آرام ڪندا هئا؟
جواب: لال لئو هيٺان.
سوال: سنڌ جي ان قديمي هنڌ جو نالو ٻڌايو جنهن جي دامن ۾ ڪلاچيءَ جو ڪُن هوندو هو؟
جواب: درٻو.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر جي هڪ ئي بيت ۾ ٽن کوهن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئي. (حوالو. سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف. ص. 139 ).
سوال: سنڌڙي بندر، رحمڪي بازار کان ڪيترا ڪوهه پري هو؟
جواب: نَو ڪوهه.
سوال: علي بندر، ونگو بندر، سنڌڙي بندر ۽ رحمڪي بازار بندر ڪهڙي درياءَ تي قائم هئا؟
جواب: پراڻ درياءَ تي.
سوال: سوکي بندر ڪٿي هو؟
جواب: کاري ڇاڻ ڀرسان.
سوال: ڪهڙو درياءُ، ٻنگار کان اڳتي پير بودلو، ونگو پتڻ، ڄار جو پتڻ، نوتيار ٻيلو، علي بندر، رحمڪي بازار، سنڌڙي بندر وٽان وڃي ڪوري نار ۾ ڇوڙ ڪندو هو؟
جواب: پراڻ درياءُ.
سوال: کارڪ بندر جو وجود ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1725ع .
سوال: شاهه سائينءَ جي دورکان ڪجهه عرصو اڳ ڪهڙا ڇهه سامونڊي بندر مشهور هئا؟
جواب: (1) لکپت. (2) سنڌڙي. (3) سنڊو. (4) اورنگا. (5) لاهري / لاڙي. (6) ڪلاچي بندر.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ۽ ڪجهه عرصو اڳ ڪهڙا بندر سنڌ جا وسندڙ بندر هئا؟
جواب: لاهري/ لاڙي بندر، اورنگا بندر، وستي بندر ، بستا بندر ، کڙڪ بندر ، ڪلاچي بندر ، سورت بندر ۽ سنڌڙي بندر.
سوال: شاهه سائين جي زماني ۾ سنڌ جا ڪهڙا وسندڙ بندر هئا؟
جواب: لاهري بندر، اورنگا بندر، وستي بندر ۽ شاهه بندر. (حوالو. نذر لطيف، اطلاعات کاتو).
سوال: سنڌو نديءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ مشهور بندرن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: ڪلاچي، لاهري/لاڙي، ڌاراجا، اورنگا، وڪر، وستا، شاهه بندر ۽ ڪيٽي بندر.
سوال: پاتال بندر ڪٿي هئو؟
جواب: ڪڍڻ شهر جي ويجهو. (حوالو، ڪتاب. هو جي هليا هنگلاج ) ٺٽي يا شاهڪپور طرف، حوالو، سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙو بندر سنڌ جي واپار جو مکيه مرڪز هو؟
جواب: ننگر ٺٽي جو درياهي بندر.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن پرڏيهي بندرن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڪاٺياواڙ جو پور بندر، انڊونيشيا جو جاوا بندر، کنڀات بندر، سوماترا بندر، لنڪا بندر، عدن بندر (حوالو، ڪتاب ڀٽائي).
سوال: شاهه سائين، گجرات جي ڪهڙي مشهور بندر جو ذڪر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي؟
جواب: دوارڪا بندر.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ بيان ڪيل ان بندر جو نالو ٻڌايو جتان حاجي سڳورا حرمين شريفين جي زيارت ڪرڻ لاءِ ويندا هئا؟
جواب: سورت بندر (سر بلاول ۾ ذڪر).
سوال: شاهه صاحب جي دور ۾ سورت بندر ڪهڙي لقب سان مشهور هو؟
جواب: باب المدينه لقب سان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ ڪهڙن بندرن جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: عدن، لڪا، لنڪا، ملبار ، لکپت، نيندو، لاهري يا لاڙي، ڪلاچي، جاکي، ڌاراجا، دوارڪا، اورنگا ۽ ديبل ڀنڀور بندر وغيره.
سوال: لاهري، لاهوري يا لا ڙي بندر ڪهڙي شهر جي ويجهو هو؟
جواب: ميرپور ساڪري جي.
سوال: سنڊو بندر ڪٿي هو؟
جواب: جاتي شهر کي ويجهو هو.
سوال: شاهه سائين گڙنگ واهه جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪاٺياواڙ ۽ ڪڇ کان ٿيندو ڪهڙي بندر وٽ پهتو ته، کيس سامونڊي وڻجارن جا جهاز ڏسڻ ۾ آيا؟
جواب: لاهري بندر وٽ.
سوال: شاهه صاحب سونير ڍنڍ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪهڙين ڍنڍن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ڪينجهر ، ڪراڙ ۽ چکي.
سوال: ڪهڙي سال هاڪڙي ۽ پراڻ سنگم واري ڄار جي پتڻ وٽ ڇهه مورتيون، ست سڪا ۽ چار مڻيا مليا آهن؟
جواب: 2018ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي لفظ کي سر سهڻي ۽ سر سامونڊي ۾ درياءَ ۽ سمنڊ جي پسمنظر ۾ لکيو آهي؟
جواب: آڇاڙو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌو درياء جي ڪنڌيءَ وارن ٻنهي زرخيز حصن کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: پنهنجو تَر.
سوال: شاهه سائين سر سامونڊيءَ ۾ ڪڇ جي ڪهڙي قديم ۽ خطرناڪ بندر جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: نيڍو. (ڪاوش دنيا آچر 23 جنوري 2022ع)
سوال: مقالو، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جا وهڪرا ڪنهن جو لکيل آهي؟
جواب: عاصي عبدالواحد هڪڙو.