لطيفيات

ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.

Title Cover of book ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

شاهه سائينءَ جي رسالي جي سرن بابت

سوال: شاهه سائينءَ جي مقبوليت ۽ عظمت جو اهم ترين سبب ڪهڙو آهي؟
جواب: کيس سنڌي ٻولي ۽ ان کي استعمال ڪرڻ جي ڌڻي تعالى طرفان قابليت مليل آهي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام لاءِ ڪهڙيون صنفون چونڊيون هيون؟
جواب: سورٺو، دوهو، بيت، ڏوهيڙو، وائي ۽ ڪافي.
سوال: شاهه سائينءَ، شعر ۽ ڪلام ڪهڙي حالت ۾ چيو آهي؟
جواب: جلالي ۽ بيخوديءَ جي حالت ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جو عاشقانه ڪلام ڪهڙن نمونن ۾ ملي ٿو؟
جواب: مجازي ۽ حقيقي.
سوال: سنڌ جي پهرين شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن طبيعي شعر چيو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: سنڌ ۾ زاريءَ صنف جو قديم ترين نمونو ڪهڙي شاعر جي شاعريءَ ۾ ملي ٿو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر ۾ شاعريءَ جي قديم صنف زاريءَ جو نمونو ملي ٿو؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جو ڪهڙو سر الحمد سان شروع ٿئي ٿو؟
جواب: سر ڪلياڻ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جو ڪهڙو سر رسالي جي ڪُنجي سڏجي ٿو؟
جواب: سر ڪلياڻ.
سوال: ڪلياڻ ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: سنسڪرت جو لفظ ۽ معنى سک يا شانتي.
سوال: يمن ڪلياڻ به ڪلياڻ جو قسم آهي، يمن جي معنى ڇا آهي؟
جواب: من کي روڪڻ.
سوال: ڪهڙي سر ۾ شاهه سائينءَ ويدانيت وانگر هن دنيا کي ”مانڊي جو منڊ“ سڏيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ روميءَ کي پنهنجو روحاني رهبر ڪري مڃيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ.
سوال: ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران شاهه سائين جي سرن تي سڀ کان پهريون ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪهڙو ڇپيو؟
جواب: سر ڪلياڻ 1970ع ۾.
سوال: شاهه سائين سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪهڙن انساني عضون جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جيرن، جگر، بڪين، سر، ڀيڏي، ڪرنگهو ۽ پاسرين وغيره جو.
سوال: شاهه سائين ٽوپيءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ ٻن نمونن جو مضمون هڪ عاشقاڻو ۽ ٻيو اخلاقي مضمون ملي ٿو؟
جواب: سر کنڀات.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ انسان جي من کي ڪرهي اُٺ سان ڀيٽ ڪئي آهي؟
جواب: سر کنڀات ۾.
سوال: شاهه سائين ڦوهه جوانيءَ واري دور ۾ ڪهڙو سر چيو هو؟
جواب: سر کنڀات.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڪارو ڪاري“ لاءِ ڪهڙو لفظ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ڀاڄ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن ۾ ننڍي کنڊ جي سڀني عقيدن، مذهبن، فرقن جي اپٽار ٿيل آهي؟
جواب: سر کاهوڙي، پورب ۽ رامڪليءَ ۾.
سوال: شاهه جي رسالي جي ڪهڙن سرن ۾ ويدانت، تصوف، ڪاپڙين جي ڪريا ڪرم ، مختلف فرقن، طريقن ۽ عقيدن تي روشني وڌل آهي؟
جواب: سر پورب، کاهوڙي، رامڪلي ۽ ڪلياڻ ۾.
سوال: سامونڊي لفظ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: سمنڊ جهاڳيندڙ. سمنڊ تي سفر ڪندڙ. ناکئو.
سوال: شاهه سائينءَ، سر سامونڊي ۾ جل پوڄا جو بيان ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پنجن بيتن ۽ هڪ وائي ۾.
سوال: نه سي تڙ خوراڪ، نه سي وايون وڻجارن جون. هن سٽ ۾ خوراڪ لفظ جي معنيٰ ڇا ٿيندي؟
جواب: سخت زمين (جنهن زمين تي اچ وڃ ٿئي پوءِ اهو پٽ سخت ٿي ويندو آهي.)
سوال: شاهه سائين، ڦال يعني اوسا جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ شڪاري کي ڪهڙي پکيءَ جي ڳولا کان منع ڪئي آهي؟
جواب: ڳجهه پکي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ اشارو ڪيو آهي ته سندس ڪلام الهام آهي؟
جواب: سر سهڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ محبوب جي انتظار ۽ اوسيئڙي واري ڪيفيت جي باري ۾ جذباتي انداز ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊي، مومل راڻو، مارئي، ليلان چنيسر ، سهڻي ۽ سر سسئي آبري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ وصل واري ڪيفيت کي گهڻو ڳايو آهي؟
جواب: ليلان چنيسر، مومل راڻو، سهڻي، مارئي، ڪاموڏ، بروو سنڌي ۽ سر رپ ۾.
سوال: لفظ معذوريءَ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: بيحال يا ضعيف، لاچار، هيڻي، ڪمزور.
سوال: ڪوهياريءَ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڪوهه جي معنى آهي جبل. يعني جبل، پهاڙ جا پنڌ ۽ انهن سان ياري. ( پربتي، ٽاڪري، پهاڙي ).
سوال: ڪاموڏ ”ڪامودا“ جو بگڙيل روپ آهي، ڪامود جي لفظي معنى ڇا آهي؟
جواب: اهو جيڪو خواهش واري شيءَ ڏئي. ( ڪام، وهيڻي ).
سوال: ڪهڙي ليکڪ ڪاموڏ جي معنيٰ ”عشق تي دارومدار رکڻ“ لکي آهي؟
جواب: مرحوم هدايت الله منگي.
سوال: گهاتو ڪهڙي ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي ۽ معنى اٿس مڇي مار ، شڪاري.
سوال: ڪيڏارو سنسڪرت لفظ ”ڪيدار“ جي بگڙيل صورت آهي، ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: جنگ جو ميدان.
سوال: شاهه سائين ابو جبل جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: صوفي صادق فقير جي راڳنامي ۾ ڪيترا سر شاهه لطيف جي رسالي جا آهن؟
جواب: ستاويهه سر.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي وائي ۾ چيو آهي ته، اي الله آءُ هنن کي ڪيئن ڳولي لهندس جيڪي وحدهُ ۾ ئي فنا ٿي ويا؟
جواب: اي يا الا ! ڪئن لهندين سي وحدهُ جي وڍيا.
سوال: سارنگ جي لفظي معنى ڇا آهي؟
جواب: بادل، ٻارنهن سڱون، مور.
سوال: شاهه سائينءَ سر سارنگ ۾ نينهن ۽ مينهن جي پسمنظر ۾ ڪيترا بيت چيا آهن؟
جواب: 27 بيت (حوالو. سچل سارو سچ، سال 1989ع، ص. 200 ).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ گوڙ جي آواز کي ڇا ڪوٺيو آهي؟
جواب: منڊل.
سوال: رِپ لفظ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڳري آفت.
سوال: ڪاپائتي لفظ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: ”ڪتڻ واري“ يا ”ڪاتار“. ( ڪپهه ڪتيندڙ ).

سوال: شاهه سائين مخفي ذڪر ڪرڻ ۽ محبوب جي شاهديءَ کي ڳجهي نموني رکڻ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاپائتيءَ ۾.
سوال: پورب جي معنى ڇا آهي؟
جواب: اوڀر (روشنيءَ جو رخ).
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ دنيا کي لڙاٽيل پاڻيءَ سان مشابهت ڏني آهي؟
جواب: سر ڪارايل ۾.
سوال: پرڀاتيءَ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: اسر (پرهه ڦٽي).
سوال: ٿر ۾ ٻن ڀٽن جي وچ ۾ ماٿر يا سخت مٽيءَ واري سڌي ميدان کي ڇا چوندا آهن؟
جواب: ڏهر.
سوال: بلاول لفظ اصل ۾ ويلا ولي آهي، ان جي معنى ڇا آهي؟
جواب: موج ئي موج.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ڌڻي تعالى، پيغمبر سڳوري ۽ جادم جکري جي ساراهه ڪئي آهي؟
جواب: سر بلاول ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ ڪجهه طنز مزاح واري شاعري چيل آهي؟
جواب: سر بلاول ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن سرن ۾ الٽي طلب جو ظاهر ظهور ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر سورٺ، سر مومل راڻو، سر آسا ۽ اشاري طور عاشقانه قصن ۾.
سوال: چوراسي چنڊن جو مفهوم ٻڌايو؟
جواب: هر مهيني ۾ چنڊ جو جوڀن ست ڏينهن رهندو آهي. پوري سال جو اهو انگ 84 ٿيندو آهي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ چوراسي چنڊن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر کنڀات.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي بيت چوراسي چنڊن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سهسين سجن اڀري، چوراسي چنڊن،
باالله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
سوال: شاهه سائينءَ سر سريراڳ ۾ ٻيڙيءَ لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: نيهه، جهاج، غراب، ٻيڙو، لاهرو، مڪڙي، دنگي، تراز، ڇتر، وڏاندريون، پاکڙي، هوڙاڪ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جو اهو ڪهڙو سر آهي جنهن ۾ ڪوبه ڌاريو بيت ڪونهي؟
جواب: سر سامونڊي.
سوال: شاهه سائينءَ سر سريراڳ ۾ ٻيڙي جي سامان ۽ ان جي جدا جدا حصن کي ڪيترن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: 17 نالن سان.
سوال: شاهه سائين سُر سريراڳ ۾ ٻيڙيءَ جي ڪهڙن حصن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سڙهه، لاڄو، اولن (ونجهن) ۽ سونهڻ جو.
سوال: شاهه سائينءَ سُر سهڻيءَ ۾ ڪهڙي صوفيءَ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: منصور بن حلاج جو.
سوال: شاهه سائين جي واين مان سڀ کان طويل وائي ڪهڙي آهي؟
جواب: ساٿين ننڌا بار وو! تن پانڌين ننڌا بار. (سر سريراڳ). حوالو. ڪتاب. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون وايون ڪافيون.
سوال: شاهه سائين جي سڀ کان وڏي وائي ڪهڙي سر ۾ آهي؟
جواب: سر سريراڳ.
سوال: قربانيءَ جي تصور کي شاهه سائين ڪهڙي لفظ جي سمبل ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سوري.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ چنيسر کي ڪهڙن نالن سان سڏيو آهي؟
جواب: سردار، راجا، ٺاڪر، سُپرين، ڪانڌ، ڍولو، داسڙو.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سُر ۾ نو لکي هار جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: سُر ليلان چنيسر.
سوال: شاهه سائينءَ، سر مومل راڻي ۾ راڻي لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: راڻو، سوڍو، مينڌرو، ڍٽ ڌڻي، ڍاٽي، رجپوت ۽ راءُ.
سوال: مومل لاءِ ٻيا ڪهڙا لفظ ڪم آندل آهن؟
جواب: گجر، سوڍي، ڪاڻياري.
سوال: سر مارئيءَ مان ڪهڙو سبق ملي ٿو؟
جواب: ساڻيهه جي سڪ (حب الوطنيءَ جو).
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر جي هڪ ئي بيت ۾ مارئي، ملير، همير، پنهون، ڪيچ، مومل، گنجي ٽڪر ۽ ساهڙ جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين سر مارئي ۾ امانت مان ڪهڙي مراد ورتي آهي؟
جواب: سَتُ.
سوال: شاهه سائين ٿر جي تهذيب ۽ تاريخ ۽ ٿر جي لوڪ داستانن جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ڏهن سرن ۾. حوالو. ڪتاب. سر سارنگ. ص. 70.

سوال: ٿر ۾ مارو لفظ ڪنهن لاءِ ڪتب ايندو آهي؟
جواب: چوپايو مال چاريندڙ ۽ ڏٿ تي گذران ڪندڙن جي لاءِ.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ لفظ مارو تقريبن ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 100 کان وڌيڪ ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ مارن لاءِ ٻيا ڪهڙا لفظ ڪتب آندا آهن؟
جواب: ويڙهيچا، سانڀيئڙا، سانگي، ڍاٽي، سنگهار، پنهوار ۽ ڏوٿي وغيره.
سوال: مارو چارڻن جو تمام وڏو قبيلو آهي. انهن جا ڪيترا پاڙا، يا، نکون آهن؟
جواب: 300 کان مٿي.
سوال: هن وقت رٻاري قبيلي جون ڪيتريون نکون آهن؟
جواب: 133.
سوال: سَتي ڪنهن کي چئبو آهي؟
جواب: عصمت واري يا پاڪدامن عورت کي.
سوال: ولهار لفظ جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: گاهه وارو ميدان، گاهه ۽ وڻڪار واري جاءِ .
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بيت ۾ ولهار کي گاهه وارو ميداني علائقو بيان ڪيو آهي؟
جواب: اُٺي جئن مورن، اوڀڙ ولهارن ۾،
سار پر گوندر ڪن، جُه ڦوڙائو سڄڻين.
سوال: شاهه سائينءَ ولهار جو ذڪر ڪيترن ۽ ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٽن سرن ۾. سر سارنگ، مارئي ۽ سر رپ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ مهراڻي جو ذڪر ڪهڙن نالن سان ڪيو آهي؟
جواب: موهر ۽ موهڙ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪارونجهر کي ڪهڙي نالي سان ڳايو آهي؟
جواب: ڪوهيار.
سوال: شاهه سائين سر مارئي ۾ ڪهڙن ڏهن ماڳن مڪانن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: 1. کاروڙو. 2. ولهار. 3. عمرڪوٽ. 4. موهر / موهراڻو/ مهراڻو. 5. کائڙ (کائر). 6. ڏاهلي. 7. ڍٽ. 8. پائر. 9. ويڙهيجهپ. 10. کوهه.
سوال: ٿر جي ڏکڻ واري ڀاڱي کي پائر ۽ اتر واري حصي کي ڇا سڏجي جو ٿو؟
جواب: کائر.
سوال: ٿر ڪيترن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي؟
جواب: ٽن ڀاڱن ۾. (کائر ، ڍٽ، پائر. حوالو، سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف، ص: 140 )
سوال: تاريخ ريگستان ۾ ٿر جا ڪهڙا 9 ڀاڱا ڄاڻايل آهن؟
جواب: کائڙ، ڪنٺو، پارڪر، سامروٽي، ونگو، وٽ، مهراڻو، ڍاٽ ۽ اڇڙو ٿر.

سوال: مير حسن آريسر، ٿر کي ڪهڙن يارنهن طبعي ڀاڱن ۾ ورهايو آهي؟
جواب: ونگو، مهراڻو، ڍٽ، کائڙ، اڇڙو ٿر، ڪس، وٽ، سامروٽي، ڪنٺو، پارڪر، پائر.
سوال: شاهه سائين سورن جي مختلف ڪيفيتن جو اظهار خاص طور تي ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سسئي جا سڀئي سر ۽ ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، سر رپ، سهڻي، مارئي، مومل، سامونڊي، سريراڳ، ڪاموڏ، ڪيڏارو ڪارايل، ڪاپائتي، پورب، ڏهر ۽ بلاول.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ دوست جي پرک ٻڌائي آهي؟
جواب: سر بروو سنڌي.
يار سڏائي سڀ ڪو جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پئي ٿي ڪل پئي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ فرمائي ٿو ته، دل جو دلبر هڪڙو ئي ڪجي، در در دوستي نه لائجي؟
جواب: سر برووي سنڌيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪيترين واين ۾ پنهنجو نالو استعمال نه ڪيو آهي؟
جواب: 154 واين ۾. حوالو، شاهه جو رسالو، مرزاقليچ بيگ.
153 واين ۾، ڪتاب. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون وايون ۽ ڪافيون، جي. ايم. سيد ۽ 48 واين ۾ شاهه جو گنج راهمون.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڪهڙي سر ۾ سڀ کان وڌيڪ وايون ڏنل آهن؟
جواب: سر مارئيءَ ۾ 33 وايون.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ لفظ ”لطيفي لات“ ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: ٻه ڀيرا سر مارئي ۾، ٻه ڀيرا ڪارايل ۾، هڪ ڀيرو مومل راڻو ۾ ڪل پنج دفعا.
سوال: شاهه سائينءَ اکين ۾ پائڻ واري سرمي جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر آسا، ليلا چنيسر، معذوري ۽ مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪهڙي رنگ کي پاڪيزگيءَ جو رنگ ڪوٺيو آهي؟
جواب: اڇي رنگ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ عورت جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيل آهي؟
جواب: 28 سرن ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ مرشد جي اطاعت جي اساسي اهميت بيان ڪئي آهي؟
جواب: سر سورٺ ۾.
سوال: شاديءَ جي رسمن جھڙوڪ گھوٽ ۽ ڪنوار کي ڳانا ٻڌڻ، ڏانوڻ اڏائڻ، ڍڪڻ ڀڃڻ جو ذڪر لطيف سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ڳانو مارئيءَ ۽ کنڀات ۾. ڏانوڻ سسئيءَ ۾. ڍڪڻ ليلا چنيسر ۾.

سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ اکر ”مَ“ ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: چار سؤ ٽيويهه ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڪهڙا قصا بيان ٿيل آهن؟
جواب: 1. سهڻي ۽ ميهار 2. سسئي آبري. 3. سورٺ راءِ ڏياچ. 4. مومل ۽ راڻو. 5. ليلا ۽ چنيسر. 6. مورڙو مير بحر. 7. سر ڪيڏاري ۾ ڪربلا جو قضيو. 8. سر مارئيءَ ۾ عمر مارئي. 9. سر ڪاموڏ ۾ نوري ڄام تماچي. 10. سر ڏهر ۾ لاکو ۽ اوڏڻ. 11. سر يمن ڪلياڻ ۾ موکي ۽ متارا. 12. سارنگ جي سورمي وانڍي. 13. بروو سنڌي ۽ رپ.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ڪيترا قصا آيل آهن؟
جواب: 10 قصا. (جديد تحقيق مطابق 13 قصا.)
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جا ڪيترا سر داستانن تي مشتمل آهن؟
جواب: تيرنهن.
سوال: شاهه سائين جي نقادن ۽ شارحن شاهه سائين جي ڪلام کي ڪهڙن ٽن حصن ۾ ورهايو آهي؟
جواب: (1) دعائيه (عاشقانه). (2) سنڌي زندگي جو پس منظر (رهڻي ڪهڻي). (3) لوڪ ڪهاڻيون (لوڪ داستان).
سوال: شاهه صاحب جي ڪلام کي مضمونن جي لحاظ کان ڪيترن ۽ ڪهڙن قسمن ۾ ورهائي سگھجي ٿو؟
جواب: ستن قسمن ۾. صوفيانو، ناصحانو، عاشقانو، طبيعي، رزمي، مديحي ۽ ظريفانو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ تصوف جي ارتقاء جي چئن منزلن، شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جو ذڪر هڪ ئي جاءِ تي ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ڪل ٽن بيتن ۾. هڪ بيت رام ڪلي ۾، هڪ آسا ۾ ۽ هڪ سر سهڻي ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ هن دور جي سماجي حالتن، واپار هار سينگار، ماهيگيري ۽ معاشي زندگيءَ جو نقشو ڪهڙن سرن ۾ چٽيو آهي؟
جواب: سر سامونڊي، سريراڳ، سارنگ، گهاتو، ليلان چنيسر، مومل راڻو ۽ سر مارئي ۾.
سوال: شاهه سائين مجازي محبت ۽ نفس جي ناداني جو فلسفو سليس زبان ۾ ڪهڙن سرن ۾ سمجھايو آهي؟
جواب: سر کنڀات ۽ سر ليلا چنيسر ۾
سوال: شاهه سائين سر کاهوڙي ۾ انسان کي روحاني زندگي ۾ سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪهڙن ستن نڪتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي؟
جواب: (1) محنت جفاڪشي ڪرڻ کپي. (2) دنيا وارن کان پاسو ڪري. (3) هٺ، وڏائي نه ڪري. (4) نياز ۽ نوڙت سان هلي. (5) الله مان آسرو نه لاهي.(6) شريعت جو پائبند رهي. (7) پنهنجو اجايو وقت نه وڃائي.

سوال: شاهه سائينءَ، سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيب ۽ تمدن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: (1) سرڪلياڻ. (2) يمن ڪلياڻ. (3) ليلا چنيسر. (4) آسا. (5) رام ڪلي. (6) ڪارايل. (7) پرڀاتي. (8) رپ. (9) کنڀات. (10) ماروي.(11) مومل راڻو. (12) سورٺ. (13) ڪاپائتي. (14) سامونڊي. (15) بلاول. (16) سارنگ. (17) کاهوڙي. (18) بروو سنڌي. (19) سريراڳ. (20) سهڻي. (21) معذوري. (22) گهاتو. (23) سسئي آبري. (24) ڪاموڏ. (25) ديسي. (26) ڪوهياري.
سوال: شاهه سائين پنهنجن اباڻن جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ جيڪي واپاري، جاگيردار مال گڏ ڪري غريبن کي ڦرين، لٽين پيا انهن کي شاهه سائين ڪهڙن لقبن سان سڏيو آهي؟
جواب: ڏڪاريا ۽ موذي لقبن سان.
سوال: شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه سائين ڪهڙي شاعر کان متاثر ٿي پنهنجي شاعريءَ ۾ سامونڊين، ناکئن ۽ جوڳين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: شاهه لطف الله قادري کان (حوالو ڪتاب، شاهه جي ٻولي).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سونهن جي موضوع تي ڪهڙي صوفي شاعر جي فلسفي جي آڌار تي پنهنجي فڪر کي واضع نموني بيان ڪيو آهي؟
جواب: مولانا جلال الدين رومي جي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ اترادي لهجي سان گڏ سرائيڪي ٻوليءَ جا لفظ به جام ملن ٿا؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه صاحب سنڌ ۽ ڪڇ جي وچ ۾ هلندڙ چوڏهن چارن جو ذڪر ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: راءِ سين رٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪئي،
ڪين ماڻينداسي، چوڏهن چارو ڪڇڙو. (سر ڏهر)
سوال: نادر شاهه، احمد شاهه ۽ مدد خان پٺاڻ جي ڪاهن جو ذڪر ڪندي شاهه سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ اصطلاح ”گهوڙا ڙي گھوڙا“ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۽ سر ديسيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ جي ڪهڙن سرن ۾ لفظ لعنتي استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، ڪيڏارو ۽ بلاول ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ لاهوتي لطيف چئي استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۽ پورب.

سوال: شاهه سائينءَ ”کل نفس ذائقة الموت“ جو سنڌي ترجمو ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: هوءَ جا لات لطيف جي، سڏ تنهن جو سڄي ....
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي بيت ۾ ٽين سٽ سورة النجم جي آيت مبارڪ مان ورتل آهي، چوٿين سٽ سورة الرحمان، پنجين سٽ سورة البقر مان ڇهين سٽ سورة الاعراف مان ۽ ستين سٽ سورة النجم جي آيت مان ورتل آهي؟
جواب: مونا طورسينا، سندا سنياسين. (ٻارنهن سٽن تي مشتمل بيت، سر رامڪلي)
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سڀ کان طويل وراڻ ڪهڙي ملي ٿي؟
جواب: آءُ نه جيئندي اُن ريءَ.
سوال: مرزا قليچ بيگ واري شاهه جي رسالي ۾ سر رامڪلي ۾ طويل وراڻ، آءُ نه جيئندي اُن ري، ڪيترا ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 50 ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي شاعر جي 122 بيتن کان متاثر ٿي سندس شاعريءَ جا لفظ ۽ محاورا تضمين طور کنيا آهن؟
جواب: لطف الله قادريءَ جي.
سوال: شاهه صاحب ڪهڙن شاعرن کان متاثر ٿي وراڻ واري سٽاءَ ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو؟
جواب: شاهه لطف الله قادريءَ ۽ شاهه عنات رضويءَ کان.
سوال: شاهه صاحب جي ڪلام ۾ وراڻ جا تقريبن ڪيترا قسم ملن ٿا؟
جواب: ڇهه قسم ملن ٿا.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ وراڻ جا ڪهڙا قسم ملن ٿا؟
جواب: هڪ لفظي وراڻ، گھڻ لفظي وراڻ، هڪ پدي وراڻ، ٻه پدي وراڻ، ٽي پدي وراڻ، بيترتيب وراڻ.
سوال: شاهه سائين لفظ ”دوپارا“ ڪهڙي سر ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي سموري ڪلام ۾ سنڌيءَ جا ڪل ڪيترا هزار لفظ ڪتب آندا آهن؟
جواب: ٻارنهن هزار لفظ. (اٺونجاهه هزار ، ڊاڪٽر بلوچ).
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ڪيترا لفظ عربي ۽ فارسي جا استعمال ٿيل آهن؟
جواب: چار هزار (محقق مراد علي مرزا).
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ اکر ڪهڙو استعمال ٿيل آهي؟
جواب: س. (الف.ب جو اکر. سين).
سوال: سنڌي الفابيٽ جي ڪهڙن اکرن سان شاهه سائين ڪنهن به بيت ۽ وائي جي شروعات نه ڪئي آهي؟
جواب: ٺ، ڃ، ڊ، ذ، ڙ، ض، ڱ، ڻ، ء .
سوال: شاهه سائين سنڌي زبان کان علاوه ڪهڙين ٻولين جو عالم هو؟
جواب: عربي ۽ فارسي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترين ۽ ڪهڙين زبانن جا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: 12 زبانن جا لفظ.سنڌي، هندي، سرائيڪي، عربي، فارسي، ڪرد، بلوچي، براهوي، ڪڇي، گجراتي، تُرڪي ۽ پورچوگيز.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ لفظ عيد ڪهڙن سرن ۾ استعمال ٿيل آهي؟
جواب: سر سامونڊي، آسا، رامڪلي، مارئي، ڪاپائتي، ڪيڏارو جي بيتن ۾ ۽ سر مارئي ۽ حسينيءَ جي وائيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سؤ ڪوهه جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ماڪ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، سر ديسي، سر حسيني ۽ سر گهاتوءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ هندن جي هوليءَ جو ذڪر ڪهڙي سُر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سُر ڪوهياريءَ جي وائي ۾.
سوال: شاهه سائين جي بيت ڪهڙي سٽ ۾ سڀ کان اعلى اتاهون مفهوم ۽ انساني زندگي جو حقيقي راز سمايل آهي؟
جواب: اول آخر آه، هلڻ منهنجو هوت ڏي.
سوال: شاهه سائين انساني زندگيءَ جو حقيقي راز سر ڪوهياريءَ جي ڪهڙي سٽ ۾ سمايو آهي؟
جواب: اول آخر آهِ، هلڻ منهنجو هوت ڏي (حوالو- نئين زندگي، مئي 2006ع).
سوال: شاهه سائين جي رسالي جي اڀياس مان، سنڌ جون سرحدون، ڪيستائين پکڙيل نظر اچن ٿيون؟
جواب: ڪابل ڪنڌار، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، راجستان جي وڏي حصي ۽ ڪشمير تائين.
سوال: شاهه سائين سر سارنگ ۾ قرآن شريف جون ڪيتريون آيتون استعمال ڪيون آهن؟
جواب: هڪ آيت.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ اسلام جي فيض جو ذڪر تمثيلي انداز ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سانگ ۾.
سوال: شاهه سائين ۽ سچل سائين نوريءَ واري قصي جي پسمنظر ۾ ڪيترن عنوانن تي شاعري ڪئي آهي؟
جواب: ٽن عنوانن تي.
سوال: شاهه سائينءَ، زال جي گھر ڌياڻي هئڻ جا ڪيترا روپ پنهنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيا آهن؟
جواب: ٻارنهن روپ.
سوال: ڪهڙي محقق جي تحقيق مطابق شاهه سائين جي رسالي جا پندرهن سر ٿر سان واسطو رکن ٿا؟
جواب: معمور يوسفاڻي جي تحقيق.
سوال: شاهه سائين جي نج ڪلام جي حوالي سان بيتن جي ڇنڊ ڇاڻ جو باقاعدي ڪم ڪهڙي عيسوي سال کان شروع ٿيو؟
جواب: 1923ع کان.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن وقتن جي نماز جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: نماز عصر، سانجهي جي نماز (مغرب)، تهجد نماز ۽ عيدن جي نماز جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي سڀني سرن ۾ باطني طور ڪهڙي دعا گهري آهي؟
جواب: يا رب العالمين منهنجو هن ڪوڙي جهان سان ناتو ختم ڪري منهنجي روح کي آزاد ڪر.
سوال: شاهه سائين جي ڪلام جي پرک جا اٺ معيار ڪهڙي محقق مقرر ڪيا آهن ۽ اهي ڪهڙا اٺ معيار آهن؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ. (1) رسالن جي قدامت وارو معيار. (2) رسالن جي تعداد وارو معيار. (3) رسالن جي ڀيٽ وارو معيار. (4) ٻولي وارو معيار. (5) بيان وارو معيار. (6) معنى ۽ مفهوم وارو معيار. (7) وزن ۽ قافيي وارو معيار. (8) فهم ۽ فڪر وارو معيار.
سوال: ڪهڙن ڇهن محققن لطيف سائين جي سر ڪيڏاري کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو؟
جواب: (1) مرحوم محمد صالح ڀٽي. (2) مرحوم مولانا دين محمد وفائي. (3) ليلارام وطن مل لالواڻي. (4) مرحوم علامه داؤد پوٽو. (5) مرحوم علامه آءِ.آءِ قاضي ۽ (6) مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: علامه آءِ. آءِ قاضيءَ، شاهه جي رسالي مان سر ڪيڏارو خارج ڪيو ته شاهه لطيف جي ڪهڙي گادي نشين ٻين پيرن سان گڏجي احتجاج ڪيو هو؟
جواب: پير غلام شبير شاهه (حوالو، ڪتاب شهاب نامو ص 119.)
سوال: شاهه سائين جي رسالي جا ڪهڙا سر سمنڊ جي موضوع ڏانهن منسوب ٿيل آهن؟
جواب: سر سريراڳ، سر سامونڊي ۽ سر گھاتو.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڪهڙن سرن ۾ پاڻيءَ جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: سريراڳ، سامونڊي، سهڻي، ڪاموڏ، گهاتو، ڏهر، سارنگ ۽ ڪارايل.
سوال: شاهه سائينءَ سرسارنگ ۾ عربي ۽ فارسي جا ڪيترا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: اٽڪل 65 لفظ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر کي رسالي جو مغز يا تَتُ چئجي ٿو؟
جواب: سر ڏهر کي.

سوال: شاهه سائين برسات لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: وڏ ڦڙو وسڻ، آڳوندو آب ٿيڻ، جھڙن جو جھونگارڻ، سارنگ جي سار لهڻ، صراحيون پلٽڻ، بادل وسڻ، جھڙ ڦڙ جھاٽ ٿيڻ، پلر جي پالوٽ.
سوال: شاهه سائين باهه لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: آگ، ڄيرو، مچ، تئو، پچڻ، کورو، لهس وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعري ۾ دوا لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: دارون، ٻُڪي، سُتي، ڦڪي، ڊڀ وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ حب الوطنيءَ جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي سر ۾ اکين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر آسا ۾.
سوال: شاهه سائينءَ چرخي جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاپائتيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سسئيءَ جي لاءِ گهڻا سر چيا؟
جواب: پنج سر . سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني.
سوال: شاهه سائينءَ جي سر ڪوهياريءَ ۾ ڪيترن ۽ ڪهڙن قسمن جو مضمون ملي ٿو؟
جواب: پنجن قسمن جو (1) مرداڻو سماج، (2) عورت جي بغاوت، (3) تقدير جي طاقت، (4) مڙس يا ڪانڌ جي محبت، (5) روايتن سان نباهه ڪرڻ.
سوال: شاهه سائين جي ڪلام، فن توڙي فڪر جي لحاظ کان ڪهڙن هندي ڪلاسيڪي شاعرن جو اثر موجود آهي؟
جواب: ڪبير، ميران ٻائي، دادو ديال، تلسيداس، گرونانڪ ۽ بابا فريد شڪر گنج.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ ڏک لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ٿيل آهن؟
جواب: ڏک، درد، سور، سوري، ڏاکڙا، ڏکون، بکون، وڍ، ناڀون، سڪرات، ڪانار، ٻاڻ، ڪرڪ، ڪان، غم، گوندر وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ عشق لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ٿيل آهن؟
جواب: عشق، محبت، سڪ، لونءَ، نينهن، ڪوڏ، لغار، ڇوهه، اپڪار، اڪير، اڪنڊ، پچار، طلب وغيره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏک جون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون منزلون بيان ڪيون آهن؟
جواب: ٽي منزلون، (1) ڏک کان بغير زندگي بي معنى آهي. (2) ڏک سان ڪائنات جي پر اسرار رازن جو وجدان ٿئي ٿو. (3) ڏک مان بيزاري، ڇو ته ڏک اوڏهي وانگر جندڙي کائي ٿو.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جو ڪهڙو سُرُ مارواڙي، ٿري ۽ هندي ٻوليءَ ۾ چيل آهي؟
جواب: ڍول مارو.

سوال: شاهه سائين مذهبي ڪلام ڪهڙن ٻن سرن ۾ چيو آهي؟
جواب: سرڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ ( حوالو-ڪتاب ڀٽائي، پيرزادو انور).
سوال: شاهه سائين جنگ ۽ سياسي جدوجهد جي شاعري علامتي انداز ۾ ڪهڙن سرن ۾ ڪئي آهي؟
جواب: سر گهاتو، سر رامڪلي، سرکاهوڙي، يمن ڪلياڻ، ڏهر، ڪيڏارو ۽ سسئي جا پنج ئي سر.
سوال: شاهه سائين قرآن پاڪ جي ڪهڙين ٻن سورتن جون آيتون پنهنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري قرآن پاڪ کي سماج جي هر مسائل جو رهبر مڃڻ واري دعوى کي مضبوط ڪيو آهي؟
جواب: سورة سجده ۽ سورة مؤمن جون آيتون.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ دنيا جي ڏيک ۽ سونهن رکندڙ شين کي ڇا سڏيو آهي؟
جواب: پاڻيءَ جو ڦوٽو.
سوال: شاهه سائين سر ليلان چنيسر ۾ انسان کي ڪهڙيون پنج حقيقتون سمجهايون آهن؟
جواب: (1) نياز ۽ نوڙت اختيار ڪرڻ، غرور ۽ تڪبر کان بچڻ. (2) دنيا جي چمڪ تي انسان جو موهجڻ ۽ ان جو نتيجو خراب نڪرڻ. (3) شيطان جو پنهنجي مالڪ سان سينو ساهڻ ۽ انهي حجت بازي جي ڪري تڙجڻ. (4) بندي جون مالڪ جي در تي التجائون ۽ صدائون ڪرڻ. (5) انهن التجائن جي موٽ ۾ مالڪ طرفان مهر ڪرڻ ۽ مدايون معاف ڪرڻ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ ”بُرو“ ڪنهن لاءِ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ڀنڀور شهر ۽ مانگر مڇ لاءِ.
سوال: شاهه سائينءَ وسڪاري جي مند کي سر سارنگ ۾ ڪهڙن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: سارنگ ۽ ملهار جي نالن سان.
سوال: شاهه سائين سياري جي مند جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سامونڊي ۽ سر سهڻيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين بهار جي مند جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: مومل راڻو، پورب، سر سارنگ ۽ سر سسئي آبري جي وائي ۾.
سوال: شاهه سائين بهشت جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۾.
سوال: شاهه سائين وِهانءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ ۾ ۽ سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي وائي ۾ خزان ۽ بهار جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ٿلهه: تن من منجهه تنوار، هو يار سدا آهي سڪ جي،
پنجين مصرع- ڏيان خير خزان ۾ جي تو منجهه بهار. (سسئي آبري).
سوال: وقت جو وڏو ايڪو سال آهي، شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سال لاءِ ڪهڙو لفظ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ورهيه.
سوال: شاهه سائين لفظ ورهيه ڪهڙن سرن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر رام ڪلي، سر سسئي آبري، سر سارنگ ۽ سر سامونڊيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ سال جي چئن مدن کي ڪهڙا نالا ڏنا آهن؟
جواب: بهار کي واهوندو، (اونهارو، آڙهڙ، آڙهاڙ) وسڪارو ۽ سيارو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر ۾ ربيع ۽ خريف مند جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: سر ڪاپائتي.
سوال: شاهه سائينءَ جي سر ڏهر ۾ ڪيترا موضوع سمايل آهن؟
جواب: 14 موضوع.
سوال: جديد تحقيق موجب سر ڏهر ۾ ڪهڙا خاص موضوع بيان ڪيل آهن؟
جواب: (1) وهڪرا. (2) علائقا ۽ پٽ. (3) ٻيٽ ۽ جبل. (4) ماڳ مڪان. (5) قومون ۽ ذاتيون. (6) لوڙائو ۽ هاڻو. (7) ماري ۽ شڪاري. (8) پکي ۽ جانور.
سوال: شاهه سائينءَ پيرن ۾ پائڻ واري جُتيءَ جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پنجن بيتن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پيرن ۾ پائڻ واري جُتيءَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪوهياري، معذوري ۽ ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ مٿي تي پائڻ واري ٽوپيءَ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ انسان جي ٽي سؤ سٺ سنڌن ۽ جوڙن جو ذڪر ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٽي سؤ سٺ سنڌن سو ڏهتر هڏن،
سڀئي سور ڪڙهن، ڪهڙي آڇيان ويڄ کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن ۾ غريب عوام ۽ حڪومتي سرشتي جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: سر مارئي، ڪاموڏ، ڪاپائتي، سامونڊي ۽ سريراڳ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن سرن ۾ مظلومن جي ڀرپور طرفداري ڪئي آهي ۽ ظالمن جي مخالفت ڪري کين ننديو آهي؟
جواب: سر آسا، بلاول، سريراڳ، ڏهر، سارنگ، مارئي ۽ سرگهاتو ۾.
سوال: جديد تحقيق مطابق شاهه سائينءَ جي سر رامڪليءَ ۾ ڪيترا موضوع سمايل آهن؟
جواب: يارهن موضوع.
سوال: معاشرتي اصلاح لاءِ شاهه سائين ڪهڙي فارسي شاعر جي تبليغ جو انداز اختيار ڪيو هو؟
جواب: شيخ سعدي عليھ الرحمة
سوال: شاهه سائين پنهنجي عشق، ڏک ۽ درد جو اظهار ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: عمر ماروي، سسئي پنهون، مومل راڻو ۽ ليلان چنيسر ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙن انسانن کي مثالي انسان چيو آهي؟
جواب: سامين ۽ جوڳين کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي زبان جا ڪهڙا مڪروه لفظ پڙهڻ لاءِ ملن ٿا؟
جواب: ککي، ڇڇي، گند، ٻوڏ، ڪوڙه، ڦوٽ، ڪِير (حوالو، ڪتاب لطيفي لات مئي 1978ع).
سوال: شاهه سائينءَ هندو سناسين جي ٻارنهن ڏينهن جي ڪريا ڪرم جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي.
سوال: شاهه سائينءَ سر رامڪلي ۾ سامين کي ڪيترن نالن سان ڳايو آهي؟
جواب: ايڪٽيهه نالن سان.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ استعمال ٿيل ”لفظ وَرُ“، ان ساڳئي لفظ جون مختلف جاين تي ڪيتريون مختلف معنائون ملن ٿيون؟
جواب: پندرهن معنائون ملن ٿيون.
سوال: شاهه سائين پنهنجن بيتن ۾ صوفي منصور حلاج جو نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي ته وري شاهه ڪريم ڪهڙي بزرگ جو نالو وٺي ذڪر ڪيو آهي.؟
جواب: حسن خرقانيءَ جو.
سوال: شاهه سائينءَ تعليم جي مقصد کي ڪيترن ۽ ڪهڙن حصن ۾ ورهايو آهي؟
جواب: ٽن حصن ۾ 1. قوت فڪر، بصيرت ۽ ڄاڻ کي فروغ ڏيڻ. 2. شاگردن جي اخلاقي معيار کي بلند ڪرڻ. 3. هر فرد ۾ خودشناسي جي صلاحيت پيدا ڪرڻ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ کي ڪهڙن طبعي ڀاڱن ۾ تقسيم ڪيو آهي؟
جواب: ميداني، ريگستاني، ڪوهستاني ۽ ساحلي.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ ڪهڙن پهاڙن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: گنجو ٽڪر، پٻ، ڪانڀو، ڪارو، جائو، جمر، جر، لمون، هاڙهو، هٻو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ جبل ۽ انهن جي حصن کي ڪهڙن نالن سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: پٻ، گنجو، هاڙهو، ڪانڀو، ڪارو، جائو، جمر، جر، لمون، ٽڪر، جبل، ڏونگر، پهڻ، ڪوهه، ارڏو، اونچو، جاڏو، راڻو، روهه، رئي، ڇپون، ڇپر، لڪ، لڪيون، چاڙهه، گرنا، چاڙ هيڪا، چوٽيون، گس، پٻوني، پنڌ، راهون، ور ۽ وراڪا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ ”ميران“ ڪنهن لاءِ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: حضرت عبدالقادر جيلاني رحمةالله عليھ لاءِ.
سوال: شاهه سائين سر سريراڳ ۾ سمنڊ لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: (1) اوڙاهه. (2) عميق. (3) نيڍو. (4) سائر. (5) نير. (6) ٻار. (7) کارو. (8) اونهون.
سوال: شاهه سائينءَ قرآن شريف جون سڀ کان وڌيڪ آيتون ڪهڙن ٽن سرن ۾ استعمال ڪيون آهن؟
جواب: سر ماروي، ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ (حوالو، ڪتاب، شاهه جي ٻولي، آفتاب ابڙو).
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر جو بيت قرآن پاڪ جي سورةالبقره جي 163 ۽ 164 آيتن جو هوبهو ترجمو آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ جو پهريون بيت.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي رسالي جي ڪيترن سرن ۾ قرآني آيتون استعمال ڪيون آهن؟
جواب: 18 سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ قرآن شريف جون ڪيتريون آيتون ملن ٿيون؟
جواب: 138 ، محقق. ڊاڪٽر صبغت الله ڀٽو. ( ڪجهه ڪتابن ۾ 125 آيتون )
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بيت ۽ سر ۾ قرآن شريف جون پنج آيتون استعمال ڪيون آهن؟
جوب: مونا طور سينا سندا سناسين، سجده ۾ سيد چئي، گوڏا گودڙين.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر جا 74 بيت ۽ ٽي وايون قرآن پاڪ جي آيتن تي مشتمل آهن؟
جواب: سر ڪلياڻ.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ عربي چوڻين جو گهڻي کان گهڻو تعداد سر سسئي آبري جي ڪائين داستان ۾ ملي ٿو؟
جواب: پنجين داستان ۾.
سوال: سڀ کان پهريائين ڪهڙي ليکڪ شاهه جي رسالي ۾ بيان ڪيل قرآني آيتن، حديثن ۽ عربي مقولن جو تعداد 113 ڄاڻايو؟
جواب: ديوان ليلارام وطڻمل.
سوال: ڪهڙي شاعر پنهنجي ڪلام ۾ قرآن شريف ۽ حديثن مان 700 کان به وڌيڪ مثال ڏنا آهن؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: شاهه سائينءَ سر سورٺ ۾ ڪيتريون حديثون استعمال ڪيون آهن؟
جواب: چار حديثون.
سوال: شاهه سائين حديثن جو وڌ ۾ وڌ استعمال ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سسئي آبري، معذوري، آسا، سورٺ ۽ رامڪلي سرن ۾.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جا اهي ڪيترا سر آهن جن ۾ ڪابه آيت استعمال ٿيل نه آهي؟
جواب: 12 سر. (حوالو، ڪتاب. شاهه لطيف جا فڪري سرچشما، ص. 23 ).
سوال: شاهه سائين خون بها لاءِ ان جو سنڌيءَ ۾ هم معنى ڪهڙو لفظ ۽ ڪهڙي سر ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: لفظ ديت، سر سسئي آبري. داستان يارهون.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ سڀ کان وڌيڪ پهاڪا ۽ چوڻيون ڪهڙن سرن ۾ بيان ٿيل آهن؟
جواب: سر سهڻي، مارئي ۽ ديسي ۾ شعر، پهاڪا ۽ چوڻيون ٻين سرن کان وڌيڪ بيان ٿيل آهن.
سوال: شاهه سائين جي سر ديسيءَ ۾ ڪيترن پهاڪن ۽ چوڻين واريون سٽون ملن ٿيون؟
جواب: 73.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ صابڻ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ملي ٿو؟
جواب: سرديسي، سريراڳ ۽ معذوري جي وائيءَ ۾.
سوال: هي سٽ ”لکين نعمتون لطيف“ ڪهڙي سر ۾ استعمال ٿيل آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: تصوف جي لحاظ کان شاهه صاحب جو مَحبُوبَ موضوع ڪهڙو هو؟
جواب: وحدت الوجود.
سوال: شاهه سائين جا ڪهڙا سر موضوعاتي آهن؟
جواب: سامونڊي، کاهوڙي، ڪاپائتي، ڪارايل، رپ، گھاتو، پورب ۽ ڏهر.
سوال: شاهه سائين رسالي جي ڪهڙن سرن ۾ انساني عضون (جيرا، جگر ۽ بڪين) جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: جيرا، يمن ڪلياڻ، ليلا چنيسر ۽ حسيني ۾. جگر، يمن ڪلياڻ ۽ معذوري ۾ ۽ بُڪيون يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائين سر کنڀات ۾ ڪهڙن انساني عضون جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اک، نڪ، پيشاني، منهن.
سوال: شاهه سائين سر معذوريءَ ۾ ڪهڙن انساني عضون جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: پيرن، آڱرين، آڱوٺن، هٿن، گوڏن جي مونن ۽ پيشانيءَ جو.
سوال: شاهه جي رسالي جا ڪهڙا سر لاڙ خطي جي تاريخي نيم داستانن سان واسطو رکن ٿا؟
جواب: سر ڪاموڏ، گھاتو، رپ، سامونڊي، سريراڳ، سسئي پنهون ۽ ليلا چنيسر.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ لفظ ”فقير“ ڪيترن سرن ۾ بيان ٿيل آهي؟
جواب: ڏهن سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن ڏهن سرن ۾ لفظ ”فقير“ جو بيان ٿيل آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، سامونڊي، سهڻي، سسئي آبري، ديسي، مومل راڻو، کاهوڙي، رامڪلي، مارئي ۽ سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڪيترن سرن ۾ ٿر جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: 11 سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ٿر جو پسمنظر ڪهڙن سرن ۾ بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئي، ڏهر ، سارنگ، مومل راڻو ۽ سر ڍول مارئيءَ ۾.

سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جو اهو ڪهڙو سر آهي جنهن ۾ ٻن سٽن وارا بيت تمام گهڻا شامل ڪيل آهن؟
جواب: سر حسيني.
سوال: شاهه سائينءَ، مٺو کارو ۽ ڊيلٽا تي ڪهڙا سر چيا آهن؟
جواب: سر سريراڳ، سر سامونڊي ۽ سر سهڻي.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جي ڪيترن سرن ۾ برسات جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: 21 سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ برسات جو ذڪر سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ رب العالمين کي پنهنجو پرين ٿو پسي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪلام کي بنگالي ٻوليءَ ۾ ڪنهن ترجمو ڪيو آهي؟
جواب: محمد ابراهيم (حوالو، مهراڻ).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌي لغت کي ڪهڙو نئون لفظ ڏنو؟
جواب: خوابنده.
سوال: شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ لفظ خاڪ ڪيترن بيتن ۾ استعمال ٿيل آهي؟
جواب: 8 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ انسان جا ڪهڙا دشمن بيان ڪيا آهن؟
جواب: نفس، شيطان، حرص و طمع (حسد ۽ ڪينو)، هٺ (خودي ۽ وڏائي)، لالچ، گلا ۽ غيبت.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ”زمر زخرف“ کي ڪيترن بيتن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: 16 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي واين جي آخر ۾ سٽ ”اديون عبداللطيف چئي“ ڪيترا ڀيرا استعمال ڪئي آهي؟
جواب: 62 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين ڪراچيءَ واري ملير جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر حسينيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ وطن کي ڪهڙا الڳ الڳ نالا ڏنا آهن؟
جواب: سنڌ، سنڌڙي، جوءِ، ڀونءِ، ساڻيهه، ڏيهه، ملڪ ۽ وطن وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ديس واسين کي ڪهڙا نالا ڏنا آهن؟
جواب: لوڪ، سيڻ، سنگهار ۽ ولهار.
سوال: شاهه سائينءَ ڪانگن ۽ ٻگهن کي ڪنهن سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: پيٽ جي پوڄاري انسانن سان.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ظاهري سهڻن ۽ اندر جي بڇڙن انسانن لاءِ ٽوهه جي تشبيهه استعمال ڪئي آهي؟
جواب: سر بروو سنڌيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ مينهن جي سڱن جي ور وڪڙن کي محبوب جي محبت وارن پيچن سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: سر بروو سنڌيءَ ۾.
سول: شاهه سائين سر ڪيڏاري ۾ حضرت امام حسين عليھ السلام جي رت لڳل ڏندن کي ڇا سان تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: ڏاڙهونءَ جي گلن ۽ موتين جي لڙهيءَ سان.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن ٻن سرن ۾ تشبيهه نگاري جو استعمال تمام گهٽ ڪيل آهي؟
جواب: سر کاهوڙي ۽ ڪاپائتيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙن ٻن سرن ۾ اوتڙ ۽ ستڙ جو استعاراتي استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر سريراڳ ۽ سامونڊي.
سوال: شاهه سائينءَ رمضان جي روزن جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ٻن بيتن ۾.
سوال: شاهه جي سر مومل راڻي، ڪاموڏ ۽ گهاتو ۾ اٽڪل ڪيترا اصطلاح ڪم آيل آهن؟
جواب: 270 اصطلاح.
سوال: شاهه سائينءَ جي سر سهڻيءَ ۾ اٽڪل ڪيترا اصطلاح ڪم آيل آهن؟
جواب: 180 اصطلاح.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي سر ۾ اٽڪل 73 سٽون پهاڪي ۽ چوڻيءَ طور ملن ٿيون؟
جواب: سر ديسيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي رنگ کي استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ڳاڙهي رنگ کي.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ ڳاڙهي رنگ جو استعمال اٽڪل ڪيترن بيتن ۾ ملي ٿو؟
جواب: 90 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ ڪاري رنگ جو استعمال اٽڪل ڪيترن بيتن ۾ ملي ٿو؟
جواب: 32 بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ ڪهڙو رنگ آسودگي ۽ خوشحاليءَ جي علامت طور استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سائو رنگ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اڇي رنگ جو استعمال ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 17 ڀيرا.

سوال: شاهه سائين پنهنجي محبوب کي ڇا سڏيو آهي ۽ ان لاءِ ڪهڙو رنگ پسند ڪيائين؟
جواب: لالن ۽ ڳاڙهو رنگ پسند ڪيائين.
سوال: شاهه سائين ڳاڙهي رنگ لاءِ ٻيا ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: لال، لالن، رت ورنو، ڪڪور، ڀنڀو، ڳاڙهو، مڃٺ، ارتو، ريٽو، کنهنبو، سرخي، ڪڪو ۽ رتڙو وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي رسالي جي ڪيترن سرن ۾ عورت کي تمثيلي ڪردار طور ڪتب آندو آهي؟
جواب: 12 سرن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي وچولي کي ڪهڙي نالي سان بيان ڪيو آهي؟
جواب: تَر.
سوال: جيڪي حڪيم مرض جي شناخت نه ٿا ڪري سگهن، شاهه سائينءَ انهن حڪيمن کي ڇا ڪوٺيو آهي؟
جواب: ڪُويڄ ۽ ڏڏ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ٻارهن ڪن ۽ ٻٽيهه تڙن جو ذڪر ڪيترن بيتن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: چئن بيتن ۾. (حوالو. شاهه جو رسالو. مرتب. جنجهي ).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ م اکر ڪهڙي سر ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر سسئي آبريءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جا اهي ڪهڙي پنج سر آهن جن ۾ م اکر جو استعمال تمام گهٽ ٿيل آهي؟
جواب: سر گهاتو، کاهوڙي، ڪيڏارو، ڪاپائتي ۽ سر پرڀاتي.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ ڌاري ٻوليءَ جي ناڪاري اکر ” م “ کي پنهنجي ڪلام ۾ اٽڪل ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: چار سؤ ٽيويهه ڀيرا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ هالا جي رنڱيل ڪپڙن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻي ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ ماپ تور ۾ ايمانداري ۽ حساب ڪتاب ۾ سچائيءَ جو درس ڏنو آهي؟
جواب: سر سريراڳ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ وياج خورن کي ملامت ڪئي آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.

سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي هر هڪ سر ۾ ڪهڙي دعا گهري آهي؟
جواب: يا الله منهنجو هن ڪوڙي جهان سان ناتو ختم ڪر، منهنجي روح کي آزاد ڪر ته مان پنهنجن اباڻن سان وڃي ملان.
سوال: شاهه سائينءَ سسئي آبري جي ڪهڙي بيت ۾ پنج محاورا ڪم آندا آهن؟
جواب: قد ٻڌي تون ڪيئن، پهچندينءَ پنهونءَ سين،
جيئن سينو ساهين سسئي، ٿين تهوارون تيئن،
مٺي ٿي مسڪين، همت هوت وڃائيو.
سوال: شاهه سائينءَ سر ڪاموڏ ۾ ڪيترا اصطلاح ڪتب آندا آهن؟
جواب: 96 .
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ طبقاتي اونچ نيچ کي ختم ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ.
سوال: سر رامڪليءَ ۾ تيرهين رات کان وٺي ٽيهين رات تائين ڪهڙي فقير جو اضافو ٿيل آهي؟
جواب: ولي محمد هاليپوٽو. (حوالو. ڪتاب. نذر لطيف، ص. 82 )
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ لفظ سائر ڪهڙي سر ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر سهڻي ۾ (سائر ٻوڙي سهڻي).
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لفظ پهون ڪهڙي جانور لاءِ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ٻڪريءَ لاءِ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾، اندر جي مڪمل سچائي لاءِ ڪهڙو لفظ ڪتب آندو آهي؟
جواب: هيج. (هيج نه هوندو جن، سي ڪيئن وندر).
سوال: شاهه سائين چاريءَ ڪردار جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ چارو ۽ چاري وارا لفظ ڪهڙن سرن ۾ ڪتب آندا آهن؟
جواب: سر سهڻي، ڏهر، کنڀات ۽ سر ڪوهياريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي سرن ۾ سڀ کان وڏو سر ڪهڙو آهي؟
جواب: سر مارئي، ٻيو نمبر سر حسيني.
سوال: شاهه سائين جي سرن ۾ سڀ کان ننڍو سر ڪهڙو آهي؟
جواب: سر گهاتو.
سوال: کنڀات جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: کنڀ وارو. ٿنب وارو.
سوال: بروو ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي ۽ ان جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: برهه وارو يا برهه جو بيمار.
سوال: بروو ڪهڙو ڪاروبار ڪندو هو؟
جواب: گوشت وڪڻندو هو.
سوال: سري. راڳ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: نهر. جهرڻو، پاڻي جو نمونو، يا پاڻي وارو راڳ.
سوال: گهاتو لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: ماريندڙ. شڪار ڪندڙ. مڇي ماريندڙ.
سوال: کاهوڙي جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: کهي وارو. کهيڙي وارو. جبلن تي ڏٿ ڳوليندڙ.
سوال: لفظ پرڀاتي جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: صبح وارو.
سوال: لفظ ڪارايل جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڪارڙو مور. ڪارڙو هنج.
سوال: ڏهر ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي ۽ ڏهر جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: ڏهر هندي ٻولي جو لفظ آهي، ڏهر معنى هيٺاهون ميدان ٻن واري جي دڙن جي درميان ٺهيل ماٿري.
سوال: آبري جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: هيڻي. اڀري. اڃايل وغيره.
سوال: لفظ ديسي ڪهڙو ٻولي جو لفظ آهي ۽ ان جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: سنسڪرت ٻولي جو آهي. ڏيهي، ملڪي، ڳوٺاڻي.
سوال: حسيني ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي ۽ ان جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: عربي ٻولي جو لفظ آهي. حسيني معنى حسين وارو. حسين جو پيروڪار.
سوال: راڻو ڪهڙي ٻولي جو لفظ آهي؟
جواب: پراڪرتي ۽ هندي ٻولي جو.
سوال: راڻو لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: ننڍو راجا. ننڍڙي علائقي جو والي.
سوال: لِيلا جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: راند روند.کيل تماشو. انگل آرو. ناز نخرو. چلو لائي وغيره
سوال: سورٺ لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: حسين ۽ خوبصورت.
سوال: رپ لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: آفت. مصيبت. ڇپ سخت ڳرو.
سوال: رامڪلي جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: فقيرن جون ڳالهيون. رمتا جوڳي.
سوال: آسا لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: آس. اميد، تمنا، خواهش، آرزو وغيره.
سوال: مارئي لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: مارو جي. (مال چارڻ واري، سيل ۽ ست واري).
سوال: سهڻي سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي ان جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: خوبصورت. سندر. ٺاهوڪي. وڻندڙ وغيره.
سوال: سارنگ لفظ جي لغوي معنى ڇا آهي؟
جواب: رنگارنگي. ميگهه. جهڙ. ملهار. جهڙالي موسم وغيره.
سوال: شاهه سائين ڪاٺ واري هندوري جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: ليلا چنيسر ۽ سر ڪاموڊ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ آئيني، آرسي لاءِ ڪهڙو لفظ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: آهيريان.
سوال: لفظ کيترا جي معنى ڇا آهي؟
جواب: بوٽ.
سوال: شاهه سائين ظاهري طور اهل بيت جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏارو. ڪامل ڪربلا ۾ اهل بيت آيا.
سوال: شاهه سائين رُڪَ جوڙڻ جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائين رُڪَ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات.
سوال: شاهه سائين پنهنجن ڪهڙن سرن ۾ شڪار ڪندڙ بازن ۽ انهن جي قسمن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر رپ، آسا ۽ سر شينهه ڪيڏارو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ مرون جي گهانڊار واري شڪار جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪليءَ جي وائيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ لاڙي اجرڪ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مومل راڻو ۽ سر حسيني ۾.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ عالم ۽ رهبر کي ڏيئو قرار ڏنو آهي؟
جواب: سر آسا ۾ .
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ ماموئي فقيرن جي تشبيهه ڏني آهي؟
جواب: سر مومل راڻو.

سوال: شاهه سائين ٻليار (ٻلهيار) رياست جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڏهر ۾ .
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ جوڳين جي هڪ پنٿ جو نالو حسنين بيان ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو سر نج ڪوهستاني آهي؟
جواب: سر پرڀاتي.