پنهنجي پاران
سال 2000ع کان وٺي منهنجي دلي خواهش هئي ته مرشد لطيف سائين جي زندگي بابت موضوع وار ڪتاب ترتيب ڏيان، پر مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب پڙهي پوءِ اڌ ۾ ڪم کي ڇڏي ڏنم ۽ مطالعو جاري رکيم. پوءِ 2006ع کان رهيل ڪم کي آڻڻ جي ڪوشش ڪيم، پر ان تي به پورو نه لهي سگهيس. جيڪڏهن شاهه سائينءَ تي موضوع وار ڪوئيز ڪتاب صحيح نموني تيار ڪجي ته ڪتاب جا ٻه ضخيم جلد تيار ٿيندا. مون ناچيز ڪتاب ڏورڻ منجهان ڏس (لطيفي معلومات موضوع وار) ترتيب ڏئي اوهان سڄڻن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب مان ڪافي مواد مون کان رهجي ويو هوندو، هي ڪم منهنجي وس کان وڏو هو پر تنهن هوندي به توهان کي هن ڪتاب ۾ ڪجهه نئين معلومات ضرور ملندي. ڪتاب جو مهاڳ شاهه سائين جي راڳي فقير حاجن نظاماڻيءَ صاحب لکيو آهي. نظاماڻي صاحب جا لک قرب جو ڪتاب جو مهاڳ لکڻ دوران فون ڪري ڪجهه نئين معلومات به مهيا ڪيائون. ان کان علاوه آءُ سائين محرم علي مشوري صاحب جو نهايت مشڪور آهيان جو ڪتاب متعلق ٻه اکر لکيائون.
مون شاهه سائينءَ بابت جيڪو به مواد سهيڙيو يا لکيو آهي اهو پنهنجي ريڊيو لسنر دوستن جي سهولت خاطر هڪ هنڌ سهيڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. منهنجي ان ڪم کي منهنجي ادبي دوستن توڙي پروڊيوسرن، ڪمپيئرن ۽ لسنرن تمام گهڻو ساراهيو آهي، جن ۾ عبدالغفار گوهر دائود پوٽو، پروين موسى ميمڻ، ساجد چانڊيو، طارق عزيز شيخ، ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، بشير احمد هيسباڻي، صفدر حسين مرزا، عبدالغني خاصخيلي، پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري، معشوق محسن ابڙو، نصر الله ڏاهري، استاد علي رضا لاڙڪ، ريڊيو پاڪستان جو مشهور براڊڪاسٽر جناب وسند علي مهر صاحب، اعجاز وساڻ صاحب، محترم محمد موسى چانڊيو، خليل جان قريشي، نظر علي نائچ، علي نواز پلي، علي عمران سمون، امجد هيسباڻي، مير مرڪ واڍو، حاجي حسين جلباڻي، دوست محمد لغاري، منور علي ڌاريجو، محمد خان زرداري، سڪندر علي سرواڻ، وفا نور محمد مهر، حاجي عبدالجليل لغاري، مزار خان فراش، مير حسن مهر، عاجز کوکر، عبداللطيف لطيفي، ممتاز علي عالماڻي، عبدالرحمان ڏيپلائي، مير اڪرم علي ٽالپر، عبدالڪريم ويسر، ارشد حسين هڪڙو، عابد حسين ٻرڙو، عبدالغفار جعفري، جناب عبدالرحيم خاصخيلي صاحب، وفا تاج محمد خاصخيلي، علي گل لاشاري، عاشق خاصخيلي، غلام جعفر شر، خدا بخش شر ۽ ٻين تمام گهڻن دوستن جو نهايت ٿورائتو آهيان.
شاهه سائينءَ متعلق هن کان اڳ منهنجا جيڪي به ڪتاب شايع ٿيا آهن اهو مواد ۽ هي مواد مون پنهنجي ذاتي لئبرريءَ مان سهيڙيو آهي. اميد اٿم ته هي ڪتاب اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن لاءِ ذهني چٽا ڀيٽيءَ جي امتحانن ۾ بهترين رهبر طور ڪم ايندو. ڪتاب ۾ ڏنل مختلف موضوعن ۾ ٿي سگهي ٿو ڪٿي ڪٿي پروفن جي غلطيءَ سبب ڪا نظر چڪ ٿي هوندي، سو مهرباني ڪري منهنجي اصلاح ضرور ڪندا.
خادم العلم
راهب علي لاڙڪ
لطيف لئبرري کاهي راهو
وايا ضلعو نوشهرو فيروز
03013528644 ـ 03463661473
25 جولاءِ 2023ع