لطيفيات

ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.

Title Cover of book ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

شاهه سائين جي خاندان بابت

سوال: شاهه ڪريم جا ابا ڏاڏا اصل ڪٿان جا رهاڪو هئا؟
جواب: هرات شهر جا (موجوده ملڪ افغانستان).
سوال: شاهه ڪريم جا وڏڙا 1398ع ڌاري سنڌ ۾ ڪهڙي حاڪم جي دور ۾ آيا؟
جواب: حاڪم سلطان صلاح الدين جي دور ۾.
سوال: شاهه ڪريم جا وڏڙا ڪنهن جي زماني ۾ هرات کان سنڌ ۾ آيا هئا؟
جواب: امير تيمور جي زماني ۾.
سوال: شاهه ڪريم جي خاندان مان ان پهرين بزرگ جو نالو ٻڌايو جنهن اچي هرات کي وسايو هو؟
جواب: سيد مير علي هراتي.
سوال: امير تيمور 1398ع ۾ هندستان فتح ڪري هرات ۾ آيو ته سندس لشڪر جي مهماني ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: سيد مير علي هراتيءَ.
سوال: سيد مير علي هراتي، امير تيمور جي شاهي لشڪر جي مهمانيءَ لاءِ ڪيتري رقم نذراني طور پيش ڪئي هئي؟
جواب: ٻه لک ٻاهٺ هزار ٽي سؤ ٻارنهن روپيه (لشڪر جو تعداد به ايترو هيو.)
سوال: امير تيمور ، سيد مير علي هراتيءَ جي ڇهن فرزندن کي ڪهڙن عهدن تي فائز ڪيو؟
جواب: 1.مير عبدالباقي، اجمير جو حاڪم. 2.مير عبدالواحد شاهه، ملتان جو حاڪم. 3.مير عبدالرزاق شاهه، سکر بکر جو حاڪم. 4.مير ابوبڪر شاهه، سيوستان جو. 5.شرف الدين نوڪري اختيار نه ڪئي. 6.مير حيدر شاهه پنهنجي پيءُ سان گڏ سلطان جي حاضريءَ ۾ هوندو هو.
سوال: سيد حيدر بن سيد مير علي 801هه ۾ ڪنهن سان گڏجي هندستان ويو هو؟
جواب: امير تيمور سان گڏجي.
سوال: شاهه سائينءَ جا وڏا بزرگ پهريائين سنڌ جي ڪهڙي شهر ۾ آباد ٿيا؟
جواب: هالا ڪنڊي (پراڻا هالا).
سوال: شاهه سائينءَ جي وڏڙن مان سنڌ ۾ سڀ کان اڳ ڪير آيو هو؟
جواب: سيد حيدر شاهه، هالن ۾ اچي رهيو.
سوال: سيد حيدر شاهه ڪنهن وٽان شادي ڪئي هئي؟
جواب: شاهه محمد هالي جي نياڻي فاطمھ سان.
سوال: سيد حيدر شاهه پنهنجي امڙ فاطمھ جي نالي سبب پنهنجي گھرواريءَ جو اصلي نالو مٽائي ٻيو ڪهڙو نالو رکيو؟
جواب: بيبي سلطانه.

سوال: سيد حيدر شاهه هاله ڪنڊيءَ ۾ ڪيترو عرصو رهيو؟
جواب: هڪ سال پنج مهينا.
سوال: سيد حيدر شاهه هرات ۾ ڪيترو عرصو رهيو؟
جواب: ٽي سال ستاويهه ڏينهن.
سوال: سيد حيدر شاهه گھڻيون شاديون ڪيون؟
جواب: ٻه.
سوال: سيد مير علي ثاني ڪنهن جو پٽ هو؟
جواب: سيد حيدر شاهه جو.
سوال: سيد مير علي جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 802هه / 803هه ( 1400ع / 1401ع ) ڌاري هالا ڪنڊي ۾.
سوال: سيد حيدر شاهه کي هرات واري گھر واري مان ڪيترو اولاد هو؟
جواب: ٻه پٽ، سيد محمد ۽ حسين.
سوال: سيد حيدر شاهه جو هرات ۾ وصال ٿيو ته سندس فرزند سيد مير علي ثانيءَ ڪهڙيون نشانيون کڻي هرات روانو ٿيو؟
جواب: ٽڪ واري منڊي، جڙدار خنجر ۽ هراتي ٻانهي.
سوال: سيد مير علي ڪنهن سان گڏ هرات ويو هو؟
جواب: پنهنجي چاچي شرف الدين شاهه سان.
سوال: سيد مير علي ثاني ڪيتريون شاديون ڪيون؟
جواب: ٻه شاديون، هاله قوم مان فرزند شرف الدين. ٻي ترڪ قوم مان، ان گھر واري مان فرزند احمد شاهه.
سوال: سيد مير علي ثاني جي ڪهڙي پٽ کي تيمور بادشاهه پاڻ وٽ صلاح مصلحت ۽ خانگي ڪمن لاءِ رکيو هو؟
جواب: سيد شرف الدين شاهه کي.
سوال: مٽيارين جي شهر ۾ ڪهڙي بزرگ جو اولاد شرف پوٽا نالي سان سڏبو آهي؟
جواب: سيد مير علي جو.
سوال: چانگن جي ظلم کان تنگ ٿي کين پاراتو ڏيندي هي لفظ ڪهڙي بزرگ شخصيت چيا هئا ”چانگ کاڌا نانگ، کپر سڀ کپائيا“؟
جواب: سيد مير علي ثاني.
سوال: شاهه ڪريم ڪهڙي بزرگ جي چوٿين پيڙهيءَ مان هو؟
جواب: سيد شرف الدين شاهه جي.
سوال: شاهه عبدالڪريم جي ولادت ڪهڙي هجري، عيسوي تاريخ، مهيني ۽ سال ۾ ٿي؟
جواب: 20 شعبان 944هه/ 30 جنوري 1538ع تي مٽيارين جي ڳوٺ ۾.

سوال: ”هيءَ اسان جي امانت آهي ان جو نالو عبدالڪريم رکج ۽ ان جو خيال ڪر“ شاهه ڪريم جي امڙ کي خواب ۾ اهي لفظ ڪهڙي عظيم هستيءَ چيا هئا؟
جواب: پاڻ ڪريمﷺ جن.
سوال: شاهه ڪريم جي والد صاحب جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: سيد ميان لعل محمد شاهه.
سوال: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڏاڏي جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: عبدالمنعم شاهه.
سوال: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو شجرو ڪهڙي امام سڳوري سان ملي ٿو.
جواب: ستين امام موسى ڪاظم عليھ السلام سان.
سوال: شاهه ڪريم صغيري واريءَ عمر ۾ ڪنهن جو واعظ ٻڌندو هو؟
جواب: مخدوم ضياءُالدين جو.
سوال: ڪهڙي بزرگ شاهه ڪريم جي ننڍي هوندي پٺي ڏسڻ شرط چيو ”سبحان الله هي ڇوڪرو هن عمر ۾ ئي حضرت خضر عليه السلام سان صحبت ۾ آهي جيڪڏهن کيس جوانيءَ ۾ ڏسان ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها“؟
جواب: مخدوم ضياءُالدين.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي سادات شاعر سنڌي شاعري جي پيڙهه رکي؟
جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي شاعر کي ”سنڌي زبان جو سُهيل“ سنڌ جو چاسر، سنڌي زبان جو وهائو تارو، شاهه لطيف جو مبشر چيو وڃي ٿو؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري کي.
سوال: شاهه عبدالڪريم کي ڪيترو اولاد هو؟
جواب: اٺ پٽ ۽ 2 نياڻيون (11 فرزند، 3 عاجزائون، حوالو ڪتاب شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام صفحه 29).
سوال: شاهه ڪريم جي فرزندن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) سيد لال شاهه. (2) سيد عبدالرحيم. (3) سيد جلال شاهه. (4) سيد برهان.(5) سيد الله مجذوب. (6) سيد دين محمد. (7) سيد حسين. (8) سيد عبدالقدوس.
سوال: سيد عبدالقدوس شاهه جي پٽن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: شاهه حبيب ۽ عبدالرشيد.
سوال: ميين شاهه ڪريم جي اولاد مان ڪهڙا ٻه درويش تلهار جي علائقي ۾ سڪونت پذير ٿيا؟
جواب: سيد پنيلڌو ۽ سيد مڱيلڌو.
سوال: ڪهڙي بزرگ جي وصال وقت شاهه ڪريم جن فرمايو ”اي منهنجي جگر جا ٽڪڙا حضور صلعم جن جي خدمت ۾ اسان جا سلام عرض رکجانءِ“؟
جواب: سيد لال شاهه جي وصال تي.
سوال: شاهه ڪريم جو ڪهڙو فرزند تمام گھڻو خوبصورت هو؟
جواب: سيد جلال شاهه.
سوال: شاهه ڪريم جو ڪهڙو فرزند متقين ۽ زاهدن جو اڳواڻ هو؟
جواب: حضرت سيد برهان شاهه.
سوال: شاهه ڪريم جن پنهنجي ڪهڙي فرزند لاءِ فرمايو هو ته ”جڏهن ڪو اسان جي يارن منجهان ڪنهن مشڪل ۾ ڦاسي ته هن وٽ وڃي پنهنجي مشڪل بيان ڪري؟
جواب: سيد حسين شاهه لاءِ.
سوال: مخدوم ابراهيم بن نوح ڪهڙي بزرگ جي ولادت وقت فرمايو، الحمد الله سيد عبدالڪريم ثاني پيدا ٿيو آهي؟
جواب: سيد عبدالرحيم شاهه بن شاهه ڪريم لاءِ.
سوال: شاهه ڪريم جن پنهنجي ڪهڙي فرزند کي ”خادم الفقراء“ چوندا هئا؟
جواب: ستين فرزند سيد حسين شاهه کي.
سوال: شاهه ڪريم جي مرشد سڳوري جو نالو ٻڌايو؟
جواب: سلطان ابراهيم اصل بهار جو.
سوال: شاهه ڪريم بلڙي واري کي دعا طور هيءُ لفظ ڪهڙي بزرگ چيا ته ”پنهنجي عيال جي خدمت ڪر اسان حج تي اسهيا آهيون“؟
جواب: سلطان ابراهيم.
سوال: هن پسگردائيءَ ۾ ڪهڙا بزرگ آهن ۽ اهي ڪهڙي طريقي سان خدا کي ياد ڪن ٿا، اهي لفظ شاهه ڪريم کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: سلطان ابراهيم بهاريءَ.
سوال: شاهه ڪريم کي ڪهڙي بزرگ پنهنجي پيزار يعني جُتي لاهي ڏني هئي؟
جواب: سلطان ابراهيم بهاريءَ.
سوال: شاهه ڪريم جي مرشد کي ڪهڙي بزرگ جي ذڪر جو طريقو دل کي ڏاڍو وڻيو هو؟
جواب: ميان يوسف جو طريقو.
سوال: شاهه ڪريم قادري طريقي ۾ ذڪر جي تلقين ڪهڙي بزرگ کان ورتي هئي؟
جواب: سلطان ابراهيم بهاريءَ کان (باطني فيض شاهه ڪليم الله کان).
سوال: مخدوم نوح سرور ڪهڙي بزرگ لاءِ پنهنجن مريدن کي چيو هو ته : جيڪي هن ۾ ڏٺو اٿم سو اوهان کي پوءِ ٻڌائيندس؟
جواب: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري لاءِ .
سوال: شاهه ڪريم جن ڪهڙي بزرگ جي اشاري يا چوڻ تي بلڙي جو شهر وسايو هو؟
جواب: مخدوم نوح جي چوڻ تي.

سوال: حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي ولادت ۽ وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: ولادت 27 رمضان جمع 911هه مطابق 1500ع هالا ڪنڊي (ڳوٺ ٽوڙي). وصال جمع 27 ذوالقعد 998هه مطابق 1586ع هالا ڪنڊي (ٽوڙي).
سوال: حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور ڪهڙن لقبن سان مشهور آهي؟
جواب: غوث الحق، قطب القطاب، غوث الزمان، ولي الولاية، سرتاج الاولياءُ، شمس الشريعت، سرور پير، سرور شاهه وغيره.
سوال: حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جي مشهور چئن خليفن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: 1. سيد ابوبڪر لڪياري. 2. درويش عمر بودلو. 3. محمد عثمان عصار. 4. سيد علي شيرازي.
سوال: شاهه ڪريم سيد پور ڳوٺ ۾ ڪم از ڪم ڪيترو عرصو گذاريو هو؟
جواب: پنجاهه سال.
سوال: شاهه ڪريم جي محبت ۽ پريت سببان مخدوم نوح پنهنجو ڪهڙو فرزند سندس خدمت ۾ پيش ڪيو هو؟
جواب: پير سلطان.
سوال: شاهه ڪريم جو مال ڪهڙو فقير چاريندو هو ۽ سندس اوطاق جي ٻهاري به ڏيندو هو؟
جواب: ميون موسو آچاري جت.
سوال: ڪهڙو بزرگ شاهه ڪريم بلڙيءَ وارن جي پاڪن لاءِ جيسلمير گجرات مان جنڊ کڻي آيو هو؟
جواب: درس محمود ٻانهاڻي.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو خليفو درس محمود ڪٿي رهندو هو؟
جواب: نيڙ ۾ رهندو هو، اها سيم ٻنيءَ ڪڇ ۾ آهي.
سوال: شاهه ڪريم جو همعصر ۽ صحبتي ميهار فقير نهڙي ڪٿي آرامي آهي؟
جواب: آمري قبرستان ۾.
سوال: سمن صالحن جي جاءِ تي ڪهڙي بزرگ چلو ڪڍيو ۽ پوءِ آمري جو وڻ پوکيو هو؟
جواب: غوث بهاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ ابل جو ذڪر ڪيو آهي، ٻڌايو ته ابل جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: سومرو.
سوال: ڪهڙي بزرگ هستيءَ شاهه گودڙيي عرف بهاءُالدين کي ڏسي فرمايو ته ”هن ۾ مون کي مخدوم نوح نظر اچن ٿا“ ؟
جواب: شاهه ڪريم بلڙي واري.
سوال: شاهه ڪريم جي مٿان گرم رٻ جو ڪنگر ڪنهن هاريو هو؟
جواب: مائي بلڙيءَ.
سوال: مائي بلڙيءَ جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: اصل نالو حوا.
سوال: بلڙي ڳوٺ کي ڪنهن ۽ ڪڏهن آباد ڪيو؟
جواب: مائي بلڙيءَ 483هه ۾ .
سوال: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري سان ڪهڙو بزرگ شاعر هر جمعي تي رهاڻ ڪرڻ لاءِ ايندو هو؟
جواب: پيروز فقير.
سوال: شاهه ڪريم جي مجلس ۾ ڪهڙا مشهور عالم شريڪ ٿيندا هئا؟
جواب: مولانا محمد صدر، مخدوم حامد ۽ مولانا دائود مفتي.
سوال: شاهه ڪريم ڪهڙن وڏن عالمن جي صحبت مان گهڻو لاڀ پرايو هو؟
جواب: سيد يوسف بکري ۽ حضرت مخدوم نوح جي صحبت مان.
سوال: سنڌ جو ڪهڙو شاعر سنڌي بيت چوڻ ۾ پنهنجي خوش آوازي ۽ الحان ڪري گهڻو مشهور هو؟
جواب: حضرت شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو.
سوال: شاهه ڪريم تصوف جي ڪهڙي طريقي سان وابسته هو؟
جواب: اويسي طريقي سان.
سوال: ان بزرگ جو نالو ٻڌايو جيڪو سنڌ ۽ ڪڇ کانسواءِ گجرات ۽ احمد آباد تائين سماع جي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو.
سوال: شاهه ڪريم پنهنجي فقيرن کي سفر ڪرڻ وقت ڪهڙين ٽن منزلن تي ترسڻ جي هدايت ڪئي هئي؟
جواب: 1.درياءَ جي ڀرسان 2. قبرستان وٽ 3. مسجد ۾.
سوال: شاهه ڪريم وقت جي ڪهڙي عالم ۽ فاضل کان رسول پاڪ جن جي فرمودي الانسان عبيدالاحسان جو مطلب پڇيو هو؟
جواب: ميان حامد ڏاڏو ڻائي کان.
سوال: رات جي وقت جڏهن سڀ سمهي پوندا هئا ته شاهه ڪريم ڪهڙن بزرگن جي حاضري ڀريندو هو؟
جواب: درويش شيخ جهنڊي پاتڻيءَ جي مقبري تي، پير آر ۽ شيخ پٺو.
سوال: هڪ ڀيري سيد جلال شاهه، شاهه ڪريم کي سماع جي محفل مان زوريءَ اٿاري پنهنجي نيڪ سيرت والده ماجده وٽ پيش ڪيو ته شاهه ڪريم جن ان وقت ڪهڙو بيت پڙهيو؟
جواب: ان درسندي مڱڻي اڳي ايئن نه هير،
جيئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سمهي.
سوال: سيد جلال شاهه جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: موجوده بلڙيءَ کان ٻه ڪلوميٽر اتر اولهه طرف شاهه ڪريم جي اڏيل ڳوٺ ۾.
سوال: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڀاءُ سيد جلال شاهه جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: مخدوم نوح جي درگاهه ۾ موجود چوڪنڊيءَ ۾ 13 پاڳارن سان گڏ چوڏهين قبر سيد جلال شاهه جي.
سوال: ”سائين جنهن نظر سان خدا جو ديدار ڪريو ٿا مون تي به اها نظرِ شفقت ڪيو“ شاهه ڪريم کي اهي لفظ ڪهڙي بزرگ چيا هئا؟
جواب: درويش بهاءُالدين گودڙئي.
سوال: شاهه ڪريم جو خليفو ميون مرکيو ڪٿي رهندو هو؟
جواب: ڳوٺ شادي ڦڙدي جي ڀرسان پراڻ جي ڪناري تي.
سوال: ”هالا ڪنڊي مخدوم سرور نوح جي رهائش بهشت اول ۽ حضرت شاهه ڪريم جن جي رهائش بهشت ثاني آهي“ اهي لفظ ڪنهن چيا هئا؟
جواب: درويش صابو سومري.
سوال: حضرت سفيان ثوريءَ جي قول ٻڌڻ کان پوءِ، شاهه ڪريم پنهنجن طالبن کي وصول جا ڪهڙا چار اصول ٻڌايا؟
جواب: (1) ٿورو کائڻ.(2) خلق سان ٿورو گڏجڻ. (3) ٿوري ننڊ ڪرڻ. (4) حق جو گهڻو ذڪر ڪرڻ.
سوال: شاهه ڪريم جي ڪلهن تي سندس ڪهڙي فرزند اڇي چادر وڌي هئي؟
جواب: ميان حسين.
سوال: ڪهڙي بزرگ فرمايو ته روئڻ جا ويههَ قسم آهن انهن مان فقط هڪڙو خدا ڪارڻ آهي ۽ باقي اڻويهه خدا کانسواءِ غير جي واسطي آهن؟
جواب: سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: شاهه ڪريم جن جو هڪ مريد مجازي عشق ۾ ورتل هو، ان کي هدايت طور ڪهڙو بيت ٻڌايائون؟
جواب: مجازي م مٽ ڪر اکيون اي م هير،
هاري حقيقن جي پڇي ٿين نه پير.
سوال: بيان العارفين جي ڪهڙي بيت ۾ حسن خرقانيءَ جو وڏو درجو ڄاڻايل آهي؟
جواب: خرقان خوش ڪري اچي ويٺاسون،
جئائين ڏنئه حسن کي تئائين ڏيندين تون.
سوال: ان شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن جا بيت شاهه ڪريم کي تمام گهڻو پسند هئا؟
جواب: قاضي قاضن جا.
سوال: سڀ کان پهريائين سنڌ جي ڪلاسيڪي اساسي شاعريءَ ۾ لفظ جوڳي ڪنهن استعمال ڪيو؟
جواب: قاضي قاضن.
سوال: ڪهڙي شاعر سڀ کان پهريائين پنهنجي ڪلام ۾ کاهوڙين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: قاضي قاضن.
سوال: ان پهرئين شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن ڇهه بيت گهاتوءَ جي پسمنظر ۾ تخليق ڪيا؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو.
سوال: شاهه ڪريم جن پنهنجي زمين جا پروانا مهر هڻائڻ واسطي ٺٽي جي ڪهڙي حاڪم ڏانهن ڏياري موڪليا هئا؟
جواب: ٺٽي جي گورنر مرزا مصطفى خان ڏانهن.
سوال: ”ماڻهن جا پير انسانَ جيئري پنهنجي نفس کي ماري ڇڏين ٿا، تون مرڻ کان پوءِ به جيئرن کي ٿو مارين“ اهي جملا ڪنهن ۽ ڪٿي چيا؟
جواب: شاهه ڪريم، سيد ابراهيم جي قبر تي.
سوال: شاهه ڪريم جن مختلف موقعن تي پنهنجن مريدن آڏو ڪيترا هندي بيت پڙهيا هئا؟
جواب: ٽي بيت.
سوال: جڏهن به ڪو ماڻهو شاهه ڪريم جا هٿ، کاڌي کائڻ واسطي ڌورائيندو هو ته پاڻ ڪهڙي دعا پڙهندا هئا؟
جواب: خدا توهان جا گناهه بخش ڪري ۽ توهان جا عيب ڍڪي.
سوال: شاهه ڪريم جن کي ڪهڙو طعام ڏاڍو پسند هو پر ڪڏهن به پنهنجي مرضيءَ مطابق تيار ڪري نه کاڌائون؟
جواب: کير ۽ چانور.
سوال: سڀ کان پهريائين ارغونن جي دور ۾ متارن جو ذڪر ڪهڙي شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي؟
جواب: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري.
سوال: شاهه ڪريم جن قوال کان ڪهڙو بيت ٻڌڻ کان پوءِ وجد واريءَ حالت ۾ پنهنجو لباس کيس انعام طور ڏنو هو؟
جواب: اکڙيون ملير ۾ جنين راتو ڏينهن،
عمر آسائتن سين هاڻي ڪندين ڪيئن.
سوال: شاهه ڪريم جن جڏهن ميرڻ ڪا تيار کي مخدوم نوح وٽ وٺي آيا ته مخدوم نوح جن، شاهه ڪريم کي ڇا فرمايو هو؟
جواب: جيڪي اسان جي هٿن مان وڃائجي ويو هو اهو اڄ اسان کي وري موٽي مليو آهي.
سوال: قاضي قاضن جي وفات وقت حضرت شاهه عبدالڪريم جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: عيسوي سن مطابق 13 سال.
سوال: مرزا عيسى ترخان اول جنهن سال ڏکڻ سنڌ جو والي ٿيو ته شاهه ڪريم بلڙي وارو ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: عيسوي سن مطابق 16 سالن جو ۽ هجري سن مطابق 18 سالن جو.
سوال: مرزا عيسى ترخان جنهن وقت بکر تي حملو ڪيو ته شاهه ڪريم ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: 17 سالن جو.
سوال: مرزا عيسى ترخان جي وفات وقت شاهه عبدالڪريم ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: 28 سالن جو.
سوال: مخدوم عربي دياڻي جي وفات وقت شاهه ڪريم جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: هجري سن مطابق 36 سال ۽ عيسوي مطابق 34 سال.
سوال: مرزا باقيءَ جي وفات وقت شاهه ڪريم بلڙي واري جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: عيسوي سن مطابق 46 سال ۽ هجري سن مطابق 48 سالن جو.
سوال: مخدوم اسماعيل سومري جي وفات وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: عيسوي سن مطابق 47 سال ۽ هجري سن مطابق 49 سال.
سوال: مرزا جاني بيگ جنهن مهل تخت تي ويٺو ته ان وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: عيسوي سن مطابق 51 سالن جو ۽ هجري مطابق 54 سالن جو.
سوال: مخدوم نوح جي وفات وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 54 سال.
سوال: مرزا غازي بيگ جي وفات وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو ڪيترن سالن جو هو؟
جواب: عيسوي سن مطابق 74 سالن جو ۽ هجري سن مطابق 77 سالن جو.
سوال: مرزا مصطفى جنهن وقت مغلن طرفان ٺٽي جو حڪمران مقرر ٿيو ته ان وقت شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: عيسوي سن مطابق 80 سال ۽ هجري سن مطابق 84 سال.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي وفات وقت عمر ڪيتري هئي؟
جواب: عيسوي سن مطابق 85 سال ۽ هجري سن مطابق 88 سال.
سوال: هي قول ڪهڙي بزرگ شخصيت جو آهي. قول، جيڪو علم الله خاطر حاصل ڪري سو مومن آهي؟
جواب: شاهه ڪريم بلڙي واري جو.
سوال: شاهه ڪريم جي همعصر شيخ عيسى جندالله پاٽائي جي ولادت ۽ وفات ڪڏهن ٿي هئي؟
جواب: ولادت 1554ع/962هه ۾. وفات 1031هه / 1621ع ۾.
سوال: شاهه ڪريم جي همعصر شاهه خيرالدين قادري جي ولادت ڪڏهن ٿي ؟
جواب: ولادت سن 911هه / 1507ع ۽ وفات 1028هه / 1634ع تي سکر ۾.
سوال: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري پنهنجي شاعريءَ ۾ صوفي ابوالحسن خرقانيءَ جو ذڪر ڪيو آهي ان جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: وفات 424هه / 1033ع ۾.
سوال: شاهه ڪريم کي ڪهڙي صوفي بزرگ سان وڏو اُنس هو؟
جواب: حسن خرقانيءَ سان.
سوال: سنڌ جو پهريون صوفي شاعر ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: قاضي قاضن کي.
سوال: بيان العارفين ۾ عطار جي تذڪره کان علاوه عطار جي ڪهڙن ٻن ڪتابن جي نشاندهي ٿئي ٿي؟
جواب: منطق الطير ۽ پندنامه.
سوال: بيان العارفين و تنبيه الغافلين ۾ هندستان ملڪ جي ڪهڙن ٻن شهرن جو ذڪر بيان ٿيل آهي؟
جواب: احمد آباد ۽ گجرات.
سوال: فارسي ڪتاب بيان العارفين و تنبيه الغافلين ۾ ڪهڙن پرڏيهي شهرن ۽ ملڪن جو ذڪر بيان ٿيل آهي؟
جواب: احمد آباد، گجرات، روم، مڪو شريف ۽ هندستان جو.
سوال: ڪهڙي بزرگ فرمايو هو ته خدا تعالى تائين پهچڻ جي سولي واٽ سماع آهي؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري.
سوال: سائين توهان جي پٺ مان به ڪو ولي پيدا ٿيندو؟ اهو سوال شاهه ڪريم کان ڪنهن پڇيو هو؟
جواب: سندس فقيرن.
سوال: پوءِ ان متعلق شاهه ڪريم جن ڇا فرمايو هو؟
جواب: سائينءَ جن چيو ابا ٻيو نه باقي هڪ ڪهوئڙو فقير ٿيندو جو بيت ۽ وايون چوندو ان کي منهنجا سلام ڏجو.
سوال: شاهه ڪريم هيءَ سٽ ڪهڙي بزرگ لاءِ چئي هئي؟
جڙ ۾ پکي جيئن ٻانهياريءَ ٻيلهڙو.
جواب: شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ لاءِ.
سوال: جنهن وقت شاهه لطيف کي شاهه ڪريم جا سلام ۽ شعر پهتو ته پاڻ ڇا فرمايائون؟
جواب: پاڻ چيائون هائو ابا اسان جي تڙ ڏاڏي سچ چيو هو ۽ سندس سڄو مقصد هي هو ته ”اسان جو تن تيئن ٿو ساري مرسل مير کي.“
سوال: سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات ”بيان العارفين و تنبيھ الغافلين“ سندس ڪهڙي مريد ۽ ڪڏهن لکي پوري ڪئي؟
جواب: محمد رضا بن عبدالواسع عرف مير دريائي ٺٽوي سن 1038هه/ 1629ع ۾ (فارسي زبان ۾ لکيائين) 1628ع به ملي ٿو.
سوال: بيان العارفين جو نهايت معتبر ۽ صحيح نسخو ڪنهن وٽ موجود آهي؟
جواب: سيد علي مير شاهه جوڻن واري وٽ.

سوال: اهو نسخو ڪنهن ۽ ڪڏهن لکي پورو ڪيو هو؟
جواب: ضياءُ الدين بن گل محمد تاريخ 29 رمضان المبارڪ سن 1228هه ۾.
سوال: شاهه عبدالڪريم جو وصال ڪهڙي ڏينهن، تاريخ ۽ هجري سال ۾ ٿيو؟
جواب: وقت سانجهي ڏينهن آچر 7 ذوالقعد 1032هه/ڇنڇر 2 سيپٽمبر 1623ع ڳوٺ بلڙيءَ ۾ ( 1622ع ۾، حوالو ڪتاب لطيفي لات).
سوال: شاهه ڪريم جي وفات کان پوءِ سندس ڪهڙو فرزند گادي نشين ٿيو هو؟
جواب: سيد ميان محمد (حوالو، بيان العارفين و تنبيه الغافلين، ڇپائيندڙ، ادبي بورڊ 2007ع، صفحه، 15).
سوال: شاهه عبدالڪريم جن هي جهان ڇڏڻ وقت آخري لمحن ۾ پنهنجي ڪهڙي فرزند کي سڏي ولايت واري خانداني امانت ڏني؟
جواب: سيد دين محمد کي (حوالو، ڪتاب بيان العارفين، سنڌي ترجمو، ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو).
سوال: درگاهه ڪريميءَ جي گادي نشينن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) لال محمد عرف لال شاهه. (2) حسين شاهه. (3) دين محمد شاهه. (4) محمد دليل شاهه. (5) عبدالغني شاهه. (6) عبدالواسع شاهه. (7) محمد زمان شاهه. (8) عبدالواسع شاهه ثاني هي ڀٽائيءَ جي وقت ۾ هو. (9) محمد مقيم شاهه. (10) قنبر علي شاهه. (11) حيدر شاهه. (12) محمد صالح شاهه. (13) ڪاظم شاهه يا، ولي محمد شاهه. (14) صاحب ڏنو شاهه. (15) شاهه ڏنو شاهه. (16) پير اعجاز شاهه. (17) سيد شاهد حسين شاهه، اربع 15 جولاءِ 2009ع ۾ گادي نشين ٿيو ته کيس پٽڪي جو پهريون ور درگاهه ڀٽ شاهه جي گادي نشين سيد نثار شاهه. ٻيو ور سيد ذوالفقار شاهه ڄاموٽ ڏنو (حوالو، ڪتاب شاهه عبداللطيف، ڊاڪٽر بلوچ صاحب).
سوال: شاهه لطيف جي دعا سان لطيف جو ڪهڙو خليفو درگاهه ڪريميءَ جو گادي نشين ٿيو هو؟
جواب: سيد محمد صلاح بن ابوبڪر (اصل ڊنڍي شهر جو رهاڪو هو).
سوال: درگاهه ڪريميءَ جو نئون گادي نشين شاهه ڪريم جي ڪهڙي شيءِ استعمال ڪندو آهي؟
جواب: ڪاري چادر.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي بزرگ جي ميلي ۾ دردناڪ بيت ٻڌڻ وقت وجد واري حالت ۾ هڪ فقير کي پنهنجا ڪپڙا انعام طور ڏنا هئا؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي ۾ . (حوالو. ڪتاب. لطف لطيف. ص. 158 ).
سوال: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو 398 ساليانو ميلو ڪهڙي انگريزي تاريخ ۽ سال کان شروع ٿيو هو؟
جواب: (آچر 25 آڪٽوبر 2009ع 5 ذوالقعد 1430هه) گادي نشين سيد اسد علي شاهه ڪاظمي ۽ اوقاف کاتي جي چيف ايڊمنسٽريٽر سنڌ شهاب الدين چنه چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي 398 سالياني ميلي جي ٻئي ڏينهن ڪهڙن صوبائي وزيرن ۽ ضلعي ناظم چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو؟
جواب: سومر 26 آڪٽوبر 2009ع 6 ذوالقعد 1430هه تي اوقاف کاتي جي وزير عبدالحسيب ۽ ثقافت سياحت جي وزير سسئي پليجو ۽ ضلعي ناظم ٽنڊو محمد خان مير عنايت ٽالپر چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪيو.
سوال: شاهه ڪريم بلڙي واري جي 398 سالياني ميلي جي ٽئين ڏينهن تي الوداعي دعا ڪهڙي فقير گهري هئي؟
جواب: درگاهه ڪريميءَ جي فقير فضل الدين عرف ليمون فقير تنهن کان پوءِ ڪريمي گادي نشين سيد اسد علي شاهه ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه الودائي دعا گھري.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي روضي تي لطيف نالي واري سر دروازي تي لڳرائي هئي؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي (ان وقت گادي نشين سيد عبدالواسع هو).
سوال: شاهه سائين جيڪو ڪتبو حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي روضي مبارڪ تي هڻايو هو، اهو ڪتبو ڪنهن ۽ ڪڏهن پٽرايو هو؟
جواب: غلام حيدر شاهه 1355هه ۾.
سوال: شاهه ڪريم جي روضي ۾ ڪاشيءَ جو ڪم 10 ذوالقعد 1355هه ۾ ڪهڙي سجاده نشين ڪهڙي خليفي جي نگرانيءَ ۾ پورو ڪرايو هو؟
جواب: هي ڪاشيءَ جو ڪم سجاده نشين پير غلام حيدر شاهه ڪرايو ۽ خليفي غلام قاسم جي نگرانيءَ ۾ لونگ فقير جي جماعت جي هٿان اهو ڪم 10 ذوالقعد 1355هه ۾ پورو ٿيو.
سوال: سيد غلام شاهه جي نگرانيءَ ۾ شاهه ڪريم جي مزار تي ڪاشيءَ جو ڪم ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ ٿيو؟
جواب: 15 ذوالقعد 1355هه ۾ هالا جي مشهور منظور ڪاشيگر ڪم ڪيو.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي قبي جي اوچائي ڪيترا فوٽ آهي؟
جواب: 80 فوٽ (اسي فوٽ).
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي درگاهه تي راڳ کي ڪهڙي فقير اوج تي پهچايو هو؟
جواب: فقير حافظ چاڪيءَ (کيس اڏي جو فقير به چوندا هئا).
سوال: شاهه ڪريم جي درگاهه تي هفتي ۾ ڪيتريون راتيون شاهه جو راڳ ٿئي ٿو؟
جواب: چار راتيون. سومر، اڱارو، اربع ۽ جمعي جي رات.
سوال: حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جي اولاد مان اهو ڪهڙو بزرگ شاعر ۽ اديب هو جيڪو مير عبدالحسين خان سانگيءَ جو دوست هو؟
جواب: سيد صاحب ڏنو شاهه.
سوال: ڪريمي خاندان جو مشهور شاعر سائين صاحب ڏنو شاهه، شاعريءَ ۾ ڪهڙا تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: گوهر ۽ فشان.
سوال: سيد صاحب ڏنو ولد سيد ولي محمد شاهه ڪڏهن ڄائو؟
جواب: جنم 1868ع ۾ ڳوٺ بلڙيءَ ۾. (وفات 1915ع)
سوال: سيد صاحب ڏنو شاهه، شاهه ڪريم جي ڪائين پيڙيءَ مان هو؟
جواب: ڏهين پيڙيءَ مان.
سوال: شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي گادي نشين ميين حسين جي گهوڙي جو سوار ڪهڙو فقير هوندو هو؟
جواب: الله بخش فقير.
سوال: ادبي حوالي سان ڪهڙن شاعرن کي پنج گنج چيو وڃي ٿو؟
جواب: قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنايت رضوي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي.
سوال: شاهه سائين جي خاندان مان ڪهڙا بزرگ شاعر ٿي گذريا؟
جواب: شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، سيد عبدالقدوس شاهه، سيد حبيب شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سيد جمال شاهه ڏيئي وارو ، سيد صاحب ڏنو شاهه بلڙيءَ وارو.
سوال: جرار پوٽا خاندان جا ڪهڙا وڏا چار درويش مشهور آهن؟
جواب: سيد شاهه رڪن الدين. سخي سيد هاشم شاهه . سيد شاهه عبدالڪريم ۽ سيد عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: سيد مير علي جو خاندان مٽياري ۾ رهڻ کان پوءِ ڪهڙن چئن قبيلن ۾ ورهائجي ويو؟
جواب: جرار پوٽا، باقيل پوٽا، موسا پوٽا، مئين پوٽا.