لطيفيات

ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.

Title Cover of book ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

شاهه سائينءَ جي زندگي ۽ سندس دور بابت

سوال: شاهه سائين بابت سڀ کان پهرين ٿورو احوال ڪهڙي ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ ڏنو؟
جواب: مير علي شير قانع ٺٽويءَ.
سوال: مير علي شير قانع پنهنجن ڪتابن ۾ سيد عبداللطيف يا، شاهه عبداللطيف جي نالي سان ڪم از ڪم ڪيترن بزرگن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: پنجن بزرگن جو.
سوال: مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجن ڪهڙن فارسي ڪتابن ۾ شاهه سائينءَ لاءِ تارڪ لفظ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: مقالاتِ شعراءِ، تحفة الڪرام، معيار سالڪان طريقت ۾.
سوال: مير علي شير قانع پنهنجين تصنيفن ۾ شاهه سائينءَ لاءِ لفظ تارڪ ڪيترا ڀيرا آندو آهي؟
جواب: يارنهن ڀيرا.
سوال: مير علي شير قانع، تحفة الڪرام کان اڳ ڪهڙي ڪتاب ۾ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي سوانح جو تذڪرو ڪيو؟
جواب: ڪتاب مقالاتِ الشعراءِ فارسي.
سوال: ڪتاب مقالاتِ الشعراءِ، لطيف سائين جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ لکجي مڪمل ٿيو؟
جواب: 9 سال پوءِ (1174هه /1761ع ۾ مڪمل ٿيو).
سوال: ڪتاب. مقالاتِ شعراءِ جو پهريون ڀيرو سنڌي ترجمو ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1957ع ۾.
سوال: مير علي شير قانع مقالاتِ الشعراءِ کان پوءِ ٻئي ڪهڙي ڪتاب ۾ شاهه سائين جي زندگي جو احوال لکيو آهي؟
جواب: فارسي ڪتاب تحفةالڪرام (1181هه/1767ع ۾ لکيو ويو).
سوال: ”فارسي ڪتاب معيار سالڪا طريقت“ جي ڪائين طبقي ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو احوال ملي ٿو؟
جواب: ٻارهين طبقي ۾.
سوال: فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب فردوس العارفين ۾ محمد زمان لنواري واري سان گڏ شاهه سائينءَ جو به احوال ملي ٿو اهو ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪنهن لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: 1201هه، 1786ع ۾ مڪرم خان ٽالپر.
سوال: مير علي شير قانع جي دور ۾ سيد عبداللطيف، يا شاهه عبداللطيف جي نالي وارا ڪم از ڪم ڪيترا بزرگ ٿيا؟
جواب: پنج بزرگ.
سوال: شاهه سائين جي سوانح حيات تي تحقيقي ڪم ڪڏهن شروع ٿيو؟
جواب: 1880ع ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڏاڏي جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: سيد عبدالقدوس شاهه.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو ڏاڏو شاعريءَ ۾ سليم تخلص استعمال ڪندو هو؟
جواب: سيد عبدالقدوس شاهه.
سوال: شاهه سائين جي پڙ ڏاڏي جو نالو ڇا آهي؟
جواب: سيد جمال بن عبدالڪريم شاهه.
سوال: شاهه سائين جي تڙ ڏاڏي جو نالو ڇا آهي؟
جواب: سيد عبدالڪريم شاهه.
سوال: شاهه سائين جا جڙ ڏاڏا ڪهڙا آهن؟
جواب: سيد حسين شاهه عرف سيد علاوالدين حسين شاهه اڪبر شيرازي ۽ سيد جعفر شاهه شيرازي. حوالو، ڪستي منجھه ڪڻان، ص، 440.
سوال: سيد جمال شاهه جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: گوله پير قبرستان ۾. (تعلقو شهداد پور ، ديهه ۽ تپو، جما. ڀٽ کان 7 ميل اتر ۾)
سوال: شاهه سائين جي خاندان جو ڪهڙو بزرگ چورن هٿان شهيد ٿيو هو؟
جواب: سيد جمال شاهه.
سوال: سيد جمال شاهه جي جسم کي غسل ڪفن ڪهڙي بزرگ ڏنو هو؟
جواب: گلو فقير ڪوريءَ.
سوال: شاهه سائين جو جنم سيد جلال شاهه جي ڪائين پيڙهيءَ مان ٿيو؟
جواب: چوٿين پيڙهيءَ مان.
سوال: ڪهڙي محقق لطيف جي جنم جي تاريخ پهرين رجب ڪڍي؟
جواب: پروفيسر عبدالعلي قلباڻي ۽ گادي نشين سائين غلام شبير شاهه .
سوال: پروفيسر عبدالعلي قلباڻيءَ، شاهه سائينءَ جي ولادت جي تاريخ ڪهڙي بيت مان ڪڍي هئي؟
جواب: نَوَ نيئر ڏهه ڏاوڻيون، پندرهن پيد پياس،
جڏهن پرين ياد پياس، ته ڇرڪ نه ڇنائين هڪڙي.
سوال: سيد حبيب شاهه، سخي هاشم شاهه کي عرض ڪيو ته، ”منهنجا ٻه فرزند الله تعالى کي پيارا ٿي ويا آهن، وري دعا ڪيو ته پٽ عطا ٿئي.“ پوءِ کيس سخي هاشم ڇا فرمايو؟
جواب: ابا الله قادر آهي، توکي اسان جي دعا وارو پٽ ضرور ڀاڳن ۾ پلئه پوندو، ڳڻتي نه ڪر الله پاڪ ڪريم آهي، تنهنجي جهولي ضرور سائي ٿيندي.
سوال: شاهه لطيف، حضرت علي عليھ السلام جي ڪائين پيڙهيءَ مان آهي؟
جواب: 28 پيڙهي.
سوال: شاهه سائين جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: پهرين رجب 1101هه مطابق سومر 10 اپريل 1690ع.
پهرين رجب 1102هه مطابق ڇنڇر 31 مارچ 1691ع.
سوال: سڀ کان پهريائين ڀٽ تي ڪهڙي سال کان شاهه لطيف جي جنم جو ڏينهن ملهائڻ شروع ٿيو؟
جواب: 1982ع کان.
سوال: شاهه سائينءَ جو پهريون جشنِ ولادت ڪهڙي هجري تاريخ، مهيني ۽ سال ۾ ملهايو ويو؟
جواب: پهرين رجب سال 1425هه.
سوال: شاهه سائين جي جنم واريون تقريبون ڪهڙن ٻن ماڳن تي ملهايون وينديون آهن؟
جواب: هڪ ڀٽ شاهه تي ۽ ٻي ڀينءَ پور واري ماڳ تي.
سوال: ڳوٺ ڀينءَ پور ۾ شاهه حبيب ڪيترو عرصو رهيو؟
جواب: هڪ سال.
سوال: ڪهڙي عالم جو چوڻ آهي ته شاهه لطيف هالا حويليءَ ۾ ڪونه ڄائو هو پر ڀينءَ پور ۾ پيدا ٿيو هو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: سئي ڪندر قبرستان لڳ شاهه حبيب جي ڪنڊن وٽ لطيف جي جنم جي ڳالهه پهريون ڀيرو ڪهڙي اديب ڪئي آهي؟
جواب: ڊاڪٽر دائود پوٽي. (حوالو، ڪتاب، نت نت آهه نئون، ص: 194.)
سوال: شاهه سائين جي امڙ ۽ والد جو اسم شريف ٻڌايو؟
جواب: ماءُ جو نالو فاطمه عرف بيبي صاحبِ. (والد سيد حبيب شاهه).
سوال: شاهه سائين جي امڙ ڪهڙي وڻ سان رسي ٻڌي ڏڌ ولوڙيندي هئي؟
جواب: ڄار جي وڻ سان.
سوال: شاهه سائين جي ناني جو نالو ڇا هو؟
جواب: ميان عرس فقير ڏيرو ثابت پوٽو (ميان ثابت جي اولاد مان هو).
سوال: شاهه حبيب ڪيتريون شاديون ڪيون هيون؟
جواب: ٻه هڪ مغلن مان، هڪ ڏيرن مان (ڪجھه ليکڪ ٽي شاديون لکن ٿا.)
سوال: شاهه حبيب ڏيرا قوم جي ڪهڙي بزرگ وٽان شادي ڪئي هئي، جنهن کي قدرت طرفان لطيف جي والده بڻجڻ جو شرف مليو؟
جواب: ميان عرس فقير ڏيري جي ننڍي نياڻي سان.
سوال: شاهه سائين جي ناناڻن جو ڳوٺ آوت واهه جي کاٻي پاسي ڪهڙي نالي سان مشهور هو؟
جواب: علي محمد ڏيري جي نالي سان مشهور هو.
سوال: شاهه حبيب جن ڪهڙو لباس پهريندا هئا؟
جواب: مٿي تي سائو رومال، سائو ڊگهو پهراڻ، ڪڏهن سفيد يا ڪارو پهراڻ، ڪڏهن گوڏ ته ڪڏهن سلوار، ڪلاه مٿان رومال يا ڪارو پٽڪو يا سائو پٽڪو.
سوال: شاهه حبيب پنهنجي خاندان سميت ساياتن جي مقام جي اولهه طرف، ڪهڙي ديهه ۾ رهندو هو؟
جواب: ديهه سوئي ڪندر جي سروي نمبر 134 ۾.
سوال: سائين حبيب شاهه جن سوئي ڪندر کان پوءِ پنهنجو اهل و احيال ڪهڙي ڳوٺ ۾ وٺي آيا؟
جواب: هالا حويليءَ ۾.
سوال: سيد حبيب شاهه جي گهر جي نزديڪ هڪ کڏ هوندي هئي مقامي ماڻهو ان کڏ کي ڇا سڏيندا هئا؟
جواب: ساياتن جي کڙ.
سوال: شاهه سائين جي خاندان جن جاين تي، رهائش اختيار ڪئي هئي انهن جاين کي ڪهڙي نالي سان سڏيو وڃي ٿو؟
جواب: شاهه جا پڊ (شاهه حبيب جا پڊ).
سوال: سيد حبيب شاهه گهر جو سودو سامال ڪهڙي شهر مان خريد ڪندو هو؟
جواب: نصرپور مان.
سوال: سائين حبيب شاهه ۽ درويش ابراهيم جي ملاقات ڪهڙيءَ جاءِ تي ٿي هئي؟
جواب: نصرپور شهر جي شاهي بازار جي منڍ ۾ کبڙ هيٺان.
سوال: سيد حبيب شاهه کي هي لفظ ڪهڙي بزرگ چيا هئا ته هن نينگر جي پيشاني ٻڌائي ٿي ته هي وڏو عابد، زاهد ۽ پنهنجي وقت جو وڏو ولي ڪامل ٿيندو، توهان لطيف کي پنهنجي پويان گهوڙي تي سوار نه ڪندا ڪريو؟
جواب: درويش سيد ابراهيم نصرپوري.
سوال: هي منهنجو پٽ آهي ۽ آءُ هن جو پيءُ آهيان، هي اڳيان ۽ آءُ پويان، اهو ڪيئن ٿو ٺهي؟ هي لفظ سيد حبيب شاهه ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: درويش سيد ابراهيم شاهه کي.
سوال: ها ”ڪڏهن ڪڏهن پٽ پيءُ کان ڪسر کڻي ويندو آهي آءُ هن ۾ مڻيان ڏسي رهيو آهيان جنهن ڪري توکي حڪم ٿو ڏيان ته تون ايئن ڪر“. هي لفظ سيد حبيب شاهه کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: درويش سيد ابراهيم شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جي ولادت واري ماڳ تي شاهه سائين جي وصال کان ڪافي عرصو پوءِ ڪهڙي فقير هڪ مسجد جوڙائي هئي؟
جواب: لونگ فقير مهيسر (نصير واهه جي ڪپ تي).
سوال: سيد حبيب شاهه، عبداللطيف کي وهنجاري تنجڻ سوڌو ڪهڙي بزرگ وٽ کڻي ويو هو؟
جواب: سخي هاشم شاهه وٽ.
سوال: ان وقت سائين هاشم شاهه وٽ ٻيو ڪهڙو مشهور درويش ويٺل هو، جنهن ننڍڙي عبداللطيف کي پري کان ڏسي چيو اهو عبداللطيف ته ناهي؟
جواب: وتايو فقير.
سوال: هي لفظ شاهه حبيب کي ڪنهن فرمايا ”رب جي امر سان اڄ اسان جي درياءَ ۾ حضرت خضر جن آيا آهن ۽ تنهنجي پٽ کي اجهو ٿو خضري علم عطا ٿئي“ ؟
جواب: سخي سيد هاشم شاهه.
سوال: وتايو فقير الله تعالى جي حڪم سان شاهه سائينءَ کي درياءُ ۾ ڪنهن وٽ کڻي ويو هو؟
جواب: حضرت خضر عليھ السلام.
سوال: درياءَ مان نڪرڻ کان پوءِ وتائي فقير شاهه حبيب کي ڇا فرمايو؟
جواب: فرمايو! پنهنجو پٽ وٺ مان هاڻي هن جو علمي بار نٿو کڻي سگهان.
سوال: شاهه سائينءَ کي حضرت خضر عليھ السلام درياءَ ۾ ڪهڙي نشاني ڏني؟
جواب: ٻه املهه گل
سوال: سائين حبيب شاهه کي هي لفظ ڪنهن چيا! تنهنجو پٽ خضري عمل حاصل ڪرڻ بعد حضرت امام حسين عليھ السلام جي سوءِ ٻڌي آيو آهي، جنهن جو مطلب ساري عمر حضرت حسنين پاڪ جي سوڳ ۾ نه کلندو، نه مٿي کٽ تي سمهندو، نه سرمو پائيندو، نه وارن کي تيل هڻندو؟
جواب: سخي هاشم شاهه ۽ وتائي فقير.
سوال: ”ڪو ڏينهن ٿيندو جو هن ٻار مان اهي گل نڪرندا جن جي سڳند ساري عالم کي سرهو ڪري ڇڏيندي“ اها پيشنگوئي ڪنهن ڪئي هئي؟
جواب: ميون عيسى (ان وقت لطيف ڇهن ورهين جو هو).
سوال: شاهه سائين ڏهن ٻارهن سالن جو ٿيو ته ساياتن کيس ڇا چيو هو؟
جواب: ”اوهين عاشق آهيو، اوهان وٽ راڳ ۽ ناچ ٿيندو اسين شريعت جا صاحب آهيون، ڀلائي ڪري ڪنهن ٻيءَ ڀونءِ کي وسايو.“
سوال: ”حبيب جو پٽ اڃان پچي راس نه ٿيو آهي“ اهي لفظ ڪهڙي بزرگ چيا ؟
جواب: مٽيارن جي سخي هاشم شاهه.
سوال: ان وقت لطيف سائينءَ جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: سترهن يا ارڙهن سال.
سوال: سيد حبيب شاهه ڪهڙي بزرگ جي چوڻ تي مٽيارين مان لڏو کڻي ڀئي پور رهائش اختيار ڪئي؟
جواب: سخي هاشم قلندر جي چوڻ تي (ڪتابن ۾ هالا حويلي ۾ رهائش اختيار ڪئي).
سوال: درويش سيد هاشم شاهه جي وفات ڪڏهن ٿي هئي؟
جواب: 12 ربيع الاول سن 1120هه (روضو مٽياري ۾).
سوال: شاهه صاحب، سيد هاشم شاهه جي تعريف ڪهڙي سر ۾ ڪئي آهي؟
جواب: سر ڌناسريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي ولادت وقت هندستان جو بادشاهه ڪهڙو هو؟
جواب: اورنگزيب عالمگير.
سوال: شاهه سائين پنهنجن فقيرن کي ڪهڙي جانور کي مارڻ کان منع ڪئي هئي؟
جواب: سهي کي. (سَهو).
سوال: شاهه سائين ڪهڙي هجري سن کان والد صاحب جي رهنمائيءَ هيٺ تربيت حاصل ڪئي؟
جواب: 1115هه کان 1120هه تائين.
سوال: شاهه سائين مٽيارين جي موسى محلي ۾ ڪهڙن بزرگن وٽ پڙهڻ لاءِ ويندو هو؟
جواب: آخوند احمد ۽ آخوند محمد وٽ (ڪتاب ڀٽائي تي بهتان).
سوال: هي لفظ سائين حبيب شاهه کي ڪنهن چيا هئا ”سائين لطيف کان پڙهائي ڏسو ته اوهان کي پتو پوندو“ ؟
جواب: آخوند احمد.
سوال: ڪهڙو بزرگ علاج لاءِ سيد حبيب شاهه وٽ آيو ته سيد حبيب شاهه جي صحبت ۾ اتي ئي خاندان سميت رهي پيو؟
جواب: بزرگ نور محمد ڀٽي. (حوالو. لطيف سالگره مخزن 1968ع ).
سوال: شاهه سائين کي ديني تعليم ڏيارڻ لاءِ سندس والد ڪهڙي عالم وٽ ويهاريو هو؟
جواب: آخوند نور محمد ڀٽي (ڳوٺ وائي عرف وانئين).
سوال: هي بيت شاهه صاحب ڪنهن کي چيو هو؟
سونٽي اُلار مَ سيد تي، ملا مون نه مار،
نظر ڪري نهار، ته آءُ اڳهين پڙهيل آهيان.
جواب: پنهنجي استاد نور محمد آخوند کي.
سوال: شاهه سائين جي استاد آخوند نور محمد ڪيترن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي؟
جواب: 90 سالن جي عمر ۾.
سوال: شاهه سائين جي ننڍپڻ ۾ پالنا ڪهڙي فقير ڪئي هئي؟
جواب: عمر فقير سهتي.
سوال: شاهه سائين جو ننڍي هوندي کان رفيق ۽ سڀ کان وڌيڪ پيارو ساٿي ڪهڙو هو؟
جواب: فقير محمد عالم ولد ربڏنو ڏيرو.
سوال: شاهه سائين ننڍپڻ ۾ ڪهڙيون رانديون ڪيون؟
جواب: ڏاڪ چميءَ، سيڙه، کينهوڙي ۽ پاڻيءَ ۾ ڪُندرؤً جهڙيون رانديون.
سوال: شاهه سائين گز ڪمان سان ڪهڙن پکين جو شڪار ڪندو هو؟
جواب: پاڻ ڪنهن به ساهه واري شي جو شڪار نه ڪيائون. بيجان شي تي نشان چٽيندو هو.
سوال: شاهه سائين ٿانوَن ۾ ڪهڙي شيءِ کي پسند ڪندا هئا؟
جواب: ڍڪڻ کي. (ان ڪري جو اهو هر شيءِ کي ڍڪي ٿو ڇڏي.)
سوال: شاهه سائينءَ ننڍپڻ وارا ڪيترا سال گنباٽ واري تر ۾ گذاريا؟
جواب: 12 سال .
سوال: شاهه حبيب لطيف سرڪار کي ڪهڙن بزرگن جا بيت ياد ڪرايا هئا؟
جواب: شاهه ڪريم، قاضي قاضن ۽ لطف الله قادري جا.
سوال: شاهه سائين جي روحاني پير جو نالو ٻڌائيندا؟
جواب: منصور حلاج.
سوال: شاهه سائينءَ روم جي ڪهڙي بزرگ شاعر کي روحاني رهبر ڪري مڃيو آهي؟
جواب: مولانا جلال الدين روميءَ کي.
سوال: شاهه سائينءَ سنڌ جي ڪهڙي شاعر کي روحاني رهبر ڪري مڃيو آهي؟
جواب: شاهه عبداللطيف ڪريم بلڙيءَ واري کي.
سوال: شاهه ڪريم جي ڪهڙي خليفي کي شاهه سائين، روحاني استاد، رهبر مرشد ڪري مڃيو آهي؟
جواب: ميون مرکيو جوڻيجو.
سوال: شاهه سائين ڪنهن جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي؟
جواب: سيد حبيب شاهه جي هٿ تي.
سوال: شاهه صاحب قادري طريقي جو ذڪر ڪهڙي بزرگ کان پرايو هو؟
جواب: شاهه حبيب کان جيڪو سندس پهريون مرشد هو.
سوال: شاهه صاحب کي ڪيترا چاچا هئا؟
جواب: فقط هڪ، سيد عبدالرشيد شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جي سؤٽن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: (1) سيد عبدالقدوس شاهه. (2) نالي چڱو شاهه، (3) شاهنواز شاهه عرف شهزادو شاهه ، (4) ڪبير محمد شاهه، (5) سيد جمال شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ جي سڳي ڀيڻ جو نالو ڇا آهي؟
جواب: بيبي بتول. کيس ادب وچان بيبي راڻي ۽ بيبي سردار به سڏيندا هئا.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي علائقي جون ڳئون شوق سان پاليون هيون؟
جواب: ڀاڳناڙيءَ جون.
سوال: شاهه سائين ڳاڙهيون ڳئون شوق سان پاليون هيون اهي ڪهڙي ماڳ تي وڻن سان ٻڌي آرام ڪندو هو؟
جواب: ڪنڊي وڻ سان، ٽنڊو آدم روڊ تي واقع.
سوال: ڪهڙو فقير شاهه سائينءَ جو مال چاريندو هو؟
جواب: گڻنگ فقير.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو فقير گهوڙي کي گاهه ڏيندو هو؟
جواب: احمد فقير.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي زندگيءَ ۾ اويسي طريقي وارو روحاني رشتو ڪهڙي هستيءَ سان ڳنڍيو هو؟
جواب: حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وآلھ وسلم سان.
سوال: شاهه صاحب کي ڪنهن پاراتو ڏنو ته ”پٽ ڪونه ٿيندئي“ ؟
جواب: جاني فقير ڏيري.
سوال: ان پاراتي کان پوءِ لطيف سائينءَ کيس ڪهڙو جواب ڏنو هو؟
جواب: شاهه صاحب جاني فقير کي مسڪرائي جواب ڏنو ته کيس پٽ جي ضرورت ناهي، سندس مريد ئي سندس ٻالڪا آهن.
سوال: شاهه سائينءَ ٻه ڪُتا پاليا هئا انهن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: موتي ۽ گهنيون (گردگان). (کينهو)
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪتڙن جي سنڀال ڪهڙو فقير ڪندو هو؟
جواب: وهيون فقير.
سوال: شاهه سائين جي ٽوپيءَ کي ٻئي ڪهڙي نالي سڏيو ويندو هو؟
جواب: تاج يا ڪلاه.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي قادري طريقي واري ڪلاه ڪنهن کي ڏني هئي؟
جواب: وهيين فقير کي.
سوال: ڪيترا فقير شاهه سائينءَ جي آستاني تي رهندا هئا؟
جواب: 130 فقير.
سوال: سيد اسدالله شاهه متعلوي جون ڪهڙيون نياڻيون شاهه سائين جي حرم سراءِ جو ڪم ڪار سنڀالينديون هيون؟
جواب: بي بي حسنه ۽ بي بي لعل.
سوال: بيبي لعل جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: ديهه شيخاڻيءَ ۾.
سوال: بيبي لعل جي مزار تي قبو ڪنهن اڏرايو آهي؟
جواب: حبيب الله صديقيءَ .
سوال: سائين حبيب شاهه هي لفظ ڪنهن کي فرمايا هئا ته” اسان سيدن لاءِ علم اهڙو ضروري آهي، جهڙو اشراف عورت لاءِ مٿي تي لٽو“؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي شاعر سنڌي شاعريءَ کي رنگ روپ ڏئي ۽ چٽسالي ڪري خوبصورت بڻايو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: ڪهڙي بزرگ فرمايو آهي ته ”عمل بهشت تائين رسائي ٿو ۽ ذڪر خدا تائين“ ؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي.
سوال: شاهه صاحب سڀ کان پهريائين ڪهڙي دعائيه سٽ چئي هئي؟
جواب: جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نه ڪو لوڏو.
اها سٽ مرزا مغل بيگ جي نياڻي سعيده بيگم کي ڏسڻ مهل چيائين.
سوال: هڪ ڀيري لاله بيگ عرف مرزا مغل بيگ شاهه صاحب کي گهٽ وڌ ڳالهايو هو ته ان موقعي تي لاکيڻي لطيف ڪهڙو بيت چيو هو؟
جواب: بيگ تنهنجي بيگي، ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانَ،
اٿم آس الله ۾، دل مارينئي مانَ.
سوال: شاهه صاحب جي سهري مرزا مغل بيگ کي ڪهڙي قوم وارن ماريو هو؟
جواب: دَلي ڳوٺ جي دلن (دل قوم).
سوال: شاهه سائين جي سهري مرزا مغل بيگ جو خانداني شجرو ڪنهن سان ملي ٿو؟
جواب: چنگيز خان سان.
سوال: شاهه سائين جي سهري مرزا مغل بيگ عرف لاله بيگ جي وفات ڪڏهن ٿي هئي؟
جواب: 1124هه مطابق 1713ع ۾ (مدفون توراڪيءَ واري قبرستان ۾ عرف ميون وهيون قبرستان).
سوال: شاهه حبيب پٽ جي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ڪهڙي درگاهه تي پنهنجي پٽ جي مراجعت لاءِ دعا گهرڻ ويندو هو؟
جواب: مخدوم نوح جي درگاهه تي.
سوال ڪهڙي بزرگ جي مقبري ۾ دعا گهرڻ کان پوءِ شاهه حبيب کي آواز آيو ”او شاهه حبيب توکي پٽ ملندُئي پر ضرور پنهنجو مريد ڪجانس“ ؟
جواب: مخدوم نوح جي مقبري مان.
سوال: شاهه صاحب جي شاديءَ جو نڪاح ڪنهن پڙهيو هو؟
جواب: سندس والد شاهه حبيب.
سوال: لطيف سائين جا مريد سندس زوجه کي ادب وچان ڇا چوندا هئا؟
جواب: تاج المخدرات يعني سرتاج سائڻ (ستين جو ڇٽ).
سوال: شاهه سائين جي گھر واريءَ جو اصل نالو ڇا هو؟
جواب: عائشه ( راڻي سلطانه ).
سوال: شاهه صاحب جي ڄڃ ۾ شاهه سائينءَ جي شريڪ حيات جنهن اٺ تي ڪجاوي ۾ سوار هئي ان اٺ جي مهار ڪهڙو فقير جهلي هالا حويليءَ ڏانهن روانو ٿيو هو؟
جواب: راحب فقير ابڙو (ڪوري).
سوال: بيبي سعيده بيگم شاديءَ وقت پاڻ سان گڏ ڪنهن کي وٺي آئي هئي؟
جواب: پنهنجي ننڍي ڀاءُ گولي کي.
سوال: شاهه صاحب جي سالي جو نالو ڇا هو؟
جواب: گولو.

سوال: شاهه سائينءَ جي حويلي ۾ جيڪي خاص خدمتگار عورتون هيون تن جا نالا ٻڌايو؟
جواب: مائي گنگا جتڻ، مائي صالحان تنياڻي ۽ مائي بُوئا وساڻ.
سوال: شاهه سائين ڪجهه عرصو ڪوٽڙي مغل ۾ به گذاريو هو، اهو ڳوٺ اصل ۾ ڪهڙي سيد سڳوري ٻڌرايو هو؟
جواب: سيد اُڀن شاهه.
سوال: ڪوٽڙي مغل جا ڦٽل نشان ڀٽ شاهه ڪيترو پري اڄ به موجود آهن؟
جواب: اٽڪل ڏيڊ ڪوهه ڏکڻ طرف پراڻي ساڱري واهه تي.
سوال: شاهه صاحب جي امڙ جي وفات تقريبن ڪڏهن ٿي هئي؟
جواب: 1135هه ۾.
سوال: ڪنهن سان مخاطب ٿيندي شاهه سائينءَ چيو ته:
وهٽ اٿئي وجود ۾، جگر ساڻ جيري،
وٺجانس ڪنهن وقوب سين، فڪر ساڻ ڦيري،
ڪڏي ۽ ڪيري، متان گڏهه هڻيئي گپ ۾.
جواب: سيد حبيب شاهه کي.
سوال: شاهه سائين کي جنهن وقت والد جي بيماريءَ جي نياپو مليو ته پاڻ ڪهڙي شهر ۾ هئا؟
جواب: ڪوٽڙيءَ مغل ۾.
سوال: شاهه حبيب وجد واري حالت ۾ هي لفط ڪنهن کي چيا هئا، ”تون ڪير آهين“؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي (لطيف فرمايو توهان جو غلام عبداللطيف).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي والد کي دفنائڻ وقت ڪهڙو بيت پڙهيو هو؟
جواب: ڪڙهه سوڙهي سور گهڻا، ڪٿي سانڍيا ساهه،
نه کري نه کڙڪو نه بازيگر جو واءُ،
لڱن مٿان ماهه، سڪيو وڃي سيد چئي.
سوال: سيد حبيب شاهه جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 1144هه مطابق 1732ع ۾. (1155هه . حوالو. معيار سالڪان طريقت. تاليف. مير علي شير قانع ٺٽوي ).
سوال: ڪهڙي شخصيت جي وفات کان پوءِ شاهه لطيف ڪاري ڪفني پاتي هئي؟
جواب: سيد حبيب شاهه جي وفات کان پوءِ.
سوال: شاهه سائين جا ڪيترا ۽ ڪهڙا ڀاڻيجا هئا؟
جواب: فقير الله ۽ مصري شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي هجري سن ۾ ڀٽ کي آباد ڪيو؟
جواب: 1140هه کان 1142هه ۾.
سوال: شاهه سائين ڀٽ کي آباد ڪيو ته اتي ڪهڙا وڻ موجود هئا؟
جواب: ڄار (کبڙ )، لئو ۽ ڪرڙ.
سوال: شاهه صاحب ڪيترن سالن جي عمر ۾ ڀٽ تي رهائش اختيار ڪئي ۽ پوءِ ڪوبه سفر نه ڪيائين؟
جواب: 59 سالن جي عمر ۾.
سوال: شاهه سائينءَ مرشديءَ جو فيض ڪيترا سال ڏنو هو؟
جواب: ڏهه سال.
سوال: سنڌ جي ڪهڙي شاعر کي پاڪستان جو رومي ۽ سنڌ جو حافظ چيو وڃي ٿو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي دؤر جو شاعر هو؟
جواب: ڪلهوڙن جي دؤر جو.
سوال: شاهه سائين ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ڪهڙن لقبن سان مشهور ٿيو؟
جواب: تارڪ، لطيف، عبداللطيف وغيره.
سوال: شاهه سائين کي هند توڙي سنڌ واسي ڪهڙن پيارن لقبن سان ياد ڪن ٿا؟
جواب: ڀٽائي گهوٽ، ڀٽ ڌڻي، لعل لطيف، لڄادار لطيف، لطيف سرڪار، لاکيڻو لطيف، مرشد لطيف، شاهه سائين، شاهه صاحب، اولياءُ صاحب، تارڪ، حضرت جن، شاعرن جو سرتاج، عارفن جو سلطان، اوليائن جو امام وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي زماني ۾ ڀٽ شاهه ٻن حصن ۾ يعني ڏکڻ ڀٽ ۽ ٻيو اتر ڀٽ جي نالي سان مشهور هو، توهان اهو ٻڌايو ته اتر ڀٽ ٻئي ڪهڙي نالي سان سڏبو هو؟
جواب: ڳوٺ وسند فقير ٻگهيو جي نالي سان .
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ سرائيڪي ٻولي جاگرافيائي لحاظ کان ڪهڙي علائقي تائين ڳالهائي ويندي هئي؟
جواب: سنڌ جي اڀرندي ڀاڱي بهاولپور ۽ سبزل ڪوٽ تائين.
سوال: سنڌ جا ٽي وڏا سالار تاجو فقير، جادو فقير ۽ بختاور فقير شهيد ٿيا ته شاهه سائين جي عمر ڪيترا ورهيه هئي؟
جواب: 11 ورهيه.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ ٺٽي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترا هزار ڪوري ڪپڙي اڻڻ جو ڪم ڪندا هئا؟
جواب: ويهه هزار ڪوري.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڪپڙي تي ڇر جي هنر جو مرڪز ڪاٺياواڙ جي ڪهڙي شهر ۾ هو؟
جواب: هالار.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي دور ۾ سنڌ تي ڪهڙن حڪمرانن جي حڪومت ڏٺي؟
جواب: ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت.

سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪهڙا ٻه وڏا واقعا ٿيا؟
جواب: هڪ صوفي شاهه عنايت جھوڪ وارو ڇهن ستن هزارن صوفين سان شهيد ٿيو.۽ ٻيو واقعو مخدوم عبدالرحمان کهڙائي 222 ڄڻن سان شهيد ٿيو.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور جي ان سماج سڌارڪ عورت جو نالو ٻڌايو، جنهن مسجدون، کوهه ۽ مسافر خانه ٺهرايا هئا؟
جواب: مائي ڄامان (ڄامل)
سوال: مائي ڄامان جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: دولتپور ڀرسان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾.
سوال: ”سنڌ جي خاتون اول“ ڪلهوڙا دور جي ڪهڙي سماج سڌار عورت جو لقب آهي؟
جواب: مائي ڄامان.
سوال شاهه سائينءَ جي دور ۾ سرڪاري ۽ دفتري زبان ڪهڙي هئي؟
جواب: فارسي.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي ٻوليءَ کي غلامي جو طوق تصور ڪيو هو؟
جواب: فارسي کي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ سرڪاري زبان ڪهڙي هئي؟
جواب: فارسي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڪهڙيون چوڻيون سنڌي سماج ۾ جاري هيون؟
جواب: 1. فارسي گهوڙي چاڙهه سي. 2. سنڌي وائي قلم نه آئي.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ ۾ ڪهڙيون ٻوليون ڳالهائيون وينديون هيون؟
جواب: فارسي، سنڌي، سرائيڪي، براهوي، بلوچي وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ افغانستان ڪهڙي نالي سان مشهور هو؟
جواب: خراسان.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي علائقي ۾ کٿين ۽ لوين ڍڪڻ جو رواج هو؟
جواب: ٿر ۾.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي شخص هڪ قرآن پاڪ جو نسخو 1735ع ۾ حضرت امام علي رضا عليھ السلام جي روضي تي بطور نذرانهءِ وقف ڪري موڪليو هو؟
جواب: ميان نور محمد ڪلهوڙي والي سنڌ.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي پنهنجن هٿن سان قرآن پاڪ جا ڪيترا نسخا لکيا هئا؟
جواب: قرآن پاڪ جا چار نسخا.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪيترا هزار ڪورڪي ڪم جا ڪاريگر پليگ سبب مري ويا؟
جواب: اَسي هزار (80000).

سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ جي ڪهڙي ماڳ مان سچا موتي لڀندا هئا؟
جواب: ڪڪرال/ ڪڪراله .
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ سنڌ جو وڏو شهر ڪهڙو هو؟
جواب: ٺٽو.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڪهڙو شهر ”عراق ثاني“ سڏبو هو؟
جواب: ٺٽو شهر.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ جي ڪهڙي شهر کي ”مدينو ثاني ۽ دارالشرع“ سڏيو ويندو هو؟
جواب: کهڙا شريف کي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙو بزرگ، راتين جون راتيون شاهه سائين جا شعر ٻڌڻ ۾ گذاريندو هو؟
جواب: مخدوم محمد صالح صوفي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙن درويشن جا حڪمت آميز هندي دوها سنڌ ۾ عام مروج ۽ مقبول هئا؟
جواب: ڪبير، گرونانڪ، دادو ديال، سمن، تلسي، رحمن، ڪالو وغيره. (حوالو. سنڌي ادب. جولاءِ. ڊسمبر 2002ع. )
سوال: شاهه سائين جي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪٿان جو ڪپڙو مشهور هو؟
جواب: هالار جو.
سوال: لاکيڻي لطيف جي آدرشي رياست ڪهڙي هئي؟
جواب: ملير.
سوال: شاهه سائين جي ڏينهن ۾ ڪٿان جي ميندي مشهور هئي؟
جواب: ملير جي.
سوال: شاهه سائينءَ ملير جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: 3 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي شاعر جو فارسي غزل ڏاڍو مشهور ٿيو هو؟
جواب: حضرت صوفي شاهه عنايت جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڏينهن ۾ گوريءَ جو ميلو ڪٿي لڳندو هو؟
جواب: گجرات ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ ڀٽ جي ويجهو ڪهڙيون ٻه ڍنڍون هيون؟
جواب: ڪراڙ ڍنڍ ۽ سور هڏي ڍنڍ.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ اوطاق کي ڪهڙي نالي سان سڏيو ويندو هو؟
جواب: ڳڃڙو ۽ مڪان.


سوال: شاهه سائين جي زماني ۾ برِ صغير ۾ ڪيتريون جنگيون لڙيون ويون؟
جواب: ڪل 56 جنگيون، جن مان 33 لڙاين ۽ مقابلن جو ڪڻو سنڌ جي حصي ۾ آيو (حوالو، ڪتاب جر ٿر تک تنوار، 1979ع، صفحه. 72).
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ حيدرآباد کي ڇا چوندا هئا؟
جواب: نيرن ڪوٽ (نيرون ڪوٽ)
سوال: حيدرآباد جي باني جو نالو ٻڌايو؟
جواب: آصف جاهه. (وفات 1741ع). حوالو. ڪتاب. سنڌ جي اقتصادي تاريخ. ص. 250 .
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين حيدرآباد شهر جو نالو تجويز ڪيو هو؟
جواب: سيد جمال شاهه.
سوال: شاهه سائين جي شاعري جو دور ڪيترن سالن تي مبني آهي؟
جواب: چاليهن سالن تي (محقق. فدا حسين شيخ).
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ ڪهڙي مزاحي شاعر، بادشاهه فرخ سير کي مڇر ماريندڙ بادشاهه سڏيو؟
جواب: شاعر جعفر زٽلي (حوالو. شاهه سچل سامي. ص. 64) .
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ سنڌ ۾ تصوف جا ڪهڙا ٻه سلسلا رائج هئا؟
جواب: وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود. (محقق، جي. ايم. سيد)
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ ۾ تصوف جا ڪهڙا طريقا رائج هئا؟
جواب: قادري، سهروردي، چشتي ۽ نقشبندي طريقا.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ يعني 1750ع جي لڳ ڀڳ سنڌ اندر جملي ڪيتري زمين آباد ٿيندي هئي؟
جواب: اٽڪل 30 لک ايڪڙ.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ماپ تور ڇا سان ڪئي ويندي هئي ۽ انهن وزنن کي ڪهڙن نالن سان سڏيو ويندو هو؟
جواب: پاٽي، ٽويو، ڪاسو، مڻ، کنڊي، خرار، دُڪو، چوٿائي ۽ سير.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ فاصلي ماپڻ لاءِ ڪهڙيون شيون استعمال ٿينديون هيون؟
جواب: نري، گز، سڏ، ڪوهه يا ڳاهو.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪپڙي ماپڻ لاءِ ڪهڙيون شيون استعمال ٿينديون هيون؟
جواب: آڱر، ڇاڙڪي، نري، هٿ ۽ گز.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ پاڻياٺين شين ماپڻ لاءِ ڇا استعمال ٿيندو هو؟
جواب: ماڻيون، ٽپڙيون.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سڪا ڪهڙن نالن سان رائج هئا؟
جواب: اشرفيون، رپيا، پئسا، آڌيلا، ڪسيرا، دمڙيون ۽ ڪوڏيون.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ فقيرن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ساز وڄايو ويندو هو؟
جواب: نوبت.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ اندر ڪهڙن سازن جو آواز گونجندو هو؟
جواب: مرلي، تنبورو، نڙ، شرناءِ، سارنگي، سرندو، يڪتارو، دهل، گاگهر، بانسري، بوڙينڊو، چنگ، ناد، نفيل، ڀير، نغارا وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ ڪٿان جون ترارون ۽ ڪهاڙيون سنڌ ۾ مشهور هيون؟
جواب: مصر جون ترارون ۽ گجميل جو ڪهاڙيون.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ (امير) ماڻهو ڪهڙي قسم جو ڪپڙو استعمال ڪندا هئا؟
جواب: پٽولا، بخمل، بافتو، ارم، عنبير، ململ، پٽ، الائچي، پهراڻ وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ جي دور ۾ گهٽ آمدنيءَ وارا ماڻهو ڪهڙا ڪپڙا استعمال هئا؟
جواب: لوئي، کٿو، کيس، کهنبو، ٻانڌڻي، گندي، سائي شال، چني، لانگوٽي، ڀاروڙي ۽ ڪنجرو.
سوال: شاهه سائينءَ جي زماني ۾ سنڌ جي عوام مٿان ڪيترن قسمن جون ڍلون، محصول ۽ ٽئڪس مڙهيل هئا؟
جواب: سترهن (17) قسمن جون.
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ مزدور جي ڏهاڙي اجرت ڪيتري هئي؟
جواب: 2 يا 3 دام. (چاليهه دام هڪ رپئي ۾ هوندا هئا.)
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ هنر مند يا ڪاريگر کي مهيني جي اجرت ڪيتري ملندي هئي؟
جواب: ٽن روپين کان پنج روپيا. (حوالو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا.)
سوال: شاهه سائينءَ جي دؤر ۾ اُٺ ۽ ڳئون ڪيترن پئسن ۾ ملندا هئا؟
جواب: اُٺ پنجويهه کان ٽيهه روپيا، کير واري ڳئون ٻارهن روپيا، ڦنڊر ڇهه روپيا، وهڙي ويهه روپيا.
سوال: شاهه سائينءَ جي زماني ۾ ڪڪڙ جو چوزو ڪيترن روپين ۾ ملندو هو؟
جواب: ٽن روپين ۾ ملندو هو.
سوال: شاهه سائين جي دور ۾ 1716ع ۾ ويرا واهه (پاري نگر) جي گاديءَ تي ڪير ويٺو هو؟
جواب: سوڍو ستوجي.
سوال: سنڌ ۾ واهن جو پهريون وڏو معمار ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟
جواب: ميان نور محمد ڪلهوڙي کي.
سوال: سنڌ تي ميان نور محمد ڪلهوڙي ڪيترا سال حڪومت ڪئي؟
جواب: 35 سال محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ.
سوال: ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: خميس 8 ذوالحج 1167هه/ 26 سيپٽمبر 1754ع ۾ . ( ڪجهه ڪتابن ۾ 12 صفر 1167هه / 9 ڊسمبر 1753ع)
سوال: ميان نور محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي ڊزائن ڪهڙي ڪاريگر ٺاهي هئي؟
جواب: ٺٽي جي مشهور ڪاريگر ابو بڪر ڊزائن ڪيو.
سوال: ميان نور محمد ڪلهوڙي جو ساليانو عرس مبارڪ ڪهڙي هجري تاريخ تي ملهايو ويندو آهي؟
جواب: 8 ذوالحج تي. ميان جا قبا ۾.
سوال: لطيف سائين جي خدمت ۾ مائي گلان ڪهڙي سال ڀٽ تي ڳايو هو؟
جواب: 1135هه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ هي لفظ ڪنهن کي چيا، تڪڙ نه ڪر، ترس ته ڀلي موتين جا خريدار اچن؟
جواب: مائيءَ گلان کي.
سوال: اي حضرت ! مون کي دعا ڪر ته آءُ پنهنجيءَ واري ٿيان، سکيو ستابو گذران ڪريان ۽ عاقبت خير جي گذريم. اهي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪنهن چيا؟
جواب: مائي گلان.
سوال: ”خدا جي حڪم سان تون ترت سنڌ جي راڻي ٿيندينءَ“ اهي لفظ شاهه سائين ڪنهن کي چيا هئا؟
جواب: مائي گلان کي.
سوال: مائي گلان ڪهڙي شهر جي رهواسڻ هئي؟
جواب: بيڪانير جي.
سوال: مائي گلان جي ذات ڪهڙي هئي؟
جواب: حجامڻ، ڪتاب، تذڪره مخاديم کهڙا.
سوال: شاهه سائينءَ دعا طور ، هي لفظ ڪنهن کي چيا: گلان مان گل پيدا ٿيو، ڪي ٽڙيو، ڪي ٽڙندو؟
جواب: مائيءَ گلان کي.
سوال: مائي گلان جي آخري آرامگاهه ڪٿي آهي؟
جواب: محمد آباد ديهه ميان نورمحمد ”ميان جا قبا“ شاهه پور جھانيان ويجھو.
سوال: مائي گلان جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1158هه ۾.(حوالو: سيفي مرزا جو مضمون، ڪاوش گئلري، سومر 24 فيبروري 2020ع.)
سوال: مائي گلان جي تجر جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڪيتري آهي؟
جواب: ڊيگهه 16 فوٽ، ويڪر 20 فوٽ ۽ اوچائي 13 فوٽ.
سوال: سنڌ جو تاريخي ماڳ ”ميان نورمحمد ڪلهوڙي جا قبا“ ڪيترن ايڪڙن تي مشتمل آهي؟
جواب: 64 ايڪڙن تي.
سوال: غلام شاهه ڪلهوڙو ڪنهن جي دعا سان ڄائو هو؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دعا سان.
سوال: غلام شاهه ڪلهوڙي جي باري ۾ هي شعر ڪهڙي شاعر چيو آهي:
گلان وچون گل پيدا ٿيا، ڪجهه کليا هي ڪجهه کلسي،
دانهه ڏيک ديواني ٿيسن، واءُ حسن دي گهلسي.
جواب: بهار ٻپڙ.
سوال: ميان غلام شاهه ڪلهوڙو تخت تي ڪڏهن ويٺو؟
جواب: 13 ذوالحج 1170هه/ سومر 29 آگسٽ 1757ع.
سوال: ڪهڙي شخصيت کي ”سنڌ جو شاهه جهان“ چيو وڃي ٿو؟
جواب: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي کي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ آمد ورفت جا ڪهڙا ذريعا هئا؟
جواب: ٻيڙيون، غوراب، ڏولي، ڏاند گاڏي، اٺ، گھوڙا ۽ گڏهن ذريعي سواري توڙي سامان کڄندو هو.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ زمين کي ريج ڪرڻ جا طريقا ڪهڙا هوندا هئا؟
جواب: (1) موڪي. (2) چرخي. (3) چرخي مدد موڪي. (4) چاهي. (5) بوسي.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙا قدرتي واهه وهندا هئا؟
جواب: پراڻ، نارو، اروڙ، ڦٽو، گوني، پنياري، لکي ۽ بگهاڙ.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙا فصل پوکيا ويندا هئا؟
جواب: ساريون، ڪڻڪ، ٻاجھري، جوئر، مڪائي، وؤنڻ، سڻي، ڪمند، مڱ، چؤنرا، مٽر، چڻا، گدرا، ڇانهين، ونگا، ميها، ميندي، تماڪ، سرنهن ۽ ڄانڀو وغيره.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ سنڌ ۾ ڪهڙا ميوا ٿيندا هئا؟
جواب: انب، ٻير، ليما، زيتون، کجور، ڏاڙهون، صوف، ڊاک، نارنگي، ڄمون ۽ پپيتو وغيره.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙي پيدائش مان، ڪجھه ماڻهن جو گذر سفر ٿيندو هو؟
جواب: کير، مکڻ، ڏڌ، گوشت، جانورن جون کلون، اُن، ڏاس ۽ ملس وغيره.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪهڙي جھنگلي پيدائش مان ماڻهون پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا؟
جواب: ماکي، کونئر، پُسي، ڏونرا، چڀڙ، متيرا، ريڀڙ، پڪا، سڱر، پيرون، پپون، ڳنڍير، ڪوڍير، گولاڙا، کاٽونبا، کنڀيون، ڦوڳ، ٽوهه، للر، لونڻڪ، مريڙو، لنب، کهه، کٿوري، مکڻي، مانڌاڻو، سائون، جِھلُ وغيره.
سوال: شاهه سائين جي دؤر ۾ ڪجھه ماڻهون پاڻيءَ جي ڪهڙي پيدائش مان گذر سفر ڪندا هئا؟
جواب: مڇي، پلو، گندڻ، موتي، سپون، ڪوڏ، بيهه، لوڙهه، ڪوڻي وغيره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي دؤر ۾ ڪيتريون مسجدون تعمير ڪرايون؟
جواب: درگاهه واري مسجد، لال لئي واري مسجد، قبي مسجد، واگهين جي ڀٽ واري مسجد، ترائيءَ واري مسجد ۽ لاهوت واري پاسي اڇي مسجد.
سوال: شاهه سائين ڪهڙو لباس پائيندو هو؟
جواب: گيڙو رتي ڪفني، مٿي تي ڊگهي جمني ٽوپي (اڇي رنگ جي ٽوپي يا ڪلاهه) جنهن تي ٻه ٽي وراڪا ڪاري ڪپڙي جا ويڙهيندو هو.
سوال: شاهه سائين سفر وقت ڇا ڇا کڻندو هو؟
جواب: ڊگهي لٺ ۽ ڪڏهن ڪڏهن بيراڳڻ، رومال، گودڙي ۽ رلي.
سوال: شاهه سائين کائڻ پيئڻ لاءِ ڪهڙو ٿانءُ ساڻ رکندو هو؟
جواب: کاڌي پيتي لاءِ وٽس هڪ وڏو ڪشتو يا ڪچڪول هوندو هو.
سوال: شاهه سائين جي سيرت جو اهم ترين قومي پهلو ڪهڙو آهي؟
جواب: صوفيانه مسلڪ (صوفياڻو پهلو).
سوال: شاهه سائين بيتن جي صورت ۾ پاڻ کي ڇا جو شارح قرار ڏئي ٿو؟
جواب: قرآن شريف جو.
سوال: شاهه سائينءَ کي ڪهڙي علائقي جي ماڻهن سان تمام گهڻي محبت هئي؟
جواب: ٿر جي علائقي
سوال: ساماري کان ٽي ڪلوميٽر مفاصلي تي شاهه سائينءَ ڪهڙي بزرگ جي ڏهاڙي تي سماع جون محفلون مچائي صوفياڻي راڳ جو رواج پڻ وڌو؟
جواب: حسن باغبان جي مزار وٽ. اتي پاڻ چلو به ڪڍيائون.
سوال: شاهه سائين درگاهه ڪريميءَ جو ڪم تقريبن ڪيترن سالن ۾ مڪمل ڪرايو؟
جواب: ٽن سالن ۾.
سوال: درگاهه ڪريميءَ جو ڪم شروع ڪرائڻ وقت شاهه لطيف جي عمر مبارڪ ڪيترا سال هئي؟
جواب: ٽيونجاهه سال.
سوال: نيري ڪاشيءَ جي سر تي درگاهه ڪريميءَ جي تعمير جو ڪم مڪمل ٿيڻ وارو ڪهڙو سن لکيل هو؟
جواب: 1156هه.
سوال: ڪهڙي بزرگ هستيءَ پشنگوئي ڪئي هئي ته ”اهڙو وقت ايندو جو مٽياريءَ جي جامع مسجد پويان درياءُ وهندو ۽ منجهس پلا مرندا“ ؟
جواب: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي (18 سالن جي عمر ۾، مٽيارن ۾).
سوال: ڪهڙي سال شاهه سائينءَ چيو ته ”مٽارن جو موت، ويندي جي وير م“؟
جواب: 1156هه ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي صوفي بزرگ کان 12 ورهيه اڳ ۾ ڄائو ۽ ان بزرگ جي وفات کان 11 ورهيه اڳ ۾ وفات ڪيائين؟
جواب: شاهه ولي الله دهلوي.
سوال: جڏهن بکر ۽ سيوهڻ وارا علائقا ميان يار محمد جي حوالي ڪيا ويا ته ان وقت شاهه سائينءَ جي عمر مبارڪ ڪيتري هئي؟
جواب: 22 سال.
سوال: لاهوت لامڪان جي ڀرسان شاهه سائينءَ ڪهڙي ماڳ تي سارو وقت روزن ۽ رياضت ۾ گذاريو هو؟
جواب: ڪوهه نور.
سوال: شاهه سائينءَ جڏهن ٽيهن ورهين جو ٿيو ته ڪهڙي بزرگ سان ملڻ جي ڪشش ٿيس؟
جواب: قائم الدين قلندر سان.
سوال: قائم الدين قلندر جي زيارت ڪرڻ لاءِ شاهه سائين ڪيترا ڏينهن ساندهه پنڌ ڪيو؟
جواب: 2 ڏينهن.
سوال: بُڪيرن جي ڪهڙي بزرگ کان لاکيڻي لطيف فيض ورتو هو؟
جواب: قائم الدين قلندر کان.
سوال: ”منهنجا محب تو ۾ مان وڏيءَ ولايت جا آثار ٿو ڏسان، هاڻي تون هتي ترسي پؤ، جيسين رمضان شريف پورو ٿئي“ اهي لفظ شاهه سائينءَ کي ڪنهن چيا هئا؟
جواب: قائم الدين قلندر.
سوال: ڪهڙي بزرگ جي ارشاد موجب، شاهه سائين سڄو رمضان شريف جو مهينو، سندس صحبت سڳوريءَ ۾ رهي پيو ۽ ان کان ئي اويسي طريقي جا راز معلوم ڪيائين؟
جواب: قائم الدين قلندر جي.
سوال: شاهه بهاريءَ جي وفات وقت شاهه سائينءَ جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 45 سال.
سوال: سنڌ ۾ سنڌي سماج جي ٻن سؤ سالن جي غلاميءَ جا، ڪيترا سال حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي اکئين ڏٺا؟
جواب: 47 سال.
سوال: ڪانجهيءَ جي قلعي جي سپهه سالار راجا ڏهيسر جي وفات وقت شاهه سائين جي عمر ڪيتري هئي؟
جواب: 57 سال.
سوال: روپاهه جي بزرگ هستي حضرت شاهه عبدالرحمان جي ولادت وقت مرشد لطيف ڪيترن ورهين جو هو؟
جواب: 59 ورهين جو.
سوال: شاهه ڪريم ۽ شاهه حبيب کانسواءِ لطيف سائين ٻئي ڪهڙي بزرگ جو مقبرو ٺهرايو هو؟
جواب: سيد عبدالقدوس شاهه جو.
سوال: ڪهڙي بزرگ سڳوري شاهه سائين کي فرمايو ته ”دعا ڪريو ته ٻنهي جهانن ۾ عافيت نصيب ٿئي“ ؟
جواب: سيد جمال شاهه.
سوال: ابا پاڻ ٻنهي جي نيٺ هڪڙي هنڌ جاءِ آهي، شاهه سائينءَ اِهي لفظ ڪنهن کي چيا هئا ؟
جواب: سيد جمال شاهه کي.


سوال: شاهه سائين جن تهجد نماز کان پوءِ صبح صادق تائين سؤ ڀيرا ڪهڙو ذڪر ڪندا هئا؟
جواب: هُئين به تون، آهين به تون، هوندين به تون، تون هين تون. فاني سڀ، باقي تون، تون هين تون،
ٻيو نه ڪير، اول به تون آخر به تون، ظاهر به تون باطن به تون، سڀ فاني رهندين تون، تون هين تون.
سوال: شاهه سائين فجر جي نماز ۽ ٻين وقتن جي نمازن بعد فقيرن کي ڪيترين ۽ ڪهڙين تسبيحن پڙهڻ جو حڪم فرمايو هو؟
جواب: فقيرن کي ٽن تسبيحن جو حڪم هو (1) الله هو. (2) الله الله. (3) هو هو.
سوال: شاهه سائين ڀٽ تي جنهن جاءِ تي مچ ٻارائي مراقبي ۾ ويهي عبادت ڪندا هئا ان جاءِ کي ڇا چئجي ٿو؟
جواب: آسڻ.
سوال: شاهه سائين ڀٽ تي تنهائي ۾ هڪ جاءِ تي ذڪر ڪندا هئا ان جاءِ کي ڇا چئجي ٿو؟
جواب: تجر جي ڪوٺي.
سوال: شاهه سائينءَ محرم ۽ صفر جي مهيني ۾ ڪيترا ڏينهن هڪ هنڌ ويهي عبادت ۽ رياضت ڪندو هو؟
جواب: 23 محرم کان 14 صفر تائين.
سوال: اڄ نه من قرار، پيو سونچو ساٿ ۾، نيهي وهندم بار، مٿي ساڻيهه سپرين. هي بيت شاهه سائين ڪهڙي موقعي تي چيو هو؟
جواب: شاهه سائين جي طبيعت ناساز ٿي ته تمر فقير پڇڻ آيس. ان موقعي تي.
سوال: شاهه سائين زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾ ڪهڙي وائي چئي هئي؟
جواب: ڪهڙي منجهه حساب هئڻ منهنجو هوت ريءَ (سر سهڻي).
سوال: شاهه سائينءَ جي وصيت مطابق کيس ڪنهن جي پيرانديءَ کان دفنايو ويو؟
جواب: سيد محمود شاهه جي پيرانديءَ کان. (محمود فقير)
سوال: سيد محمود شاهه جو خاندان ڪهڙي شهر مان سنڌ ۾ آيو ؟
جواب: مڪي مان.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪل ڪيترو اَنُ کاڌو هو؟
جواب: هڪ مڻُ 15 سير . (حوالو. ڪتاب. ڪستي منجهه ڪڻان. ص. 42 )
سوال: شاهه سائينءَ پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ امامن سڳورن جي غم ۾ ڪهڙو سر چيو؟
جواب: سر ڪيڏارو.
سوال: لطيف سائين وفات کان اڳ ڪهڙي وصيت ڪئي هئي؟
جواب: مون کي انهن ڪپڙن ۾ غسل ڏجو جيڪي بدن تي پيل آهن.


سوال: شاهه سائينءَ وصيت ڪئي هئي ته ”هي چادر مون کي ڪفن ڏجو“ لطيف سائين کي اها چادر ڪهڙي بزرگ کان تحفي طور ملي هئي؟
جواب: خواجه محمد زمان لنواري واري کان.
سوال: شاهه سائين 21 ڏينهن حجري ۾ عبادت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن ٻاهر آيو ته ڪيترن دلن سان غسل ڪيائين؟
جواب: 100 دلن سان (ڪتاب احوال شاهه عبداللطيف جي صفحه-43 تي ”سوا دلو پاڻيءَ جو“ ).
سوال: شاهه سائين جو وصال ڪهڙي اسلامي ۽ عيسوي تاريخ تي ٿيو، وصال وقت سندس عمر مبارڪ ڪيتري هئي؟
جواب: 14 صفر 1165هه مطابق پهرين جنوري 1752ع، هجري ڪئلينڊر جي حساب سان پوري 63 سال عمر ۽ عيسوي ڪئلينڊر مطابق ڪل عمر 61 سال هڪ مهينو 16 ڏينهن (حوالو-ڪلاچي، جون 2008ع).
سوال: شاهه سائين جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 26 سيپٽمبر 1751ع / 14 صفر 1165هه. ڪل عمر 61 سال 11 مهينا ۽ 18 ڏينهن. حوالو، سنڌ جو شاهه بدر ابڙو.
جمعو 31 ڊسمبر 1751ع / 14 صفر 1165هه. ڪل عمر 60 سال 9 مهينا.
آچر 2 جنوري 1752ع / 14 صفر 1165هه. (مرتب، لاڙڪ)
سوال: جن ڪپڙن ۾ شاهه سائين دم ڏنو هو، سي سڀ ڪپڙا ڪنهن جي حوالي ڪيا هئائون؟
جواب: محبت فقير جي.
سوال: شاهه سائينءَ جي جسم مبارڪ کي ڪهڙي بزرگ غسل ڏياريو هو ۽ جنازي جي نماز به پڙهائي هئي؟
جواب: ميين ولي محمد ڀٽي.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي ڪهڙين تاريخن تي سماع جي محفل ٿيندي آهي؟
جواب: 14 ۽ 16 صفر تي.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي 14 صفر واري سماع ۾ شاهه جا فقير ڪهڙن سرن مان بيت پڙهندا آهن؟
جواب: پورب، ڪاموڏ، ڪارايل ۽ سر حسينيءَ مان.
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي شاهه جا فقير 16 صفر واري سماع ۾ ڪهڙن سرن مان بيت پڙهندا آهن؟
جواب: بلاول، راڻي ۽ سر حسيني مان.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙي حالت ۾ وصال ٿيو ؟
جواب: وجد واري حالت ۾.
سوال: لاکيڻي لطيف جي وفات وقت ڪهڙي جانور رُنو هو؟
جواب: چنگل گهوڙي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو مريد ڪڇ کان سفر ڪري ڀٽ شاهه تي زيارت لاءِ سنڌ ايندو هو؟
جواب: فقير چڱو جت.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو فقير گونگو هو؟
جواب: فقير چڱو جت.
سوال: شاهه سائين وصال کان پوءِ پهرين ڪهڙي ڪرامت ڏيکاري هئي؟
جواب: چڱي فقير جت لاءِ ڌڻي کان دعا پني سندس گونگائپ ختم ڪيائين پوءِ فقير چڱو جت ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو.
سوال: شاهه صاحب جي ڪهڙي معتقد رضوان حق مان سندس وفات جو سال ڪڍيو هو؟
جواب: قاضي ابراهيم هالائيءَ.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي معتقد سندس وصال جا سال ٻن شعرن مان ڪڍيا هئا؟
جواب: محمد پناهه رجا.
سوال: شاهه سائين جو معتقد محمد پناهه رجا ڪهڙي بزرگ جو شاگرد هو؟
جواب: مير حيدرالدين ابو تراب ڪامل جو.
سوال: شاهه سائينءَ جي وصال کان پوءِ سيد جمال شاهه کي طلائي تلوار ڪهڙي شخص ڏني؟
جواب: ميان غلام شاهه ڪلهوڙي.
سوال: پهرئين گادي نشين کان هن وقت تائين ڪهڙين بزرگ هستين ڀٽ ڌڻيءَ جي گادي نشين جون ذميوايون سنڀاليون؟
جواب: (1) گادي نشين سيد جمال ولد ڪمال ڏنو شاهه. (2) سيد قائم شاهه. (3) قائم شاهه جو ڀاءُ سيد قائم الدين شاهه (4) سيد لطف علي شاهه اول. (5) سيد علي بخش شاهه اول. (6) سيد الله بخش شاهه. (7) سيد الله بخش شاهه جو سؤٽ سيد لطف علي شاهه دوئم ستون گادي نشين ٿيو. (8) سيد علي بخش شاهه دوئم. (9) 1933ع ۾ سيد شاهه ڏنو شاهه. (10) سيد الله بخش شاهه عرف سيد غلام شبير شاهه گادي نشين ٿيو. (11) سيد نثار حسين شاهه 24 اپريل 2003ع. (12) 31 ڊسمبر 2014ع تي سيد وقار حسين شاهه درگاهه ڀٽ ڌڻيءَ جي ٻارهين گادي نشين طور ذميواريون سنڀاليون. (حوالو. ڪاوش اخبار 25 اپريل 2003ع ۽ پهرين جنوري 2015ع).
سوال: شاهه سائينءَ جا ڪيترا گادي نشين بزرگ حضرت شاهه حبيب جي روضي ۾ دفن ٿيل آهن؟
جواب: 7 گادي نشين بزرگ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪيترن گادي نشينن جون مزارون شاهه لطيف جي روضي ۾ آهن؟
جواب: ٽن گادي نشينن جون.
سوال: هڪ گادي نشين جي مزار ڪٿي آهي؟
جواب: 11 گهوٽن جي روضي ڀرسان. حوالو، روزاني ڪاوش خميس پهرين جنوري 2015ع.


سوال: شاهه سائين جي روضي جي اولهه طرف سجاده نشين سيد قائم شاهه جي روضي اندر ڪيترن گهوٽن جون مزارون آهن؟
جواب: 8 گهوٽن جون.
سوال: سائين سيد غلام شبير شاهه ڀٽ ڌڻيءَ جي گادي نشينيءَ جون ذميواريون ڪيترا سال سنڀاليون؟
جواب: 33 سال.
سوال: ڀٽ ڌڻيءَ جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه جو جنم ڪڏهن ٿيو هو؟
جواب: 20 جون 1947ع ۾.
سوال: شاهه لطيف جي يارهين گادي نشين ”سيد نثار حسين شاهه“ کي ڪهڙي بزرگ لطيف سائين جا ”حال ڌاڳا“ پهرايا هئا؟
جواب: درگاهه شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي گادي نشين سيد اعجاز حسين شاهه.
سوال: لطيف سائين جي ”حال ڌاڳن“ ۾ شاهه سائينءَ جون ڪهڙيون شيون شامل آهن؟
جواب: لطيف سائينءَ جي قادري ٽوپي، عمامو (ڪارو پٽڪو)، الفي، گيڙو رنگ جي گودڙي، تسبيح ۽ جُتي شامل آهن.
سوال: شاهه سائينءَ جي پٽڪي جي ڊيگهه ڪيتري هئي؟
جواب: پنج هٿ.
سوال: شاهه سائين جو گادي نشين صفر مهيني جي ڪهڙي تاريخ تي ”حال ڌاڳا“ استعمال ڪندو آهي؟
جواب: سورهين صفر تي.
سوال: شاهه سائينءَ جا تبرڪات زائرين کي ڪڏهن ڏيکاريا ويندا آهن؟
جواب: شاهه سائينءَ جي وصال واري تاريخ کان ٽي ڏينهن پوءِ.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين، سڀ کان وڌيڪ عرصو گادي نشين جا فرض سرانجام ڏنا؟
جواب: سڀ کان وڌيڪ عرصو سيد جمال شاهه 39 سال گادي نشين رهيو.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو گادي نشين سڀ کان گهٽ عرصو گادي نشين رهيو؟
جواب: ٻيو نمبر گادي نشين سيد قائم شاهه.
سوال: شاهه سائين پاران سندس خاندان ۽ فقيرن کي ڪهڙن ڪمن کان منع ٿيل آهي؟
جواب: هٿيار کڻي هلڻ، سياست ۾ حصو وٺڻ، ماڙي ٺهرائڻ ۽ شڪار ڪرڻ کان منع ٿيل آهي.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو گادي نشين پاڻ کي ”ڀٽائيءَ جي در جو ٻهاريدار“ سڏرائيندو هو؟
جواب: سيد نثار حسين شاهه.
سوال: ڪهڙي بزرگ کي ”ڀٽ شاهه جو ڀورو پير“ چوندا هئا؟
جواب: سيد مظهر علي شاهه کي.
سوال: نازڻ سائين جو جنم ڪڏهن ٿيو؟
جواب: 7 ڊسمبر 1949ع ۾.
سوال: نازڻ سائينءَ جو وصال ڪڏهن ٿيو؟
جواب: ڇنڇر 27 نومبر 2021ع مطابق 21 ربيع الثاني 1443هه.
سوال: سيد جمال شاهه جي دور ۾ وڏي اوطاق تي خدمت لاءِ ڪهڙو فقير مقرر هو؟
جواب: محڪم الدين فقير.
سوال: ڪهڙي سبب جي ڪري سيد جمال شاهه کي ”جمعو شاهه جمال جو“ چوندا هئا؟
جواب: پاڻ جمعي نماز کي گهڻي ترجيح ڏيندا هئا ان ڪري.
سوال: جيترو عرصو شاهه سائين جن ڀٽ شاهه تي رهي خلق خدا جي خدمت ڪئي آهي، پاڻ کي به ايترو عرصو نصيب فرمائي. هي الفاظ ڪنهن چيا؟
جواب: سيد جمال شاهه.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين پنهنجي اولاد کي راڳ ويراڳ ۾ شامل حال نه فرمايو؟
جواب: سيد الله بخش شاهه.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين درگاهه تي ميلي جي باقائدي شروعات ڪئي؟
جواب: سيد جمال شاهه ثاني.
سوال: ڪهڙي گادي نشين جي دور ۾ درگاهه تي آيل مهمانن کي کير جو وٽو ۽ ڪڻڪ جي ماني لنگر خاني تان ملندي هئي؟
جواب: سيد جمال شاهه ثاني جي دور ۾.
سوال: شاهه سائين جو ڪهڙو گادي نشين، جاتي خطي جي ذاڪري فقيرن وٽ وڃي ليڪو ڦيرائي، ذڪر فڪر لاءِ اوتارو قائم ڪري آيو هو؟
جواب: سيد قائم الدين شاهه ثاني .
سوال: شاهه سائين جي درگاهه تي ڌمال جو نظام ڪنهن مقرر ڪيو هو؟
جواب: سيد لطف علي شاهه ولد سيد جمال شاهه ثالث.
سوال: ڀٽ ڌڻي جي ڪهڙي گادي ڌڻي، ست اوطاقون تعمير ڪرايون ۽ ست خليفا مقرر ڪيا؟
جواب: سيد علي بخش شاهه معروف علڻ گهوٽ.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين ميلي وارن ڏينهن ۾ رضاڪارن جي جماعت جو بنياد رکيو؟
جواب: سيد شاهه ڏنو شاهه ولد علي بخش شاهه.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي گادي نشين فرمايو ته جيئن قرآن ڪريم جي تلاوت لاءِ ڪوئي وقت مقرر ناهي، تيئن راڳ به هر وقت ڳائي سگهجي ٿو؟
جواب: سيد غلام شبير شاهه.