لطيفيات

ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.

Title Cover of book ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

شاهه سائين جي قلمي نسخن ۽ ڇپيل رسالن بابت مختصر معلومات

سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام کي ڪيترن جلدن ۾ جمع ڪيو هو؟
جواب: ٽن جلدن ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام جا ڪيترا بياض ڪراڙ ڍنڍ حوالي ڪيا هئا؟
جواب: ٽي بياض.
سوال: ڪهڙين عورتن کي شاهه سائين جو رسالو بر زبان ياد هو؟
جواب: گنگا جتڻ، مائي ملي نعمت ۽ موجوده دور جي آمنه جروار ڳوٺ اي بي هسواڻي (شهر امن آباد).
سوال: لفظ رسالو جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: رسالو عربي لفظ ”رسل“ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي پيغام پهچائڻ.
سوال: لفظ گنج جي معنيٰ ڇا آهي؟
جواب: ”خزانو يا ذخيرو.“
سوال: شاهه سائين جي ڪلام کي ”رسالو“ جي نالي سان ڪهڙي سال کان سڏيو ويو؟
جواب: 1200هه کان. (1206هه به لکيل آهي).
سوال: بلڙي شاهه ڪريم جي درگاهه تي رکيل قلمي نسخو شاهه سائينءَ جي وصال کان ڪيترا سال پوءِ لکجي پورو ٿيو؟
جواب: 28 سال پوءِ.
سوال: هن وقت تائين سر سسئي سان شروع ٿيندڙ جملي ڪيترا رسالا دستياب ٿيا آهن؟
جواب: ٻارنهن رسالا.
سوال: ٽنڊي ميرمحمود واري اوائلي قلمي نسخي تي ڪهڙو هجري سال لکيل آهي؟
جواب: 1200هه.
سوال: ٽنڊي ميرمحمود واري قلمي نسخي جي شروعات ڪهڙي سر سان ٿئي ٿي؟
جواب: سر سسئي ۽ اختتام سر بسنت و بهار.
سوال: ٽنڊي مير محمود ۾ ڪنهن جي ڪتب خاني ۾ شاهه سائين جي رسالي جو هڪ ٻيو قلمي نسخو موجود آهي ۽ ان قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: مير علي احمد خان ٽالپر جي ڪتب خاني ۾ ان قلمي نسخي ۾ 1735 بيت ۽ 97 وايون آهن.
سوال: ٽنڊي مير محمود واري شاهه سائين جي ٻئي قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: ڪل 32 سر.
سوال: مير علي احمد واري، شاهه جي قلمي نسخي ۾ بيت ۽ وايون ڪيتريون ڏنل آهن؟
جواب: بيت 2564 ، وايون 111 . 29 سر. گماني تعداد 31 .

سوال: شاهه سائين جي ٽنڊي مير محمود واري قلمي نسخي ۾ ٻيو نمبر سر ڪهڙو ڏنل آهي؟
جواب: سر بروو سنڌي.
سوال: شاهه جو قلمي نسخو جيڪو بڇيريءَ وارن سيدن وٽ موجود هو، اهو نسخو گنج کان ڪيترا سال اڳ ۾ ۽ ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: گنج کان پنج سال اڳ ۾، 1202هه ۾ لکيو ويو.
سوال: رمضان فقير واري شاهه جي قلمي نسخي تي ڪهڙو هجري سال لکيل آهي؟
جواب: 1205هه (رمضان فقير جيسلمير جو رهاڪو هو).
سوال: فقير ابوبڪر ڪهڙي هجري تاريخ ۽ سال ۾ شاهه جو رسالو (ٽن سرن جو اختصار) لکي پورو ڪيو؟
جواب: 25 ذوالقعد 1206هه ۾.
سوال: فقير ابوبڪر واري قلمي رسالي ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 3 سر، سسئي، مومل راڻو ۽ سر عمر مارئي.
سوال: ان رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 417 بيت ۽ 31 وايون. (سسئي ۾ 320 بيت، 23 وايون. مومل راڻو 15 بيت، 2 وايون. عمر مارئي 82 بيت، 6 وايون. )
سوال: شاهه سائينءَ جي وفات کان ڪيترا سال پوءِ ”شاهه جو گنج“ لکيو ويو؟
جواب: 42 سال پوءِ.
سوال: ڀٽ شاهه تي تمر فقير واري وڏي اوطاق ۾ رکيل ”شاهه جو گنج“ ڪهڙيءَ ڏينهن عام ماڻهن کي ڏيکاريو ويندو هو؟
جواب: هر جمعي تي.
سوال: بڙ جي ڍوري ۾ فقير عبدالعظيم ڪنهن جي مدد سان شاهه صاحب جو گنج ترتيب ڏنو هو؟
جواب: مٺو کاهوڙي جت جي مدد سان.
سوال: ميين اسماعيل جو گڏ ڪرايل گنج ڪهڙي ڪاتب ۽ ڪهڙي هجري سال ۾ لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه ابن سيد محمد علي شاهه، اڱارو 7 جمادي الثاني 1207هه ۾.
سوال: فقير عبدالعظيم، بڙ جي ڍوري تي رهندڙ جتن وٽ ڪيترا سال گڏ رهي شاهه سائينءَ جو ڪلام گڏ ڪيو؟
جواب: 13 سال.
سوال: فقير عبدالعظيم جو لکيل ”شاهه جو گنج“ هن نسخي ۾ پهريون بيت ڪهڙو ڏنل آهي؟
جواب: وڍي ٿي وايون ڪري ڪٺل ڪوڪاري،
هن پن پاهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لئي هاري.

سوال: ميين اسماعيل جي لکايل گنج ۾ جملي ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 4041 بيت ۽ 287 وايون ۽ 28 سر.
سوال: ان گنج ۾ پهريون ۽ آخري سر ڪهڙو ترتيب ڏنل آهي؟
جواب: پهريون سرود سسئي ۽ آخري ڪارايل.
سوال: ميين اسماعيل جي گڏ ڪرايل گنج ۾ بلوچي زبان وارا ڪيترا بيت لکيل آهن؟
جواب: 14 بيت.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي جي آخر ۾ 35 بيت شاهه ڪريم جا آهن؟
جواب: ميين اسماعيل جي گڏ ڪرايل گنج ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ کي سندس وصيت مطابق ان هنڌ دفن ڪيو ويو جتي پاڻ شاهه جو ڪلام گڏ ڪيو هئائين؟
جواب: سيد عبدالعظيم ڀٽائي عرف خوشحال فقير.
سوال: فقير عبدالعظيم عرف وڏل شاهه جي مزار تي ڪهڙو ڪتبو لڳل آهي؟
جواب: جامع الڪلام ڀٽائي سيد عبدالعظيم ڀٽائي عرف خوشحال فقير.
سوال: تمر فقير اڏيري لعل جي سيدن کي ڪهڙي شيءِ امانت طور ڏئي ڪڇ ڏانهن روانو ٿيو هو؟
جواب: شاهه جي ڪلام جو هٿ اکر لکيل نسخو.
سوال: روايت مطابق تمر فقير واري نسخي تان ڪيترا نسخا تيار ڪرايا ويا ۽ انهن کي ڪٿي رکيو ويو؟
جواب: ٻه نسخا، هڪ ڀٽ تي ۽ ٻيو درگاهه ڪريميءَ تي رکيو ويو.
سوال: درگاهه بلڙي وارو اصلي رسالو ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: 1194هه / 1780ع.
سوال: شاهه جي ڪلام جا جيڪي اوائلي نسخا تيار ٿيا تن ۾ پهريون سر ڪهڙو ڏنل آهي؟
جواب: سر سسئي.
سوال: سيد ابراهيم شاهه وارو قلمي نسخو ڪهڙي هجري سال ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 1207هه ۾.
سوال: قاضي موسيٰ وارو قلمي نسخو ڪهڙي هجري سال ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 1207هه ۾.
سوال: قاضي موسيٰ واري قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: 19 سر.
سوال: قاضي موسيٰ واري قلمي رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: جملي1321 بيت ۽ 65 وايون. (1283 بيت ۽ 86 وايون. حوالو. شاهه جو ڪلام مقدار يا معيار، ص. 91 ).

سوال: ڀٽ شاهه تي راڳ جو سلسلو اوج کي رسيو ته آسپاس جي ڪهڙن قلمي نسخن جي ترتيب وجود ۾ آئي؟
جواب: حاجي هدايت الله جو لکايل رسالو، ميان محمد حافظ ۽ مير امام بخش ٽالپر جي لکايل قلمي نسخن.
سوال: مير امام بخش خان ٽالپر جو لکايل رسالو ڪهڙي تاريخ ۽ هجري سال ۾ لکجي مڪمل ٿيو؟
جواب: 29 شعبان 1270هه ۾ ڪاتب، محمد حافظ.
سوال: هن قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر ، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 32 سر . (حوالو، ڪتاب، شاهه جي رسالي جا سرچشما)
سوال: هن رسالي ۾ اندازن ڪيترا بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: 3943 بيت ۽ 215 وايون لکيل آهن.
سوال: حافظ احمد جت کي شاهه سائين جا ڪيترا بيت ياد هئا؟
جواب: ڇهه هزار بيت.
سوال: حافظ احمد جت وارو شاهه جو رسالو، هن رسالي ۾ سر مارئي ۾ ڪيترا داستان آهن؟
جواب: 42 داستان.
سوال: شاهه سائينءَ جا بيت سڀ کان وڌيڪ ڪهڙين عورتن کي ياد هئا؟
جواب: مائي گنگا جتڻ ۽ مائي ملي نعمت کي.
سوال: ڪهڙي عورت ديرن جي مطالعي لاءِ شاهه جا رسالا لکندي هئي ۽ ان لاءِ وظيفو مقرر ٿيل هو؟
جواب: مائي ملي نعمت.
سوال: هز هائينس مير نور محمد خان ٽالپر قلمي نسخو وڏي خرچ تي ڪنهن کان لکايو هو؟
جواب: مائي ملي نعمت کان.
سوال: مائي ملي نعمت جو لکيل رسالو ڪهڙي تاريخ ۽ هجري سال ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 28 جمادي الثاني 1270هه ۾ ( اڱارو 28 مارچ 1854ع )
سوال: مشهور حڪيم ديوان ٺاري مل ڪهڙي بزرگ کان ۽ ڪڏهن شاهه جو قلمي نسخو لکايو هو؟
جواب: حاجي هدايت الله هالائي کان 1270هه ۾.
سوال: حاجي هدايت الله هالائيءَ واري لکيل نسخي ۾ ڪيترا سر بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: سر 34، بيت 3247 ۽ وايون 226 آهن.
سوال: مولوي حاجي هدايت الله هالائيءَ جي وفات ڪڏهن ٿي؟
جواب: 2 شوال 1365هه مطابق 19 آگسٽ 1946ع ڪلان ڪوٽ. (حوالو. گلستان لطيف. ص.209 )

سوال: خيرپور واري قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر آهن؟
جواب: 27 سر.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي ۾ 2846 بيت ۽ 185 وايون شامل آهن؟
جواب: خيرپور واري قلمي نسخي ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي تي مير علي مراد خان ٽالپر جون مهرون لڳل آهن؟
جواب: خيرپور واري قلمي نسخي تي.
سوال: برٽش ميوزيم واري قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: 28 سر، 1822 بيت ۽ 86 وايون.
سوال: برٽش ميوزيم لنڊن وارو قلمي نسخو ڪهڙي محقق تحقيق ۽ تصحيح ڪري 1969ع ۾ شايع ڪرايو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڀٽ شاهه ڪميٽي پاران شايع ٿيو.
سوال: انڊيا آفيس لنڊن واري قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 25 سر، 1443 بيت ۽ 53 وايون.
سوال: فقير اميد علي نظاماڻي ڪهڙي هجري سال ۾ شاهه جو قلمي نسخو لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: 1256هه ۾.
سوال: حافظ دين محمد هاليپوٽي (ڪڇ ڀڄ) واري شاهه جو قلمي نسخو ڪهڙي هجري سال ۾ مڪمل ڪيو؟
جواب: 1267هه ۾.
سوال: درسگاهه منصوره واري قلمي نسخي جي 28 سرن ۾ ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 1797بيت ۽ 83 وايون.
سوال: درسگاهه منصوره واري قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون شامل آهن.
جواب: 1829 بيت ۽ 118 وايون. (30 سر)
سوال: درسگاهه منصوره وارو قلمي نسخو، هي قلمي رسالو درسگاهه منصوره ۾ ڪنهن آندو هو؟
جواب: عابد لغاريءَ.
سوال: ميين موسيٰ مداح ٺٽوي وارو قلمي نسخو ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: 1257هه کان پوءِ.
سوال: حاجي هدايت الله ڪڇي سمي گجرات واري ڪهڙي هجري سال قلمي نسخو لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: 1270هه ۾.


سوال: ان پهرئين ڪاتب جو نالو ٻڌايو جنهن شاهه جي قلمي نسخي جي شروعات سر ڪلياڻ سان ڪئي؟
جواب: ميين موسى مداح ٺٽويءَ واري.
سوال: ميين موسى مداح واري شاهه جي قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 31 سر، 2516 بيت ۽ 92 وايون.
سوال: خير محمد هالائي، شاهه سائين جو قلمي نسخو ڪهڙي سال ۾ لکيو هو؟
جواب: 1268هه ۾.
سوال: فقير خير محمد هالائي وارو دستخط نسخو ڪيترن سرن تي مشتمل آهي؟
جواب: 35 سرن تي.
سوال: هن نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 2921 بيت ۽ 211 وايون شامل آهن.
سوال: فقير خير محمد هالائي واري قلمي نسخي جي شروعات ڪهڙي سر سان ٿئي ٿي؟
جواب: شروعات سر ڪلياڻ.
سوال: پير احمد شاهه جي اوطاق تي ماهه ذوالحج سن 1269 هجري ۾ ڪهڙي بزرگ شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو لکي پورو ڪيو؟
جواب: آخوند فضل علي ولد محمد حافظ نصرپوري.
سوال: آخوند فضل علي واري نسخي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: سر 35، بيت 2909 ۽ وايون 220 لکيل آهن.
سوال: ٺوڙهي لتڻي ”ڪڇ وارو قلمي نسخو“ ڪهڙي هجري سال ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: 1270هه ۾. هيءُ نسخو ميان محمد حافظ جو لکايل آهي.
سوال: 1923ع ۾ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي پنهنجي شاهه جي رسالي جي ترتيب ڏيڻ لاءِ 1780ع ۾ لکيل ڪهڙو نسخو ڪتب آندو هو؟
جواب: بلڙي شاهه ڪريم جي درگاهه تي رکيل رسالو 1194هه / 1780ع.
سوال: شاهه سائين جي قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ اندازن ڪيترن سالڪن، شاعرن جا بيت ۽ وائيون شامل آهن؟
جواب: 68 سالڪن ۽ شاعرن جا.
سوال: شاهه سائين جي قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ مختلف شاعرن جا اندازن ڪيترا بيت ۽ وائيون شامل آهن؟
جواب: 2180 بيت ۽ 140 وائيون.
سوال: شاهه سائين جي قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ مائي گنگا جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 2 بيت سر ڌناسري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي مختلف رسالن ۾ گروهڙي صاحب جا ڪيترا بيت ملن ٿا؟
جواب: 13 بيت (سر يمن، ڪارايل، رامڪلي ۽ آسا).
سوال: شاهه سائينءَ جي مختلف رسالن ۾ شاهه عنات جا ڪيترا بيت ۽ وايون درج ٿيل آهن؟
جواب: 38 بيت ۽ 3 وايون.
سوال: شاهه سائينءَ جي قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ شاهه ڪريم جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 43 بيت.
سوال: شاهه سائينءَ جي مختلف رسالن ۾ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 14 بيت.
سوال: شاهه سائينءَ جي اوائلي قلمي رسالن ۾ راضي شاهه جا ڪيترا بيت ملن ٿا؟
جواب: هڪ بيت سر سهڻيءَ ۾ (محقق. ڊاڪٽر بلوچ).
سوال: شاهه سائينءَ جي مختلف قلمي ۽ ڇاپي رسالن ۾ شاهه لطف الله قادريءَ جا ڪيترا بيت ڏنل آهن؟
جواب: 4 بيت.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالن ۾ مخدوم نوح جا ڪيترا بيت شامل آهن؟
جواب: هڪ بيت، سر آسا ۾ (حوالو. مهراڻ، جنوري. مارچ 1997ع).
سوال: سڀ کان پهريائين شاهه سائين جي ڪجهه بيتن جي شرح ڪنهن لکي؟
جواب: پير محمد راشد روضي ڌڻي. (صبغة الله شاهه)
سوال: شاهه جي رسالي جي ان پهرين شارح جو نالو ٻڌايو جنهن چئن جلدن ۾ شرح جو ڪم پورو ڪيو هو؟
جواب: هدايت الله هالائي.
سوال: آخوند محمد شفيع شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو ڪهڙي سال لکي پورو ڪيو هو؟
جواب: 27 صفر 1273هه ۾.
سوال: آخوند محمد شفيع واري قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: 35 سر، بيت 1841 ۽ 115 وايون.
سوال: ڪهڙي ڪاتب 36 سرن تي 1282هه ۾ شاهه جو قلمي نسخو لکي پورو ڪيو؟
جواب: عبدالحق نظاماڻيءَ.
سوال: ڪهڙي ڪاتب، شاهه جو رسالو 1283هه ۾ مڪمل ڪيو؟
جواب: حاجي محمد مراد پوٽو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙ ي ليکڪ سر معذوريءَ کان کاهوڙيءَ تائين رسالي جا فقط ڏهه سر لکيا ۽ رهيل سر سندس ڀاءُ لکي رسالو مڪمل ڪيو؟
جواب: ميان دوست محمد 1284هه ۾ (رهيل سر ميان احمد لکيا).
سوال: ميين احمد ڀٽائي جو لکيل پهريو نسخو ڪڏهن مڪمل ٿيو؟
جواب: ذوالقعد 1294هه ۾.

سوال: هن نسخي ۾ ڪيترا سر ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 34 سر، 3114 بيت ۽ 217 وايون.
سوال: ميين احمد ڀٽائيءَ جي لکيل ٻئين قلمي نسخي جي ڪتابت جو هجري سال ٻڌايو؟
جواب: 1304هه.
سوال: هن قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 34 سر ، 3218 بيت ۽ 223 وايون. (حوالو، ڪتاب. شاهه جي رسالي جا سرچشما )
سوال: ميين احمد ڀٽائي جي لکيل ٽئين قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: 12 سر.
سوال: هن اڻپوري نسخي ۾ جملي ڪيترا بيت ۽ وايون لکيل آهن؟
جواب: 765 بيت ۽ 49 وايون.
سوال: تمر فقير جو ڪلام، شاهه سائينءَ جي ڪهڙن اٺن قلمي نسخن ۾ موجود آهي؟
جواب: 1. پنهل فقير واري قلمي نسخي ۾. 2. جمعي فقير واري قلمي نسخي ۾. 3. خير محمد فقير واري قلمي نسخي ۾. 4. لعل محمد فقير ذيڪريءَ واري قلمي نسخي ۾. 5. پير غلام شاهه واري قلمي نسخي ۾. 6. برٽش ميوزيم لنڊن واري قلمي نسخي ۾. 7. پير غوث محمد شاهه واري قلمي نسخي ۾. 8.آخوند محمد شفيع جي لکيل قلمي نسخي ۾.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي جي شروعات سر مومل راڻي سان ۽ خاتمو سر گھاتوءَ تي ٿئي ٿو؟
جواب: 1379ع ۾ لکيل ڪڇ جي قلمي نسخي ۾.
سوال: ظفر ڪاظمي واري اڻپوري قلمي نسخي جي شروعات ڪهڙي سر سان ۽ خاتمو ڪهڙي سر تي ٿئي ٿو؟
جواب: شروعات سر سسئي خاتمو سر ڪاموڏ.
سوال: ڪهڙي ڪاتب شاهه جي رسالي جي پهرين حصي ۾ 13 سر ۽ ٻئي حصي ۾ 22 سر ڏنا آهن؟
جواب: ڪاتب عبدالله سومري.
سوال: ڪهڙي ڪاتب شاهه جي قلمي نسخي ۾ ڪل 35 سر، 4838 بيت ۽ 390 وايون شامل ڪيون؟
جواب: ڪاتب، ميان لعل محمد ولد اسماعيل فقير لاڙڪ.
سوال: فقير لعل محمد لاڙڪ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ قلمي نسخو لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: اربع 10 شوال سال 1329هه ، 4 آڪٽوبر 1911ع ۾.
سوال: ڪهڙي بزرگ 39 سرن تي شاهه جو قلمي نسخو لکرايو؟
جواب: پنهل فقير جوڻي.
سوال: سڀ کان وڌيڪ بيت ۽ وايون شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي ۾ ڏنل آهن؟
جواب: پنهل فقير واري نسخي ۾ (5885 بيت ۽ 381 وايون).
سوال: پنهل فقير جوڻي شاهه سائين جو قلمي نسخو ڪنهن کان لکايو هو؟
جواب: استاد عبدالله ولد محمود ٿهيم 13 صفر 1383 هجري مطابق 6 جولاءِ 1963ع ۾ لکي مڪمل ڪيو.
سوال: سرن جو گهڻي ۾ گهڻو تعداد شاهه سائين جي ڪهڙي قلمي نسخي ۾ ملي ٿو؟
جواب: ميين محمد ۽ ميين حسين واري قلمي نسخي ۾.
سوال: محمد اسماعيل ڀٽيءَ واري شاهه جي رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 4931 بيت ۽ 314 وايون.
سوال: پيرل ٿيٻي وارو شاهه جو قلمي رسالو ڪڏهن لکيو ويو؟
جواب: 1373هه
سوال: جمعي فقير جي لکايل قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: سر 26، بيت 4927 ۽ 344 وايون ڪاتب غلام قادر ولد ڇتو.
سوال: مير عبدالحسين سانگيءَ شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو ڪهڙي ڪاتب کان لکايو هو؟
جواب: ميين احمد ڀٽائيءَ کان. 17 ذوالقعد 1307هه تي لکجي پورو ٿيو.
سوال: فقير تاج محمد نظاماڻيءَ جو دستخطي پهريون قلمي نسخو ڪهڙي تاريخ ۽ هجري سال تي مڪمل ٿيو؟
جواب: 4 ربيع الثاني 1342هه/ اربع 14 نومبر 1923ع.
سوال: هن قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر آهن؟
جواب: 35 سر. پهريون سر ڪلياڻ ۽ آخري سر بسنت.
سوال: هن نسخي ۾ جملي ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 2157 بيت ۽ 100 وايون.
سوال: فقير تاج محمد نظاماڻِيءَ جي ٻئي قلمي نسخي ۾ ڪيترا سر آهن؟
جواب: 36 سر.
سوال: هن قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون آهن؟
جواب: 5488 بيت ۽ 355 وايون.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جو قلمي نسخو سيد حاجي شاهنواز شاهه ڪهڙي هجري تاريخ ۽ سن ۾ لکرايو هو؟
جواب: 14 رجب 1355هه ۾.
سوال: اِن قلمي نسخي جي شروعات ۾ ۽ آخر ۾ ڪهڙو سر ڏنل آهي؟
جواب: شروعات سرڪلياڻ سان ۽ آخري سر ڍول مارو.
سوال: ڪهڙي قلمي نسخي جي شروعات سر مومل راڻي سان ۽ خاتمو سر گهاتو تي ٿئي ٿو؟
جواب: ڪڇ جو نسخو. جمع 20 جمادي الثاني 1279هه ۾ لکيل. 17 سر ، 856 بيت ۽ 60 وايون شامل.
سوال: هندستان جي ڪهڙن مشهورن راڳيندڙن شاهه جي رسالي کي سرن ۽ داستانن موجب ترتيب ڏنو؟
جواب: اٽل ۽ چنچل.
سوال: ”محمد اسماعيل ڀٽيءَ جو دستخط نسخو“ هن نسخي ۾ ڪيترا بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 36 سر، 4931 بيت ۽ 314 وايون. (شروعات سر ڪلياڻ سان ).
سوال: محمد اسماعيل ڀٽي ڪنهن جي چوڻ تي ۽ ڪڏهن شاهه جو قلمي نسخو لکي پورو ڪيو؟
جواب: سجاده نشين درگاهه هالا سيد ميان شير محمد جي چوڻ تي 23 محرم 1342هه ۾ لکي پورو ڪيو.
سوال: شاهه جو رسالو، ڪاتب عبدالله سومرو هن رسالي ۾ اٺٽيهين نمبر تي ڪهڙو سر ڏنل آهي؟
جواب: سر ڪارايل.
سوال: ڪڇ وارو گنج شريف ڪيترن سالن ۾ مڪمل ٿيو؟
جواب: ٻارنهن سالن ۾ (هن ۾ ڪل ڇٽيهه سر).
سوال: قلمي رسالو ڪڇ وارو گنج شريف ڪنهن ۽ ڪڏهن لکي پورو ڪيو؟
جواب: فقير حاجي عبدالمطلب جت، 15 بروز جمعو سن 1336هه.
سوال: ڪڇ واري گنج شريف ۾ ڪل ڪيتريون وايون آهن؟
جواب: 354.
سوال: قلمي نسخي ڪچ واري گنج ۾ سڀ کان وڌيڪ بيت ڪهڙي سر ۾ ڏنل آهن؟
جواب: سر آبري، بيت 1016.
سوال: قلمي نسخي ڪڇ جي گنج شريف ۾ ڪيترا بيت آهن؟
جواب: 5939.
سوال: ڪڇ واري گنج شريف جي شروعات ڪهڙي سر سان ٿئي ٿي؟
جواب: سر ڪلياڻ، آخري سر بسنت.
سوال: ميهار فقير جي لکايل قلمي رسالي ۾ ڪيترا سر آهن؟
جواب: 36 سر ، جملي بيت 5347 ۽ 325 وايون.
سوال: اهو رسالو ڪهڙي هجري سال ۾ لکايو ويو؟
جواب: 1371هه کان اڳ.
سوال: ڳوٺ ننڍي ڀٽاري ۾ عبدالله ڌڻي پرتي جت وٽ 1915ع ۾ لکيل شاهه جي رسالي جي قلمي نسخي ۾ ڪيترا بيت درج ٿيل آهن؟
جواب: 15686 بيت.
سوال: فقير سڪ علي راهوجي، ڪهڙي سال ”شاهه جو رسالو“ لکي پورو ڪيو؟
جواب: اڱارو 14 ربيع الاول 1420هه / 29 جون 1999ع ۾.
سوال: فقير سڪ علي واري شاهه جي رسالي ۾ ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 5438 بيت، 335 وايون ۽ 40 سر. (اڻ ڇپيل)
سوال: ڪهڙي رسالي ۾ سر مارئي جا 28 داستان ۽ ان ۾ 504 بيت ڏنل آهن؟
جواب: فقير سڪ علي راهوجي واري ”شاهه جو رسالو“ ۾.
سوال: فقير سڪ علي واري شاهه جي رسالي جي شروعات ڪهڙي سر سان ٿئي ٿي؟
جواب: سر ڪلياڻ، آخري سر ڌناسري.
سوال: فقير عبدالرحمان بن حافظ محمود، شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو ڪهڙي عيسوي تاريخ ۽ هجري سن ۾ لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: 29 جون 1859ع ۾ اربع 27 ذوالقعد 1275هه ۾.
سوال: شاهه جي رسالي جو 1275هه وارو قلمي نسخو ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي ڪنهن وٽان مليو هو؟
جواب: منير احمد قريشي وٽان شهر گڏيجي مان.
سوال: فقير عبدالرحمان بن حافظ محمود، ”شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو“ ۾ ڪيترا سر ڏنا آهن؟
جواب: 31 سر.
سوال: دودي فقير ولد عارب خان تمراڻي، ڪنهن جي چوڻ تي شاهه جو رسالو 1942ع ۾ لکڻ شروع ڪيو؟
جواب: پير ميان غلام شاهه ولد پير ميان علي بخش شاهه جي.
سوال: ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب جن پهريون ڀاڱه“ هن قلمي نسخي جي ڪتابت ڪنهن ڪئي؟
جواب: فقير دودو خان ولد عارب فقير تمراڻي ڀٽ شاهه .
سوال: شاهه جي ڪلام جو قلمي نسخو عنوان ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“ گهڻن جلدن ۾ لکيو ويو؟
جواب: ٻن جلدن ۾.
سوال: فقير دودي خان”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“ پهرين جلد لکڻ جي ابتداء ڪڏهن ڪئي؟
جواب: 25 ربيع الآخر 1361هه / 13 مئي 1942ع.
سوال: ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“پهرين جلد ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 1. سر ڪلياڻ، 2. يمن، 3. کنڀاٽ، 4. سري راڳ، 5. سامونڊي، 6. سهڻي، 7. سارنگ، 8. ڪيڏارو، 9. آبري، 10، معذوري، 11. ديسي، 12. ڪوهياري، 13. حسيني.


سوال: فقير دودو خان ولد عارب فقير تمراڻي شاهه جي رسالي جو پهريون ڀاڱو ڪڏهن لکي تيار ڪري جلد ٻڌايو؟
جواب: 27 ربيع الثاني 1362هه مطابق سومر 3 مئي 1943ع ۾.
سوال: ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“ ڪاتب ٻيو جلد ڪڏهن لکي پورو ڪيو؟
جواب: 11 ربيع الاول 1374هه / بروز سومر 8 نومبر 1954ع.
سوال: ”رساله شريف مرشد ساءِ جناب شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب“ جلد ٻئين ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر سورٺ، بروو هندي، بروو سنڌي، راڻو، ڍول مارئي، هير رانجهو، کاهوڙي، رامڪلي، رپ، ليلان، بلاول، ڏهر، ڪاپائتي، وهاڳڙو پرڀاتي، سڀراج، سرڪانرو، سرکنوري، سرگهاتو، سر شينهن ڪيڏارو، آسا، مارئي، ڌناسري، پورب، ڪاموڏ، ڪارايل، بسنت.
سوال: فقير دودي خان ٻنهي قلمي نسخن جي جلدن ۾ ڪيترا سُر لکيا؟
جواب: 39 سُر (اٽڪل ساڍا ٻارهن سال جي محنت بعد قلمي نسخي جا ٻئي جلد تيار ڪيا.)
سوال: ڪهڙي ڪاتب شاهه سائين جي قلمي نسخي ۾ 231 داستان، 5245 بيت ۽ 373 وائيون لکيون؟
جواب: فقير دودو خان.
سوال: سيد غلام شاهه واري شاهه جي قلمي نسخي جي ڪتابت جو سال ۽ بيتن، واين جو تعداد ٻڌايو؟
جواب: ڪتابت 1964ع ، بيت 4133 ، وايون 249 .
سوال: فقير علي ڏني نظاماڻيءَ ”شاهه جو رسالو“ (قلمي نسخو) ڪڏهن لکي پورو ڪيو؟
جواب: 12 اپريل 1995ع ۾.
سوال: فقير علي ڏني نظاماڻيءَ واري شاهه جي قلمي نسخي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: ڇٽيهه سر، پهريون سر ڪلياڻ ۽ آخري سر بسنت.
سوال: ڪهڙي شخص شاهه جو اڻڇپيل ڪلام ڪڇ جي فقيرن وٽان ۽ ڀڄ جي خير محمد جت وٽان ۽ موليڏني سومري وٽان هٿ ڪري شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو هو؟
جواب: لونگ فقيرسولنگي.
سوال: لطيف شناس ۽ رسالي جي مرتب، لونگ فقير جي ولادت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 1305هه ۾ ڳوٺ حسين سهتو ضلعو بدين (وفات 1980ع ڌاري).
سوال: ڪهڙي مرتب تيرهن هزار بيت قلمبند ڪري شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو؟
جواب: لونگ فقير سولنگيءَ.
سوال: ڇا لونگ فقير جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو شايع ٿيل آهي؟
جواب: هن جو ترتيب ڏنل رسالو، غائب ڪري ليکڪن پنهنجي نالي سان شايع ڪرايو.
سوال: ٺري ميرواهه جي ڪهڙي شخص شاهه جو رسالو هٿ سان لکيو آهي؟
جواب: ارشاد جوڳيءَ.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه جي رسالي تي تحقيق دوران ڪيترا قلمي ۽ ڇاپي نسخن کي استعمال ڪيو هو؟
جواب: 50 قلمي نسخن ۽ 16 ڇاپي نسخن.
سوال: ڪهڙي ڪاتب شاهه جي رسالي جو رنگين قلمي نسخو 1432هه مطابق 2011ع ۾ لکي مڪمل ڪيو؟
جواب: استاد لغاري.
سوال: هن وقت تائين شاهه سائين جي رسالي جا ڪيترا قلمي نسخا دستياب ٿيا آهن؟
جواب: 74 کان وڌيڪ.
سوال: شاهه سائين جي رسالي جي شارحن سندن ڪلام کي ڪيترن حصن ۾ تقسيم ڪيو آهي؟
جواب: ستن حصن ۾.
سوال: ڪهڙي انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ماهر شاهه سائين جو رسالو ترتيب ڏنو؟
جواب: ڪئپٽن جارج اسٽئڪ (1850ع ۾ ) ۽ (حوالو. لطيفي اسرار. ص.44 تي 1304هه )
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي مرتب 35 سرن تي مبني 1217 صفحن تي رسالو ترتيب ڏنو هو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي شيدائيءَ رسالي جي ڇپائيءَ وقت پنهنجو گهر گروي رکيو هو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ. ( فقط 26 سر ترتيب ڏئي شايع ڪرايائين )
سوال: سڀ کان اڳ ڪهڙي پرڏيهي عالم پهريون ڀيرو شاهه جو رسالو سنڌي صورتخطيءَ ۾ شايع ڪرايو هو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: ڪهڙي مرتب، شاهه جي ڪلام کي ”رسالو“ توڙي”ديوان“ ٻئي عنوان ڏنا آهن؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: شاهه جو رسالو 1866ع ۾ ڪهڙي مرتب شايع ڪرايو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: شاهه سائينءَ جو ڪهڙو شيدائي، شاهه جي رسالي ۾ سر مارئي ترتيب نه ڏئي سگهيو ته کيس مرڻ گهڙيءَ تائين ارمان هو؟
جواب: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ.
سوال: ڊاڪٽر ٽرمپ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ ڪل ڪيترا سر آهن؟
جواب: ڪل 26 سر. پهريون ڪلياڻ ۽ آخري آسا.
سوال: هن رسالي جو سنڌ ۾ پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1985ع ۾ ڀٽ ثقافتي مرڪز ڪاميٽيءَ پاران.
سوال: هن رسالي ۾ ڪل ڪيترا بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 2529 بيت ۽ 160 وايون.
سوال: ممبئي مان پهريون ڀيرو شاهه جو رسالو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1283هه / 1864ع ۾ .
سوال: بمبئي ڇاپي وارو اهو ڪهڙو ڇاپو آهي جنهن کي شاهه جو پهريون مڪمل رسالو چيو وڃي ٿو؟
جواب: 1867ع وارو (اربع 27 ذوالقعد 1283هه ڪاتب حاجي محمد، ڇپائيندڙ قاضي ابراهيم).
سوال: بمبئي ڇاپو نمبر 1، هن ڇاپي ۾ ڪل ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 36 سر، 4071 بيت ۽ 237 وايون.
سوال: شاهه جو رسالو (بمبئي ڇاپو نمبر 2) ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1292هه / 1876ع ۾.
سوال: هن رسالي ۾ ڪل ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 36 سر، 4076 بيت ۽ 237 وايون.
سوال: مطبع ڪريمي طرفان ڪيترا بمبئي ڇاپا شايع ٿيا؟
جواب: ست بمبئي ڇاپا شايع ٿيا.
سوال: 1900ع ۾ سنڌ سرڪار جي ڇپايل رسالي کان وٺي جيڪي رسالا ٽائپ ۾ ڇپيا تن جا متن پڻ بمبئي ڇاپن تان نقل ڪيا ويا انهن سڀني جو بنياد ڪهڙو ڇاپو رهيو؟
جواب: 1283هجري وارو پهريون بمبئي ڇاپو.
سوال: بمبئي وارا ڪيترا ڇاپا 1283هجري واري ڇاپي تان کنيل آهن؟
جواب: ڇهه ئي بمبئي ڇاپا.
سوال: بمبئي مان ڇپيل شاهه جي رسالي جي مقبوليت وڌندي وئي ته پوءِ ڪهڙا ڇهه ٻيا بمبئي ڇاپا شايع ٿيا؟
جواب: 1303هه (ڪريمي)، 1306هه (صفدري)، 1310هه (حيدري)، 1317هه (صفدري)، 1329هه (ڪريمي) ۽ 1340هه (ڪريمي)
سوال: ڪهڙي محقق بمبئي وارو رسالو اصلوڪي صورت ۾ 1416هه ۾ شايع ڪرايو؟
جواب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
سوال: ديوان ليلا رام وطڻمل ٻئي ڪهڙي شخص سان گڏ شاهه جو رسالو (سر ڪلياڻ) 1900ع ۾ ترتيب ڏئي شايع ڪرايو؟
جواب: پرتاب راءِ لعلواڻي سان گڏ.

سوال: تاراچند شوقيرام جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڪهڙي تاريخ ۽ عيسوي سال ۾ شايع ٿيو؟
جواب: 14 ڊسمبر 1900ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: هن ڇاپي ۾ جملي ڪيترا بيت ۽ وايون ڇپيل آهن؟
جواب: بيت 3316 ۽ 225 وايون.
سوال: تاراچند شوقيرام جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڇاپو ٻيو ۽ ٽيون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو ٻيو 1909 ۽ ٽيون 1923ع.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو رسالو (ٽن سرن جو اختصار) جو مهاڳ ڪهڙي تاريخ ۽ سال ۾ لکيو؟
جواب: 21 محرم 1408هه / آگسٽ 1987ع. (1989ع واري ٻئي ڇاپي جو مهاڳ)
سوال: شاهه جو رسالو ترتيب شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ، ان جو پهريون ڇاپو ڪڏهن ڇپيو؟
جواب: 1913ع ۾ پوڪر داس پبلشر.
سوال: ان ڇاپي ۾ ڪيترا سر بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 37 سر، 4163 بيت ۽ 240 وايون.
سوال: مرزا قليچ بيگ جو ترتيب ڏنل، شاهه جو رسالو، ڇاپو ٻيو ۽ ٽيون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ٻيو ڇاپو 1923ع ۽ ٽيون 1950ع ۾.
سوال: مرزا قليچ بيگ وارو شاهه جو رسالو، ڇاپو چوٿون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1415هه / 1994ع ۾. ڇپائيندڙ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد.
سوال: شاهه سائين جي ٻه سؤ پنجاهين ورسي جي موقعي تي ڪهڙي شاعر ۽ محقق جو ترتريب ڏنل شاهه جو رسالو شايع ٿيو؟
جواب: شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو.
سوال: شاهه جو رسالو، مرتب مرزا قليچ بيگ، ان رسالي جي چوٿين ڇاپي جو پيش لفظ ڪنهن لکيو آهي؟
جواب: سيد عبدالله شاهه وزيراعليٰ سنڌ ۽ ٻه اکر، الله بخش شاهه بخاري.
سوال: مرزا قليچ بيگ، بمبئي واري ڇاپي جا ڪيترا نوان بيت ۽ وايون شامل ڪري نسخو مڪمل ڪيو؟
جواب: بيت 846 ۽ وايون 15. جيڪي 1900ع واري سرڪاري رسالي ۾ ناهن.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي محقق ستاويهن قلمي نسخن کي آڏو رکي ”شاهه جو رسالو“ ترتيب ڏنو هو؟
جواب: مرحوم ڊاڪٽر عمر بن داؤد پوٽي.

سوال: سنڌ ۾ پهريون ڀيرو شاهه سائينءَ جي ڪلام جي سائنسي بنياد تي ڇنڊ ڇاڻ ڪهڙي نامياري عالم محقق ڪئي؟
جواب: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ.
سوال: ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو جلد پهريون ڇاپو پهريون ڪهڙي سال ڇپيو؟
جواب: 15 ڊسمبر 1923ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 5 سر، 499 بيت ۽ 78 وايون.
سوال: ڊاڪٽر گربخشاڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو جلد ٻيو ڪهڙي سال شايع ٿيو؟
جواب: 19 ڊسمبر 1924ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 6 سر، 938 بيت ۽ 78 وايون.
سوال: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو جلد ٽيون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 27 اپريل 1931ع ۾.
سوال: هن جلد ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر ليلا چنيسر، مومل راڻو، مارئي، ڪاموڏ، گھاتو، سورٺ ۽ ڪيڏارو.
سوال: ڊاڪٽر گربخشاڻي وارو، شاهه جو رسالو ٽن جلدن ۾، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پهريون ڀيرو ڪهڙي هجري سال ۾ شايع ڪيو؟
جواب: 1399هه/ 1979ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 18 سر، 2046 بيت ۽ 146 وايون.
سوال: ديوان لطيف اردو منظوم ترجمو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1954ع ۾.
سوال: شيخ اياز جو اردو منظوم ترجمو رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي پهريون ڀيرو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1963ع ۾.
سوال: هن رسالي ۾ ڪيترا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 29 سر.
سوال: شاهه جو رسالو مرتب غلام محمد شاهواڻي ڇاپو پهريون 1950ع هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 30 سر، 2933 بيت ۽ 193 وايون.

سوال: شاهه جو رسالو ترتيب محمد عثمان ڏيپلائي ان جو پهريون ڇاپو ڪڏهن ڇپيو؟
جواب: مارچ 1951ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 36 سر، 4112 بيت ۽ 241 وايون.
سوال: علامه غلام مصطفيٰ جي ترتيب ڏنل 36 سرن واري شاهه جي رسالي ۾ ڪيترا بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 3289 بيت ۽ 216 وايون، ڇاپو پهريون 1951ع.
سوال: خان بهادر محمد صديق ميمڻ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڪهڙي سال ڇاپو پهريون شايع ٿيو؟
جواب: 1951ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 36 سر، 4133 بيت ۽ 237 وايون.
سوال: ڀارت ۾ سڀ کان پهرئين شاهه جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: انجو ماکيجا ۽ هري دلگير.
سوال: ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ سڀ کان پهرئين ڪهڙي شارح شاهه جو رسالو ترتيب ڏئي شايع ڪرايو؟
جواب: پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي 13 آگسٽ 1958ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون شامل آهن؟
جواب: 30 سر، 2968 بيت ۽ 197 وايون.
سوال: هن رسالي جو ٻيو ايڊيشن ڪهڙي نالي سان ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: شاهه جو رسالو مجمل، ڇاپو پهريون 1961ع ۾.
سوال: شاهه جو رسالو مرتب علامه آءِ آءِ قاضي ان جو پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون 1961ع.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 29 سر، 2933 بيت ۽ 180 وايون.
سوال: علامه آءِ آءِ قاضيءَ ڪهڙي سر تي اعتراض واري پوءِ ان سر کي رسالي مان خارج ڪيو؟
جواب: سر ڪيڏارو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي محقق شاهه جو رسالو ملير جي باغن ۾ ويهي لکيو هو؟
جواب: عثمان علي انصاريءَ (ڏهن قلمي نسخن کي ڀيٽي تيار ڪيو).
سوال: عثمان علي انصاريءَ وارو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڇاپو پهريون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1948ع ۾، ڇاپو پهريون، سنڌي ادبي ساهت ڪراچي.


سوال: عثمان علي انصاريءَ وارو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو، ثقافت کاتو ڇاپو پهريون 1997ع هن ۾ ڪيترا سر، بيت ۽ وايون ڏنل آهن؟
جواب: 30 سر، 2990 بيت ۽ 190 وايون.
سوال: شاهه جو رسالو، مرتب، عثمان علي انصاري، ثقافت کاتي حڪومت سنڌ طرفان ٻيو ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2015ع ۾.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پهريون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1989ع ۾.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ٻيو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1992ع ۾.
سوال: هن رسالي ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر کنڀات، بروو، سريراڳ ۽ سامونڊري.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ٽيون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1994ع ۾.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ٽيون مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن جلد ۾ ڪهڙا سر ڏنل آهن؟
جواب: سر گھاتو، کاهوڙي، ڪاپائتي، بلاول، پرڀاتي، ڪارايل ۽ ڏهر.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد چوٿون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1997ع ۾.
سوال: هن جلد ۾ ڪهڙا سر ڏنل آهن؟
جواب: سر سسئي آبري، معذوري، ديسي، ڪوهياري ۽ حسيني.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پنجون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1997ع ۾.
سوال: هن جلد ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر راڻو، ليلا چنيسر، ڪاموڏ ۽ سورٺ.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ڇهون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1998ع ۾.
سوال: هن جلد ۾ ڪهڙا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: سر رپ، پورب، رامڪلي ۽ سر آسا.
سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد ستون ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1998ع ۾، هن جلد ۾ سر مارئي، سهڻي ۽ سارنگ شامل آهن.

سوال: شاهه جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد اٺون ۽ نائون ڪهڙي سال شايع ٿيو؟
جواب: 1999ع ۾.
سوال: هن گڏيل جلد ۾ شاهه جي ڪلام جا ڪيترا سر ڏنل آهن؟
جواب: 29 سر.
سوال: شاهه جو رسالو جلد ڏهون رسالي جو ڪلام، هن جلد ۾ ڪيترا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 36 سر. پهريون سر ڪلياڻ ۽ آخري سر بسنت.
سوال: سر سسئي سان شروع ٿيندڙ سڀ کان پهرئين ڪهڙو قلمي رسالو ۽ ڪڏهن ڇپايو ويو؟
جواب: برٽش ميوزيم لنڊن وارو قلمي رسالو 1936ع ۾ ڇپايو ويو.
سوال: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۾ پنجون ڪتاب، شاهه جو رسالو ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪهڙي هجري سال ۾ شايع ڪيو؟
جواب: 1394هه / 1974ع ۾.
سوال: ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي جي ترتيب ڏنل ڪتاب شاهه جو چونڊ شعر، جي نئين ترتيب موضوع وار شاهه جو رسالو ڪنهن ترتيب ڏنو؟
جواب: گل محمد تنيي.
سوال: موضوع وار شاهه جو رسالو ڇاپو پهريون 2001ع ۾ ڪهڙي اداري شايع ڪيو؟
جواب: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو.
سوال: ايلسا قاضيءَ جو انگريزي ۾ ترجمو ڪيل، رسالو آف شاهه عبداللطيف (سليڪشنس) ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون جون 1965ع ۾.
سوال: هن ڇاپي ۾ ڪيترن سرن ۽ بيتن جو انگريزي منظوم ترجمو ڪيل آهي؟
جواب: 29 سرن ۽ 600 بيتن جو.
سوال: انگريزيءَ ۾ ”شاهه جو رسالو عرف گنج لطيف“ (Shah Jo Risalo alias Ganj Latif) پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1985ع ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز حيدرآباد، مترجم، آغا محمد يعقوب.
سوال: آغا محمد يعقوب جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڪڏهن شايع ٿيو ۽ ان جي پهرئين، ٻئين ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ ڪيترا سر انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيل آهن؟
جواب: 1985ع ۾، پهرئين ۾ يارنهن، ٻئين ۾ نَوَ سر ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ ڏهه سر ترجمو ڪيا.
سوال: آغا محمد يعقوب کي شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي ۾ ڪيترا سال لڳي ويا؟
جواب: 6 سال.
سوال: آغا محمد يعقوب، شاهه سائين جي ڪيترن سرن جو انگريزي نثري ترجمو ڪيو؟
جواب: 30 سرن جو. ٽن جلدن تي مشتمل.

سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي مترجم رسالي جي ڇهه هزار لفظن تي مشتمل هڪ جامع سنڌي انگريزي لغت پڻ تيار ڪئي؟
جواب: آغا محمد يعقوب.
سوال: آغا محمد يعقوب جي ترتيب ڏنل رسالي ۾ بيتن ۽ واين جو ڪل تعداد ڪيترو ڏنل آهي؟
جواب: بيتن جو تعداد 3035 ۽ وايون 1895 .
سوال: 1996ع ۾ ڪرتار سنگهه عرش، شاهه سائين جي ڪيترن سرن جو پنجابي منظوم ترجمو ڪيو؟
جواب: 18 سرن جو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي رسالي ۾ وزير اعليٰ سنڌ سيد عبدالله شاهه ٻه اکر اردو ٻولي ۾ لکيا؟
جواب: شاهه ڀٽائي دا رسالا، پنجابي ترجمو ڪرتار سنگھه عرش.
سوال: سڀ کان پهرين ڪهڙي نامور اديب ۽ شاعر شاهه جي رسالي جي ٻن سرن جو ”ديوان لطيف“ نالي سان اردو ۾ منظوم ترجمو ڪيو؟
جواب: رشيد احمد لاشاري، سر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ جو منظوم ترجمو ڪيو.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي توڙِ قلمي نسخن ۾ اهي ڪهڙا سر آهن جيڪي شاهه عنات جي ڪلام ۾ ناهن؟
جواب: سر گھاتو، رپ، بسنت، ڪيڏارو، معذوري، آبري، ڪوهياري، حسيني، بروو سنڌي، سامونڊي ۽ کاهوڙي.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي ليکڪ ميهار فقير جو لکايل قلمي نسخو جيئن جو تيئن ڇپرايو ۽ اهو رسالو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: الهداد جنجھي مرتب، شاهه جو گنج، نالي سان 1994ع ۾.
سوال: ”شاهه جو رسالو“ سهڙيندڙ باگوجي ان جو پهريون ڇاپو ڪهڙي هجري سال ۾ شايع ٿيو؟
جواب: 1421هه / 2000ع ميرپور ماٿيلو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي رسالي ۾ 43 سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: باگوجي ولد ڏانوجيءَ واري رسالي ۾.
سوال: سر بلوچي، سر سڀراج، سر ڪنوري، سر وهاڳڙو شاهه سائين جي ڪهڙي رسالي ۾ ڏنل آهن؟
جواب: باگوجي ولد ڏانوجي واري ڇاپي ۾.
سوال: ڪهڙن مرتبن شاهه جي سر مارئيءَ جا 31 ۽ 32 داستان ترتيب ڏنا آهن؟
جواب: شاهه جو رسالو، سهيڙيندڙ ، باگوجي ۽ شاهه جو گنج، مرتب، محمد قاسم راهمون.
سوال: ڪهڙي ليکڪ جو اردو ترجمو شيخ اياز واري منظوم اردو ترجمي کان وڌيڪ بهتر ۽ مستند سمجهيو وڃي ٿو؟
جواب: آغا سليم وارو اردو ترجمو. جيڪو 2000ع ۾ شايع ٿيو.
سوال: رساله شاهه عبداللطيف ڀٽائي، منظوم اردو ترجمو، آغا سليم، هن ليکڪ ڪيترن سرن جو ترجمو ڪيو آهي؟
جواب: 32 سرن جو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي اردو مترجم، شاهه جي رسالي مان انهن بيتن ۽ واين جو اردو نثري ترجمو ڪيو جن ۾ لطيف يا عبداللطيف ڏنل آهي؟
جواب: ايم. اي. عالماڻي. ڏهن سرن جو نثر ۾ ترجمو ڪيو.
سوال: ڪهڙي سگهڙ پهريون ڀيرو شاهه لطيف جي ٽيهن سرن تي مشتمل ڳجهارتن تي مڪمل رسالو لکيو؟
جواب: وريام فقير شيخ ورياماڻي، رسالو لطيفي ڪچهري، ڇاپو پهريون 2016ع.
سوال: فقير تاج محمد نظاماڻي جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو پهريون ڀيرو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2007ع ۾.
سوال: هن رسالي ۾ ڪيترا سر ترتيب ڏنل آهن؟
جواب: 36 سر.
سوال: شاهه جو رسالو ڍاٽڪي منظوم ترجمو ڪهڙي اديب ڪيو؟
جواب: استاد لغاريءَ.۽ نظر ثاني اصغر بادلاڻي.
سوال: ڍاٽڪي زبان ۾ شاهه جو رسالو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون، مئي 2018ع، سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد.
سوال: شاهه جو رسالو ڍاٽڪي منظوم ترجمو ان رسالي ۾ ڪيترن سرن جو ترجمو ڪيو ويو آهي؟
جواب: 35 سرن جو.
سوال: ڪهڙي اردو نثري ترجمي ۾ شاهه جي رسالي مان انهن بيتن ۽ وائين کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ لطيف يا عبداللطيف ڏنل آهي؟
جواب: شاهه ڪا مختصر رسالا عوامي اردو مين لطيف ڪهي (ڇاپو 1987ع).

سوال: ”شاهه جو رسالو عرف گنج لطيف“ هن انگريزي ترجمي ۾ ڪل ڪيترين قرآني آيتن جو ترجمو ڏنو ويو آهي؟
جواب: 750 قرآني آيتن جو ترجمو، مترجم آغا محمد يعقوب.
سوال: سڀ کان پهريائين ڪهڙي ليکڪ 15 سال محنت ڪري شاهه جو موضوع وار رسالو ترتيب ڏنو؟
جواب: سيد يار محمد شاهه. (اڻڇپيل)
سوال: شاهه جي رسالي جو انگريزي ترجمو ”سنڌ مان بهشتي سوجهرو“ جي مهورت ڪڏهن ٿي؟
جواب: 16 سيپٽمبر 1986ع ۾ عالمي امن جي ڏينهن جي موقعي تي، ڀٽ شاهه ۾.
سوال: شاعر گل خان نصير، شاهه سائينءَ جي ڪيترن بيتن جو منظوم بلوچي ترجمو ڪيو آهي؟
جواب: 95 بيتن جو (ڪتاب. شاهه لطيف گشيت، 1983ع ۾ شايع ٿيس).
سوال: ڪهڙي شاعر ، شاهه سائين جي هڪ بيت جي تشريح ڪري ”سامونڊي سوداگر“ عنوان تحت رسالو جوڙيو؟
جواب: مخدوم فضل الله.
سوال: مخدوم فضل الله جي رسالي ”سامونڊي سوداگر“ تي سڀ کان پهريائين ڪنهن ڪم ڪيو؟
جواب: مرحوم احمد خان مصراڻيءَ .
سوال: وزير اعليٰ سنڌ مرحوم سيد عبدالله شاهه ڪهڙي رسالي جا ٻه اکر لکيا؟
جواب: شاهه ڀٽائي دا رسالا، (منظوم پنجابي ترجمو) ڇاپو 1996ع.
سوال: ”شاهه ڀٽائي دا رسالا“ شاهه جي رسالي جو منظوم پنجابي ترجمو ڪنهن ڪيو؟
جواب: ڪرتار سنگهه عرش.
سوال: 1987ع ۾ پيغام رسالي ۾ ڪهڙي ليکڪ جا شاهه جي رسالي جا ترتيب ڏنل بيت پهريون ڀيرو الف. ب. وار قسطن ۾ شايع ٿيا؟
جواب: عبدالغفار گوهر دائود پوٽو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي رسالي ۾ شاهه جي بيتن ڳولڻ لاءِ ساڍا تيرهن هزار اسم، صفت ۽ ظرفن تي مشتمل ڏسڻي ڏنل آهي؟
جواب: الف. بي. وار شاهه جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي، مرتب، عبدالغفار گوهر داؤد پوٽو.
سوال: شاهه جو رسالو الف. ب. وار، مرتب، محمد عالم سومرو ان رسالي جو پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: ڇاپو پهريون روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جولاءِ 1994ع.
سوال: شبير ڪنڀار جو سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو الف. ب. وار پهريون ڀيرو ڪڏهن پڌرو ٿيو؟
جواب: 2012ع ۾ سوکڙي اسٽوڊيو هالا جي سهڪار سان.
سوال: سڀ کان پهرين شاهه لطيف جو گنج الف. ب. وار ڪنهن ترتيب ڏنو؟
جواب: صفدر حسين ميرزا ۽ شوڪت چاچڙ.


سوال: گنج (شاهه جو رسالو الف. ب. وار ترتيب سان ) پهريون ڇاپو ڪهڙي اداري ۽ ڪڏهن شايع ڪيو؟
جواب: شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي 2012ع.
سوال: ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه جو چونڊ شعر“ جي نئين ترتيب ڪنهن ۽ ڪهڙي عنوان سان ڏني؟
جواب: گل محمد تنيي، موضوع وار شاهه جو رسالو.
سوال: ”موضوع وار شاهه جو رسالو“ ان جو پهريون ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2001ع ۾.
سوال: موضوع وار شاهه جو رسالو ڇاپو ٻيو 2007ع، هن رسالي ۾ ڪيترن موضوعن تي چونڊ شاعري ڏنل آهي؟
جواب: 99 موضوعن تي. ترتيب. ايڇ. آءِ سدا رنگاڻي ۽ گل محمد تنيو.
سوال: انگريزي عالم ڊاڪٽر ڪرسٽوفر شيڪل جو انگريزي زبان ۾ ترجمو ڪيل ”شاهه جو رسالو“ ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2018ع ۾ هندستان مان پڌرو ٿيو.
سوال: پروفيسر ڪرسٽوفر شيڪل ”شاهه جو رسالو“ ترجمو ڪرڻ وقت ڪيترا رسالا ڀيٽيا؟
جواب: ست رسالا.
سوال: فهميده رياض جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاهه جو ڪلام ”اَوَر ڀٽائي“ جي نالي سان ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 2018ع ۾ آڪسفورڊ پريس پاران.
سوال: گنج شريف حضرت شاهه لطيف، گنج شريف جو منظوم اردو ترجمو ڪنهن ڪيو هو؟
جواب: نياز همايوني.
سوال: مولوي گل محمد ڀٽائي ورهاڱي کان اڳ شاهه جي ڪهڙي سر مان ڪجهه بيت فارسيءَ ۾ منظوم ترجما ڪيا هئا؟
جواب: سر سسئي.
سوال: شاهه جي رسالي جو پهريون پاڪيٽ سائيز ڇاپو ڪڏهن شايع ٿيو؟
جواب: 1963ع ۾ مرتب محمد عثمان ڏيپلائي.
سوال: شاهه سائين جي 277هين عرس مبارڪ جي موقعي تي شاهه جي ڪلام جو منظوم فارسي ترجمو ڪهڙي نالي سان شايع ڪيو ويو؟
جواب: گلبانگ لطيف، ترجمو، نياز همايوني، سهيڙيندڙ، مدد علي سنڌي، ثقافت کاتو 2020ع.



سوال: ڪتاب. گلبانگ لطيف ۾ ڪهڙن سرن جو منظوم فارسي ترجمو ڪيو ويو آهي؟
جواب: 1. سر ڪلياڻ. 2. سر يمن ڪلياڻ. 3. سر کنڀات. 4. سر سريراڳ. 5. سر سسئي آبري. 6. سر رپ. 7. سر گهاتو. 8. سر پرڀاتي. 9. سر آسا. 10. ابيات متفرقه. ۾ (سارنگ، سهڻي، ڏهر، حسيني، مارئي، کاهوڙي، ڪاموڏ، رامڪلي، ديسي، پورب، بلاول، ليلان چنيسر، ڪوهياري).
سوال: شاهه جو رسالو عربي ترجمو، رسالة السيد عبداللطيف بتائي شاعر الکبير، مترجم. ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو، هي رسالو شاهه سائينءَ جي ڪائين عرس مبارڪ تي شايع ٿيو؟
جواب: شاهه سائينءَ جي 277هين عرس مبارڪ جي موقعي تي، ڇاپو پهريون 2020ع.
سوال: ڊاڪٽر فضل رحيم سومري، شاهه سائينءَ جي ڪيترن سرن جو عربي ٻوليءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو؟
جواب: 30 سرن ۾. (مهاڳ: سيد سردار علي شاهه. تصحيح: ڊاڪٽر ادريس سومرو ).
سوال: شاهه جو رسالو، اردو بريل ڪيترن جلدن ۾ آهي ۽ ڪهڙي لائبريري ۾ موجود آهي؟
جواب: پنجن جلدن ۾، سنڌالاجي لائبريري ۾.
سوال: ڪهڙي ليکڪ جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو مستند سمجهيو وڃي ٿو؟
جواب: غلام محمد شاهواڻي جو ۽ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو.