لطيفيات

ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.

Title Cover of book ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ ڪجهه جانورن جو ذڪر

سوال: شاهه سائين کي سڀ کان وڌيڪ ڪهڙي جانور تي ڪهل ايندي هئي؟
جواب: سهو.
سوال: شاهه سائين جي رسالي ۾ ڪيترن چوپاين جانورن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: ويهه جانورن جو.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: (1) شينهن. (2) خر/ گڏهه. (3) خچر. (4) اُٺ. (5) مينهن/سانُ. (6) ٻڪر. (7) جنبو/ گدڙ. (8) ڏاند (ڍڳو). (9) روجهه/جھنگلي ڳئون. (10) سرهه. (11) ڪتو. (12) ڪيسر/ ڪيهر. (13) مرون. (14) هاٿي. (15) هرڻ. (16) گھوڙو. (17) رڍ/گھيٽا. (18) مانگر مڇ (ميڪر). (19) سهو. (20) لُڌڙو.
سوال: شاهه سائينءَ ٻولاهي ٻڪر جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين لُڌڙي جانور جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪاموڏ ۾.
سوال: شاهه سائين سر ڏهر ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: هرڻ ۽ روجهه جو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙي جانور ۽ پکيءَ جي بيقراري بيان ڪئي آهي؟
جواب: هرڻ ۽ هماءُ.
سوال: سُر سهڻيءَ ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: وڇن، مينهن، ڄرڪي، سيسر، مڇُ /واڳون.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن جانورن کي دعا ڪئي آهي؟
جواب: اٺ، مينهن، ٻڪرو ۽ کر.
سوال: شاهه سائين سر مومل راڻي ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اٺ ۽ گھوڙي جو.
سوال: سر سارنگ ۾ شاهه سائينءَ مينهن جانور جي، ڪهڙن صفاتي نالن کي ڳايو آهي؟
جواب: تاساريون (اڃايل)، ڀٽاريون (متاريون)، کٽر (جيڪي کير نه لاهين)، ڪنڍيون، ٻولايون، رايون، سُوا.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اُٺ جانور لاءِ اٽڪل ڪيترا لفظ ڪتب آندا آهن؟
جواب: ويهه لفظ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعري ۾ ڏاند جانور کي ٻئي ڪهڙي نالي سان ڳايو آهي؟
جواب: ٻڙد.

سوال: شاهه سائينءَ هاٿي جانور جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: چئن سرن ۾، ڪارايل، آسا، ديسي ۽ سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ شينهن جانور جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر معذوريءَ ۾.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ اٺ جو ذڪر گهڻو ملي ٿو، اُٺ جي اُن کي ڇا سڏيو ويندو آهي؟
جواب: ملس.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر ڪهڙي جانور جو ڪيو آهي؟
جواب: اُٺ جو.
سوال: شاهه سائين رسالي جي ڪيترن سرن ۾ اٺ جانور جو ذڪر مختلف نالن ۽ حوالن سان ڪيو آهي؟
جواب: 12 سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سُر ديسيءَ ۾ اُٺ لاءِ ڪهڙا نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: توڏو، ڏاگهو، ليڙو، جماز، چانگو (چنگل/ چانگل)، گورو، ڪرهو/ ڪرهل، دوڪ، نيش، ناقي (ڏاچي)، بوتو، مهري، روڏو، ميو، ڪنواٽ، شتر ، اٺ، گنگ وغيره.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اُٺ لاءِ ڪهڙا صفاتي نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: اُٺ، توڏو، موڏو، روڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڳوڌو، ٻُهاڻ، چوسالو، دوئڪ، ليڙو، لَلو، چانگو، گئونرو/گورو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور، ڀٽارو، جماز، پربت، جماج، بودان، شتر، ناقو، اولاڪ، پانجاريل، نيش ۽ آنرا وغيره.
سوال: شاهه سائين اٺ جي کاڌ خوراڪ وارن ٻوٽن ۽ وڻن جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: معذوري، ديسي، ڪوهياري، حسيني ۽ کنڀات ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اُٺ جي کاڌ خوراڪ وارن ڪهڙن وڻن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: ليار بنا ڪنڊ وارو، مڃر ڪنڊيءَ جون سڱريون، پالار، لوهيڙا، کيرولي، مليري ميندي، چوپا چندن ڳاڙها گل، آما، ليما، ڦاروها، ڳاڱا، کٿوري، چنبيلي، اگر ۽ سرکنڊ.
سوال: شاهه سائين ڪيترن ۽ ڪهڙن سرن ۾ بار بار ميو، چانگو ۽ ڏاگهو سان مخاطب ٿيو آهي؟
جواب: ستن سرن (1) سر کنڀات. (2) سسئي آبري. (3) ديسي. (4) حسيني. (5) معذوري. (6) ليلا چنيسر. (7) مومل راڻو.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ اٺ جي سينگار ۽ سجاوٽ لاءِ ڪهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: تليارا، ترياڙا، موڙ، گهنڊڻي، لار، ٽليون، ٽونر، هلويون، چڙا، سيلا، دوشالا، دهريون، جهومٽ، جهومر، ڇيرون، ٻنڌڻ، ڳل ڳانا، ياقوت، ڪديفي يا قطيفته، ريشم، موتين پوتل مهار، روپو چاندي ۽ سون.
سوال: شاهه سائين سر ديسي ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اٺ، ڏاند، روجھه، سرهه، هاٿي ۽ مرون/سوئر.
سوال: شاهه سائينءَ سسئيءَ جي سُرن ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اُٺ، ڏاند، سرهه، هاٿي، هرڻ، گهوڙو، چيتو، ڪتو، روجهه، نانگ، واڳون، مِرون ۽ خچر وغيره.
سوال: شاهه سائين جي شاعري ۾ استعمال ٿيل لفظ ”هانڪ“ جي معنى ڇا آهي؟
جواب: هاٿيءَ جي دانهن.
سوال: شاهه سائين هاٿي جانور کي ڪهڙن نالن سان ڳايو آهي؟
جواب: هاٿي، هستي، فيل، پيل، گج، گينور ، گجميل، ڪونجر وغيره.
سوال: شاهه سائين سر آسا ۾ ڪهڙن جانورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: اٺ، تازي گھوڙو، تازي ڪتو، هاٿي، کر/گڏهه ۽ مرون.
سوال: شاهه سائين ڪهڙي سر ۾ هڪ ئي بيت ۾ هاٿي جو ذڪر ٻه ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: سر آسا ۾. (هاٿي/ فيل).
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن چئن جانورن کي نفس لاءِ استعاراتي طور استعمال ڪيو آهي؟
جواب: اٺ، مانگر مڇ، ڪتو ۽ نانگ کي.