لطيفيات

ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

ھن ڪتاب ۾ لطيفي معلومات موضوع وار جنھن ۾ ٽوٽل ايڪيھہ موضوع ڏنل آهن ۽ انھن سمورن موضوعن ۾ مختلف نموني جا سوال ٺاهي بھترين نموني سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جيئن لطيف سائينءَ جو خاندان، لطيف سائينءَ جي زندگي، ماڳن مڪانن، ڪانفرنسون، ڏهاڙا، شاھہ لطيف ايوارڊ وغيرھہ بابت هن ڪتاب ۾ معلومات ڏنل آهي، تنھن کان علاوه پکين ۽ ٻوٽن، وڻن ۽ گاهن، نبين ملائڪن سڳورن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ موجود آهي، جيڪو لطيف سائين پنھنجي رسالي ۾ ذڪر ڪيو آهي. لطيف سائين تي ڪيل فقيرن جي شاعري پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهي. لطيف سائين جي همعصرن بزرگن بابت چڱي ڄاڻ هن ڪتاب ۾ ڏنل آهي، لطيف سائين جي دور ۾ پورهيت قومن ۽ انھن جي ڪاروبار بابت مختلف سوال ڏئي سمجهايو ويو آهي.

Title Cover of book ڏورڻ منجهان ڏسُ (لطيفي معلومات موضوع وار)

شاهه سائينءَ جي شاعريءَ ۾ واحد جي واکاڻ، نبين، امامن ۽ ملائڪن سڳورن جو ذڪر

سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ الله تعالى جا سنڌيءَ ۾ ڪهڙا نالا استعمال ڪيا آهن؟
جواب: ڏاتار، ڏاتر، سائين، سٻاجهو، ٻاجهارو، پالڻهار، پسويو، آگو، مالڪ، ڌڻي.
سوال: شاهه سائينءَ هڪ ئي بيت ۾ الله تعاليٰ جي اسم ذات سان گڏ سندس تيرنهن صفاتي نالن جو ورد ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ ۾.
سوال: سڄي رسالي ۾ توحيد جي تنوار سڀ کان وڌيڪ ڪهڙن سرن ۾ بيان ڪيل آهي؟
جواب: سر ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، رامڪلي، آسا ۽ سر کاهوڙي.
سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي ۾ ”وَحده لا شريڪ لَھ“ سان شروع ٿيندڙ بيتن جو تعداد ٻڌايو؟
جواب: چار بيت ۽ (لفظ وحده سان ڏهه بيت).
سوال: شاهه سائين پنهنجي ڪلام ۾ توحيد ۽ رسالت کان پوءِ ڪهڙين خاص پنجن شين جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: نياز نوڙت ڪرڻ، دنياوي چمڪ دمڪ تي نه موهجڻ، شيطان جو غرور ڪرڻ ۽ ان جو تڙجڻ، بندي جو مالڪ جي در تي صدائون، التجائون ڪرڻ ۽ التجائن جي موٽ ۾ الله سائينءَ جي مهر سان خطائون معاف ٿيڻ.
سوال: شاهه سائينءَ سر سورٺ ۾ رب پاڪ جا ڪهڙا صفاتي اسم مبارڪ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: رب، رحمان، خالق، صاحب، مالڪ، ڏاتار ۽ واحد.
سوال: شاهه سائينءَ سر پرڀاتي ۾ الله تعاليٰ جي ذات بابرڪات کي ڪهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: راءُ، راجاڻ، صاحب سپڙ ، ڄام، پارس، ٻاجهاڻو، سخي، ڏاتار ، ڪريم وغيره.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ الله تعالى جي ڪهڙن صفاتي اسمن کي ڳايو آهي؟
جواب: احد، جبار، جليل، خالق، رب، رباني، رزاق، الرحمان، رحيم، سبحان، ستار، سميع، عليم، فائق، قادر، قهار وغيره.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ الله تعالى جي اسماءِ صفات الرحمان ۽ الرحيم لاءِ ڪهڙا خالص سنڌي الفاظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: الرحمان لاءِ سٻاجهو ۽ الرحيم لاءِ ٻاجهارو.
سوال: شاهه سائين جي ڪهڙي سر ۾ اسم الله تعاليٰ 63 ڀيرا استعمال ٿيل آهي؟
جواب: سر مارئي ۾.
سوال: شاهه سائين سُر سريراڳ ۾ الله سائينءَ کي ڪهڙن نالن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: آگي، ستار، جبار، داتا، سلطان، رحمان، سبحان وغيره.


سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ عربي ڄام جي عاشقن کي ڪنهن جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي؟
جواب: پتنگن جي.
سوال: پاڻ سڳورن جي دنيا ۾ حڪومت ۽ آخرت ۾ شفاعت جي ڏنل واعدي جو بيان ڪهڙي سر ۾ ڪيل آهي؟
جواب: سر سارنگ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙي وائي اسلام جي تاريخي معجزن سان سينگاريل آهي؟
جواب: اکيون ميگهه ملهار ، صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو. ! (سر سارنگ)
سوال: شاهه سائينءَ حضور صه جن جو ذڪر ڪيترن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پنجن سرن ۾.
سوال: شاهه سائينءَ جي ڪهڙن سرن ۾ حضور صلعم جن جو اسم مبارڪ احمد صه استعمال ٿيل آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ، مومل راڻو، بروو سنڌي، سارنگ، سريراڳ ۽ رام ڪلي ۾.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ حضور صه جي اسماءِ صفات منور، جميل، هادي، سيد الاابرار ۽ محبوب لاءِ ڪهڙا خالص سنڌي لفظ استعمال ڪيا آهن؟
جواب: منور ۽ جميل لاءِ سونهارو، هادي لاءِ سرواڻ، سيد الاابرار لاءِ سبڙ، محبوب لاءِ ڍول.
سوال: شاهه سائين جي ڪلام ۾ احاديث رسول صه گهڻي قدر ڪهڙن سر ۾ ملن ٿيون؟
جواب: سر آبري، معذوري، آسا ۽ سر سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ نبي ڪريم صلعم جي سونهن ۽ حُسنِ اخلاق جي ساراهه ڪئي آهي؟
جواب: سر کنڀات ۾.
سوال: شاهه سائينءَ حضور ڪريم صلعم جن جي معراج ماڻڻ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر کنڀات، سر سورٺ، سر بلاول، سر کاهوڙي، سر رامڪلي، سر مومل راڻو ۽ سارنگ جي وائي ۾.
سوال: شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ لفظ ”سيد“ سڌو سنئون ڪنهن لاءِ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: جضور ڪريم صلعم لاءِ.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ حضور ڪريم صلعم جن جو پيارو اسم مبارڪ محمدصه ڪيترا ڀيرا استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ٽيويهه ڀيرا.
سوال: شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ لفظ نبي ڪيترن سرن استعمال ٿيل آهي؟
جواب: پنجن سرن. سريراڳ، مارئي، بلاول، ڪيڏارو ۽ رامڪلي.

سوال: شاهه سائين ”روضي پاڪ رسول“ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آهي؟
جواب: سڄي رسالي ۾ ڪل 8 ڀيرا.
سوال: شاهه سائين ”روضي پاڪ رسول“ جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سارنگ، سامونڊي، سسئي، آبري ۽ سر ڪيڏارو.
سوال: شاهه سائين پاڻ سڳورن جو لقب ”مصطفى“ ڪيترن سرن ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: ٽن سرن ۾. مومل راڻو، ڪيڏارو ۽ بروو سنڌي ۾.
سوال: شاهه سائينءَ، پاڻ ڪريم صلعم جن جو زمين تان عرش عظيم ڏانهن اُسرڻ واري واقعي جو ذڪر سر سورٺ جي ڪهڙي بيت ۾ ڪيو آهي؟
جواب: پرديسان پنڌ ڪري هلي آيو هُون،
اُچو تون عرش تي، آءُ ڀوڻون مٿي ڀون،
ڪيئن تسندي تون، هيءُ سر سوالي مڱڻو.
سوال: شاهه سائينءَ سر ڪلياڻ ۾ ڪهڙين عظيم هستين کي ياد ڪيو آهي؟
جواب: حضور ڪريم صلعم، حضرت موسى ۽ طالب.
سوال: شاهه سائينءَ پنهنجن بيتن ۽ واين ۾ مٺي مرسل جي ذاتي نالي محمد صلعم کانسواءِ کين ٻين ڪهڙن لاثاني لقبن سان ياد ڪيو آهي؟
جواب: ڪارڻي، ڪريم،مديني جو مير، مديني جو گهوٽ، مديني جو شاهه، مديني جو مل، سردارين سردار، مڻيادار، مهندار، رحمةاللعالمين، حبيب، طبيب، لبيب، نجيب، حامي، هادي، هاشمي، رهبر، رهنماءُ وغيره.
سوال: شاهه صاحب حضور صه جن کي ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ سمجهي کين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڇا سڏيو آهي؟
جواب: ڪارڻي.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر ۾ پاڻ سڳورن جي وصال جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر سورٺ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪهڙن نبين سڳورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: (1) حضرت آدم عه. (2) موسى عه. (3) حضرت داؤد عه. (4) حضرت يونس عه. (5) حضرت محمد مصطفى صلعم.
سوال: شاهه سائينءَ حضرت موسى عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙن ٽن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر آسا، سر رام ڪلي ۽ سرڪلياڻ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ حضرت يونس عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر مارئيءَ جي فقط هڪ بيت ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سر مارئي ۾ ڪهڙن نبين سڳورن جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: حضر آدم عليھ السلام ۽ حضرت يونس عليھ السلام جو.

سوال: شاهه سائينءَ جي رسالي جا اهي ڪهڙا سر آهن جن ۾ حضرت آدم عليھ السلام جو ذڪر ملي ٿو؟
جواب: سريراڳ، سر ماروي، سر سسئي آبري، سر رامڪلي ۽ سر رپ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ حضرت داؤد عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ جي ٻن بيتن ۾.
سوال: شاهه سائين، حضرت دائود عليه السلام جي زرهه (پاکري) جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر يمن ڪلياڻ ۾.
سوال: ”چار تراريون چيلهه سين ٻڌي ٻه پاڳون.“ هن بيت جي سٽ ۾ ڪهڙين عظيم هستين جي چئن ترارن جو ذڪر ڪيل آهي؟
جواب: (1) پاڻ سڳورن صه جن جي ترار جو. (2) حضرت امام علي عه جي ترار جو.(3) حضرت امام حسن عه. (4) حضرت امام حسين عه جي ترار جو (ڪربلا جي واقعي ۾ اهي ترارون امام حسين عه جي چيلهه سان ٻڌل هيون).
سوال: شاهه سائين حضرت علي عليھ السلام جو قول ڪهڙي سر ۾ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر ديسيءَ ۾.
سوال: شاهه سائينءَ سر ديسيءَ ۾ مشڪل ڪشا حضرت علي عليھ السلام جو ڪهڙو قول شامل ڪيو آهي؟
جواب: مَن طَلَب شيا وَجَد اُتو علي شاهه.
سوال: شاهه سائينءَ حيدرِ ڪرار جو اسم مبارڪ علي عه، ڪهڙي سر ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾.
سوال: شاهه سائينءَ ، بيبي فاطمة الزهره جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر سريراڳ، سر ڪيڏاري ۽ سر حسيني ۾.
سوال: شاهه سائينءَ حضرت امام حسن عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙي سر ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏاري ۾.
سوال: شاهه سائين حضرت امام حسين عليھ السلام جو ذڪر ڪهڙن سرن ۾ ڪيو آهي؟
جواب: سر ڪيڏارو ۽ سر حسينيءَ ۾.
سوال: شاهه سائين پنهنجي شاعريءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ ذڪر ڪهڙي ملائڪ سڳوري جو ڪيو آهي؟
جواب: حضرت عزرائيل عليھ السلام جو.
سوال: شاهه سائينءَ ڪهڙي سر جي هڪ ئي بيت ۾ حضرت جبرائيل عليھ السلام ۽ حضرت ميڪائيل عليھ السلام جو ذڪر ڪيو آهي؟
جواب: سر رامڪلي ۾.