آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

پنھنجي پاران

منھنجو نالو احسان آڪاش آهي. ۽ مان هن ڪتاب جو ترجمي نگار آهيان. هي منھنجو ترجمي جي حوالي سان پھريون پورهيو آهي. اوهان مانوارن جي طرفان موٽ ملڻ جي ڪري هن ڪتاب جو هي ٻيو ايڊيشن اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. هن ڪتاب جو پھريون ايڊيشن جنوري 2023ع ۾ سڦلتا پبليڪيشن پاران شايع ڪيو ويو هو. مون سعادت حسن منٽو جون ڪجهہ ڪھاڻيون ۽ ڪجهہ ٻيو مواد مان ترجما ڪري چڪو آهيان، جيڪي مختلف رسالن ۽ مئگزين جي زينت بڻيا آهن.
2017ع کان 2023ع تائين منھنجا ڪُل 10 ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن. جنھن ۾ شاعريءَ جي موضوع تي منھنجا مرتب ڪيل 5 ڪتاب (شاعري جو آڪاش، صحرا منجهہ صدا، ننڊ جا نيڻ، نظمن جو ديس ۽ هڪ اردو گڏيل شاعري جو ڪتاب عڪسِ جانان هم ۽ ڪھاڻي جي موضوع تي مرتب ڪيل 3 ڪتاب (سپنن جو پڌر، احساس نگر، آڪاش منھنجي ٻُڪ ۾) شايع ٿي چُڪا آهن. ان کان علاوه منھنجو هڪ ٻيو ڪتاب (ڀڃ ڊاهہ) جيڪو نثراڻن احساسن تي مشتمل آهي، ۽ تازو شايع ٿيندڙ ڪتاب ”جسم فروشي جي تاريخ“ شاد پبليڪيشن طرفان شايع ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگي جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تھي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پھچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جواني ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙي تي وڃي آرامي ٿي. هُن زندگي کان ڇا گُهريو هو؟ ۽ موٽ ۾ زندگي هُن جي جهول ۾ نہ کُٽندڙ دردن جا باب اُڇلائي ڏنا. سارا پنھنجي زندگي ۾ اهڙا شاهڪار ۽ جرئت مندانہ نظم لکي وئي، جيڪي اڄ تائين ڪير ناهي لکي سگهيو.... اهڙي جرئت ۽ دليرمندانہ تخليق صرف سارا وٽ ئي هئي... اچو تہ ٿورو وقت ڪڍي سارا کي پڙهون!
عورت ڪڏهن شھيد ناهي ٿيندي،
تون ڪھڙي نماز پئي پڙهين....؟
_
تون ڊِڄ مان ٻار ڄڻين ٿي
ان لاءِ تنھنجي ڪا نسل ناهي.
_
مان ماءُ بڻجڻ کانپوءِ بہ ڪنواري آهيان
۽ هاڻي منھنجي ماءُ بہ ڪنوراي آهي.
_
مان پنھنجي باھہ ۾ هڪ چنڊ
رکان ٿي ۽ ننگي اکين سان
مرد ڪمايان ٿي پر
منھنجي رات مون کان اڳ
جاڳي پئي آهي.
_
مان جسم کان علاوه بہ
شعر لکندي آهيان
شھوت زدہ جڏهن مون کي
داد ڏيندا آهن تہ منھنجا
گناھہ ٻري پوندا آهن.
مان صدين جي ماءُ آهيان
منھنجي رات ۾ داغ
صرف چنڊ جو آهي.
_
دعا جيڪڏهن زهر ٿي پوي تہ
خدا وٽ پُٽ پيدا ٿيندو آهي.
_
مان عبادت جي غار نہ
انسان چاهيان ٿي ۽
تلاوت جي لاءِ انساني صحيفو !

اهڙي هئي سارا شگفتہ... هڪ تمام حساس شاعرہ جنھن کي عزت، مان ڏيڻ ۽ سمجهڻ بجاءِ سماج ان سان سمھڻ کي پسند ڪيو. هر ٻيو ماڻھو انھيءَ انتظار ۾ هيو تہ منھنجو وارو ڪڏهن ٿو اچي...!؟
مان احساس پبليڪيشن حيدرآباد وارن جو ٿورائتو آهيان، جنھن منھنجي هن پورهيئي کي مانُ ڏيندي پنھنجي اداري مان ڪتاب شايع ڪري اوهان تائين پھچايو... انھيءَ اميد سان تہ پڙهندڙ ان کي ضرور موٽ ڏيندا. ڪتاب پڙهي ڪري پنھنجي راءِ کان ضرور آگاھہ ڪندا.

دعاڳو
احسان آڪاش
خدا جي بستي _ ڪوٽڙي / ڄامشورو
03100934500