امرتا پريتم سان سارا جي پھرين ملاقات
امرتا! مون پري پري تائين عورت کي صرف سُتل ڏٺو آهي، ۽ اھو ڄاڻيم تہ سُتل اک کي جيڪو ثواب ملندو آهي مان ان جي قائل ناهيان. جاڳيل اک هڪ اوبر ٿيل پاڻي آهي مان نٿي چاهيان تہ عورت اوبر پيئي....
مون ان کي وچ ۾ ٽوڪيو.... ”سارا جاڳيل اکين مان تنھنجي ڇا مراد آهي؟ جاڳيل اک تہ روح جي آگاهي ڏيندي آهي.“
هو کلِي پئي.... چوڻ لڳي: ”هن وقت جاڳيل اک مان منھنجي مراد مڙس آهي.... پر امرتا! تون ٺيڪ ٿي چوين..... اهو ئي مڙس جيڪو سُتل اک جو خواب هو، جيڪڏهن جاڳيل اک جي آگاهي نہ هجي ها تہ اوبر پاڻي ڪيئن لڳندو؟ مون جڏهن سُتل اک جي ثواب سان اک کولي تہ گهونگهٽ ۾ چنڊ جا ٽڪڙا ڏٺا.... مون ڏٺو تہ مينڌي منھنجا هٿ رنگي نہ سگهي هئي بلڪہ اڃا سفيد (اڇو) ڪري ڇڏيا هئا.... سامھون گهر نہ هيو، خالي ميدان هيو ۽ مان ميدان ۾ جهانجهر پائي نہ ٿي هلي سگهان.....
ايئن لڳو جيئن منھنجي سفيد ڪپڙن تي رنگين ڌاڳن سان منھنجو ڪفن سبي ڇڏيو هجي..... زخمن کي سبڻ جي ڳالھہ تہ تو ٻُڌي هوندي.... پر ڏٺم تہ منھنجي کليل اکين کي سبڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.... مون انھيءَ گهونگهٽ ۾ پنھنجي ننڍپڻ ۽ پنھنجي جواني جا ڪپڙا ساڙي ڇڏيا....
مون چيو: ”سارا طلاق سچ مچ جهانجهر جي موت آهي.“
هوءَ ٻيھر مسڪرائي ڏنائين، چوڻ لڳي: ”۽ گناھہ بہ.... پر مان پنھنجي گناهن کي پنھنجيون آيتون سمجهان ٿي..... مگر ماڻھو منھنجي نظمن کي صرف طوائف سمجھندا آهن.“
منھنجي وات مان نڪتو: ”خدايا! نظم کي طوائف سمجهڻ وارن کي مان ڇا چوان....؟“
سارا چيو: ”مان انھن کي خدا جي مري ويل تخليق چونديس، خدا جو مري ويل تصور...... جيڪڏهن نظم کي طوائف سمجهيو ۽ چيو وڃي ٿو تہ چاهيندس تہ منھنجي ڌيءُ بہ....... منھنجي ڌيءُ مون کي منھنجي نظم کان وڌيڪ پياري آهي، ۽ نظم شاعري منھنجي ڌيءُ آهي.“
حالانڪہ منھنجي ڌيءُ مون کان ڦُري وئي آهي. هي قانوني فيصلو نہ هيو. ڌيءُ جي پيءُ هٿ ۾ قرآن پاڪ کڻي مون سان واعدو ڪيو هيو تہ عيد کانپوءِ ڌيءُ واپس ڏئي ويندس..... پر ان موٽائي نہ ڏني.... هاڻي قرآن کي آزمائي رهي آهيان تہ هو پنھنجي عظمت ڪڏهن ڏيکاريندو....؟
◘