سارا شگفتہ کي مليل طلاقن جا واقعا
منھنجو مڙس ٻين عورتن سان پڻ ڦاٿل هيو. هڪ ڏينھن منھنجي ڀاڻيجي منھنجي گهر رهڻ لاءِ آئي. ان وقت منھنجو ننڍو پٽ ستن سالن جو هيو. آڌيءَ رات جو ٻئي ڪمري مان رڙيون اچڻ شروع ٿي ويون.
ماسي..... او ماسي..... مون ڏٺو منھنجو مڙس زبردستي منھنجي ڀاڻيجيءَ سان همبستر ٿيڻ پيو چاهي، مان ڀڄي وڃي ٻئي ڪمري ۾ ستل پنھنجي هڪ سال جي ڌيءَ کي کڻي آيم، ۽ اچي چيم
”سمھڻو اٿئي تہ پنھنجي ڌيءَ سان سمھہ.... ٻئي جي زندگي ڇو ٿو برباد ڪرين....؟“
۽ پوءِ ان وقت مون کي طلاق ٿي وئي.
ٻي طلاق:
مون قرض کڻي ڪري هڪ انڊسٽريل هوم کوليو . ڇو تہ شاعر صاحب جي پگهار کي مون ڪڏهن ڏٺو ئي نہ هو. سوچيندي هيس..... هن پُسيل انجڻ سان گڏ ڏينھن گذاري ويندس.... پر اچانڪ هڪ واقعو پيش آيو.... شاعر صاحب پنھنجي هڪ شاعر دوست کي گهر وٺي آيو، ۽ تعارف ڪرايو ۽ چيو:
”هاڻي تہ منھنجي گهر واري بہ شاعري ڪندي آهي“
خير مان ڪم ختم ڪري شام جو گهر ايندي هيس ۽ شام تائين ڪافي اديب، شاعر اچي ويندا هئا ۽ مقابلہ بازي شروع ٿي ويندي هئي. ڇھہ مھينا ائين گذري ويا..... هڪ شام اهو ئي دوست شاعر صاحب جو گهر آيو ۽ چيائين: ”مون کي اوهان سان ڳالھہ ڪرڻي آهي پر قسم کڻو تہ اوهان ناراض نہ ٿيندا“
گهڻي ضد کانپوءِ مون قسم کنيو. هن چيو: ”مان توهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو“
مون چيو: ”مان شادي شدہ آهيان، ڀلا منھنجي ۽ توهان جي شادي ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ۽ اڳتي اهڙي ڳالھہ مون سان نہ ڪجو“
خير ڳالھہ کي مون کلندي ٽاري ڇڏيو. هڪ منھنجي سھيلي هئي، اها بہ اسانجي گهر ايندي هئي. هو حضرت شاعر جي نگاھہ کي سڃاڻي وئي. هڪ ڏينھن مذاق ۾ مون کي چيائين:
”سارا... توکي هو شاعر ڪيئن ٿو لڳي؟“
مان بہ موڊ ۾ هيس سو کلي چيم: ”سٺو آهي، خوبصورت آهي، سمارٽ آهي.....“
۽ پوءِ اسان ٻيون ڳالھيون ڪرڻ لڳي وياسين.
هڪ ڏينھن مان انڊسٽريل هوم مان واپس آيم تہ منھنجي مڙس شاعر جو چھرو لٿل هو. ٻيو شاعر بہ موجود هو. هونئن بہ شام جو اسان سڀ گڏ ئي هوندا هئاسين. مان ڪرسي تي ويٺي ئي هيس تہ منھنجي مڙس مون کي قرآن شريف هٿن ۾ رکي ڇڏيو. ٻيو شاعر بہ موجود ۽ ٻيا ماڻھو بہ هئا.
هن چيو: ”تنھنجي هٿن ۾ قرآن شريف آهي، اميد آهي تون سچ ڳالھائيندين....“
مون چيو: ”قرآن نہ بہ هجي ها تہ بہ مان سچ ڳالھايان ها، خير پُڇ.... ڇا ٿو پڇڻ چاهين؟“
هن چيو: ”ڇا تو پنھنجي دوست کي چيو آهي تہ ٻيو شاعر خوبصورت آهي، سمارٽ آهي، ۽ مون کي وڻي ٿو...“
مون چيو: ”ها .... مون چيو هو“
تہ ان چيو: ”مون توکي طلاق ڏني..... طلاق ڏني...... طلاق ڏني......
جڏهن طلاق ڏئي ڇڏي ۽ قرآن اڃا تائين منھنجي هٿن ۾ هو تہ مون چيو: ”طلاق ڏئي ڇڏي اوهان؟“
هن چيو: ”ها.....“
تہ پوءِ مون چيو: ”منھنجي بہ ٻڌي ڇڏ..... مان هن قرآن تي هٿ رکي چوان ٿي تہ هن شاعر سان منھنجو ڪو بہ ناجائز تعلق ناهي، پر تون گهٽيا ۽ ڪميڻو انسان نڪتين، هن گهر جا ٻہ دروازا آهن هڪ مان تون ٻاهر نڪري وڃ ۽ ٻئي دروازي مان مان ٿي نڪري وڃان.....“
هو فوراََ منھنجي پيرن تي ڪِري پيو ۽ چيو: ”مون کي معاف ڪري تو جھڙي گهرواري مون کي ڪڏهن نہ ملي سگهندي.“
مون چيو: ”مان توکي ٿُڪي ڇڏيو.... هاڻي منھنجو توسان ڪو بہ رشتو ناهي.... انھيءَ چڪر ۾ رات جا 2 ٿي ويا.... ٻيو شاعر بہ ويٺو ئي رهيو. مان پنھنجي ڪمري ۾ هلي ويس. ٿوري دير کانپوءِ پھريون شاعر آيو ۽ وڏيون منٿون ڪيائين مون ان کي ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو. پوءِ ٻيو شاعر ڪمري ۾ آيو مون ان کي بہ ڪمري مان ڪڍي ڇڏيو....
ٽين طلاق:
ٽين شادي جي هڪ هفتي کانپوءِ سس ۽ نڻانن جي نفرتن جي ڪري شاعر صاحب مون کي زمين تي ليٽائي منھنجي سيني مٿان ٽپا ڏيڻ لڳو. ۽ مون کي ايترو ماريو جو منھنجي جسم تي نيرا گهاوَ ٿي ويا هئا. مون کي ڪنھن سان ملڻ جلڻ جي اجازت نہ هئي. منھنجي هر رشتيدار، دوست يا اچڻ واري تي شڪ ڪيو پيو وڃي. مان سڀني گهر وارن جا ڪپڙا ڌوئندي هيس، بوٽ پالش ڪندي هيس.... ڇھہ نڻانون ملي ڪري مون کي گاريون ڏينديون هيون، ۽ مڙس اهڙو بدليو ڄڻ بازار مان ڪا لونڊي خريد ڪري آيو هجي. مان ان گهر ۾ ٽي سال رهيم، سس ٻوٽيون ڳڻي رکي ڇڏيندي هئي، پر گهر کان ٻاهر قدم رکڻ نہ ڄاڻندي هئي، پھرين تہ برقعو پائيندي هئي، اڪيلي ٻاهر نہ نڪرندي هئي. انھيءَ گهر جو هڪ واقعو ياد آيو آهي تہ تقريباً هڪ رات، 8 بجي ڌاري منھنجي ڀاءُ اچي مون کي اطلاع ڏنو تہ والد صاحب جو انتقال ٿي ويو آهي، مان جنازي ۾ شرڪت جي لاءِ تياري ڪرڻ لڳس..... منھنجي مڙس مون کي چيو تہ ”تون جنازي ۾ شريڪ نہ ٿي، ٿي سگهين، اڄ انسان نہ بلڪہ هڪ ڪتو مري ويو آهي.....“
مون چيو: ”وڌيڪ خباثت جي ضرورت ڪونھي.... مان تہ ضرور وينديس.... “
پوءِ هن مون کي پائيپ سان ايترو ماريو جو مان بي هوش ٿي ويس..... جڏهن هوش آيو تہ رات جا 2 ٿي رهيا هيا.... مان ڀت ٽپي ۽ ڀڄندي پنھنجي والد جي جنازي تائين پھتم ۽ ميت کي ڀاڪر ڀري روئڻ لڳس..... گهر واپس آيم تہ مڙس صاحب مون کي وري پائيپ سان ماريو.
مان ئي رڳو ڇو؟ بلڪہ پورو سماج عورت سان اھو ئي لڪاءُ ڪندو آهي. بس ڪٿي ڪٿي رَوَن (دوپٽہ) جا رنگ تبديل ٿي ويندا آهن.
”اسان تہ بنا آس جي اک آهيون،
۽ چوندا آهن تہ عورتون تہ کيت (فصل) آهن،
انھن کان پڇو... ڪڏهن ڪنھن هاريءَ پنھنجي فصل کي اجاڙيو آهي؟
هاريءَ جو تہ پوري زندگيءَ جو دارومدار فصل تي هوندو آهي.“
”وڃ .... وڃي ڪري منھنجا بوٽ پالش ڪر.... ان کانپوءِ چانھہ ٺاهي اچ.....“
پڙهڻ تي بہ پابندي هئي..... مان ٽوائلٽ وڃي ڪري شعر لکندي هيس. ۽ هو ڪُتو چوندو هو: ”عظيم شاعرہ منھنجا بوٽ پالش ڪري رهي آهي.....“
هن گهر ۾ مون تي ايترو تشدد ٿيو جو مون تي پاڳل پڻي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا. . پوءِ هڪ ڏينھن مون پنھنجي سس کي چيو: ”مان توکي تنھنجو پٽ واپس ڪري ٿي وڃان، ان لاءِ مان بہ ماءُ آهيان ۽ ماءُ جو ڏک سمجهان ٿي“
۽ دروازي کان ٻاهر نڪري آيس..... پوءِ وڏي مشڪلاتن سان مون طلاق حاصل ڪئي.
چوٿين طلاق:
_ڪھڙي مصيبت سان شادي ٿي آهي؟
_ اسان وٽ عورتون سگريٽ پيئن تہ ان کي گولي هڻي ڇڏيندا آهيون.
_ پڙهڻ لکڻ تي اڄ کان پابندي.
_ ڇا ٿي لکين؟ هيڏانھن اچ، منھنجا پير دٻاءِ... وڏي آئي شاعرہ....
_ زيور هر وقت پاتل هجي، ان سان عزت وڌندي آهي.
_ مشھور شاعرہ جو ساھہ هاڻي منھنجي مُٺي ۾ آهي.
پندرنھن ڏينھن تائين مون برداشت ڪيو.
”مون کي ان سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي تہ تون لکپتي آهين، پنھنجو لھجو درست ڪر، ٻي صورت ۾ سٺو نہ ٿيندو.“
”تون ٽَڪي جي شاعرہ، تنھنجو علم تہ توکي اڌ ماني بہ نہ ٿو ڏئي، پڙهڻ لکڻ مان ڪھڙو فائدو؟“
پنجويھہ ڏينھن کانپوءِ مون لکپتي کي چيو: ”مون کي طلاق کپي.“
”نہ ڏيندس.... توکي هتي ڪھڙي تڪليف آهي، توکي گهر ڏنم، 20 هزار حق مھر آهي تنھنجو.“
”مون توکي حق مھر معاف ڪيو، مون کي طلاق ڏي.“
وڏي مشڪلن سان مون ان لکپتيءَ کان طلاق ورتي.
◘