آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

لکڻيون

منھنجي لکڻين جي ڪري
ڪيترن گهرن مون تي پنھنجي گهر
جا در بند ڪري ڇڏيا آهن
پر.... مان انھن جو ذائقو نٿي ٿيڻ چاهيان
مان ٽُٽل سڏ پنھنجي جهوليءَ ۾
ڀري رهي آهيان
هر شيءَ لڙهي ويندي منھنجا لفظ، منھنجي عورت
هي مشرڪي گولي ڪنھن هلائي آهي
زبان هڪ گرھہ ڇو ٿي قبول ڪري؟
بُک هڪ.... ۽ طعام طرحين طرحين جا
ڏسڻ جي لاءِ صرف چنڊ ستارا ڇو ڏسان؟
سمنڊ جي لاءِ لھرون ضروري آهن
عورت جي لاءِ زمين ضروري آهي
اهي ڪيڏانھن ويا
جيڪي عورت پرڻائيندا آهن
هي ڇا گهر آهي؟ جو هڪ عورت ۽ عزت ۾
ڪو فرق نہ ٿو رکي
مون اڪيلي ئي بغاوت شروع ڪئي آهي
هاڻي اڪيلي پنھنجي گهر ۾ رهندي آهيان
ڇو جو آزاديءَ کان وڌيڪ ڪو بہ پيشو ناهي
ڏس منھنجي مزدوري !
ڪڏهن ديوارن ۾ زندهہ قيد ڪئي پئي وڃان
ڪڏهن بسترن جي زينت بڻجي پوان ٿي.