آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

احمد سليم جي نانءُ خط

احمد سليم!
مذاق شروع ٿيندو آهي تہ سڄي ڳالھہ ختم ٿي ويندي آهي. ڌرتي منھنجي ٿڪاوٽ کان بہ ننڍي ٿي پئي آهي. جن کي مون عزتون ڏنيون انھن هميشہ مون کي غليظ مٽي سمجهي ڌڪاريندا رهيا. منھنجي لکڻ جي لاءِ ڪائنات جو خالي ڪاغذ ننڍو آهي، هونئن تہ مان مالدار مشھور آهيان، ۽ اھا ئي منھنجي صبر جي لغام آهي. لغام سفر کان وڌيڪ آهي سو بي ارادو آهي. مان کِلڻ چاهيان ٿي ۽ شايد مسڪرائڻ بہ چاهيان ٿي پر شايد منھنجا چپ ننڍا ٿي پوندا آهن. سڀئي قدم رخصت ٿي ويا آهن. هاڻي تہ اکين کي پگهر اچي ويا آهن. مون کي پٿر هڻندڙن تي ڪو افسوس ناهي جو هو هڪ اک سان ڏسندا آهن. ڪير بہ ڪنھن بہ وقت منھنجي اندر خوف جا کوھہ کوٽي سگهي ٿو. ۽ منھنجي جذبن جا گلدستہ ڪنھن بہ چھري تي ظاهر ٿي پوندا آهن.
واقعي سليم! اهڙا ماڻھو ڪٿي آهن جيڪي مون سان گڏ جنگل مان آيا هيا. مان بار بار پنھنجي لھو کي وساري ويھندي آهيان. هي چپ منھنجا گداگر آهن ۽ بدن جا فالتو ترازو پڻ آهن.
دل جي اکين سان ٻڌل ڪتو ڀونڪندو آهي ۽ مان چور پڪڙي وٺندي آهيان. منھنجي گهر ڪڏهن ڪو چور ناهي آيو. اکيون ورهائڻ باوجود ڪيڏيون تاريڪ آهن..... اخلاقي طور تي منھنجا چپ هميشہ کان ڪُوڙا آهن.
سليم! هي منھنجو آخري قيام آهي ۽ ماڻھو رازداري ۾ مصروف آهن مڪمل طور تي مسڪرائي چڪي آهيان ۽ زبان جي علم مان وڇڙي وئي آهيان. ڪنڊن جي هڪ لباس سان ڪيترا گل مرندا هوندا. ميرا حرف اکيون وڃائي ويھندا آهن.
اها چانھہ جي پيالي اڄ تائين نڙيءَ کان هيٺ لاهي نہ سگهي آهيان جيڪا مري ويل کير مان ٺاهي هئي. اڃ جا ڪنڊا ڪُٽي ڪري منھنجون اکيون ٺاهيون ويون هيون، منھنجو جسم هڪ وڻ جيان تراشيو ويو ۽ مون کي سفر جو ساحل سڏيو ويو. ۽ ساحل تي ڪير گهر ناهي ٺاهيندو هي صرف سمنڊ جو مذاق هوندو آهي.
ڌرتي الائي ڪيترا انسان چَٽ ڪري وئي آهي پر مون کي روز بُک لڳندي آهي ۽ هر انسان هرروز بُکيو هوندو آهي. منھنجي شاخ مان ڪِريل پن زرد هيا ۽ ڌرتي جو مذهب هيا.
سليم! غيب جي کوهن ۾ رسي ڀونڪندي آهي ۽ منھنجي ٽانڊن سان باھہ ٻڌل آهي. مون کي ڏسڻ کانپوءِ هي سڀ ماڻھو شفاف هيا. پوءِ مون انھن جو خمير ڳوهيو ۽ لوڻ کي چيو...... چَک !
باھہ جي تلاش ۾ مون کان منھنجا ڪيئي چراغ وڇڙي ويا جن جي ياد مون کي سياه ڪندي آهي. ۽ خاموشي مون تي ٽوڪون ڪندي آهي. سڀ اُڃارا وياج ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر پاڻي جو وياج صرف مٽي هوندو آهي.
سليم! لڳي ٿو خدا تنھا ئي هوندو آهي...... منھنجي گهر جي شيخن مان ڪيترن ڪُتن جي زنجير ٺھي پوندي....... ٿورو حساب ڪر.....
رانديڪا جو مقدر وڌ کان وڌ ٽُٽڻ ئي هوندو آهي. ۽ خدا جو مقدر وڌ کان وڌ غضب آهي. هي سناٽو هڪ نئين قيد جي پيروي ڪندو.

سارا شگفتہ