آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

سارا شگفتہ جون بي ترتيب شاديون

پھرين شادي:
مان 14هين سال ۾ گهونگهٽ واري ٿيس، ۽ ٽن سالن جي مشقت سان ٽي ٻار ڄڻيم.... ”گهر واري ڇا هيس؟ صرف اجازت هيس، پھريان ماءُ جي اجازت سان هڪ روپيو اڌارو گهرندي هيس، ۽ هاڻي مڙس جي اجازت سان هڪ روپيو خرچ ڪندي آهيان.“
منھنجو مڙس هڪ جاهل ۽ اوباش هيو. جاهل ايترو هيو جو ڳالھہ ڳالھہ تي مار ڪڍڻ شروع ٿي ويندو هيو. ايتري مار ڏيندو هيو جو جسم تي نيرا داغ ٺھي ويندا هيا. جڏهن چاهي جانورن جيان همبستري ڪندو هيو. خير اها ڪا وڏي ڳالھہ نہ هئي، اسان وٽ مڙس ايئن ئي هوندا آهن، مان پنھنجي سبزي مان پائي پائي گڏ ڪري نائين جماعت جا ڪتاب خريد ڪري ورتا ۽ پڙهڻ شروع ڪيا. نائين جماعت پاس ڪيم تہ مڙس جي مار جي باوجود فيملي پلاننگ ۾ نوڪري ڪيم. هاڻي گهر کي ڏسندي هيس، نوڪري ڪندي هيس، ٻارن کي ڏسندي هيس، ٻارن کي سمھاري ڪري، مڙس کي راضي ڪندي هيس ۽ رات جو ميٽرڪ جي تياري ڪندي هيس.

ٻي شادي:
هڪ شاعر مون سان گڏ فيملي پلاننگ ڪندو هو، مان ڏاڍي بانماز هوندي هيس، گهر کان آفيس تائين جو رستو وڏي مشڪل سان ياد ڪيو هوم. هڪ ڏينھن ان شاعر صاحب چيو: ”مون کي توهان سان ضروري ڳالھہ ڪرڻي آهي.“
اسان جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ملاقات ٿي. ان چيو: ”شادي ڪندينءَ؟“
ٻي ملاقات ۾ شادي طئي ٿي وئي. هاڻي قاضيءَ جي لاءِ پيسا ڪونہ هئا.
مون چيو: ”اڌ فيس تون قرض وٺ اڌ مان ٿي وٺان.... جيئن تہ منھنجي گهر وارا شريڪ نہ ٿيندا سو منھنجي طرف کان گواھہ بہ وٺيون اچجانءِ“
هڪ دوست کان مون اڌارا ڪپڙا ورتا ۽ مقرر جڳھہ تي پھچي ويس. ۽ نڪاح ٿي ويو. قاضي صاحب فيس کان علاوه مٺائيءَ جو دٻو بہ گهرائي ورتو تہ اسان وٽ ڪل ڇھہ روپيہ بچيا. باقي جهوپڙي تائين پڳاسين تہ 2 روپيہ بچيا.
مان لالٽين جي روشنيءَ ۾ گهونگهٽ ۾ ويٺي هيس.....
شاعر چيو: ”ٻہ روپيہ اٿئي؟ ٻاهر منھنجا دوست ڪرايي جي بغير ويٺا آهن“
مون ٻہ روپيہ ڏئي ڇڏيا.
ان چيو: ”اسان وٽ گهرواري نوڪري ناهي ڪندي“
نوڪري مان بہ هٿ کڻڻا پيا.
گهر ۾ روز تعليم يافتہ شاعر ۽ نقاد ايندا هئا ۽ ادب تي ڳالھائيندا هئا. منھنجي خمير ۾ علم جي وحشت تہ هئي، پر ان جي باوجود بُک برداشت نہ ٿيندي هئي. هر روز گهر ۾ فلسفو پچڻ لڳو ۽ اسان اهو فسلفو کائيندا هياسين. هڪ ڏينھن جهوپڙيءَ مان بہ ڪڍيا وياسين. اها بہ پرائي هئي. هڪ اڌ گهر ڪرائي تي ورتو. مان هيٺ فرش تي چادر تي ليٽي ڪري تارا ڳڻيندي هيس ۽ پنھنجي جھل جو اڪثر شڪار ٿيندي هيس.

ٽين شادي:
هاڻي ٻيو شاعر منھنجي پويان هو تہ منھنجي وجھہ جي ڪري توکي طلاق ٿي.... مون سان شادي ڪر نہ تہ مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس....
مون چيو : ”هي سڀ مڪر آهن..... ڪوڙ آهن..... وڃ .... وڃي ڪري پنھنجو ڪم ڪر.“
هاڻي هو منھنجي فليٽ جي هيٺيان ڪيئي پھر اس تي بيٺو رهندو هو. ۽ شھر جي معزز ماڻھن وٽ وڃي ڪري چوندو هو منھنجي هن سان شادي ڪرايو.... ڇھہ مھينا گذري ويا، ٻڌڻ ۾ اهو ايندو هو تہ اڄ هو فلاڻي وٽ ويو، فلاڻي وٽ ويو، ۽ ڏاڍو روئندو رهيو..... پوءِ هڪ ڏينھن مون هن کي گهرايو ۽ هن کي ڏاڍو سمجهايو تہ هاڻي منھنجي شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونھي.“
پر هو ڪو نہ مُڙيو..... مون هن کي ايترو بہ چيو تہ : جيڪڏهن مون کي چاهين ٿو تہ پوءِ شادي جي ڪھڙي ضرورت آهي“
پر هو نہ مُڙيو پنھنجي ڳالھہ تي بيٺو رهيو.
هڪ ڏينھن مون هن کان پڇيو: ”ڇا تون صرف شادي ڪرڻ چاهين ٿو؟“
هن چيو: ”ها.....“
تہ مون چيو : وڃ وڃي ڪري ڪارڊ ڇپائي ۽ سڄي شھر ۾ ورهائي، سڀاڻي نہ پرين ڄڃ وٺي اچ“ ____ شادي ٿي وئي........

چوٿين شادي:
منھنجي دل شادي ڪرڻ کان ڀرجي وئي هئي، دل تي ۽ روح تي جيڪي زخم هيا، اهي اڃا ڀرجي نہ سگهيا هئا، بيماريءَ ۾ ڪافي حالت خراب ٿي وئي هئي، پر هاڻي ڪجهہ بھتري محسوس ڪري رهي هئم، پنھنجي ماءُ کي لڪي لڪي آهون ڀريندي ڏسندي هئم، ۽ هڪ ڏينھن منھنجي ماءُ هڪ رشتو کڻي آئي ۽ چيائين: ”مون کي ذلت کان بچاءِ وٺ ڌيءُ، ها چئي وٺ! مڃان ٿي تہ ڇوڪرو بدصورت آهي، پڙهيل لکيل ناهي، پر ايترن پڙهيل لکيلن بہ توکي ڇا ڏنو؟ هي رشتو تنھنجي لاءِ ٺيڪ رهندو؟“ مون خاموشيءَ ۾ ”ها“ ڪري ڇڏي. ۽ ايئن منھنجي چوٿين شادي ٿي وئي....