آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

عطيہ جي نانءُ

عطيہ!
زندگي پنھنجي ٽڪڙا ڪٽي ڪٽي ڏيندي رهي ۽ موت هڪ سنسار....
پياري دوست.... توکي ڇا ڏيان؟ ڏس ! منھنجي اسباب ۾ نہ روح رهيو آهي. نہ ئي ڪو بدن..... مان اڄ ڏاڍي اذيت ۾ آهيان، اها اذيت جيڪا ڪنوارين تي لازم آهي پر مون تي نہ.... مان ڇا ٿي وئي آهيان.... عطيہ ! ڳوڙهن کان اڳ ۾ مان خاڪ ٿي وڃان ٿي.... اچ تہ پنھنجن ڏانڊن جي ٿڌي ٿيڻ تائين تہ جيءُ وٺون.... پر لڳي نٿو.... زندگي اسان جا رانديڪا ڪڏهن بہ ٽوڙي نٿي سگهي. پر هي رانديڪا اسان کي ضرور ٽوڙي چڪا آهن هي ٽٽل رانديڪا عطيہ! اڌ منھنجي ٻارن کي اڌ سعيد کي ڏئي ڇڏجانءِ.....
اچڻ وارن ڏينھن ۾ مان توکي بوڪ شيلف ۾ ملندس ۽ تون بہ مون کي اتي ئي ملندينءَ.....

سارا شگفتہ