آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

هڪ هئي سارا هڪ هيو سعيد !

سعيد!
جھڙيءَ ريت تو منھنجو ساٿ ڏنو اهڙيءَ ريت ڪنھن نہ ڏنو. ان کي مان ڪڏهن وساري نٿي سگهان. توهان جي اعلى ظرفي مون کي متعارف ڪرايو. ڪڏهن دل ۾ اهو خيال نہ آڻجو تہ توهان جي ڪري مون کي ڪو ڏک پھتو هجي..... جيڪڏهن ڪڏهن منھنجي بيوقوفي جي ڪري پھتو بہ هجي تہ ايترو ضرور ڄاڻجو تہ ان ۾ منھنجي نيت جو دخل هرگز نہ هوندو.....
منھنجا قدم انڌيرن جي نذر ٿي وڃن ها.... منھنجي گهر ۾ جيڪي گُل مسڪرائڻ لڳا آهن اهي اوهان جي ڪري آهن....
اميد آهي زندگي جيڪا منھنجي ٿوري گهڻي رهجي وئي آهي ان کي گذارڻ ۽ ساھہ کڻڻ ۾ منھنجي مدد ڪندي..... ساٿ ڏيندي..... منھنجي دل ۾ اوهان جي لاءِ جيڪي عقيدت جا گل ڦٽي آيا آهن تہ مان مھڪجي وئي آهيان نہ ڄاڻ الائي ڇو ......!؟
ياد رهي...... خوشامد جي مان سخت خلاف آهيان زندگي ۾ بعض محرومين جي ڪري اھا شيءَ رهجي وئي آهي. مان تہ ڪنھن ڀِتر کي بہ تڪليف ناهيان ڏيندي..... يعني جذبن کي.
توهان تہ مون ۾ انساني قدرن کي پيدا ڪيو آهي. ۽ انساني سطح تي مون سان ملاقات ڪئي آهي.

بقلم خود
سارا شگفتہ



سعيد!
”ڳالھہ، وقت جي ننگي جسم تي ڇو ٿي اچي؟“ توهان جي انھن لفظن کي مون پنھنجي پوري ٿڪاوٽ سان پڙهيو. ڳالھہ جسم جيتري هجي ها تہ قلم جي مس کي پنھنجي تحرير جي بينائي سان ڪڏهن بہ حاملا نہ ڪيان ها..... ردي جي بدن کي تہ عالمن بہ پنھنجي گهر ۾ نہ رکيو. پر توهان ايئن ڪيو، توهان وٽ انسان جي وڏي سڃاڻپ آهي. ۽ منھنجي لاءِ اھا ئي وڏي ڳالھہ آهي. مان توهان وٽ فقط هڪ ڳالھہ جي لاءِ ننگو بدن کڻي بہ آيس.... هي بہ سچ آهي پر هلندي هلندي نہ ڄاڻ ڪنھن روز مان بدن جي لٺ جي ٽيڪ کي ڇڏي توهان سان گڏ روح جي لٺ سان هلڻ لڳس.... ۽ اھو سچ آهي..... رهي ڳالھہ وري وقت جي ننگي جسم جي......... منھنجي گهڙي جي مطابق وقت جي صليب تي لوهي ڪوڪن جو شور آهي.
موت راهگذر کان وڌيڪ اهميت نٿي رکي. ايئن سمجهو انسانن خدا جي عبادت ڪئي آهي ۽ مان انسانن جي عبادت ڪئي آهي. ۽ منھنجي ڪا بہ رياضت گبنذن تائين گونجي نہ هئي.... اسان تہ پنھنجي فرشتن کي بہ نيڪ رکيو تہ بدي جو فرشتو وڏو چغلخور هوندو آهي.
مون مردن کان هميشہ نفرت ڪئي آهي. انھيءَ جي وجھہ منھنجو پيءُ آهي. اھا ڳالھہ سڄو برصغير ڄاڻي ٿو. پر مان اڄ اھا ڳالھہ لکان ٿي.
سعيد! منھنجي دل ۾ تو لاءِ بي پناھہ محبت جاڳي پئي آهي. لڳي ٿو تو مون کي منھنجي روح تائين سجائي ڇڏيو هجي. اهڙو وجدان تو منھنجي اندر ۾ پيدا ڪيو آهي جو هر شيءَ انڪاري لڳڻ لڳي آهي. ايئن ڇو پئي سوچيان؟ ۽ پنھنجي ئي ڪنھن ڪمي جي ڪري ڊڄي وڃان ٿي.

سارا شگفتہ


سعيد!

تنھنجي قدمن جي سچائي، منھنجي مٽي کٽي ورتي آهي. وجد جو ڪوئي اهتمام نہ ڪندو آهي. سعيد! سارا جو اهڙو ئي وجد آهي، منھنجي خاموشي کي تون پنھنجي مُٺي مان ڪيرائي نٿو سگهين. مان تنھنجي لاءِ آهيان، واري جي اُڃ سمنڊ نٿو لاهي سگهي انساني قدم لاهيندا آهن. مان واري هيس تون سمنڊ تي هلندي منھنجي تخم ۾ پنھنجا قدم رکي ڇڏيئي، مون ڄاتو هي قدم ئي منھنجو سفر آهي. سوچ...... قدم ڪڏهن ناهي ٿي، جڏهن کان سعيد تون منھنجي دل کي پنھنجي زبان ڏني آهي.

سارا



سعيد!
منھنجو اڌورو وجود ڇا توکي هميشہ پڪاريندو رهندو؟ ڇا مون کي پنھنجي اڌ وجود سان سڄي رات جاڳڻو پوندو؟ هي ڪھڙي ڪيفت آهي .... سعيد! مون کي ۽ منھنجي رات کي الڳ الڳ قيد ڪري ويندو آهين، هي ڪھڙي تارازي آهي، جنھن جي هڪ پاسي منھنجو اڌ وجود ۽ ٻئي پاسي منھنجي اڌ رات تڙپندي آهي.؟
مان تنھنجي انتظار جي چِتا پرستي ٿيڻ پنھنجي معراج سمجھنديس سعيد! تو مون کي چِتا جي دهوئين کان انسان بڻائي ڇڏيو......

تنھنجي سارا



سعيد!
تون هليو ٿو وڃين تہ انھيءَ خوف سان سوچون پنھنجون اکيون جهڪائي ڇڏين ٿيون. ۽ سوچن جو بہ انتظار ڪرڻو پوي تہ انتظار جي باطن ۾ ڪھڙي تلاطم آهي؟ ڪو بہ سپھہ سالار پنھنجو ميدان ۽ گهوڙو فروخت نہ ڪندو آهي. سوچن کي لفظ لفظ ڪري ڇڏيان تہ منھنجو ڪتاب وڃائجي ويندو سعيد! يقيناًً اسان جو سفر ان کان اڳتي جو سفر آهي....
چريا! اسان کي هاڻي انڌن لفظن کي ڳالھائڻ جو حق نہ ڏيڻ کپي. اسان جا ڳوڙها ڇا اسان سان گفتگو نٿا ڪن؟ سچاين کان پُڇ مان ڪڏهن چُپ رهي آهيان... مون پنھنجي سعيد کي ڪڏهن ۽ ڪيئن نہ تنگ ڪيو آهي. انھيءَ جذبي تي ڪنھن بہ لفظ جي سچائي نٿي گُهران.... تون هليو ٿو وڃين سعيد تہ گهڙي جي صليب کان منھنجو لاش ڪيترا دفعہ ڪِري پوندو آهي..... تنھنجي گهڙيءَ جي ٽِڪ ٽِڪ مون کي ايترو بيدار ڪندو آهي جو ننڊ پنھنجي ڪشڪول ۾ سمھي ناهي سگهندي. هڪ ڳالھہ ٻڌايانءِ...... هڪ هيو سعيد...... هڪ هئي سارا...... هو ٻئي هڪٻئي کي ايترو چاهيندا هيا جو لفظ ڪٿي بہ گهٽ نہ رهجي ويندا هيا.
ٽيگور جو هڪ گيت ياد ٿو اچي ......
”تون ئي منھنجو سمنڊ آهين، تون ئي منھنجو ناخدا آهين،
مان ڪشتي آهيان، توکي ڪنارن لڳائڻ جو ڇو چوان؟
ٻُڏي بہ وڃان تہ تو ۾ ٻُڏي ويندس،
ڇو تہ تون ئي منھنجو سمنڊ ۽ تون ئي منھنجو ناخدا آهين.“
هي گيت نہ ڄاڻ الائي ڇو سڄو ڏينھن گنگائيندي آهين.

تنھنجي سارا


سعيد!

رات مون سان گڏ روئي رهي آهي. گهر ۾ سڀ سمھي رهيا آهن، صبح جو ۽ تنھنجو انتظار ڪري رهي آهيان. رات، تون ۽ ڳوڙها..... رات کي ڪيترو سجائي ويٺا آهن.....
هڪ سِٽ آهي منھنجي ”اسانجي ڳوڙهن سان اکيون ٺاهيون ويون آهن.“ ۽ اڄ تون چوين ٿو سعيد! ڇا ٿو چوين سارا جي اکين ۾ ان وقت بہ ڳوڙها نہ هيا، جڏهن سارا جو ٻار مري ويو هيو. سارا تہ ان وقت بہ نہ رُني هئي...
جڏهن لاهور جي قلعي ۾ هڪ ڊڪٽيئر منھنجي بيحرمتي ڪئي.... هي هڪ وڏي داستان آهي....
سارا تہ ان وقت بہ نہ رُني جڏهن ان جو چھرو ماني کان وڏو نہ رهيو هيو.... حالانڪہ جڏهن انسان کي پيدا ڪيو ويو هيو تہ ان کي بُک کان افضل ڪيو ويو هيو. منھنجون اکيون نم آهن، ۽ ڳوڙهن جا لاشا منھنجي ئي سيني تي پيا آهن.
رات جا ٽي ٿي رهيا آهن ۽ گهڙي چئي رهي آهي سڀ کان وڌيڪ فضول خرچ اک هوندي آهي.
اکيون نم ڇو ٿي وينديون آهن مون کي ٻڌاءِ.... مان تہ سادي ورق کان وڌيڪ چُپ رهي پئي سگهان.

تنھنجي سارا


سعيد!
اڄ تہ ڳالھيون ڪريون .....
تنھنجي سچاين جي اڳيان مان ڏاڍي........ ڏاڍي ميري آهيان سعيد! سچ تہ تون چوندو آهين، سچ تہ تون سھندو آهين، جيڪو ماضي ڪوڙ کان شروع ٿيو، ان جو حال سچ ئي تہ هوندو آهي.
ٻُڌ سعيد! گدلي سچائي هڪ ڏينھن سچ جي سچائي بڻجي وئي. ۽ منھنجي گدلي لھو ۾ هڪ ڪنول ڦٽي پيو. ڪنول منھنجي گدلي ظرف کي پنھنجي ظرف سان ڍڪي ڇڏيو، زندگي جي پھرين ڇانوَ ڏسي، پاڻي مان گدلائپ ڪڍي، ۽ شفاف ٿي ويم.....
ڪوڙ جي چوڌاري دُوارن کي پوري سچائي سان چمڪائڻ لڳيس.... مان پنھنجي ڌُٻڻ مان نڪتس يا نہ اهو تون ڄاڻ! ۽ هي سڀ ان لاءِ توکي ڄاڻڻ گهرجي تہ تو هڪ پينو فقيرياڻي سارا شگفتہ کي، پنھنجي چِتا مان بيدار ڪيو آهي. ۽ پنھنجي وسيع سيني ۾ ان کي جيئڻ جي تميز سيکاري...... پوءِ ان کي ڳالھائڻ سيکاريو.... تو سچ ڳالھائڻ سيکاريو يا ڪوڙ...... اهو مان ۽ تون ٿا ڄاڻون....! مان اڪثر ڪنڊن تي ڪِري پوندي هيس تون هر دفعي مون کي ڪنڊن تان کنيو ۽ تنھنجي رت جا قطرہ منھنجي بدن تي ڪِرندا رهيا...مان سموري حياتي تنھنجي انھن رت جي قطرن جي حيا ۾ رهنديس....
اچ وري ٿا ڳالھايون.....
تنھنجي سامھون مان پنھنجي حيثيت کي ڪَک کان وڌيڪ نٿي ڀانيان... جو منھنجو خمير تنھنجي آڳ سان اٿيو ۽ سارا ان کي ڏٺو.... ڇا ڏٺو تہ ان جي ويران اکين کي ڪير ڏسي ٿو..... ان جا خاموش قدم ڪنھن جي دريافت آهن.... هو تنھائي جي ڪال ڪوٺڙي ۾ حقيقت کان وڌيڪ بيدار ٿي وئي... هو هڪ قدم ناهي رهي..... هو هاڻي ٻہ قدم آهي.
مان ٻِرن ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ سڪا ٽُڪڙا گهرن مان چوري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جو غارن جي تنھائي کي تو منھنجي ذهن کان پَٽي ٻاهر ڪڍي ڦٽي ڪيو آهي. مان اونداهين ۾ ڌڙڪڻ لڳي هيس، تنھنجي انسيت ايتري هئي جو تو مون کي منھنجا مذهب ٻڌايا.... تون منھنجي بدن مان ميخون ڪڍيون ۽ طلسماتي حصو ٽوڙيو..... مون کي خبيث روحن جي مڪان کان ڇوٽڪارو تو ڏياريو...... مون کي منھنجي اصل کان آگاھہ ڪيو.
هلو ٻيھر واپس ڳالھيون ٿا ڪريون....
جڏهن منھنجي زبان رڪجي ويندي آهي تہ تون منھنجي خاموشي کي هڪ آواز ڏنو. حالانڪہ ان وقت تہ توکي معلوم هيو تہ مان ڳالھايو تہ پرائي آواز ۾ ڳالھائيندس، انکانپوءِ بي شمار پراين حالاتن تي پرائي آواز سان ڳالھائيندي رهيس..... تون پوءِ بہ پرايو نہ ٿئين... تو مون کي آواز ڏنو تہ ان وقت مان ڪوڙ جي بي شمار پٿرن جي هيٺيان دٻيل هيس، ۽ تنھنجو آواز ٻُڌي هڪ هڪ پٿر کي پري هٽائيندي ويس تنھنجو آواز زبان تي رکڻ سان منھنجي پٿر جي زبان بہ ٺيڪ ٿي وئي..... تو مون کي ايتري شڪتي ڏني جو مان پنھنجي بساط کان وڌيڪ زنده ٿي وئي ويس.....
ٻُڌ! تنھنجي آتما سمنڊ آهي جو هڪ لھو ٿڪڻ واري عورت جي زخم ۾ سِندُور ڀريو..... زندگي جو سِندُور.... مون کي پنھنجي پناھہ ۾ رکيو..... تو منھنجي پٿرن کي بہ موسم عطا ڪيو.... منھنجي پٿريلي روح کي تو ذرو ذرو ڪري ڇڏيو... مون ڇا ڪيو زهر کائي ڇڏيو ۽ توکي اذيتن جي انتھا تي رکيو....
” پنھنجي انھيءَ موت تي شرمندہ آهيان“
اڄ جي ڳالھہ آهي تو چيو ”جيڪڏهن مون انتھائي قدم کنيو تہ سڀ ڪجهہ ڀسم ٿي ويندو..... پاڇولن جي مقدر ۾ ڪڏهن ديوار هوندي آهي ڪڏهن آڳر.....
سعيد! جھڙي ريت ڇانوَ ۾ سج کي قيد نٿو ڪري سگهجي اهڙي ريت مان بہ اڄ تائين...... اڄ تائين...... هڪ نہ هڪ..... ڪا نہ ڪا پرواز رکان ٿي. تو منھنجي ڏکن جي بہ عبادت ڪئي آهي. ٿورو سوچ! ٻُڌ ! مان تنھنجو گهر.... پوءِ هڪ گهر نہ بلڪہ ٻہ گهر برباد ڪري سگهان ٿي؟
سمجهڻ ۾ ايتري شڪتي ناهي.... مان اڃا ايتري ناهيان مري.... مون کي توکان وڌيڪ تنھنجي گهرواري، منھنجي عورت، تنھنجا ۽ منھنجا ٻار ۽ ڀيڻ زياده عزيز آهن. مان انھن جي خوشين کي کسي نٿي سگهان..... منھنجي سچائي فوٽ پاٿي سچائي آهي. ۽ بي گهرن جو سڀ کان وڌيڪ سچ..... گهر هوندو آهي.....
”انسانن کي پائڻ، ڏکن جو احترام ڪرڻ گهرجي..... جيڪو انسان پنھنجي ڏکن جو احترام نٿو ڪري، تہ قربان گاهون ان جو احترام ڪرڻ وساري ويھنديون آهن.“
ڪالھہ جي ڳالھہ ”مان جيڪو ڪجهہ ڪمائيندس، ان مان اڌ تنھنجو هوندو“ سعيد! مون کي دولت..... پراپرٽي..... کان شديد نفرت آهي. مان ڇا ڪنديس ايترن سارن سِڪن..... پيسن جو..... مون کي ايتري رقم جي ضرورت ناهي.... منھنجو وقت ايترو قيمتي ناهي، مان هڪ معمولي پينو فقيرياڻي آهيان، چار ڏينھن کان پوءِ ماني جي ضرورت پوندي آهي، ۽ هڪ گلاس پاڻي جي اُڃ اجهائڻ لاءِ ضرورت پوندي آهي. طبعيت جي خرابي جي ڪري ڪجهہ مسئلن ۾ دير ٿي وئي آهي. مان پوري ڪوشش ڪندس تہ مان پنھنجو پاڻ بنيادي مسئلا حل ڪري وٺان.... تون دعا ڪجانءِ!
تنھنجي عظيم جذبي کي مان دلي طور خراجِ تحسين ٿي پيش ڪريان تہ تنھنجو هي رويو معمولي رويو ناهي.... مان تنھنجي انھيءَ جذبي جي قدر ڪريان ٿي....
تنھنجي شگفتہ