آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

ڪشور ناهيد جي نانءُ

ڪشور ناهيد!
جيڪڏهن ڪنھن مسجد ۾ دعا گهرندي آهيان تہ مندر رُسي ويندو آهي، جسم جي لٺ تي ڪنھن جنگل جو نالو ناهي لکيل. ڄاڻان ٿي عورت جي رت سان جھنڊيون ٺاهيون وينديون آهن. هي ڪفن ماپڻ وارا پنھنجي جسم جيترو گز رکندا آهن پر اسان سِر تي ڪفن ٻڌي پيدا ٿيا آهيون، ڪا منڊي پائي نہ.... جنھن کي هو چوري ڪري سگهن. هو اسان جي ٽھڪن ۾ آيتون ڇو ٿا ڳولھين؟ جڏهن تہ هر آيت ۾ شيطان جو ذڪر ضرور آهي.
سارا شگفتہ