سارا شگفتہ جي خودڪشي
◘
سعيد!
اڏري ويندڙ اکيون ڪٿي نہ ڪٿي رهنديون هونديون؟ تنھنجي دل ۾، تنھنجي اکين ۾، مان رهي تہ هوندم.... وئي ٿوري آهيان پاڳل!
منھنجي مٽي توکي سلام ڪندي آهي..... ٻُڌ! ڇا ڪري رهيو آهين؟ منھنجو خاموش آواز توکان پري ناهي، مان توسان ڳالھائي رهي آهين... مان اڃا جاڳي رهي آهين، تون جڏهن بہ ايندو آهين مان تنھنجي احترام ۾ جاڳي پوندي آهيان. ٿورو چُپ تہ ٿي وئي آهيان.... تون ڳالھاءِ سعيد!
مان ٻُڌي رهي آهيان....
(31 مئي 1984ع)
◘
سعيد!
آواز ڪڏهن بہ ناهي ٻُڏندو.... ايتري تائين جو آواز خاموش بہ ٿي وڃي تڏهن بہ ناهي ٻُڏندو.... مان ساھہ جي بغير بہ تنھنجي آهيان.... هاڻي تنھنجو آواز منھنجو ئي آواز هوندو..... منھنجي آواز کي توکي لکڻو آهي.... لفظن کي زبان توکي ڏيڻي آهي. ڪاري مس سوچي ڇڏيو آهي تہ هاڻي منھنجو هٿ جهلڻ وارو آهي....
لِک.... لِک نہ ..... منھنجي لفظن کي سمھڻ نہ ڏجانءِ..... سمھي رهيو آهين؟ نہ تہ مان بہ سمھي پونديس.....
تنھنجي پنھنجي سچ..... تنھنجي سارا سعيد
(31 مئي 1984ع)
◘
سعيد! جي لاءِ بي پناھہ محبتن ۽ ويڙھہ سا گڏ منھنجا سعيد!
سڀني ورقن جي خاموشي هاڻي توکي لکڻو آهي سعيد! منھنجي خاموشي کي هاڻي توکي پڙهڻو آهي. لفظن جي ڪائنات ڇڏي پئي وڃان.... ۽ تنھنجي مٽي ۾ لڪي رهي آهيان.... منھنجي روح جي حفاظت ڪجانءِ....
مان ۽ تون....... پنھنجي خاموشي ۾ بہ..... هڪٻئي جا موسم آهيون....
ڏس! تون مون وٽ آهين، ۽ مان تو وٽ.... مان ڪڏهن توکان پري تہ ناهيان... هن دنيا جي رهڻ تائين مان توسان گڏ جاڳندي رهندس... منھنجي اکين تي اعتبار ڪر... ۽ ڏسندي نہ؟ مان توکي ڏسي رهي آهيان ۽ تنھنجي سيني تي سر رکي سمھي رهي آهيان.... نہ تہ سارا ڪڏهن سمھي آهي سعيد...!؟ هوءَ تہ اڄ بہ تنھنجي اکين جاڳي رهي آهي.... لکين پيار......
تنھنجي صرف تنھنجي سارا سعيد....!
◘