مختصر نظم
زبان رکي ڇڏي آهي
ان جي ڪري
منھنجو ذائقو ماڻھن جي
زبان کي برو لڳندو آهي
مان ذليلن سان گڏ نٿي هلي سگهان.
◘
ڇا مسجد جون سِرون
چورائي نٿيون سگهجن؟
هو سچ مچ مسجد جي سِر وانگر هو
تڏهن تہ چئي سگهيم
پنھنجي اکين جي ڀر ۾ رهڻ سان
ڇا عورت آوارہ چورائيندي آهي؟
◘
ڇا لکي رهي آهيان
مان تہ بس هلي رهي آهيان
هي گدلا ماڻھو ڪنول کي رکڻ
نٿا چاهين بس انھن جي اکين ۾ مردہ جواب آهي
پاڻي جي مقدر ۾ لھرون هونديون آهن
عورت جي مقدر ۾ صرف انسان هوندا آهن
جانور نہ ...
◘
مان سڀني جي چراغن ۾ ٻرندي رهيس
اڄ چرين جي قبيلن مان حاملا ٿي ويس
شيخون مون کي سڃاڻي نٿيون سگهن
سامھون شيخن تي تالي جي اک لڳل آهي
منھنجو سينگار ڏس!
ٻي عورت خلا سان اکيون ٻڌي ويٺي آهي
ٽين عورت جي گهڙي مان وقت ڪِري پيو آهي
ڇا ٿيو انھن سان؟
عزت تہ ماس کان پري جي ڳالھہ آهي
هتي زنجيرن جو مجرو سج
تائين ٻڌندو آهي.
◘
جڏهن کان جنگل
سڙي ويو آهي
باھہ شين جو شڪار
نٿي ڪري
ماڻھو منھنجي خاموشي
کان بہ وڌيڪ ننڍا هئا
سو مون سمنڊ تقسيم ڪري ڇڏيو
عورتون رڙين سان حاملا نظر اچي رهيون هيون.
◘
اسان سڀ خدا کي
ڇڏي رهيا آهيون
ڇا موت آخري خدا
ڏئي سگهندو؟
خدا قرآن لکيو
مون انسان لکيو.
◘
فصلن جي اجرت ئي
اسانجي بُک آهي
جُتي جي ٽٽڻ تي هڪ ڪوڪو
ٺوڪيو ويندو آهي
۽ سفر ايجاد ڪيو ويندو آهي.
◘
منھنجي قبيلي جي ڪُک مان
جڏهن صرف هڪ رڙ پيدا ٿي
تہ مان پنھنجي ڪُک مان
ٻار اُڇلائي ڇڏيو
۽ رڙ کي کڻي ورتو.
◘