آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

سارا شگفتہ جي زندگي جا اذيت ڀريا ۽ تشدد جا قصا

پھريون قصو:
جڏهن هو پھريون ڀيرو مون کان منھنجا ٻار کسي ويو هو تہ مان حد کان وڌيڪ پريشان ٿي وئي هيس. مان اڪيلي ميانوالي پھتم. اڻڄاڻ رستا، عجيب طرح جا ماڻھو، ۽ وڏي ڳالھہ تہ مون وٽ منھنجي مڙس جي ايڊريس بہ نہ هئي، بس ايتري خبر هئي تہ هو بئراج جي ويجهو ڪٿي رهي ٿو. مان بئراج جي ڪناري پھچي چيم: ”اي بئراج! تون تہ مون سان گڏ آهين نہ؟ اڄ تون منھنجي لاءِ دعا ڪجانءِ، اڄ مان ڪا بہ دعا نہ گهرنديس ڇو تہ مائرون دعائن کان وڏيون هونديون آهن.“
وڏي مشڪلن سان آخرڪار مون کي منھنجي مڙس جو گهر ملي ويو. مون دروازو کڙڪايو تہ اندران منھنجو مڙس نڪري آيو.
”ڪُتي! تون هتي بہ پھچي وئين؟“
مون وراڻيو: ”ها يزيد! مان هتي بہ پھچي وئي آهيان.“
”ڇا لاءِ آئي آهين؟“
”مون کي منھنجو حق مھر ڏي ۽ منھنجا ٻار مون کي واپس ڪر“
”تون ان قابل ڪٿي آهين تہ توکي حق مھر ادا ڪيو وڃي ۽ ٻار تہ توکي ڏسڻ جو بہ حق نہ ڏيندس“
مون چيو: ”اڇا! مان پنھنجو حق مھر ۽ ٻار توکان وٺي رهنديس، مان وري واپس ايندس“
رات گهڻي ٿي وئي هئي، رهڻ جي لاءِ ڪا جڳھہ بہ نہ هئي، اتفاق سان هڪ آخري بس ملي وئي، انھيءَ ۾ سوار ٿي ويس ڇو تہ ميانوالي ۾ نہ ڪو رڪشو وغيره هلندو هيو نہ ئي ٻي ڪا سواري. رستي تي بس خراب ٿي وئي. بس ۾ صرف مان اڪيلي عورت هيس. مان سوچڻ لڳس ”هاڻي مان ڪيڏانھن وڃان؟“ مٿان اچانڪ برسات بہ شروع ٿي وئي هئي. جتي بس خراب ٿي هئي اهو هڪ ڳوٺ هيو. مان بس مان هيٺ لٿم تہ مون کي هڪ مزدور ڏسڻ ۾ آيو، مون ان کي سڏ ڪيو ۽ چيو: ”هتي ڪا ويجهو ريلوي اسٽيشن آهي؟“
ان چيو: ”اهو تہ هتان کان گهٽ ۾ گهٽ 3 ميل پري آهي.“
مون چيو: ”مان توکي 50 روپيہ ڏيندس، مون کي اسٽيشن تائين ڇڏي اچ“
ان شخص حيرت مان چيو: ”تون شھري ڇوڪري ايترو پري پنڌ ڪري سگهندينءَ؟“
مون چيو: ”ها“
۽ پوءِ اسان هلندا هلندا اسٽيشن تائين پھچي وياسين. اسٽيشن تي هر طرف خاموشي هئي. ڪير بہ نہ هيو. ۽ اها خبر پڻ گرم هئي تہ ”هن علائقي ۾ ڏينھن ڏٺي ماڻھو عورتن کي کڻي ويندا آهن ۽ 500 جي ڪري انسان کي قتل بہ ڪري ڇڏيندا آهن. مان ريلوي اسٽيشن جي ريسٽ هائوس ۾ هلي ويس ۽ اندران ڪُنڊي لڳائي ڇڏي. مون کي ڪو خوف محسوس نہ ٿيو، مون پنھنجا ڪاغذ ڪڍيا ۽ لکڻ شروع ڪري ڏنم.
ڪراچيءَ پھچي ڪري سڀ کان پھرين ان جڳھہ طرف ويم جيڪو منھنجو مڙس حق مھر ۾ منھنجي حوالي ڪري ويو هيو، انھيءَ گهر ۾ ڪرائيدار رهندا هيا. وڏي مشڪلن سان اهو گهر خالي ڪرائي، ۽ هڪ لک روپين ۾ وڪرو ڪيم. پيسا بيگ ۾ رکي وري ميانوالي جي هوائي ٽڪيٽ ڪٽرايم. هوائي جھاز ۾ ڪُل ڏيڍ ڪلاڪ لڳو. ميانوالي وڃي پھتم. دروازو کڙڪايم تہ وري مڙس نڪري آيو ۽ چيائين: ”اندر اچ“
مون چيو: ”يزيد! مان توکان ٻيڻ تي حق مھر حاصل ڪري ورتو آهي، تنھنجو گهر وڪڻي آئي آهيان.“
گهر جي اندر ٻہ ماڻھو ٻيا بہ هيا. هن چيو: ”رقم ڪٿي آهي؟“
مون چيو: ”سودو ڪر مونسان، رقم وٺ ۽ ٻار ڏي“
هن چيو: ”اها تنھنجي ڀُل آهي، شرافت سان رقم منھنجي حوالي ڪري ڇڏ نہ تہ گولين سان تنھنجو جسم پروڻ ڪري ڇڏيندس ڪُتي....“
منھنجا ٻار هيڏانھن هوڏانھن گهمي رهيا هئا، پر انھن سان نہ ملي پئي سگهيم ۽ انھن کي پيار پئي ڪري سگهيم. ٻہ ماڻھو جيڪي اندر بيٺا هيا انھن جلدي ۾ هٿيار ڪڍي مون ڏانھن سڌا ڪيا. مان فوراًًً دروازي کان وٺي ٻاهر ڀڄي ويم. ۽ تيز تيز ڀڄندي رهيم منھنجي پٺيان هوائي فائر ٿيندا رهيا. پر مان مسلسل ڀڄندي رهيم..... ۽ ايئن مان اتان پنھنجي جان بچائي نڪتم.... مون کي ٻيو ڪو ڏک نہ هيو سواءِ پنھنجي ٻارن کي سيني سان لڳائڻ جي......!!!

ٻيو قصو:
گهر ۾ روز تعليم يافتہ شاعر ۽ نقاد ايندا هئا ۽ ادب تي ڳالھائيندا هئا. منھنجي خمير ۾ علم جي وحشت تہ هئي، پر ان جي باوجود بُک برداشت نہ ٿيندي هئي. هر روز گهر ۾ فلسفو پچڻ لڳو ۽ اسان اهو کائيندا رهياسين. هڪ ڏينھن جهوپڙي مان بہ ڪڍيا وياسين. اها بہ پرائي هئي. هڪ ٻيو گهر ڪرائي تي ورتوسين. مان هيٺ فرش تي چادر تي ليٽي ڪري تارا ڳڻيندي رهندي هيس. مون کي ستون مھينو هو، منھنجو درد شديد هو. علم جي غرور ۾ هو اک کڻي نھارڻ بنا ئي هليو ويو. جڏهن وڌيڪ درد ٿيو تہ منھنجي رڙين تي مالڪ مڪان ڀڄندي آئي ۽ مون کي اسپتال ڇڏي وئي. منھنجي هٿ ۾ درد ۽ روپئي وارا پنج ڪڙڪ نوٽ هئا..... ٿوري دير کانپوءِ پٽ جو اولاد ٿيو. سيءُ تمام گهڻو هيو، مون وٽ هڪ ٽوال بہ ٻار کي ويڙهڻ لاءِ نہ هو.....
ڊاڪٽر ٻار کي منھنجي ڀرسان واري اسٽريچر تي ليٽايو. پنج منٽن لاءِ ٻار اک کولي ۽ پوءِ ڪفن ڪمائڻ لاءِ هليو ويو. بس ان وقت کان منھنجي جسم ۾ اکيون ڀريل آهن. سسٽر مون کي وارڊ ۾ سمھاري وئي. مون سسٽر کي چيو: ”مان گهر وڃڻ چاهيان ٿي، ڇو تہ گهر ۾ ڪنھن کي بہ خبر ناهي تہ مان ڪٿي آهيان“
نرس، مون ڪاوڙ سان ڏٺو ۽ چيو: ”تنھنجي جسم ۾ زهر ڦھلجڻ جو هونئن ئي ڊڄ آهي سو ان ڪري تون بستر تي ئي ليٽي رھہ “
پر هاڻي تہ آرام ڪٿي بہ نہ هو...... هاڻي مون وٽ پنج روپيہ ۽ مري ويل ٻار هو.
مون سسٽر کي چيو: ”مون وٽ فيس جا پيسا ناهن، مان کڻي ٿي اچان، مون لاءِ مشڪل آهي هاڻي اسپتال ۾ رهڻ، تو وٽ منھنجو مري ويل ٻار امانت آهي، مان پيسا کڻي اچان ٿي، ڀڄي نہ ويندس.“
مان ڏاڪڻن کان هيٺ لھي ويس. مون کي 105 ڊگري بخار هو. بس تي سوار ٿي ويس. گهر پھتم تہ منھنجي ڇاتين مان کير وهي رهيو هو. مان کير گلاس ۾ ڀري رکي ڇڏيو.
ايتري ۾ شاعر ۽ ٻيا اديب حضرات اچي ويا. مون شاعر کي چيو: ”پٽ پيدا ٿيو هو..... پر مري ويو....“
ان سرسري ٻُڌي ڪري پنھنجي نقاد دوستن کي ٻڌايو. ڪمري ۾ ٻہ منٽ خاموشي رهي ۽ اڳلي ٽئين منٽ گفتگو شروع ٿي وئي.....
...... فرائيڊ جي باري ۾ تنھنجو ڇا خيال آهي؟
....... فيدور دوستو وسڪي ڇا ٿو چوي؟
........ سعدي ڇا چيو؟
......... ۽ وارث شاھہ وڏو ماڻھو هو........
هي ڳالھيون تہ مان روز ٻڌندي هيس، پر اڄ لفظ ڪجهہ وڌيڪ صاف ٻڌجن پيا. مون کي ايئن لڳو ڄڻ هي سڀ وڏا ماڻھو منھنجي رت ۾ هجن، دوستو وسڪي ۽ فرائڊ منھنجي رحم مان منھنجو ٻار پٽي رهيا هجن.
ان ڏينھن علم منھنجي رت ۾ وڏا ٽھڪ ڏئي رهيو هو. ان ڏينھن علم پھريون دفعو منھنجي گهر آيو هو. منھنجي ٻار جو جنم ڏس! بس هڪ ڪلاڪ گفتگو ٿي ۽ پوءِ خاموش اکيون مون کي ڏسنديون رهيون..... هي ماڻھو علم جا دريا عبور ڪندي ڪمري مان نڪري ويا.....
مان ڏاڪڻن کان هڪ رڙ ڪندي هيٺ لھي آيس، منھنجي هٿ ۾ 3 روپيہ هيا. مان پنھنجي دوست وٽ ويس ۽ ان کان 300 روپيہ اڌارا گهريم. هن ڏئي ڇڏيا. ان مون کي ڏسي ڪري چيو:
”ڇا تنھنجي طبعيت خراب آهي؟“
”بس مون کي ٿورو بخار آهي، مان وڌيڪ بيھي نہ ٿي سگهان ڇو تہ پيسا هڪ قرض خواھہ کي ڏيڻا آهن هو منھنجو انتظار ڪري رهيو آهي“
اسپتال پھتم بل 295 روپيہ جو ٺھيو. هاڻي مون وٽ وري مري ويل ٻار ۽ پنج روپيہ هيا.
مون ڊاڪٽر کي چيو: ”توهان چندو گڏ ڪري ٻار کي ڪفن ڏيو ۽ هن کي ڪٿي بہ دفن ڪري ڇڏيو. ٻار جي اصل قبر تہ منھنجي دل ۾ ٺھي وئي آهي.“
مان وڏيون رڙيون ڪندي ڏاڪڻن کان هيٺ لھي آيس. اگهاڙين پير مان روڊ تي ڀڄندي ڀڄندي بس ۾ اچي سوار ٿيس. ڊاڪٽرن سمجهيو شايد صدمي کان مان پنھنجو ذهني توازن وڃائي ويٺي آهيان. ڪنڊيڪٽر مون کان ٽڪيٽ نہ گُهري. ڇو تہ منھنجي ڪپڙن کان رت وهڻ لڳو هو. مان بس مان لھندي ڪنڊيڪٽر جي هٿ ۾ پنجين روپئي جو نوٽ رکندي هلي آيس.
گهر....گهر.... گهر.... پھچي.....
گلاس ۾ منھنجي ڇاتي جو کير رکيل هو، ڪفن کان بہ وڌيڪ اُجرو...... مون پنھنجي کير جو قسم کنيو!
شعر مان لکنديس! شاعري مان ڪنديس! شاعرہ مان چورائينديس.....۽ کير خراب ٿيڻ کان اڳ مون پھريون نظم لکيو .
اڄ چئني طرف کان شاعرہ شاعرہ جي آواز اچي ٿي. پر اڃا تائين ڪفن جا پيسہ پورا ناهن ٿيا......
مان پوءِ بہ هن بي حِس ٽانڊن تي ليٽي رهيس، ۽ هو مون ۾ هر روز رات جو زهر ڀريندو رهيو، مون هن کي ڪڏهن نہ چيو تہ ”تنھنجي ڪمري کان، منھنجي بدن کان هڪ روح وڇڙي ويو آهي...... مان خدا کان وڌيڪ خاموش رهيس...... جڏهن هو مون سان سمھندو هو تہ مون کي ايئن لڳندو هو ڄڻ وري منھنجو ڪو بي ڪفن ٻار مرڻ وارو آهي.....!!!

ٽيون قصو:
ٻي طلاق کانپوءِ هاڻي ٻيو شاعر منھنجي پويان پئجي ويو تہ توکي منھنجي ڪري طلاق ٿي آهي. مون سان شادي ڪر نہ تہ مان خودڪشي ڪري ڇڏيندس.... وغيره
هو منھنجي فليٽ جي هيٺيان ڪئي ڪلاڪ بيٺو رهندو هيو ۽ شھر جي معزز ماڻھن وٽ وڃي ڪري منٿ ڪندو هيو تہ منھنجي شادي سارا سان ڪرايو. 6 مھينا ايئن گذري ويا پر هُن جي مسلسل ساڳي ضد تہ شادي ڪر مونسان..... هڪ ڏينھن مون هُن کي سمجهايو تہ هاڻي منھنجو شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.... مون هن کي ايتري تائين چيو تہ جيڪڏهن مون کي چاهين ٿو تہ پوءِ شادي جي ڪھڙي ضرورت!؟
پر هو نہ مڙيو.... هڪ ڏينھن مون هن کي چيو:
”توکي مون سان شادي ڪرڻي آهي نہ؟“
چيائين: ”ها....“
مون چيو: ”وڃ.... وڃي ڪارڊ ڇپرائي ۽ سڄي شھر ۾ ورهائي مان توسان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
شادي ٿي وئي.....
صبح جو سس چوڻ لڳي: ”ڇا ٽِڪا نٿ پايون ويٺي آهين، منھنجي ڪنواري پُٽ کي ڦاسايو آهي تو....“
مان خاموشيءَ سان ٽِڪو ۽ نٿ لاهي رکي ڇڏيم. ۽ ٻيا ڪپڙا پائي ورتم. شاديءَ جي پھرين ڏينھن شاعر صاحب چوڻ لڳو:
”تون اڪيلي ٻاهر اچ وڃ نہ ٿي ڪري سگهين. هي اسانجي گهر جو دستور آهي.“
مون کي پاڙي وارن جي گهر وڃڻ جي بہ اجازت نہ هئي...... شادي جي هڪ هفتي کانپوءِ سس ۽ نڻانن جي نفرتن جي ڪري شاعر صاحب مون کي زمين تي ليٽائي منھنجي سيني مٿان ٽپا ڏيڻ لڳو. ۽ مون کي ايترو ماريو جو منھنجي جسم تي نيرا گهاوَ ٿي ويا هئا. مون کي ڪنھن سان ملڻ جلڻ جي اجازت نہ هئي. منھنجي هر رشتيدار، دوست يا اچڻ واري تي شڪ ڪيو پيو وڃي. مان سڀني گهر وارن جا ڪپڙا ڌوئندي هيس، بوٽ پالش ڪندي هيس.... ڇھہ نڻانون ملي ڪري مون کي گاريون ڏينديون هيون، ۽ مڙس اهڙو بدليو ڄڻ بازار مان ڪا لونڊي خريد ڪري آيو هجي. هڪ ڏينھن هن جي والدہ چيو:
”تو مون کان منھنجو پٽ ڦري وئي آهين.....“
مون چيو: ”امان فڪر نہ ڪريو مان توهان کي توهانجو پٽ واپس ڪري ڇڏيندس.“
پوءِ انھيءَ شام، مون سڀني کي گڏ ڪيو، ۽ شاعر صاحب کي چيم: ”مون کي هن وقت طلاق ڏي.“
هن چيو: ”طلاق نہ ڏيندم.... مان تنھنجي کَل لاهي ڇڏيندس، ۽ دروازي تي تالو لڳائي ڇڏيائين.“
مان وري اميد سان ٿيس.... منھنجي لاءِ اها ڳالھہ وڏي پريشاني واري هئي. ٻاهر بہ نہ پئي وڃي سگهان.... ۽ بن مانس منھنجا پير چٽي ڪاغذ جا ڪري ڇڏيا هيا..... هو مون کي ڇُھندو هو تہ مون کي ايئن لڳندو هو ڄڻ منھنجي دل ۾ ڪا زنجير لھي وئي هجي.....
هڪ ڏينھن مون هڪ وڏي ڪاغذ تي لکيو....... ”مان ٻار ضايع ڪرائڻ وڃي رهي آهيان، مان نہ ٿي چاهيان تہ تنھنجو گندو خون منھنجي رڳن ۾ رهي....“
۽ صبح اسر ويل5 بجي ڀت ٽپي ڪري هڪ ليڊي ڊاڪٽر وٽ پھچي ويس..... ۽ ٻار ضايع ڪرائي ڇڏيو. مون کي ڏاڍو تيز بخار چڙهي ويو. سڄو ڏينھن بستر تي ليٽي رهيس، شام جو اٿي گهر واپس هلي آيس. ايتري ۾ منھنجي نڻانن سڄي پاڙي ۾ هُل ڪري ڇڏيو تہ اسان جي ڀاڄائي ڀڄي وئي....“
پوءِ مڙس مون کي ايترو ماريو جو منھنجي جسم تي نيرا نشان پئجي ويا. پوءِ هو بُل ڊاگ چوڻ لڳو:
”وڃ .... وڃي ڪري منھنجا بوٽ پالش ڪر.... ان کانپوءِ چانھہ ٺاهي اچ.....“
پڙهڻ تي بہ پابندي هئي..... مان ٽوائلٽ ۾ وڃي ڪري شعر لکندي هيس. ۽ هو ڪُتو چوندو هو: ”عظيم شاعرہ منھنجا بوٽ پالش ڪري رهي آهي.....“
هن گهر ۾ مون تي ايترو تشدد ٿيو جو مون تي پاڳل پڻي جا دورا پوڻ شروع ٿي ويا. پوءِ هڪ ڏينھن مون پنھنجي سس کي چيو: ”مان توکي تنھنجو پٽ واپس ڪري ٿي وڃان، ان لاءِ مان بہ ماءُ آهيان ۽ ماءُ جو ڏک سمجهان ٿي“
۽ دروازي کان ٻاهر نڪري آيس.....

چوٿون قصو:
چوٿين شادي مان وڏي مشڪلاتن سان طلاق تہ حاصل ڪري ورتي هئي، پر ڪورٽ ڪچھري جون زنجيرون اڃان تائين کُلي نہ سگهيون هيون. هڪ ڏينھن جاگيردار پيغام موڪليو تہ توسان ضروري ڳالھہ ڪرڻي آهي، توسان ملڻ ٿو چاهيان...“ مان هلي ويم ملڻ...
”تو مون کي ڇو ٺڪرائي ڇڏيو آهي ان لاءِ جو مان جاهل آهيان، اسان عورت کي استعمال ڪريون تہ هوءَ ٻي چادر تائين پائي نہ ٿي سگهي، اسان روز عورت خريد ڪندا آهيون ۽ جڏهن هوءَ انڪاري ٿيندي آهي تہ پوءِ ان کي قتل ڪري ڇڏيندا آهيون، ان لاءِ مان چاهيان ٿو تہ تون مون وٽ رهہ.....!“
وڌيڪ چيائين تہ : ”تون مون وٽ رهہ، جيتري دولت گهرجي توکي ڏيندس.... گاڏي، بنگلو، زمين، ڳوٺ مطلب تہ هر شيءَ توکي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، تون نہ مڃيندينءَ تہ توکي قتل ڪري ڇڏيندس.... تنھنجون ٻئي ٽنگون ڪٽي ڇڏيندس، تنھنجون ٻئي ٻانھون ڪٽي ڇڏيندس جن تي توکي ايترو غرور آهي، جنھن سان تون لکندي آهين ۽ دنيا کي بيوقوف بڻائيندي آهين....“
مون چيو: ”مان توسان چند ڏينھن ئي گذاري سگهان پئي باقي جبر مون تي لازم نہ هيو، مون کي جاگير، دولت جي ضرورت ناهي، تون مون کي خريد ڪري نہ ٿو سگهين ۽ اھا تنھنجي ڀُل آهي تہ دولت سان هر شيءَ خريد ڪري سگهجي ٿي، مان اها عورت ناهيان جو مڙس جي حرم ۾ سڄي عمر روئندي رهان، مون کي پنھنجي حرم ۾ رهڻ جي دعوت ٿو ڏين ڪُتا!
تون مون کي قيد نہ ٿو ڪرين سگهين، منھنجو توسان ڪو بہ تعلق ناهي، آئندہ مون کي گهرائڻ جي ڪوشش نہ ڪجانءِ نہ تہ بڇڙو ڪندي سانءَ....“
۽ مان اتان هلي آيس....
ڪجهہ ڏينھن کانپوءِ مان ڪافي بيمار ٿي ويس تہ ڪراچيءَ جي نديم اسپتال ۾ داخل ٿيس.... جاگيردار هڪ ڏينھن اتي آيو، مون کي رت جي بوتل لڳل هئي، اچي چوڻ لڳو:
”اسپتال جو خرچ ڪير ڀريندئي، مان ان لاءِ آيو آهيان تہ توکي پيسن جي ضرورت هوندي“
مون جاگيردار کي ڏٺو ۽ چيو: ”ڊاڪٽر منھنجو علاج مفت ڪري رهيا آهن ۽ مون کي ڪوئي بل ناهي ڏيڻو.“
هو اتان هليو ويو. اسپتال مان آئي اڃان ٻہ ڏينھن مس گذريا هيا تہ جاگيردار جي ڀاڄائي مون وٽ آئي ۽ چيائين:
”فلان خالہ ڏاڍي بيمار آهي ۽ توکي ياد ڪري رهي آهي ۽ توسان ملڻ ٿي چاهي.“
مون چيو: ”سڀاڻي مان ان سان ملڻ ايندم“
ٻئي ڏينھن مان ان جي عيادت ڪرڻ هلي ويس. اتي جاگيردار ۽ هڪ ٻيو مرد موجود هيو. هن ٻئي مرد کي چيو تہ ٻئي ڪمري ۾ وڃ. هو ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو.
مون جاگيردار کان پڇيو: ”مون کي چڪر ڏئي گهرائڻ جو ڇا مطلب هيو؟“
هن ڪاوڙ ۾ مون ڏانھن نھاريو ۽ چيو: ”بڪواس بند ڪر، هاڻي تون هن گهر مان ٻاهر نہ وڃي سگهندينءِ، ڪيترن عاشقن جا خط توکي روز اچن ٿا ڪُتي؟“
مون چيو: “عاشق؟ منھنجي مٽي هن خوشبو مان غافل رهي آهي“
ان وري چيو: ”مون وٽ رهندينءَ يا نہ؟“
مون چيو: ”نہ بنِ مانس! مان تنھنجي حرم ۾ نہ رهنديس“
هو ڪاوڙ ۾ هڪدم اٿي بيھي رهيو، ۽ مون کي ايترو اچي ماريائين جو منھنجي جسم تي نيرا نشان ٺھي ويا. مان ان جي هر وار تي گاريون ڪڍنديون رهيم، جيترو ٿي سگهيو مان بہ ان تي هٿ کڻندي رهيم. هن اچانڪ ويھاڻي جي هيٺيان چاقو ڪڍيو ۽ منھنجي سيني تي وار ڪرڻ لڳو..... مان وار کان پاڻ بچائي ورتم... موت منھنجي ويجهو کان گذري وئي هئي، مان بہ وڙهندي رهيس، هن مون کي زمين تي ڪيرائي منھنجي مٿان چاقو جو وار ڪرڻ چاهيو مان ان کي سيني تي لت هڻڻ جي ڪئي تہ هن چاقو منھنجي ڄنگهہ ۾ وهائي ڪڍيو.... سڄي ڪمرو رت ٿي ويو. مان رتورت ٿي ويس.... مان زور سان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيم، منھنجي رڙين تي پاڙي وارا گهر اندر اچي ويا.... انھن کي ڏسي جاگيردار ڀڄي ويو. مان چاقو جي وار جي ڪري بيھوش ٿي ويس......
هوش آيو تہ گهر ۾ ڪير بہ ڪو نہ هيو.... قتل جي معاملي ۾ ڪير ٿو پوي؟