آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

ڊاڪٽر سومرو جي نانءُ خط

ڊاڪٽر سومرو!
آداب !

ڪاتب جي غلطي پھريان ئي نظرانداز ڪري ڇڏجو. توهان انتھائي انساني سطح تي جيڪو سلوڪ مون سان ڪيو آهي، ان کي ڪڏهن بہ وساري نٿي سگهان. اصل ۾ جنرل وارڊ ۾ انساني درد جون دانھون منھنجي برداشت کان ٻاهر آهن. ۽ اھا منھنجي ڪمزوري آهي تہ مان شور هنگامي ۾ نٿي رهي سگهان، هي منھنجو نفسياتي مسئلو آهي. هن کي منھنجي مجبوري سمجهو. ايڪس ري ٿي ويو آهي، ۽ مون بہ ڏسي ڇڏيو آهي، مادي ۾ السر آهي، علاج جي لاءِ ايندي رهنديس. اسپتال ۾ رهڻ ڇا ضروري آهي....؟ شور جي ڪري سڄي رات هڪ ڪرب ۾ گذري.... اميد آهي برو نہ لڳندو، مان گهر پئي وڃان.

انتھائي محبتن مان
سارا شگفتہ