آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

سارا شگفتہ

هن ڪتاب ۾ امرتا پريتم کي سارا شگفتہ جيڪي خط لکيا هئا، انھن خطن ۾ هن پنھنجي زندگيءَ جي سموري ڪَٿا امرتا پريتم کي لکي موڪلي هئي. امرتا پريتم جيئن جو تيئن سارا شگفتہ جي خطن مان سمورو مواد گڏ ڪري هڪ ڪتاب ”ايڪ تهي سارا“ جي نالي سان ڇپائي ورتا. هن ڪتاب ۾ سارا شگفتہ جي، سندس زباني ”آپ بيتي“ بيان ڪيل آهي. جنھن ۾ سارا شگفتہ جي زندگي سان وابستہ واقعن، قصن، يادگيرين ۽ خطن کي هن ڪتاب ۾ مختصر پر جامع مواد اوهان تائين پهچائڻ جي هڪ ڪوشش ڪئي وئي آهي. 27/ 28 سالن جي ڦوھہ جوانيءَ ۾ نہ ڄاڻ الائي ڪيتريون ئي تڪليفون، درد، ڏُک، سُور سھندي هوءَ ريل جي پٽڙيءَ تي خودڪشي ڪري وڃي آرامي ٿي.

Title Cover of book سارا شگفتہ

سارا شفگتہ جو تعارف (احسان آڪاش)

نظم جي دنيا جي اهڙي شاعرہ جيڪا زندگي سان وڙهندي وڙهندي پنھنجي حياتي جو ڏيئو هميشہ جي لاءِ اجهائي ڇڏيو. هن ڄاڻي ورتو هيو تہ ”عورت ڪڏهن شھيد ناهي ٿيندي“ تڏهن ئي تہ هُن پنھنجي لاءِ جيڪا راھہ چونڊي هئي، اها شريعت ۾ حرام راھہ هئي، پر سارا جي مذهب ۾ اها راھہ ئي حلال هئي.
هي سماج هڪ اڪيلي عورت لاءِ ڪيترو ڀيانڪ ۽ وحشي آهي ان جو اندازو ۽ حقيقي تصوير سارا شگفتہ جي هن زندگي نامي ۾ محفوظ آهي. بظاهر مذهب نظر ايندڙ ماڻھو هڪ اڪيلي ۽ تنھا عورت جي معاملي ۾ اندر ۾ سوئر ۽ ڪتو آهي، جيڪو صرف ماس پٽڻ ۽ کائڻ ڄاڻي ٿو. اهڙن مردن جي تشريح سارا پنھنجي نظمن ۾ ڪري وئي آهي، تنھن ڪري ئي هن جي نظمن تي اگهاڙپ جي ڇاپ لڳي وئي هئي، ۽ هُن جي لاءِ مشھور ڪيو ويو هيو تہ ”هوءَ هر ڪنھن سان سمھي پوندي آهي.“ پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي، ڪير بہ پنھنجي ڪتي جھڙي شڪل ڏسڻ لاءِ تيار نہ هيو. اهڙن واقعن ۽ الزامن کان تنگ اچي ڪري نيٺ هڪ دفعي سارا چئي ويٺي هئي تہ (هي ڪنڃر هٿ اڃا ڪيترو مون کي ذليل ڪندا...؟)
سارا شگفتہ جو جنم 13 آڪٽوبر، 1954ع بروز اڱارو، گوجرانوالا ۾ ٿيو. هوءَ جڏهن اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي تہ هُن جي شادي هڪ ڄٽ سان ڪرائي وئي. انھيءَ ڄٽ شخص سارا سان صرف سمھڻ ئي ڄاڻي سگهيو هيو، باقي جي زندگي حيوانن جيان سلوڪ ڪندو رهيو. سندس حياتيءَ ۾ هڪ ڪتاب نظمن تي مشتمل هيو، اهو شايع ٿيو هيو. ڪسمپرسي اهڙي جو جڏهن ڪتاب شايع ٿيو هيو تہ هوءَ چرين جي اسپتال ۾ زيرِ علاج هئي، اليڪٽرڪ شاڪ جي ذريعي علاج هلندڙ هو، هڪ ڊاڪٽر هن جو ڪتاب هٿ ۾ کڻي هن کي مبارڪباد ڏني هئي تہ ”ڏس تنھنجو ڪتاب شايع ٿيو آهي، هاڻي تون ملڪ جي وڏي شاعرہ ٿي وئي آهين“
هن لکڻ جي شروعات پنھنجي پھرين ٻار جي ضايع ٿيڻ کانپوءِ ڪئي. ۽ اهڙي ريت هوءَ اردو ادب ۾ پنھنجو هڪ الڳ مقام حاصل ڪيو. پر هُن جي شھرت ۽ عزت هن جي پنھنجن عزيزن کان سَٺي نہ ٿي، جنھن ڪري هوءَ اڪثر پنھنجن عزيزن کان الڳ ٿلڳ هڪ ڪرائي جي گهر ۾ اڪيلي رهندي هئي.
سارا پنھنجي زندگي جا 15 سال صرف تشدد برداشت ڪيو، ۽ باقي جا 5 سال هوءَ بيمار رهي، 2 سال مسلسل ذهني مريض طور هُن جي سڃاڻپ ٿي. بعد ۾ صرف هڪ سال سعيد سان گڏ هُن پنھنجي زندگي ۾ خوشگوار احساس محسوس ڪيو، ۽ 4/5 جون 1984ع تي هُن ٽرين جي هيٺيان اچي ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي.