سارا شگفتہ جا امرتا پريتم ڏانھن لکيل خط
امرتا باجي!
منھنجا تمام سج اوهان جي نانءُ !
منھنجي پکين جي شام بہ چورائي وئي آهي. اڄ ڏک بہ ڄڻ رُٺل آهي. چوندا آهن فيصلا ڪڏهن بہ فاصلن جي حوالي نہ ڪجن.... پرمون تہ اڄ تائين فاصلا ڏٺا ئي ناهن.... هي ڪھڙو آواز آهي، جيئن ڪا رات سڙيل ڪپڙن ۾ گهمي رهي هجي.... جيئن قبر تي ڪو اک رکي ويو هجي..... مان ڀِت سان گڏ ڪيترا ئي ميل سفر ڪيو، ۽ انسانن کان آزاد ٿي ويس. قدم قدم تي گهونگهٽ جي فرمائش آهي پر منھنجي ويجهو شرم هڪ اونداهي آهي. شرم ڇا ٿيندي آهي؟ شرم مُئل غيرت هوندي آهي. جسم کان علاوه مان شعر بہ چوندي آهيان..... شھوت ۾ غرق ماڻھو مون کي داد ڏيندا آهن تہ منھنجا گناھہ ٻري اٿندا آهن. اُس کي باھہ لڳي آهي، ڪپڙا ڪٿي سُڪايان؟ چڻنگين جي مقدر ۾ باھہ ضرور لڳندي آهي.
امرتا باجي! دل ڏاڍي اداس آهي. سو اوهان سان ڳالھہ ڪري ورتم.... اڄ ڪلھہ مون وٽ صرف ديوارون ۽ وقت آهي.... اسان تہ توهان جي محبت ۾ ڪنارن کي وڃائي ڇڏيو ۽ سمنڊ جي حامي ڀري ورتي.... موسم جي قيد ۾ منھنجو لباس ڇو رهي؟ مان صدين جي ماءُ آهيان... منھنجي رات ۾ داغ صرف چنڊ جو آهي.... اکيون مون کي ڇو ٿيون ماپن؟ ڇا انسان جي جسم ۾ ئي سڀ راز رهجي ويا آهن؟ دعا جيڪڏهن زهر بڻجي پوي تہ خدا وٽ پُٽ پيدا ٿيندو آهي. منھنجي ڏک تي خدا چيو تہ ”مان تنھا آهيان“
مٽي ٻولي لڳائيندي آهي موسم جي، سچ اھو آهي تہ ڪائنات جي خاتمي تي جيڪا شيءَ رهجي ويندي اهو صرف وقت هوندو..... مان پنھنجي رب جو خيال آهيان، ۽ مُئل آهيان....
سارا شگفتہ
22 مئي 1981ع
لياقت اسپتال _ ڪراچي
◘
امرتا!
ڏاڍي بيمار آهيان، اليڪٽرڪ شاڪ سان علاج ٿي رهيو آهي. اعصابن تي ڏاڍو اثر پيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هٿ ۽ زبان ڏڪڻ لڳندا آهن. هاڻي جسم بہ شايد معذوري جي حالت ۾ آهي. وارڊ ۾ ڪير ڪنھن سان نٿو ملي. سڀ وڇڙي رهيا آهن. مان هٿ ڊگهيري خاموش پئي آهيان.....
امان ٻُڌائيندي آهي تہ جڏهن مون کي دورو پيو تہ مان بيھوش ٿي ويس.... ان کانپوءِ رڙيون ڪرڻ لڳس ۽ چار ڏينھن تائين ڪنھن کي سُڃاڻان نہ پئي.... رات جو هلندي رهندي آهيان ۽ دير دير تائين هلندي آهيان.... ٻيو تہ ٺھيو هاڻي تہ گهر جو رستو بہ وسري ويندو آهي.... چھرا ياد نٿا رهن، شعر لکندي چوندي آهيان تہ الائي ڇا لکڻ ويٺي هيس، الائي ڇا لکي رهي آهيان....
رپورٽ پڙهيم تہ دماغي رپورٽ ۾ لکيل هو...... اڳتي دورو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو....
سارا شگفتہ
◘
16 جون 1981ع
امرتا!
ڇا لکان.... هڪ لفظ فروش وٽ ويس.... چيائين: ”سارا ڏاڍي بيمار پئي لڳين....“
لفظ ماري کي ڪٿي نہ ڪٿي تہ مون کي پڄائڻو هوندو آهي نہ! چوڻ لڳو: ”فلان جي گهر واري چئي رهي هئي تہ شاعرہ تہ سُٺي آهي پر رئي سنڀالڻ جو عقل ناهي....“
منھنجو تہ جنم ئي بي ترتيب آهي، وجود ۾ تہ صرف خالي مٽي لڳل آهي. ڇا چوان.... گهر ماپيان ٿي تہ سِر هٿ ٿي اچي.... موت جھڙي مسڪراهٽ آخري چھرو رکي ٿي.... هڪ تنھائي.... ٻيو ڪتاب..... ڪھڙي زبان رکي ٿي.... آخر انسان وڌي بہ ڪيئن سگهي ٿو.... انسان کي ترتيب ڏيندي ڏيندي مان تہ حرامزادي ٿي ويس.... ڇا مسجدن جون سِرون چورائي نٿيون وڃن؟ هي دنيا لفظن مان معنى چرائڻ وارن جي دنيا آهي. محبت لفظ مان بہ معنى چورائي هن لفظ کي کپائن ٿا... دين.... ايمان..... مذهب...... ۽ ادب.... ڪھڙو اهڙو لفظ بچيو آهي جنھن جي معنى کي چورائي هنن لفظ فروشن ان کي فروش نہ ڪيو هجي.....
امرتا! طبعيت ڏاڍي خراب آهي... هڪ مھيني کان سُتي ناهيان، ڪنھن وقت بہ دورو پئجي سگهي ٿو. انسان ان وقت لکندو آهي جڏهن ان وٽ ان کان علاوه ٻيو ڪو رستو ناهي هوندو... منھنجي ابتدا بي ضميري سان ٿي انڪري پوري زندگي ضمير کي تلاش ڪندي رهيس.... ڪجهہ بہ تہ ناهي مون وٽ..... قلم جي نوڪ پنھنجي دل ۾ ٻوڙيان ٿي ۽ لاشعور لکان ٿي... مون تہ اڃا قلم کي پڪڙڻ سکيو ئي ناهي....
سارا شگفتہ
◘
15 نومبر 1981ع
امرتا!
احمد سليم کان علاوه پاڪ ۾ ٻيو ڪو انسان ناهي جنھن سان ڏينھن گهاري سگهان.... ان کي وڌيڪ تنگ بہ نٿي ڪرڻ چاهيان... ان کان علاوه ٻئي ڪنھن سان ملڻ لاءِ دل نٿي چاهي، تنھائي جي پير جي تريءَ تي خاموشي کي رکي مان پاڻ کي ڳڻي رهي آهيان.
هن وقت تائين مون کي 21 اليڪٽرڪ شاڪ لڳي چڪا آهن. ڪڏهن ڪڏهن تہ گهڙي جي مقدار کان بہ وڌيڪ وحشت ٿيڻ لڳندي آهي. پر مان هڪ وڻ جيان بيٺي آهيان. نہ خاموش آهيان نہ هلي ٿي سگهان.... ڪاغذ کان وڇڙڻ وارا زمين کان ڪڏهن وڇڙندا آهن؟ لڳي ٿو قلم ۽ ڪاغذ بڻجي وئي آهيان ۽ انسان وساري رهي آهيان.....
منھنجو صرف هڪ انٽرويو ڇپيو آهي، ڄڻ گناهن جي نبوت ملي وئي هجي... جيڪڏهن منھنجو ”زندگي نامو“ ڇپجي وڃي تہ گهٽ گهٽ ۾ محشر جي روز منھنجي اڪيلي قبر جو اڪيلو خدا هجڻ گهرجي.... ڪٿي فرشتا منھنجي وس ۾ نہ اچي وڃن....
ڇا لکان؟ گذريل ڏينھن ۾ هڪ صاحب چيو: ”سارا تہ پليت لفظ لکندي آهي، ان ڪري انجي شھرت آهي ۽ مرد انھي جي ڪري ان کي داد ڏين ٿا ۽ ڪلام ٻڌن ٿا.....“
مون کي لکڻ مان فرصت ملي تہ مان شھرت کي ڏسان..... هڪ ٻيو صاحب چيو: ”ادب ضمير کان پيدا ٿيندو آهي“
هڪ تنقيدي بيٺڪ ۾ هڪ جملو ڪجهہ هن طرح جو هيو: ”سارا! پنھنجي جسم ۽ پنھنجي شاعري ۾ ڪجهہ تميز پيدا ڪر....!“ هي محض هڪ گار هئي.... جيڪو مون برداشت ڪيو.... ۽ پوري ڪوشش ڪيم بس صرف ايترو چيم تہ: ”صاحب! مان تہ بي ضميري لکان ٿي مون کي معلوم آهي تہ تميز ۽ ضمير ڇا کي چوندا آهن؟ ان جي لاءِ منھنجي نظمن تي صرف بي ضميرن کي حق آهي.....“
هڪ ڏينھن هڪ شاعر چيو: ”نماز پڙهندي ڪر“
حالانڪہ ان جو قد جانماز کان بہ گهٽ هيو. پوءِ هڪ نقاد چيو: ”ڌيءُ.... هي لڇڻ سٺا ناهن....“ ۽ رومال مان پنھنجي گِگ صاف ڪرڻ لڳو.
ڪنھن ٻئي چيو: ”بنا ڄار جي مڇي آهي، پر مان تہ ڀيڻ چئي ويٺو آهيان، هاڻي توهان ڄاڻو....“
هي عالم، هي ڪمرن جا باشندہ، هي نقاد، هي شاعر، هي اديب، هي عزتدار پنھنجي قد کان بہ گهٽ نسل جا ڪُتا آهن.
سارا شگفتہ
◘
1982ع
امرتا!
ضمير کان وٺي بي ضميري تائين جو سفر منھنجو پنھنجو آهي. طلاق کانپوءِ مان پنھنجي ماءُ جي گهر نہ ويم.... بلڪہ هڪ بيوھہ عورت جو ڪمرو ڪرائي تي وٺي ڇڏيو.... ڪجهہ ڪتاب هيا مون وٽ.... ڊگري هئي، مون وٽ چادر تائين بہ نہ هئي..... ان عظيم بيوھہ مون کي بستر ڏنو.... هي تہ هر فقير کي ملي ويندو آهي. پر ان جي سڀ کان عظيم ڳالھہ اھا هئي تہ ان هڪ اڪيلي عورت کي گهر ڪرائي تي ڏنو، هونئن عام طور تي هڪ اڪيلي عورت اهڙي ريت گهر يا ڪمرو ڪير ڪرائي تي ناهي ڏيندو....
منھنجي مڙس مون کان ٻار کسي ڇڏيا هيا، منھنجو هر عذاب زمين تي وهندو رهيو.... مان ٽي انسان ڄڻڻ کانپوءِ بہ اڪيلي هيس... تہ مٽي کان وڌيڪ بُکايل هيس.... رات کان پھرين چنڊ نڪري اچي تہ داغ لڳي ويندو آهي. سج پنھنجا چنبا آهستي آهستي بند ڪري رهيو هو ڄڻ اڪيلي دعا خدا کي ڳولڻ نڪتي هجي.... اکين جي کينچل سان منھنجو لباس سبيو ويندو هو.... ڏک بہ نابين ٿيڻ لڳا هيا... قافلن جون گهنٽيون هڪ اڪيلي عورت کي ايترو تہ ڊڄارين ٿيون جو خوف پٿر ٿيڻ لڳو آهي....
منجھند جو ماني نٿي گهران، اکين جھڙي ڪاري رات بُک کي نابينا ڪري ڇڏيو آهي. خواهش جي پھرين گهڙي منھنجا ٽاڪا کولي ٿي ۽ منھنجي ڪپڙن جا رنگ پاڳل ٿي ويا آهن.
رستن جي اڌ جُتي سان منھنجي عورت جا پير ننگا رهڻ لڳا آهن، بينائي جي تابوت جون ميخون هاڻي ٽُٽڻ لڳيون آهن. منھنجي ڏک جي پراڻي قبر تي روز نئي مٽي وجهي ٿي وڃي تہ انسان ان کان وڌيڪ موت کي ياد نٿو رکي سگهي.....
منھنجي زبان رانديڪا ٺاهيندي ۽ منھنجي رت مان لغر اڏامندا پر منھنجي ٻارن وٽ سڳو ناهي.... انھن جي ڪپڙن مان سج ضد چورائي ڇڏيو آهي. ٻارن وٽ سج جو آخري رنگ بہ ناهي.... ۽ ٻارن جي هٿ تي سج جو رت رهجي ويو آهي....
مون هن شھر کي ماءُ جيان پاليو آهي، هن وقت بہ جيڪڏهن ڪير اڌ رات جو منھنجي گهر جو دروازو کڙڪائيندو تہ سارا شگفتہ گهر مان نڪري پوندي.... منھنجي محبت ۽ منھنجي ايثار کي ماڻھن هميشہ غلط رنگ ۽ زمين ڏني....
سارا شگفتہ
◘
12 اپريل 1982ع
امرتا!
دشمنن، منھنجي ٻارن جي دل ۾ عزت جو ٻڄ ڇٽي ڇڏيو آهي.... هڪ ڏينھن مان پنھنجي ٻارن جي اکين ۾ پاڻ لاءِ نفرت ڏٺي.... مون کي يقين نہ آيو.... هي مان برداشت نہ ڪري سگهنديس..... ڇا منھنجي سچاين جو ڍل مون کي پنھنجي ٻارن کي بہ ڏيڻو پوندو....!؟ جن جي لاءِ منھنجي اکين ۾ ڳوڙها ناهن..... هٿن ۾ ڪا دعا ناهي.... ڇا اهي مون کان ايترو وڇڙي چڪا آهن؟ ها امرتا! روايت ۽ سوسائٽي جو زهر اهي عزت جي پيالي ۾ پيئڻ لڳا آهن...
عزت جي بين تہ مان ننڍپڻ کان ٻُڌندي پئي اچان.... ڪاش منھنجا ٻار مون وٽ هجن ها.... مان انھن کي سچ تي رستي تي هلڻ سيکاريان ها.... جڏهن بہ مان ٻارن سان ملڻ ويندي آهيان تہ مون کي لڳندو آهي تہ انھن ٻارن جي دل ۾ ماءُ جي ڄڻ قبر هجي..... پھريون خوف ٻارن جي دل ۾ اھو وڌو ويو تہ ”هي توهان جي ماءُ غير مردن سان ملندي آهي، ڳالھائيندي آهي ۽ سگريٽ پيئندي آهي....“ ٻيو خوف جيڪو ان جي عمر کان وڏو آهي..... اڃا منھنجي ٻارن جو قد منھنجي گريبان کان ننڍو آهي.....
امرتا! مان ٻارن جي لاءِ اکين کان وڌيڪ تڙپي آهيان.... جيڪڏهن ٻارن وڏو ٿي ڪري ”ماءُ“ جي علاوه ڪو ٻيو لفظ چيو تہ سارا تہ پنھنجي قبر ۾ بہ نہ لھي سگهندي..... انسانن جا داغ ڌوئندي ڌوئندي منھنجا هٿ ڪارا ٿي پيا آهن.... مان ضمير کان وڌيڪ جاڳي پئي آهيان .... خاموشي منھنجي دل آهي پر سمنڊ کان وڌيڪ شور مچائڻ چاهيان ٿي.... مان ننگي سج کان وڌيڪ خوبصورت آهيان پر سياه پوش آهيان....!
ڪڏهن ڪڏهن ذهني توازن بگڙجي وڃي ٿو.... گذريل ڏينھن ٻہ اليڪٽرڪ شاڪ لڳا تہ طبعيت ڪجهہ بھتر ٿي.... ان کان وڌ موت بھتر آهي.... پر خدا پنھنجي شڪار کي ايترو آساني سان نٿو ڇڏي..... مان خدا جي زبان مان ٽٽل هڪ رانديڪو آهيان....
هڪ ٻي ڳالھہ !
ٻن ڏينھن کان لڳاتار لکي رهي آهيان... تہ ڪمري ۾ ڪافي ردي جمع ٿي وئي آهي... منھنجي ڀيڻ ردي جمع ڪري ٻاهر اڇلائڻ لڳي.... ايتري ۾ امي اچي وئي ڀيڻ کي چيائين: ”ڪاغذ ٻاهر اڇلائي ڪري محلي ۾ اسانجي عزت خراب ڪندينءَ، هنن ڪاغذن کي جلائي ڇڏ....“
ها امرتا! منھنجي ڪمري مان جيتري ردي نڪرندي آهي، امي سڀ جلائي ڇڏيندي آهي ۽ چوندي آهي ”تون ننگا ۽ بيھودہ لفظ نہ لکندي ڪر....“
۽ پوءِ مان لفظن کان وڌيڪ خاموش رهڻ لڳندي آهيان.... هي مان ڪھڙي سنسار ۾ اچي وئي آهيان امرتا!؟
پُٽ ڏسي تہ نفرت.... ۽ ماءُ منھنجي چِتا کي باھہ ڏيڻ لاءِ آس لڳائي ويٺي آهي.... ڀائر چون ٿا ..... هي پاڳل آهي، نہ تہ هوش ۾ انسان ايترو ٿورئي لکي سگهي ها.....!
گهروارن کي ۽ هن نام نھاد سوسائيٽي کي مون سان شڪايت آهي تہ مان پنھنجو گهر نہ ٿي وسايان.... پر مان چوان ٿي..... امي جان! مانيون تہ هزارين عورتون پچائن ٿيون ۽ پوءِ پنھنجي ئي جھنم ۾ مري وڃن ٿيون.... مون کي ڪڻڪ کان وڌيڪ انسان جي تلاش آهي.... مان ايترو پري ڇو وڃان....؟ منھنجي ماءُ جي مڙس ٻہ شاديون ڪيون ۽ منھنجي ماءُ سٺ سال روئي گذاريا..... هي تعلق جو ڪھڙو قسم آهي جو عورت ۽ مرد جبر جي حالت ۾ ستر ستر سال گذاري ڇڏين....!؟
حالانڪہ اسلام ۾ آهي تہ ”جيڪڏهن مومن جي دل ۾ ڪيڙو آهي تہ پوءِ هر تعلق حرام آهي.“ ۽ هڪ ٻي حديث ۾ آهي تہ ”جبر جي ماحول ۾ پکي بہ پنھنجن آکيرن ۾ مري ويندا آهن.“
امرتا! ڪو مندر، ڪا مسجد، ڪا گرجا اهڙي ناهي جتي مان پنھنجي ڪپڙن مان نفرت کي ڌوئي سگهان..... مان ڪمري ۾ پنھنجو آواز وساري ويٺي آهيان..... منھنجي بدن تي پکي نٿا ٻولين.... منھنجي ساهن ۾ سج ٻُڏي رهيو آهي.... مان اکين ۾ پُوري وئي آهيان....
امرتا! مان هتي ڪنھن سان ناهيان ملندي.... احمد سليم سان ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿيندي آهي. تمام گهڻا ماڻھو مونسان ملڻ چاهين ٿا.... پر مان پاڻ ملڻ پسند ناهيان ڪندي.... هي سڀ ڪوڙ جي وَٽ سان مون کي ماپڻ، تورڻ چاهين ٿا.... مان اڪيلي گهمندي رهندي آهيان، ۽ ڏاڍي اداس رهندي آهيان، سمنڊ جي ڪناري وڃي ويھي رهندي آهيان ۽ سمنڊ سان ڳالھيون ڪندي آهيان..... خاندان جون ڇوڪريون بہ مون کان پري رهنديون آهن، انھن کي سختي سان منع ٿيل آهي.....
ڏس امرتا! ڪيتري تنھائي آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن تہ آسمان کي ڏسي ڪري ڪيتري وقت تائين روئندي رهندي آهيان. بدن جي قيد کان آزاد آهيان.... ۽ روح کي ڪنھن ڏٺو آهي... وقت ٿورو رهجي ويو آهي؟ امرتا! مان هلي وينديس..... بدن جي قبر ۾ گهڻا ڏينھن رهڻ سان روح کي زنگ لڳي ويندو آهي....
امرتا! منھنجا ٻار هڪ ڏينھن تو وٽ ايندا، انھن کي چئجانءِ ”تنھنجي ماءُ خدا کان بہ وڌيڪ توهان سان پيار محبت ڪندي هئي، ڇو جو ان تي خدا کان بہ وڌيڪ خاموشي سکي ڇڏي هئي.....“
سارا شگفتہ
◘
05 سيپٽمبر 1982ع
امرتا!
تون جھڙي ريت محبت سان منھنجي حوصلا افزائي ڪئي آهي، مان انھيءَ محبت سان پنھنجا سڀ دريا تنھنجي مُٺ ۾ قيد ٿي ڪريان....
امرتا..... منھنجي امرتا! هي سڀ تنھنجي محبت آهي..... نہ تہ مان تہ هٿ مان ڪِريل دعا مثل آهيان.... ها امرتا! هاڻي آواز کي صرف گنبذ ۾ قيد رهڻ نہ گهرجي... منھنجي گهر آئي آهين تہ ڏس منھنجو گهر بہ..... ڪڏهن ڪڏهن منھنجو ايترو ذهني توازن بگڙجي ويندو آهي جو امي ٻڌائي ٿي تہ ”مان اڪثر رات جو پنھنجا سڀ ڪپڙا لاهي ڇڏيندي آهيان ۽ نہ ڄاڻ الائي ڇا جو ڇا وڦلندي وتندي آهيان....“ هر ٻئي يا ٽئين ڏينھن اهڙو دورو پوندو آهي. منھنجي لاءِ هي صورتِ حال افسوسناڪ آهي.... مان پاڳل نٿي بڻجڻ چاهيان. اڃا تہ مون کي کوڙ سارا ڪم ڪرڻا آهن.
امرتا! حالات ڪجهہ ٺيڪ ناهن، 22 ڏينھن لاهور قلعي ۾ قيد رهيس، سزائون وڏيون سخت آهن.... هڪ تہ بيماري مون کي بزدل بڻائي ڇڏيو آهي. ”انساني صحيفو“ جي باري ۾ ٿوري محتاط آهيان ۽ پاڪستان ۾ اھو ڪتاب ڇپجي بہ نٿو سگهي.... مون کي خبر آهي اھو ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ منھنجي سزا ڦاسي کان گهٽ نہ هوندي..... پر مون کي ڪا پرواھہ ناهي.... نہ ڄاڻ هڪ هڪ ڏينھن ۾ ڪيترا دفعہ ڦاهي تي چڙهي آهيان.... ڪاش مون کي هڪ سال صحتيابي جو ملي پوي.... تہ مان پنھنجا سمورا رهيل ڪم ختم ڪري وٺان.... هتي سختي وڌيڪ آهي، منھنجا کوڙ سارا خط سينسر ٿي وڃن ٿا..... صحت ٺيڪ ٿي تہ ضرور هندوستان چڪر لڳائيندس، پوءِ مان پنھنجي امرتا سان ڍير ساريون ڪچھريون ڪندس.... امرتا تنھنجي ڪري ئي سارا زنده آهي.....
سارا شگفتہ
◘
11 آڪٽوبر 1982ع
امرتا!
اليڪٽرڪ شاڪ لڳڻ جي ڪري اڃا تائين طبعيت ۾ سڌارو ناهي آيو. مان تہ هڪ مذاق آهيان امرتا.... 21 ڏينھن پاڳل خاني ۾ رهي آئي آهيان. ڪڏهن پاڳل خاني، ڪڏهن گهر.... تون جنھن محبت سان مون کي خط لکيا آهن، ان جي لاءِ محبت لفظ بہ ننڍو آهي. منھنجا هٿ ڏاڍا ڏڪڻ لڳا آهن، جسماني تڪليف وڌي وئي آهي. ڏڪندڙ هٿن سان توکي خط لکي رهي آهيان. هڪ ماءُ ئي آهي جيڪا مون سان منھنجي وحشت ۾ شريڪ ٿيندي آهي. باقي تہ سڀ ماڻھو نہ زمين بڻجي سگهيا نہ ڳوڙها..... تمام رات هٿن ۾ گذري ويندي آهي. دار تي سمھان ٿي، جيل جي قيد بامشقت ڪٽيان ٿي. ڏاڍو سناٽو آهي... ياداشت بہ ڏاڍي خراب ٿي وئي آهي. ڪجهہ ڏينھن پھريان تہ ڪنھن کي بہ نہ پئي سڃاڻان.... هاڻي اڪيلي ڪيڏانھن نٿي وڃي سگهان، رستو ڀلجي وڃان ٿي....
بيماريءَ جي ڪري ڪتاب بہ ڇپجي نہ سگهيو.... بس صرف پريس وڃڻ باقي آهي. باقي تمام ڪم ٿي ويو آهي. جيئن ئي طبعيت ٿوري ٺيڪ ٿي وٺي تہ پنھنجي امرتا وٽ ضرور هندوستان ايندس... ڇانوَ جو در تہ وڻن وٽ ئي هوندو آهي.... باھہ جو رنگ منھنجي پيرن تي رهڻ لڳو آهي، مان پاڳل ٿيڻ نٿي چاهيان امرتا! هڪ ذهن ئي هو هاڻي اهو بہ ساٿ ڇڏيندو پيو وڃي.
امرتا! دعا فقير کان وڌيڪ بُکايل هوندي آهي. مان ڪيتري مٽي هلندي آئي آهيان امڪان جي جُتي ٽُٽي رهي آهي ۽ دل ۾ دعا آهي. امرتا! ڪاش تون مون سان گڏ هجين ها..... هتي.... ڪڏهن ڪڏهن تہ سڄي رات رڙين ڪرڻ وارو دورو پئجي ويندو آهي. جڏهن هوش ايندو آهي تہ ڏاڍي شرمندہ ٿيندي آهيان. گهر وارا ويچارا خوامخواه پريشان ٿي ويندا آهن. سڄي رات هلندي رهندي آهيان پير سُڄي ويا آهن. دعا ڪر امرتا! تہ هاڻي بس خاموش ٿي وڃان.... ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي تہ منھنجي جيڪڏهن شادي ٿي ويندي تہ مان ٺيڪ ٿي ويندس.... رشتا تہ ڏاڍا ٿا اچن امرتا! دوست نٿا ملن.... مان ڇا ڪريان؟ ڳالھہ کي وڌيڪ سمجهي وڃڻ بہ تہ ڏک جي علامت آهي. مان ڪوڙ، ٺڳي، فريب، ڌوڪي کان تہ واقف آهيان پر رشتو ڪنھن سان ٺاهيان....؟
تنھنجي خط اچڻ سان نئين زندگي ملندي آهي.
سارا شگفتہ
◘
25 نومبر 1982ع
امرتا!
منھنجي زندگيءَ ۾ ڪيئي مرد آيا، مان صرف هڪ اڌ مرد جي حيرت ۾ شريڪ آهيان. عمر ڇو تہ وڏي آهي، ان جي لاءِ رانديڪا جلد ٽُٽي پوندا آهن. اڪثر تنھا ئي سمنڊ تي ويندي آهيان، سمنڊ جي هڪ بہ سوال جو جواب اڄ تائين ناهيان ڏئي سگهي. ذات ۾ عياري ۽ مڪاري ناهي، جيڪو ملندو آهي منھنجون سچايون ٻڌي ڪري قدم چورائي وٺندو آهي. منھنجي لکڻ جي ڪري گهر وارا مون سان شديد نفرت ڪندا آهن، چوندا آهن ”تون خاندان جي مٽي پليت ڪري رهي آهين، سٺو ٿئي جو موت جي مار پوي توکي.... هر ايندڙ ڏينھن اخبارن، رسالن ۾ تنھنجون اگهاڙيون تحريرون ڇپبيون رهنديون آهن. اسان جو نڪ وڍجي ويو آهي.“ گهر ۾ اچانڪ جيڪڏهن ڪير مھمان اچي وڃي تہ امي جلدي سان ردي ميڙڻ شروع ٿي ويندي آهي، پوءِ منھنجا لکيل لفظ باھہ جي نذر ٿي ويندا آهن. تارازي جي هڪ پاسي هميشہ پٿر پيا هوندا آهن شايد انھيءَ جو نالو انصاف يا سچائِي آهي. پٿر ئي تہ انصاف ڪندا آهن. نفرت کان ڀريل اکيون جڏهن مون کي ڏسنديون آهن تہ مان پنھنجي دل کي پڙهڻ لڳندي آهيان.
سچائيءَ کان ماڻھو مرڻ لڳا آهن، تہ مئل ماڻھو جا ڪوڙ جمع ڪري رک تہ اسان کي ننگي اکين کي بہ دفنائڻو پوندو آهي.
مون زندگيءَ ۾ چار خودڪشيون ڪيون آهن. پر موت نہ آيو. خدا ڏينھن ڳڻي رهيو آهي تہ زهر امرت ٿي وڃي ٿو. هاڻي ڇھہ مھينا پھرين مون پنھنجو چوٿون ڪتاب ”اکيون“ مڪمل ڪري ورتو تہ وري ذائقو بدلائڻ جو خيال ٿئي ٿو. بازار کان زهر خريد ڪري آيم پوءِ پنھنجي پياري دوست امرتا کي خط لکيم وڏي تفصيل سان.....
انھيءَ رات امي مون کي چانھہ آڻي ڏني. مون چانھہ سان گڏ زهر بہ پي ڇڏيو. ۽ هڪ ننڍو خط بہ لکيو تہ ”مان خودڪشي ڪري رهي آهيان. هن دنيا کي ٿُڪڻ ٿي چاهيان.“ مون اهو خط امي کي ڏنو. امي پڙهيل لکيل ناهي، ان خط رکي ڇڏيو مون چيو هي خط صبح جو وڏي ڀاءُ کي ڏئي ڇڏجو....
سارا شگفتہ
◘
07 فيبروري 1983ع
امرتا!
اميءَ جي وفات کي اڃا ڪجهہ ڏينھن ئي مس ٿيا هيا، سڄو خاندان گڏ ٿي ويو، اميءَ جو ڪمرو خالي هيو. مان آڳر تي ويٺي هيس. منھنجو ڀيڻوئو آيو ان جي هٿ ۾ اخبار هئي، ان اخبار مون کي ڏني ۽ چيو: ” پڙهہ.....“
مون ان کان اخبار ورتي ۽ پڙهڻ لڳس....
_ سارا شگفتہ پنھنجي چوٿين مڙس کان بہ طلاق وٺي ڇڏي.
_ سارا شگفتہ جي والدہ اھو صدمو برداشت نہ ڪري سگهي، ذريعن جو چوڻ آهي تہ ان جو موت انھيءَ صدمي جي ڪري ٿيو آهي.
مون اخبار ميز تي رکي ڇڏي. پوءِ اها اخبار سڄي خاندان وارن کي پڙهائي وئي....
جنھن گهر ۾ مان ۽ امي رهندا هئاسين اهو امي جي نالي تي هيو وڏي ڀاءُ چيو ”هاڻي هي گهر شگفتہ ۽ خالد يعني منھنجي ننڍي ڀاءُ جي نالي تي ڪيو وڃي.“
مون چيو: ”مون کي ڪجهہ نہ گهرجي، هي گهر منھنجي ننڍي ڀاءُ جي نالي ڪري ڇڏيو.... “ گهر منھنجي ننڍي ڀاءُ جي نالي تي ليز ٿي ويو. انھيءَ ڏينھن امي جو ايڪيھون هيو منھنجو ننڍو ڀاءُ ۽ ڀيڻوئو مون کي چوڻ لڳا: ”اسان پاڙي، محلي ۾ نڪرون ٿا ماڻھو اسان کي اخبار ۽ رسالا ٿا ڏيکارين، ڳالھيون ٿا ڪن، تنھنجي موجودگي ۾ اسان هن گهر ۾، هن پاڙي ۾ نٿا رهي سگهون..... يا تون هتان هلي وڃ يا اسان هتان هليا ٿا وڃون..... تون چوٿين طلاق بہ ورتي آهي. هاڻي اسان جو توسان ڪو تعلق ناهي....“
ننڍي ڀاءُ اھو بہ چيو تہ ”ماءُ هئي تہ ٻي ڳالھہ هئي، تنھنجي آزادي، سگريٽ پيئڻ اسان برداشت ڪندا هئاسين، ماءُ جي مرڻ کانپوءِ تون اسان جو ڇا خيال ڪندينءَ؟ توکي تہ پاڻ پاڳل پڻي جا دورا ٿا پون....“
مان اچي آڳر تي ويھي رهيس.... ڪمري مان مسلسل آواز ايندا رهيا.... _
_ منھنجو خيال آهي شگفتہ کي پاڳل خاني ۾ داخل ڪرائي ڇڏجي. جتان هوءَ ڪڏهن بہ نہ نڪري سگهي. ۽ ڪاغذ، قلم تي پابندي لڳائي ڇڏجي...
_ خاندان کي تہ هن اخبارن جي سُرخي بڻائي ڇڏيو آهي.
_ اسان جي ماءُ کي هن ڏاڍا ڏک ڏنا آهن.
_ هي ڪڏهن هتان ويندي....؟
مون پنھنجا ڪتاب کنيا ۽ پاڙي ۾ رکي ڇڏيا، هڪ بيگ کنيو ۽ ماءُ جي گهر کي دل ۾ رکيو ۽ نڪري آيس.... وڃڻو ڪٿي هيو؟ پير اھو سوال ڪندا رهيا.... ڪنھن شاعر، اديب جي گهر؟ تہ سڀاڻي اخبار ۾ اھا خبر ڇپجي ويندي تہ ”سارا شگفتہ اڄڪلھہ فلان شاعر کي داد ڏئي رهي آهي.“
ڪيڏانھن وڃان؟ مائٽن وٽ؟ پر مان ۽ منھنجي ماءُ تہ اڪيليون رهنديون هيوسين. اسان جو ڪو مائٽ نہ هيو. منھنجي هٿ ۾ ڪپڙن جي هڪ ڳنڍ بہ هئي. منھنجي ماءُ جا اهي ڪپڙا هيا جيڪي زنده رهجي ويا هيا.
ماءُ جي ڪُک مان ڪريل سِڪا پھريان تہ ڪڏهن بہ بڪواس نہ ڪئي....
مان پنھنجي هڪ دوست جي گهر هلي آيس. ثروت سلطانہ وٽ.... في الحال اتي ئي رهان پئي... مان پنھنجي ننڍي ڀاءُ سان ڏاڍي محبت ڪندي آهيان. منھنجا ڀاءُ تون منھنجي ۽ پنھنجي وچ ۾ هڪ گهر کي چونڊي ورتو آهي. جيڪڏهن ٻي منزل کڻائڻ جو ارادو رکين ٿو تہ مون کان منھنجون اکيون وٺي وڃجانءِ، منھنجا هٿ، منھنجا قدم، منھنجا جذبا کڻي وڃجانءِ مان چاهيان ٿي منھنجا ڀاءُ تہ تنھنجو گهر وسيع هجي....
امرتا! حشر جو ميدان هتان کان ڪيترو پري رهجي ويو آهي؟ خدا کي منھنجي ماءُ جو نالو سڏڻو آهي مون کي پنھنجي ماءُ سان کوڙ ساريون ڳالھيون ڪرڻيون آهن.... جڏهن کان موت منھنجي ماءُ سان سچ ڳالھائي ويو آهي تڏهن کان منھنجي ماءُ مون سان نٿي ڳالھائي...
امرتا! ڪوڙو تعلق مون کان نٿو رکجي سگهي.... ماڻھو ستر ستر سال گذاري ٿا ڇڏين هڪٻئي سان... پر دل ۾ انھن جي ڪينو هوندو آهي. ڪڏهن اسلام چيو آهي تہ توهان جبر واري زندگي گذاريو؟ جيڪڏهن عورت کي هي ماڻھو هڪ ئي هنڌ مري کپي وڃڻ لاءِ چون ٿا تہ پوءِ اسلام ۾ طلاق ڇو رکي وئي آهي؟
مان انسان آهيان، جائيداد نہ آهيان... جيڪڏهن ڪير مون کي يعني عورت کي انسان نٿو سمجهي تہ اهو ماڻھو گهڻي دير تائين عورت جي ڏينھن تي نٿو ڀونڪي سگهي.....
امرتا! منھنجي ماءُ جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي. رهي ڳالھہ گهر جي تہ ڪجهہ نہ ڪجهہ ڪري وٺنديس.... ڏاڍي اداس آهيان.
سارا شگفتہ
◘
02 آگسٽ 1983ع
امرتا!
ياد ڏاڍي ٿي اچي، طبعيت هاڻي پھريان کان ٺيڪ بہ آهي ۽ نہ بہ... اڄ ثروت کي سليم جو خط مليو تہ امرتا جو حڪم آهي تہ سارا، عطيہ جي گهر رهي.... هاڻي مان عطيہ جي گهر رهان پئي. جلد هندوستان اچي ويندس. بس ڪجهہ طبعيت بھتر ٿئي... پوءِ پنھنجي امرتا سان صدين تائين ڳالھيون ڪندس....
امرتا! ڪجهہ ڏينھن پھريان يونيورسٽيءَ جا ڪجهہ شاعر نما ڇوڪرن مون کي چيو: ”سارا صاحبہ! هڪ و يھڪ رکي آهي اوهان جي اعزاز ۾“ انڪار ۽ ضد جي باوجود مون چيو: ”ٺيڪ آهي ايندس“
اتي ويم تہ اڪيلو گهر ۽ اڪيلو ڇوڪرو.... مون کي ڏسي چوڻ لڳو: ”ڪافي بڪواس ڪرڻ کانپوءِ، هڪ رات مون سان گذار.....“
مون چيو: ”هي رات توسان گذاري ڇڏي تہ باقي ٻيون راتيون ڪنھن سان گذاريندس.... ۽ گناھہ جو بہ ڪو مذهب هوندو آهي...؟“
امرتا! هڪ انڌو رستي تي بيٺو هيو. مون پڇيو: ”بابا روڊ ڪراس ڪرايان؟“
چيائين: ”اسٽيشن وڃڻو آهي. گاڏيءَ ۾ پنندس..... “
مون هن کي رڪشي ۾ و يھاريو ۽ چيو: ”هلو مان اوهان کي اسٽيشن تائين پھچائي ٿي اچان.“
امرتا! هو رڪشي ۾ مون کي لڪي لڪي ڇھندو رهيو..... ۽ مان نہ ڄاڻ الائي ڇا سوچي خاموش رهيس....
ڪائنات ۾ پنھنجو قدم رکي ويٺي آهيان،
ان ڪري اڌوري آهيان
موت جي اکين ۾ مون پنھنجي زبان رکي ڇڏي آهي
انھي ڪري منھنجو ذائقو ماڻھن جي زبان کي خراب ٿو لڳي
مان ذليلن وٽ نہ ٿي رهي سگهان.........
سارا شگفتہ
◘
امرتا!
ست ڏينھن پھريان مون سوچيو..... سارا بي بي! هاڻي گهڻو ٿيو، ڪيتريون ئي اکيون ناياب ٿي ويون، ٿُڪي ڇڏ هي جسم! مون هڪ خط توکي لکيو... ۽ هڪ خط پنھنجي رخصتي تي لکيو.... اهو خط مون پنھنجي ماءُ کي ڏنو تہ رکي ڇڏ.... صبح جو احمد سليم اچي تہ ان کي ڏجانءِ....!
هوءَ پڙهيل لکيل نہ آهي.... ان رئي ۾ خط کي ٻڌي ڇڏيو.... توکي جيڪو خط لکيو هو اهو ميز تي ئي پيل رهيو..... مون 40 ٽڪيون (گوريون) کاڌيون ۽ پنھنجي ماءُ جي ڀرسان سمھي پيس.... اک کُلي تہ جناح اسپتال جي صرف وارڊ تائين پھتي آهيان.... بقول امي جي تہ مون کي ٽن ڏينھن کانپوءِ هوش آيو.... جسم ڏُکي رهيو هو.... احمد سليم ڏاڍو ناراض هيو.... خير! اداس ماڻھن جون اکيون پائي مان وري ڪمري ۾ موجود آهيان.... ٿوري دير پھريان مون پنھنجي ماءُ کي چيو: ”مون جيڪو امرتا کي خط لکيو هو، اهو ڏي....“
امان ٻئي خط پنھنجي رئي سان ٻڌي ڇڏيا هيا.... ڳنڍ کوليندي چيائين ڪير ٿيندي آهي امرتا تنھنجي؟ هر وقت امرتا، امرتا ڪندي ٿي وتين.... تون روز ان کي خط لکندي آهين.... هڪ خط ان کي نہ ملندو تہ انجي خزاني مان ڪھڙي ڪمي ٿي ويندي؟ هي تہ ثبوت آهن، تنھنجو ڪھڙو ڀروسو؟ تون تہ چري آهين.... نہ ڄاڻ الائي ڇا ڪري ڇڏيو آهي انھن شاعرن، اديبن توکي؟ انھن ڪار زبان وارن..... توکي ٿي ڇا ويو آهي؟ ايترو نہ پڙهندي ڪر...... ڇو اچي خاندان کي لڄايو اٿئي..... اڙي ٻلي بہ ست گهر ڇڏي ڏيندي آهي.... ذري برابر بہ توکي غيرت ناهي.... ڇا ڇا پنھنجي نظمن ۾ لکندي رهندي آهين....؟ ۽ ان تي وري خودڪشي ڪري مون پوڙهي ماءُ کي جيل ۾ ٿي وجهرائڻ چاهين؟
سارا شگفتہ
◘
امرتا!
مان تہ جيئڻ جا واعدہ ٿي ڪريان.... جيڪڏهن ٺڳ کي خبر نہ پوي... ڏس نہ! روحن تائين اڏائي کڻي ٿو وڃي.... ڇا رنگ، رنگي ٿو... هي رنگ ساز جي بدن جي قيد کي برداشت ڪرڻ ضروري آهي.... تو جھڙي طرح محبت سان مون کي قيد ڪيو آهي. ان جي لاءِ منھنجا تمام لفظ، تنھنجي لاءِ احترام ۾ سر کي جهڪائي بيٺا آهن....
ڏکن جي ديوي! بدن جو رنگ ڦڪو پوندو پيو وڃي.... تو ڏاڍو مون کي چيو آهي تہ نہ وڃ.... چلو ديوار تي منھنجو اقرار نامو لکي ڇڏجانءِ!
طبعيت ۾ مزو ناهي.... لکندي لکندي لفظ وساري و يھان ٿي.... ڪڏهن تہ ايئن بہ ٿيندو آهي تہ هٿ ڏڪي رهيا هوندا آهن ۽ من لکڻ لاءِ پيو چوندو آهي پوءِ خبر پوندي آهي تہ لفظن جو سينو مون کان وڏو آهي.
ڪافي ڪتن جا آواز اچن ٿا.... سارا... سارا.... ڪير آهي.... ڄاڻان ٿي... ڪتو گوشت جي دڪان تي ڀونڪي رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن جيءُ چوندو آهي..... تہ بيوقوفيون ڪريان.... پر مصنوعي تعلق مان نٿي رکي سگهان....يا تہ تعلق هوندو آهي يا نہ هوندو آهي.....!
خدا .... اڃا وڌيڪ خاموش ٿيندو پيو وڃي.....مردن سان ڳالھائڻ، ملڻ جي ڪرڻ جي ڪري گهر وارا بہ نفرت ڪرڻ لڳا آهن.... ڏسون! ڇا ٿو ٿئي.... ڪنھن فوٽ پاٿ تي گذارو ڪرڻ پوندو شايد....!
سارا شگفتہ
◘
امرتا!
هڪ پاڙي واري چيو: ”هاڻي تنھنجي دل ٺري پئي هوندي، تنھنجي ماءُ جو تنھنجي ڪري هارٽ فيل ٿيو آهي.“
امرتا! ڇا اھو سچ آهي؟ ماءُ جي موت کان 15 ڏينھن پھرين مون زهر کائي ڇڏيو هيو. مون کي جناح اسپتال داخل ڪيو ويو هو. ڊاڪٽرن منھنجي ماءُ کي چيو هو هن جي بچڻ جي ڪا بہ اميد ناهي.... شگفتہ جي ڪفن دفن جو انتظام ڪريو.... منھنجي ماءُ ان وقت ڏاڍو رُني هئي. منھنجي رت ۾ منھنجي ماءُ جا آخري ڳوڙها رهجي ويا آهن.
تون منھنجي دوست آهين مون کي ٻُڌاءِ! ڇا مان پنھنجي ماءُ جو آخري ڏُک آهيان.... ٻُڌاءِ امرتا! هاڻي مان ڪڏهن بہ خودڪشي نہ ڪندس ان جي لاءِ جو منھنجي ننڍي ڀاءُ جي بہ ماءُ مري وئي آهي. ان جو بہ ڪير ڪونھي. مان پنھنجي ماءُ جي نشاني پنھنجي روح ۾ رکندس....
سارا شگفتہ
◘