عالي جناب جو استقبال
ڇو ته اڄ ملڪ جي عالي مرتبت، عالي جناب، فخرِ جھموريت، هڏ ڏوکي، همدرد، هردلعزيز، غريب پرور ۽ محبوب اڳواڻ جي آمد هئي. هر قسم جو اڳواٽ ئي اعلي انتظام ٿيل هيو. ٽي ڏيهاڙا اڳ سرڪاري ۽ خانگي بسون ۽ ويگنيون ٿاڻن تي جمع ڪرايون ويون هيون. سرڪاري ملازمن جون موڪلون رد ٿي چڪيون هيون. ايستائين جو اڄ سرڪاري طور تي، ڪنهن کي مرڻ جي اجازت به ڪونه هئي. سڀني سرڪاري ملازمن کي سرڪاري عهديدارن طرفان پروانا ملي چڪا هيا، ته پنهنجن سمورن نمڪ حرام ۽ نمڪ حلال اسٽاف سان گڏ اسٽيڊيم جي وسيع ميدان تي جمع ٿين . شهر جي خوشامدي ۽ برآمدي ماڻهن پنهنجن گوڏن کي تيل هڻي ۽ نڙين کي لوڻ جي گرڙين سان سڌو ۽ صاف ڪري ، پنهنجن کيسن ۾ عرضداشتون ۽ درخواستون رکي ڇڏيون هيون،ته جيئن بر وقت خدمتِ اقدس ۾ پيش ڪري نوٽ هڻائي ڇڏين . بي رحم ۽ سفاڪ مقامي سردارَ ۽ اڳواڻَ پنهنجين ڪَرڙين اکين ۾ مصنوعي چمڪ ۽ لبن تي مڪاريءَ سان ڀريل معصوم مرڪ سجايون آرام ڪرسين تي ٽيڪيل هيا. سندن اشارن تي، جُوءِ جي لاٺڙين راڄ جي ماڻهن کي صبوح کان اسٽيڊيم ۾ آڻي واڙي ڇڏيو هيو. ٻهراڙيءَ مان آيل ماڻهن بک ۽ بيزاري مان بيٺي اهڙيون حرڪتون پئي ڪيون، جيڪي شهر جي مهذب ماڻهن کي ناگوار پئي لڳيون . شهري ماڻهو وقت ڪاٽڻ لاءِ گهمندڙ ڦرندڙ گهورڙين کان پڪوڙا ۽ پاپڙ وٺي گذارن ڪري رهي هيا. موٽ ۾ ٻهراڙيءَ جي مجبور ماڻهن کين حقارت سان پئي ڏٺو ۽ هَڏي ڀت جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن لوءڻا پئي ڦيرايا. جلسي گاهه جو پنڊال خصوصي طور شهر جي چالاڪ ۽ حسين عورتن سان سجايو ويو هيو، جيڪي ذهني ۽ جسماني طور تي، معزز مهمانن جي استقبال لاءِ مخصوص صوفن تي آتيون ويٺيون هيون. بيشمار اڃايل ، بکايل نظرون، سندن وارن جي چوٽين ۾ لڳل رنگين ڪانٽن کان وٺي چمڪندڙ سينڊلن جي چهنبيارين کڙين تائين ڪنهن ڄور جيان چهٽيل هيون.
ظاهر ۾جلسي گاهه جو سمورو انتظام مڪمل پئي لڳو، پر پوءِ به اسٽيڊيم جو وسيع ميدان جيڪو اندازن ڏهن ايڪڙن جي ايراضي تي مشتمل هيو، نه ڀرجي سگھيوهيو. عام ماڻهوءَ جو رد عمل انتهائي غير متوقع ۽ مايوس ڪندڙ هيو. ايئن محسوس ٿي رهيو هيو، ته ڄڻ هو سياسي کيل تماشي کان تنگ اچي چڪا هيا. هنن کي ڄڻ احساس ٿي ويو هيو ته ڪجهه به نه ٿيندو . هاڻي به ايئن ئي ٿيندو، جيئن ٿيندو آيو آهي. شهر جي بلديه عظمي جو نام نهاد اڳواڻ حد کان وڌيڪ پريشان هيو. پيڙا ۽ نحوست سندس منهن تان ٻنڀ ڏيئي نڪري رهي هئي، ڇو ته هن ئي شهر جي وڏي اسٽيڊيم ۾ جلسي جي تجويز ڏني هئي. بهار جي موسم ۽ خوشگوار جُهڙالي ڏينهن جي باوجود، شهر جي منتظم اعلي جي لوندڙين مان پگھر لار ڪري وهي رهيو هيو. شهر جونگهبانِ اعلي گهڻي پيئڻ ڪري هر هر بيت الخلا ڏانهن پئي ويو. هنگامي ميٽنگ ۾ شهر جا سڀيئي سرڪرده ان ڳالھ تي متفق ٿيا، ته ايئن ڪرڻ گهرجي جيئن ڪيو ويندو آهي. عوام کي بنان ڪنهن امتياز جي رڍن جي ڌڻ وانگر هڪلي ميدان ۾ واڙجي، ڇو ته سندن نظرن ۾ عوام ۽ رڍن ۾ اصولي طور تي ڪوبه فرق ناهي هوندو.
حاڪمن جو حڪم ٿي ويو. حڪم جا بندا شهر جي چوڌاري پکڙجي ويا ۽ خدا جا بندا بُج بُج ٿي ڪٺا ٿيڻ لڳا. جنهن کي جتان، جهڙي عمر جو ماڻهو مليو، پڪڙي جڪڙي پهچايائون. پر ميدان اڃا ’هل من مزيد!‘ چئي رهيو هيو. اسٽيڊيم جو ميدان نه ڀرجڻ ڪري حڪم جا بندا هميشه وانگر خسيس پڻي ۽ ڇتائپ تي لهي آيا هيا. اخلاق ۽ شهر جون حدون اورانگهيندي هر ڪمي ڪاري ايندڙ ويندڙ واٽهڙوءَ کي جهلي پهچائڻ لڳا.....
ائين هو به جهلجي پيو..... سندس گهر شهر جي حدن کان ٻاهر، شاهراه لڳ ، ڪچي آباديءَ کان به وڌيڪ پٺتي پيل ڳوٺ ۾ هيو. ان وقت هن پنج هزار سال پراڻي ڊيل ڊوءل واري ڏاند گاڏيءَ جي سرائي پئي مُڇي، ته اوچتو پيٽ ۾ وڪڙ پئجي ويس. وڪڙ جو سبب ڳوٺ جي کامن مان ماري کاڌل ڄرڪيون يا شاڪُرَ هيا . پيٽ جي وڪڙ کي سڌي ڪرڻ لاءِ هن واهولو اڇلي، انڊس هاءِ واروشاهي روڊ پار ڪري، اوڏانهن تيزيءَ سان رخ رکيو ، جيڏانهن ڳوٺ جا هڙيئي مرد جهنگ جي خيال سان اَڪن ۽ کبڙن کي ڀاڻ ڏيندا آهن. هو هر گز نه بيهي ها، جيڪڏهن سندس نظر ڀنڀي ڏاڙهي واري پوليس واري تي نه پوي ها، جنهن کيس هلندڙ پوليس ٽرڪ مان بيهڻ لاءِ سختيءَ سان اشارو ڪيو هيو. پوليس وارو هيبت ۽ دهشت ۾ خوفناڪ پئي لڳو. هو جيئن ئي بيٺو ، کيس پوليس ٽرڪ ۾ چڙهڻ لاءِ چيو ويو. ٽرڪ ۾ اَٺ ماڻهو اڳيئي پڪڙي ويهاريا ويا هيا. هن ٻڌائڻ ضروري سمجھيو:
”سائين ، مان جهنگ جي خيال سان .....“
ڪهوءَ جي لٺ هڪدم اُڀي ٿي ۽ سندس پٺو سيڪاٽجي ويو. هو خوف وچان ٽرڪ ۾ چڙهي پيو، ۽ پوءِ ٻڌائيندي پڇڻ لڳو:
سائين، مان غريب سومر واڍو آهيان ..... مون کي ڪيڏانهن ٿا وٺي وڃو؟“
”توکي جلسي گاهه ۾ وٺي ٿا هلئون ، جتي شهر جي غريبن کي هلي وطن دوستيءَ جو ثبوت ڏيڻو آهي، “، هڪ پوليس جمعدار طنزيه انداز ۾ کيس جواب ڏنو.
”پر سائين مان ته جهنگ جي خيال سان..... “، کيس پٺي وارو وري زورائتو ڪنداق لڳو ۽ هو ٻين خدا جي بندن سان گڏ هيٺ ويهي رهيو. جلسي گاهه ۾ پهچڻ تائين هن ٻڙڪ به نه ڪڇي . مار جي خوف کان پيٽ جو وڪڙ ڄڻ سندس هيانءَ تي چڙهي ويو. هاڻي اسٽيڊيم جو وشال ميدان ، نگهبان اعلي جي حڪمت عمليءَ سان مُنوکن ڀرجي چڪو هيو. شهر جي پيرسن ۽ انتهائي غليظ صورت ۽ سيرت واري مقامي سياستدان، سازشي انداز ۾سس پس ڪري منتظمِ اعلي ۽ بلديه عظمي جي اڳواڻ کي صلاح ڏني ته هاڻي عالي مرتبت جي آمد ٿيڻ گهرجي جو اوندهه ٿيڻ واري آهي. سڀني ان راءِ کي مناسب قرار ڏنو ۽ عالي مرتبت جي وقتي رهائش گاهه ڏانهن هڪدم پيغام اماڻيو ويو . عالي مرتبت جي آمد کان اڳ مخصوص روڊرستا سخت چوڪسي هيٺ اچي ويا. ايرو غيرو نٿو خيرو، هر هڪ پنهنجي جاءِ تي پنڊ پهڻ ٿي ويو.ايستائين جو ايمرجنسي ۾ايندڙ ويندڙ ايمبولنس گاڏيون به بيهجي ويون ۽ انهن ۾ اندر پيل مريض آخري ساه کڻندي ڏکن واري زندگيءَ کان نجات حاصل ڪندا ۽ پر سڪون ٿيندا پئي ويا. عالي مرتبت سائرن جي انتهائي تيز آواز ۽ گاڏين جي زوڪاٽن سان، اجائي شور ۽ نعرن جي غوغاءَ ۾ پنڊال تائين پهچي چڪو هيو. جتي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن، پنهنجن بگهڙ ۽ لومڙ صفت وڏن جي چوڻ تي عالي مرتبت کي ٻه گلدستا پيش ڪيا ۽ ٻارڙا ان ڳالهه کان قطعي بي خبر رهيا، ته سندن والدين کين مستقبل جو منافق ۽ رياڪار بڻائڻ چاهن ٿا.
اسٽيج تي،مائيڪ ۾ منهن هڻي ملڪ جي بدنام ۽ وقت جي حاڪمن جي منظورِنظر ڪمپيئر پيٽ ڍوائي ۾ پنهنجي رعبدار آواز سان نعرا پئي هڻايا:
”عالي مرتبت! ..... عالي جناب!؟....“
اڳيان ويٺل سرڪاري ۽ غير سرڪاري نمڪ خوارن، سدابهار چمچن ۽ پارٽي جي پگھاردار ڪارڪنن پاڻ ڦاڙي نعرا پئي هنيا:
”زنده آباد!...زنده باد!....“
پر پٺيان، بالڪل پٺيان عام ماڻهن وٽان مناسب موٽ نه پئي آئي؛ جنهن کي ڏسي ڪمپيئر پريشان ٿي ويو:
”هي غريب پرور جو جلسو آ، پٺيان زور سان جواب اچڻ گهرجي ، خاص ڪري غريبن طرفان!.....“، ڪمپيئر ڏک ، شڪايت ۽ ڌمڪي آميز لهجي ۾ چيو ۽ پوءِ نعري کي ڄڻ ڦٽاڪي وانگر هوا ۾ ڦٽو ڪيو:
”عالي مرتبت!؟“
عام ماڻهن جي پٺيان بيٺل سپاهين جون لٺيون اُڀيون ٿي ويون ۽ پوءِ زٽڪ !زٽڪ! جي آواز تي دلخراش نعرا بلند ٿيا:
”زنده آباد!..زنده آباد ..زنده آباد!“
سومر واڍي لٺ کائيندي به نعرو نه هنيو. ٻيو دفعو جڏهن اهڙو موقعو آيو، ته هن احتياط کان ڪم وٺندي ڏند ڀڪوڙي ڇڏيا ، ڇو ته ان مهل کيس پيٽ ۾ سخت وڪڙ پئجي چڪو هيو. کيس ڀئو هيو ته متان ’زنده آباد!‘ چوڻ ڪري، وڪڙ کلي نه پوي ۽ سندس رهي سهي عزت ماڻهن جي وچ ۾ خاڪ نه ٿي وڃي. هو سختي سان پاڻ روڪيو بيٺو رهيو، پٺيان بيٺل انتهائي فرض شناس پوليس واري سندس ڪوتاهي پڪڙي ورتي هئي. ڪمپيئر نعرا هڻائڻ کانپوءِ بلديه عظمي جي اڳواڻ کي نينڍ ڏني ته هو عالي مرتبت جي خدمتِ اقدس ۾ باادب آجياڻو پيش ڪري. بلديه عظمي جو اڳواڻ پنهنجي لکيل تقرير پڙهڻ لڳو، جيڪا شهر جي مشهور چاپلوس، چالاڪ ۽ هميشه بيمار رهندڙ اديب کان لکرائي وئي هئي. هن لفظن جي عجيب ڦير گهير سان عالي مرتبت جي آمد کي شهر جي ايندڙ نسلن تي احسان ڄاڻايو ۽ ان کان پوءِ شهر جي نه کٽندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي رقم جو مطالبو ڪيو. ان ۾ اهو خرچ به شامل هيو، جيڪو بلديه عظمي جي اڳواڻ، عالي مرتبت جي آمد تي هر طرح جي کاڌ خوراڪ سان گڏوگڏ جهنڊين، اشتهارن،وڏين گيٽن،گاڏين جي پيٽرول، رستن تي هاريل اجائي چوني ۽ اهڙين تصويرن يا بينرن تي خرچ ڪيو هيو، جنهن ۾ عالي مرتبت جو گنجو مٿو سياه وارن سان ۽ سياه ڪرتوت سونهري ڪارنامن سان ڍڪيل هيا.
عالي مرتبت خوشامدانه ۽ انتهائي لالچ سان ڀريل حجت واري تقرير ٻڌڻ کان پوءِ اندازو ڪري چڪو هيو، ته هن پنهنجي حيثيت کان تمام وڏي صدا هنئي آهي. جنهن جو حق صرف رياست جي مخصوص اداري جي سربراه کي هوندو آهي، جنهن جي ٽيڪ ۽ سهاري کانسواءِ حڪومت نه هلي سگهندي آهي.
جڏهن ڪمپيئر، عالي مرتبت کي لازوال،لاريب، لافاني ۽ لاجواب خطابن سان نوازي، سمونڊ وانگر ڇوليون هڻندڙ بي قرار عوام کي خطاب ڪرڻ لاءِ چيو؛ ته ڪيترو وقت عالي مرتبت نعرن ، تاڙين ۽ هُوڪرن جي ڪري لکيل تقرير جي شروعات نه ڪري سگهيو. ۽ اهو سوچي مرڪندو رهيو، ته سندس ملڪ جا ماڻهو ڪيترا نه ويسارا، ويچارا ۽ درگذر ڪرڻ وارا آهن. عالي مرتبت پهريائين ته لکيل تقرير تحت ماڻهن جي پاڻ مرادي اچڻ جو شڪريو ادا ڪيو. سندن صبر، انتظار، حب الوطني ، ايمان، شرافت ۽ ساڻس دل لڳيءَ جو داد ڏنو .پوءِ پنهنهجي مخالفن کي ڏاڍي مهذب انداز ۾ ست سريون ٻڌايون ، جيڪي پريس جي سنجيده ۽ شرارتي صحافين پوري ايمانداريءَ يا بي ايماني سان نوٽ پئي ڪيون. جڏهن لکيل تقرير کي ڇڏي، في البديھ انداز ۾ هن ملڪ جي موجوده اقتصادي صورت حال جي باري ۾ ٻڌايو، ته مقامي اڳواڻن ۽ سردارن جا مايوسيءَوچان منهن جا پنا لهي ويا. پر جڏهن خوش آئنده اقتصادي صورت حال جي تصوير ڪشي ڪيائين، ته سڀن جي وات مان خيالي گگ ڳڙڻ شروع ٿي وئي. اهو رد عمل ڏسي عالي مرتبت کي نهايت خوشي ٿي. هن کي اعتماد ٿيڻ لڳو، ته ملڪ جي سياسي جهنگ جو، هو هڪ بهترين جوڳي آهي، جيڪو تقرير جي مرليءَ تي سماج جي عام جيت جڻين کان وٺي، مخصوص نانگن ۽ بلائن کي به رُلائي يا ريجهائي سگهي ٿو.
پوءِ عالي مرتبت ، بلديه عظمي جي اڳواڻ کي تقريري جواب ۾دم دلاسا ڏيئي، سندس مڙني مطالبن کي رد ڪري ڇڏيو، سواءِ هڪ اڌ مطالبي جي. بلديه عظمي جي اڳواڻ کي ايئن لڳو ، ڄڻ سوء رپئي جي صدا هڻڻ واري فقير جي جهوليءَ ۾ کوٽو پئسو اڇلايو ويو هجي. ان جو اندازو عام ماڻهن کي ته نه ٿيو، ته بلديه عظمي جي اڳواڻ جو چهرو بي رونق ۽ بي رخو ڇو ٿي ويو آهي. البت بلديه عظمي جي مڙني ملازمن کي احساس ٿي چڪو هيو، ته هاڻي کين ٽي مهينا پگهار نه ملندي ۽ ان عرصي دوران هنن کي تِرن يعني عام ماڻهن مان تيل ڪڍڻو پوندو. مصيبت جي ماريل ڀنگين کي نسل در نسل ٿيندڙ زيادتين جي مشاهدي مان اندازو ٿي چڪو هيو، ته کين گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا پگھارون نه ملنديون. پيٽ جي دوزخ ڀرڻ لاءِ کين ۽ سندن عورتن کي ڪيترين ئي ذلتن واري مرحلي مان گذرڻو پوندو.
هاڻي عالي مرتبت ، هوش ۽ ڌيرج مان نڪري پوري جوش ۾ اچي چڪو هيو، ڇو ته سندس تقرير جو اهو آخري حصو غريبن لاءِ مخصوص هيو:
”آءُ هاڻي غريبن کي صاف لفظن ۾ ٻڌائڻ ٿو چاهيان، ته هن ملڪ جا غريب هر طرح جي ظلم کان آزاد آهن، اُهو .. اهو وقت گذري ويو، جڏهن غريبن تي ظلم ٿيندو هيو ۽ غريب سهندو هيو. هاڻي، جنهن به ظالم ڪنهن غريب تي آڱر اُڀي ڪئي، ته اها آڱر وڍي ويندي. جنهن هٿ کنيو، اهو هٿ ڪپيو ويندو ... ڇو ته هاڻي آءُ توهان جو خادم هن ملڪ جو سربراه آهيان ...... توهان جودوست آهيان .....بس اوهان جي سڏڻ جي دير آهي.....ايئن سمجهو ته هر وقت توهان سان ساڻ آهيان!“ ، عالي مرتبت هڪ ساهي ۾ تقرير جو آخري حصو پورو ڪندي ڳاڙهو ٿي ويو.
اهڙا جوشيلا ۽ هوش خطا ڪندڙ جملا ٻڌي ، سومر به جذباتي ٿي ويو. پنڊال مان زوردار نعرا لڳڻ شروع ٿيا:
”قدم وڌايو دوستو!..... همدرد توهان سان ساڻ آ..... غريب پرور، عالي وقار ۽ عالي مرتبت!!!.....“
”زنده آباد!..... زنده آباد...“، هاڻي سومر واڍي ، ظالم کان ٿڏي تي پلئه ڪرڻ جي جذبي تحت، پٺيان بيٺل سپاهي کي حقارت سان گهوريندي نعرن جا دل کولي جواب ڏيڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ سندس پيٽ ۾ سخت احتجاجي مروڙ شروع ٿي چڪا هيا ۽ ڳالهه سندس وس کان ٻاهر ٿيندي پئي وئي .هو تڪليف سهندي به نعرن ۾شريڪ هيو.اڄ هن کي پهريون دفعو ظلم کان نجات جو احساس ٿيو هيو. وڏي ڳالهه ته نجات ڏيندڙ ملڪ جوسربراه ۽ غريبن جو دوست هيو .....
جيئن ئي عالي مرتبت نعرن جي گونج ۾ اسٽيج تان لٿو، ته پٺيان سپاهيءَ جو هٿ سومر واڍي جي گريبان ۾ پئجي ويو،”تون ، اڙي! مون کي ٻلي وانگر گهوريندي نعرا ڇو پئي هنيا؟“
”هڻندس!..... تون ڇا ڪندين!؟“ ،سومر همٿ ڪري سپاهيءَ کي هُڏي ڏني ۽ سٽ ڏئي گريبان ڇڏايو.
”ڇا ڪندس؟..... چڱو ٻڌايانءِ ٿو !.....“ ، ائين چئي هن ٻين سپاهين کي سومر ڏانهن اشارو ڪندي بڇ ڏني ، ”اڙي ، هي لوگھو! وري مون کي اکيون ٿو ڏيکاري !..... وٺوس ته.....“
مڇريل سپاهين جون لٺيون هڪ ئي وقت اُڀيون ٿي، سومرواڍي کي ورائي ويون . انهيءَ دوران هن عالي مرتبت کي ڏاڍا سڏ ڪيا ۽ نجات لاءِ ٻاڏايو. جڏهن ڪا موٽ نه ملي، ته کيس پڪ ٿي وئي ته هاڻي داد رسي نه ٿيندي. تڏهن هن بي وسيءَ ۾ سختيءَ سان جهليل پيٽ جو وڪڙو ڍرو ڪري ڇڏيو......