اندر جو آواز
سياستدان ڏند ڪرٽيندي، کيس سمجهائڻ شروع ڪيو:
”بابا، گار سماج ۾ ڏني وڃي ٿي، نه ڪي سماج کان ٻاهر ۽ انسان جيئن ته سياسي جانور آهي، تنهنجي ڪري اهو گار ڏئي ٿو. گار بذاتِ خود هڪ احتجاج جو انداز آهي. ان انداز کي استعمال ڪرڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي. سو ان بنياد تي مان پنهنجو بنيادي حق استعمال ڪيان ٿو.“
”پر سائين، گار ته بدمزگي جو بنياد آهي. نفاق جي پاڙ آهي ۽ نفرت جو گهرآهي ۽ اتحاد جي لاءِ هاڃيڪار آهي. ان کان وڏي ڳالهه ته لفظن جو...“
سياستدان هڪدم سندس ڳالهه ڪٽيندي کيس ڇينڀيو، ”غلط استعمال آهي، دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. خبر آهي، انهيءَ لاف زنيءَ جي. دراصل اها هڪ پراڻي اخلاقيات آهي، جنهن جي هن دور ۾ ڪا ضرورت ڪونهي. تون ڇا ٿو چاهين ته جيڪي سياسي يا نظرياتي مخالف آهن، تن کي سٺن لفظن سان ساراهيو وڃي!؟... هي دور درگذر جو ناهي، پر سِر جو جواب پٿر سان ڏيڻو آهي.“
هو بي دليو ٿي ٻاهر نڪتو. هاڻي هو انهيءَ اديب وٽ آيو هيو، جيڪو ٽيبل تي ڄنگهون رکيون، خلائن ۾ جهوت وجھيون، آڱرين ۾ سگريٽ جهليون، شايد ڪنهن اوکي ۽ تجريدي تخليق جي تلاش ۾ هيو. تنهنجي تخليقي تنهائيءَ ۾مداخلت ڪندي عرض ڪيائين، ”سائين، توهان جي تخليقن ۾ عورت صرف جنسي ڪشش جو سامان ڇو هوند آهي ۽ ڇا اهو لفظن جو غلط استعمال نه آهي؟“
اديب سگريٽ جو ڪڇ هڻندي، گنڀيرتا سان ٻڌائڻ لڳو، ”در اصل، اوهان منهنجين تخليقن کي سمجهيو ئي ناهي ۽ ان ۾ توهان جو ڏوهه به ڪونهي، ڇو ته توهان پڙهو گهٽ ٿا ۽ آءُ توهان جي سمجهه ۽ توقع کان لکان ٿو مٿي، تمام مٿي.....“
اديب سگريٽ جي ڦلي کي ڇنڊيندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”حقيقت ۾ آ ان عورت کي هن سماج ۾ تخليق ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا مڪمل حسن جو عڪس هجي. هر طرح سان ان کي رڳو پدمڻي يا ڪامڻي چئي جان نه ڇڏايان. نه سندس چال جي تشبيهه مور جي ٽلڻ، هرڻ جي چُنگَ يا گنير گت سان ڏيڻ چاهيان ٿو. نه وري سندس جوانيءَ کي ڪنهن سمرقند جي صوف يا انب جو ٽاريءَ ۾ پڪل ٽپڪي سان ڀيٽڻ گهران ٿو. منهنجي ذهن ۾ مختلف بالڪل مختلف تصور آهي، عورت جو؛ هن جي جسم جي بيهڪ وينس آف مائلو جي بت جهڙي، جنسي ڪشش ڪلوپيٽرا جيان ۽ مرڪڻ جو انداز مونا ليزا وارو ۽ پيش ڪش وينس آف اربينو جهڙو آهي. جيئن ته مون سيڪس تي ستيانا ۽ شيخ نفزاوي، کانوٺي فرائڊ تائين سڀن کي پڙهيو آهي. سو پاڻ وٽ عورت جو تصور گليشيئر جهڙو نه، پر جوالا مکيءَ جيان آهي. بس تون ائين کڻي سمجھ ته دنيا جي ٽن مشهور اداڪارائن جينا لولو برجيڊا، الزبيٿ ٽيلر ۽ راڪيل ويلچ کي جواني ڏيئي ملائي هڪ ڪيو وڃي. ڇاٿا سمجهو اهڙي عورت جو تصور ۽ هجي به اُگھاڙي ؟.. لفظن ۾ اهڙي عورت جو تصور سڀني جي تن ۾ تازائي آڻيندو. جيڪي زندگي جي نفسانفسي ۾ جمالياتي حسن کان محروم آهن، اهي به فريش ٿي ويندا.“
”ليڪن اهو عورت جو ماڊل ته جنسي بي راه روي پيدا ڪندو ۽ عورت کي وڌيڪ غير محفوظ ڪندو. جڏهن ته عورت انساني زندگي جي شروعات کان آخر تائين ڀاڱي ڀائيوار آهي. ان کي صرف جنسي تسڪين جو سامان بڻائڻ لفظن جو غلط استعمال نه آهي؟“، هن پڇيس.
”۽ ائين به چئه ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي. مون کي خبر آهي ته اها پٿر جي دور جي بڪ، هڪ ڇڙواڳ فلسفي جي آهي. تنهنجي خيال ۾ آءُ پنهنجي تخليقن ۾ مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جهڙي عورت جو ڪردار پيش ڪيان يا وري ڪنهن ڪنگيءَ ورتل ڪولهياڻيءَ جو يا وڌ ۾ پريشان حال ماسترياڻيءَ جو؛ جيڪا پنهنجي ڪٽنب کي سهارو ڏيندي ڏيندي، پنهنجي جواني کائي رهي هجي. اهو اڄ جو ڪيڏو نه الميو آهي، ته مون جهڙو جينئيس وقت کان اڳ پيدا ٿي پيو آهي... هاڻي هلي پئه ، مٿو نه کاءُ !.....وري نه اها بڪ ورجائجان، نه ته مون کي گاريون ڏيڻ به اينديون آهن!“، اديب ڪاڙ ۾ ڳاڙهو پيلو ٿيندي وراڻيو.
ڪنهن حد تائين مايوسيءَ جوشڪار ٿيڻ کانپوءِ هن همت نه هاري هئي. هلي آيو هيو هڪ اهڙي شخص ڏانهن، جيڪو گھڻ-پاسائي شخصيت هيو. هو هڪ ئي وقت سياستدان، سماجي ماهر، دانشور، صحافي، محقق ۽ سماجي ورڪر هيو.
”سائين، اوهان پنهنجي اَنا ۾ ايڏا ڇو گم آهيو؟.... پاڻ کي هروڀرو عقلِ ڪُل ڇو ٿا سڏيو؟... پاڻ کي صحيح ۽ ٻين کي غلط ڇو ٿا سمجھو؟..... اوهان کي جيڪڏهن ڪو سچ ٿو چئي، ته چڙي ٿا پئو۽ ان شخص جي تذليل ڪندي دير ئي نٿا ڪيو، سو ڇو؟...... آخر اهو لفظن جو غلط استعمال ڪيستائين ڪندا رهندءُ؟...“
”مون کي ٿو سمجهائين !؟.... سو به انهيءَ کي جنهن رگويد کان وٺي زيند اوستا تائين پڙهيو هجي... عهد نامه قديم کانوٺي فُرقان تائين ڳوڙهو مطالعو ڪيو هجي.......حي بن يقظان کان وٺي مجموعته البحرين کي سمجهيو هجي. دنيا جي وڏن وڏن اديبن ۽ عالمن کي پروڙيو هجي. ڪاش!.... زمين ڏري پوي ها ۽ آسمان ڦاٽي پوي ها، جنهن وقت تو جهڙو ابوجهل مون کي ”خودي“ ۽ ”انا “ جي باري ۾ درس ڏيندو هجي... اڙي، پڙهيو تي جارج ميڊ کي؟.... سي ايڇ ڪُولي کي؟.... نٽشي کي؟.. علامه اقبال کي ؟..ٻڌي ڇڏ!.... جنهن ماڻهو ۾ خودي نه هوندي، ان ۾ خود اعتمادي نه هوندي. پاڻ خوديءَ جي سٺائيءَ جا قائل آهيون. مثبت رويا رکندڙ آهيون. تو شايد خوديءَ جو مشهور مثال نه ٻڌو آهي، جنهن ۾ مون جهڙي هڪ خوددار شخص چيو هيو، ته سڄي دنيا ۾ سٺي ۾ سٺو ملڪ منهنجو آهي. سڄي ملڪ ۾ سٺي ۾ سٺو شهر منهنجو، سڄي شهر ۾ سٺي ۾ سٺو گهر منهنجو ۽ سڄي گهر ۾ سٺي ۾ سٺو ماڻهو مان آهيان.“
”سائين، اهو ته پاڻ-پُڻو آهي. ڀلا، نٽشي جي فوق البشر ڇا ڏنو دنيا کي ؟.... مان! مان! ڪرڻ وارا پنهنجي ئي خول ۾ ڇڙيون هڻي مري ويا ۽ قومن کي انفراديت پسنديءَ جو زهر ڏئي ويا. جنهن جي سزا سڄي دنيا جي قومن کي ڀوڳڻي پئي.. نتيجي ۾ ٻه مهاڀاريون جنگيون ۽ نه کٽندڙ ويڙهاند جو سلسو جاري وساري آهي....ڇا اهو لفظن جوغلط استعمال نه آهي؟“
”بس، بس! مون کي نه تاريخ پڙهاءِ ۽ نه فلسفو سمجهاءِ. آ تو کي ڪچيون گاريون ڏيان ها. پرجيئن ته پنهنجا اخلاقيات تي بهترين ڪتاب پڙهيل آهن، تنهن ڪري توکي معاف ٿو ڪيان، نه ته!......“
هو ٽٽل دل سان ان شخصيت وٽ پهتو، جيڪو بيرو ڪريٽ هجڻ سان گڏ ٽيڪنوڪريٽ به هيو پنهنجي وڏي ڪرسي تي ويٺي ڪنهن اهڙي پاليسي يا پروگرام ٺاهڻ ۾ مصروف هيو. جنهن جي باري م سندس خيال هيو ته اها هتان جي ماڻهن جي تقدير بدلائي ڇڏيندو. هو ڏڪندي ڏڪندي سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو کيس اڪيلو ڏسي، وڏي ادب ۽ خوشامندي لهجي سان گذارش ڪيائين:
”اوهان جي اقبال جو ستارو بلند رهي. اوها جي علم ۽ ذهانت تي ڪو شڪ شبهو ڪونهي. اوهان سخت مقابلي وارو امتحان پاس ڪري هيءَ منزل ماڻي آهي. قومي ۽ بين الاقوامي تربيت گاهن مان تربيت ورتي آهي. بيشمار ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ ويا آهيو. مختلف وڏن ۽ اهم عهدن تي فائز رهيا آهيو. پر اوهان جون ڏنل پاليسيون ۽ پروگرام ناڪام ڇو ٿيندا آهن؟.... باوجود انهيءَ هام جي ته، اهي پاليسيون ۽ پروگرام قوم جي تقدير بدلائي ڇڏيندا ...ڇا اهو لفظن جو غلط استعمال ناهي، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي؟“
”آ قطعي، ناڪامين جو ذميوار ناهيان. انهيءَ جا وڏي ۾ وڏا سبب آهن؛ سياسي عدم استحڪام ، سماجي انتشار، بين الاقوامي صورتحال، سرڪار ادارن ۾ هيٺين ملازمن جي عدم دلچسپي ۽ عام ماڻهن ۾ جاڳرتا جي گهٽائي وغيره.“، هن ٺهيل ٺڪيل مختصر مگر جامع جواب ڏيندي پنهنجا پلاند آجا ڪرايا.
مگر هن مَڇڏو کيس نه ڇڏيو،چوڻ لڳو، ”سائين ائين ته ناهي، ته اوهان جيڪي مٿان کان هيٺ واري پهچ يعني Top to bottom approach جي اصول تحت پروگرام ٺاهيو ٿا، سي هوائي قلعه ثابت ٿين ٿا؟“
”بي وقوف! هي ڪو سڌريل ملڪ آهي. جتان جا عام ماڻهون ايترا ذهين هجن جو اُهي تجويزن ڏين ۽ اسان هيٺان کان مٿي واري پهچ Bottofm to top Approch جي بنياد تي هلي پنهنجو وقت وڃايون؟“، هن سينو تاڻيندي جواب ڏنو.
”سائين صاحب، ته پوءِ هيل تائين جيڪا قوت، وقت ۽ پئسي جو زيان ٿيو آهي ۽ ٿيندو رهندو. ان جو ذميوار ڪير آهي؟“
”ڪير به ناهي ،سواءِ ان ملڪي صورتحال جي ،جنهن کي اسين ڪجھ به نه ٿا ڪري سگھون ..... شايد تون منهنجي ڊيولپمينٽ پاليسين ۽ اسڪيمن جي ناڪامين بابت رپورٽ ناهي پڙهي. جيڪا آءُ آمريڪا ۾ گذريل ڪانفرنس ۾ پڙهي هئي، ان جي اتي به ڏاڍي ساراهه ٿي هئي“.
”پاليسيون ۽ پروگرام به اوهان ٺاهيو ۽ رد به اوهان ڪيو.... سائين منهنجا، اهو لفظن جو غلط استعمال ناهي، ته ٻيو ڇا آهي؟“، هن کان سچ نڪري ويو.
”تو کي مون سان ائين بحث ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ٿي!؟... لفظن جي غلط استعمال جا ٻچا!...نڪري وڃ هتان!...“، بيوروڪريٽ انتهائي غصي جو اظهار ڪندي کيس دڙڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
هن کي خبر هئي ته صاحبن جي درٻار ۾ ان قسم جي ڳالهائڻ جي سخت منع ۽ بيهودگي هوندي آهي. تنهنڪري هن آفيس مان جلدي نڪري وڃڻ ۾ عافيت سمجهي.
هاڻ هو گهڻي حد تائين مايوس ٿي چڪو هو. پر پوءِ به آخري اُميد جي سهاري، هو هڪ پڙهيل ڳڙهيل ماڊرن نوجوان جي ڪمري ۾ پهتو هيو. جيڪو تيزي سان خط لکندو، ڳاڙهن پيلن لفافن ۾ وجهندو پئي ويو. هن سندس خط پڙهڻ کان پوءِ کيس ٽوڪيندي چيو، ”محبت جو اهو انداز لفظن جي غلط استعمال تي ٻڌل آهي ۽ لفظن جو غلط استعمال دنيا جو .......“
نوجوان سمجھندي ته سندس مطلب ڇا آهي، سندس جملو ڪٽيندي وراڻيو، ”وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي، ها نه!؟.... آ انهن ڇوڪرين کي دل جي گهراين سان، پيار ۽ محبت ۾ جيڪو لکيو آهي، ته اي حسين نازنين !تون کلين ته مکڙيون ٽڙن.... تون هلين ته وڻ ٽڻ ۽ پهاڙ سجدو ڪن..... آ تنهنجي چوڻ تي آڪاش مان سج چنڊ تارا به لاهي سگهان ٿو.... بس منهنجي صرف اها خواهش آهي ته تون منهنجي من مندر جي ديوي هجين ۽ آ تنهنجو شيواڪاري.... هاڻ اها تنهنجي مرضي آهي ته آ ائين نه لکان؟“
”بلڪل صحيح، ڇو ته اهو لفظن جو وڌاءُ ۽ نسورو ڪوڙ آهي. اوهان جهڙن ذهين نوجوانن کي زيب نٿو ڏئي ته لفظن جي غلط استعمال ذريعي، پنهنجي هم نفس سان دوکو ڪن“
”واه ڙي واه، ڏاها!... تنهنجي مرضي آهي ته آ پنهنجين محبوبائن کي هيئن لکان، ته اي حسينه! تون مڪمل هوموسيپين آهين.... تنهنجي کوپِڙي پُوري پني، جنهن جي ماپ تيرنهن سئو ٽيهونجاهه ڪيوبڪ سينٽي ميٽر کان گهٽ ناهي..... تنهجي هڏائين پڃري م ڪا کوٽ ڪونهي، پورو ٻه سؤ سورنهن هڏن تي مشتمل آهي..... جنهن ۾ ڪيئلشم جي ڪابه ڪمي ڪونهي..... تنهنجا ڦڦڙ، بڪيون، جيرا، آنڊا ، تري ۽ دل سئو في صد صحيح آهن.... تنهنجي انٽيلجنس ڪوالٽي جو نمبر ٻه سئو پنجاهه آهي...... جيئن ته تون هڪ سٺو ٻن ٽنگن تي هلندڙ ماده جانور آهين..... ان ڪري آءُ توکي پسند ڪيان ٿو...... سچائي اها آهي ته توکان اڳ ٻن ٽن ٻين ڇوڪرين کي به ان بنياد تي پسند ڪري چڪو آهيان ....... پوءِ ڇا ٿو سمجهين ته اهي حسين ڇوڪريون مون کي حقيقت پسند سمجهي منهنجي خطن جو جواب ڏينديون ۽ منهنجي سائينٽفڪ اپروچ کي پسند ڪندي، مون سان محبت جو اظهار ڪنديون ..... ائين نه!؟“، نوجوان طنزيه انداز ۾ جواب ڏيندي پڇيس.
”هرگز، اهو منهنجو مطلب نه هيو پر..“، هن سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي کيس پنهنجو نقطئه نظر دليلن سان ٻڌائڻ پئي گهريو؛ پر نوجوان توائي باز هيو، کيس وڌيڪ ٻڌي نه سگهيو:
”خبردار! جو هڪ لفظ به ڪڍيو ٿي!.... انهيءَ کان اڳ، جو تون منهنجي هٿن ۾ مري وڃي، ڀلائي ان ۾ ٿي ته ڀڄي وڃ! “
هن مرڻ کان ، ڀڄڻ مناسب سمجهيو. پر ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي عادت کان مجبور ٿي موٽ کائيندو آهي. ڪنهن نه ڪنهن جي ڪن يا دل ۾ گھري آواز ڏيندو آهي:
”لفظن جو غلط استعمال ، دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڏوهه آهي!“،پر ماڻهو سمجهندي به ته اهو سندن ئي اندر جو آواز آهي، ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندا آهن.