زندگي
جانيءَ رينگٽ ڪيا ته ڏاڏهنس، جنهن چاڏيءَ مان لسي پئي پيٽي، تنهن زور سان رڙ ڪئي:
”او، پيءُ ۽ چاچا نه قطاريس مائي!... مان پاڻهين ٿي وٺي وڃانس، رڳو مڙسنهن کي چؤ ته منجهند جو سنڀاري وٺي اچيس“.
ماڻهس مڙيئي سڙيئي ٻوٿ ۽ وارن کي تيل جا لينگها ڪڍيس. ڏندن ڀڳل ڦڻيءَ سان سينڌ ڏنس. پيرن ۾ پلاسٽڪ جي چئونپل وڌس، پوءِ کڻي کيس ڏاڏنهنس جي اڳيان بيهاريندي چيائين،”وٺي وڃ، پنهنجي کي!“
”مان نه ويندس، سائين ماريندو!“، جاني ءَ ضد ڪيو.
”ڇو ماريندو مستر ابا؟ ... توکي ماري ته ، مارئي جو ساهه نه ڪڍان! .. هي ڏس، مان تنهنجي مَستر لاءِ مکڻ به کنيون پئي هلان ... ڏئي چوندي مانس ته ابا، منهنجي جانيئڙي جو خيال ڪجانءِ . “
”اڄ ڇڏيس آئي!.... اڄ گههُ ڪيو ٿئين، ته نه ويندو!“، پڻهس مانيءَ جو گرهه چٻاڙيندي مٿان لسيءَ جو ڍڪ ڀريندي چيو.
”ما کي خرچي به ڪونهي ملي“، جانيءَ ٻيو بهانو گهڙيو.
”اها ابا، ڪِينَ جو ڪنو چاڙهيون ويٺي آ..... الائي ڪاڏي ٿي ڪري..... هان وٺ، مان ٿي ڏِيان، پنهنجي ٻچڙي کي!“، ڏاڏنهس ٻچڪر ڏيندي، پوتيءَ جي پلوءَ مان ڊينگلو روپيه ڇوڙي جانيءَ کي ڏنو. جاني اُٿلائي پٿلائي ڏسي کڻي پاسي واري کيسي ۾ وڌو. پوءِ جلدي ۾ صندل تي رکيل سليٽ، پوش ڦاٽل پهرين درجي جو ڪتاب ۽ ڦرهي کڻي ڪڇ ۾ ڪئي.
ماڻهنس، ڏاڏهنس کي هڪدم ٺاهوڪي موٽ ڏني، ”ڪهڙا پٽهين لک آڻي ڏناهن، جو پيڪن کي کارائي ڇڏيم!“
”جائي چيو اٿن، سچ چئي دشمني وهاءِ !.. ابا، هل ته هلئون!“، هوءَ دبرندي جانيءَ کي وٺي گهر کان ٻاهر نڪتي.
ڏاڏي ۽ پوٽو ڳوٺ کان ٻاهر نڪري، ٻنين جي وچ وارن ٻنن تي هلڻ لڳا. هوا ٻنين ۾ بيٺل نسريل سارين مٿان اول گهول پئي وئي. ميرانجهڙا ۽ اڇا ٻڳهه ٻني جي وٽ تان جهوت وجهيون ڪنهن جيت جڻيي جي تاڙ ۾ ويٺل هئا. جيڪي هنن کي ايندو ڏسي واري وَٽي سان اڏندا پئي ويا. هنن جي گذرڻ کانپوءِ لامارو ڏيئي ساڳي جاءِ تي وڃي ويٺا. جاني، جيڪو پهريائين آهستي آهستي هلي رهيو هيو. سو ڏاڏيءَ کان ٻه وکان اڳتي پئي هليو. ڏاڏهنس پويان چئونري ڪڇ ۾ ڪيون، وکون هڻندي ڄڻ گھلبي پئي آئي. چئونريءَ ۾ مکڻ جو چاڻو لسيءَ جي ڇلڪن ۾ ٻڏي تري رهيو هيو.
”ابا آهستي هل!..... مان به ته پڄانءِ نه!؟ “، ڏاڏنهس پٺيان منٿ ڪندي چيس.
”تون به ڊڪندي اچ !“، جاني وراڻيس.
”مان ابا، هڪ مڙهي، ٻيو سنڌن ۾ سور، ٽيون ڏکن جي ڏڌيل ڪاٿي ٿي توسان پڄي سگھان!“
هلندي هلندي، اوچتو جانيءَ جي نظر ٻني جي وٽين تي ڦٽل گاهن جي مختلف گلن تي پئجي وئي. جيڪي پنهنجي وت آهر ڇٻر مان ڪر کنيون بيٺا هئا، تن کي ويهي پٽڻ لڳو.
”ابا، وري ڪهڙي جُوفي سان لڳين وئين؟ هسڪول ۾ دير ٿيندءِ، ته ڳاٽي ڀڳو مستر ڪرئي نه ڪاوڙ!“
”گل ٿو پٽيان!“
”ڇا ڪندين ڀَتَرِ، ڀنگوري ۽ ڦُلر جا گل!؟“
”تو کي ڳاڙهو ٽِڪو هڻي لال ڪنوار ڪندس، آئون تنهنجي نڪ ۾ ڀَتَر جي گل جي نسبي به وجهندس!“
”هاڻي مان کوڳَ ٺوڳَ کي ڪهڙا سنج وجهندين؟“
”چوانءِ ٿو ويهه!“، جانيءَ ضد ڪندي چولي جي دامن کان ڇڪي هيٺ ويهاريس، ته ويهي رهي.
”ابا، ماڻهو، ڏسندا ته ڇا چوندا؟“
”مَرجان ڏسن!“
”صفا ڏاڏهين تي ويو آ ضد ۾، ذري به نه لاٿي ٿي... اهو به ائين ڪندو هو. پنهنجي هٿن سان سونيون نسبيون پارائيندو هيو، واليون وجهندو هيو. سڀئي ڳاري پٽن جا ڪاڄ ڪيم، پوءِ به ڪائنياري ته ڪجھ نه ڪيم....هاءِ ڙي قسمت!“
هوءَ ٿڌو ساهه ڀري ٻنيءَ تي اوڪڙو ٿي ويٺي. جانيءَ پهريائين ڀَتَر جي گل جي ڏانڊين مان نڪتل ڳاڙهي پاڻيءَ سان نرڙ تي ٽِڪو ڪڍيس. پوءِ نڪ ۽ ڪنن جي سوراخن ۾ گل اٽڪائي انگل پورو ڪري اٿيو. ڏاڏهنس به آهستي آهستي سڀئي گل لاهي کڻي پاسي واري گيدي ۾ وڌا.
هوءَ ڪجهه گهڙيون ته يادن جي وڻ ويڙهيءَ ۾ وڪوڙجي وئي ۽ خاموشيءَ سان هلندي رهي.
”مان توسان نه ڳالهائيندس!“، جانيءَ اوچتو ڪنڌ ورائي ڌمڪي ڏنس.
”وري ڇا تي رُٺين ڏاڏهين وانگي!“، ڏاڏِهنس خيالن مان موٽ کائيندي پڇيو.
”منهنجي ڪڪڙ ڇو ڪٺي هيو، انهيءَ ڏينهن؟“
”ابا، اهو ڏائڻ تپيدار جو آيو، ته پڻهين کڻي ڪٺي“.
”تو به نه جهليس، نه!؟“
”ابا مان پڻهين کي گهڻيو گِهرٽان ڪيون .... ماڻهي وڍيءَ کي ڪير پڄي، پڪڙي کڻي هٿ ۾ ڏنائينس ... هچا پئي ماريي تپيدار کي، روز ٽينگريو بيٺو آ. پڻهين کڻت ۾ اڍائي جريب ڇا هن کنيا، هڪ نه ٻئي ڏينهن ، جاڙا خان ڪتي کان بيهجانءِ!“
”تون نه ڏين ها نه!... هاڻي مان توسان نه ڳالهائيندس!“
”بس ابا جي تون به نه ڳالهائين، ان کان ته ڀلو آ، مان مري وڃان؟“
”ڀلي مري وڃ!“، جانيءَ ڪاوڙ ۾ وراڻيس.
”هائو ابا، هاڻي هرڪو مون مان تنگ آ... ماڻهين ته پِير پئي سوري ته اڄ مري، سڀاڻو نه ٿئي ... ٻئي ننڍا پـٽ الله حياتي ڏين، ته گوش ئي نه ٿا ڏين ته ڪا ماءُ آ.... پڻهين جا حال اِهي .... هڪڙو ننڍي پٽ جو سِر هيو، جنهن جي مون سان دل هئي... پوليس ري گناهه ڌاڙيل ڪري ماريس... ڪاٺڙيون ڪيون پئي آيو جهنگ مان! “، وڌيڪ نه چئي سگهي، اکيون ڀرجي آيس، ڳوڙها ڳلن تان لڪيرون ٺاهيندا، کاڏيءَ جي وٽين تان، ڦڙو ڦڙو ٿيندا سندس چولي جي دامن ۾ جذب ٿي ويا.
هوءَ وري دبرڻ لڳي، ”ماءُ ڄڻي پوءِ مري وڃي. نه هوندي، نه ڏک ڏسندي. گونهه، مٽ ڌوئي، تاتي پالي وڏو ڪري.. وڏا ٿين ته سڃاڻن ئي ڪو نه، ته ڪا ماءُ به آهي. تنهنجو آسرو هيو، تو به اڄ دل کي ڌڪو ڏنو...“
ڏاڏنهس روئڻهارڪي ٿي چوڻ لڳي، ”ڏاڏنهن مري مون کي اڪيلو ڪري ويو!“
هوءَ سڏڪندي پئي هلي، جاني ڪنهن خيال ۾ گم هيو. اوچتو جاني ڪجھ سوچيندي پڇيس، ”تون مري ويندءِ، ته توکي به مٽيءَ ۾ پوريندا ڏاڏي ؟“
”ها ابا، مون کي به مٽيءَ ۾ پوريندا.“
”ايذاءُ نه ايندءِ؟“
”ابا مرڻ کانپوءِ ڪهڙا ايذاءُ .... جيئرو انسان آ ته ايذاءَ ئي ايذاءَ آهن!“، ڏاڏهنس ٿڌو ۽ گهرو ساهه کڻندي وراڻيو.
ٻنو جيڪو، ڳوٺ کان اولهه اڀر ٻنين وچان نڪتل سينڌ ٿي پئي هليو، تنهن گڙنگ واهه تي اچي دنگ ڪيو هو. هاڻ ٻئي ڄڻا واهه جي ڏاکڻي ڪَڙَ وٺيون پئي هليا، ته هلندي جانيءَ جي نظر، واهه جي ڪڙئي تي ڦٽل ڪَنڊن ۽ سَرَن تي ويهندڙ ۽ اڏرندڙ رنگ برنگي ڀنڀورين تي پئجي وئي. سليٽ ڦرهي ۽ ڪتاب کي ٻني تي سَٽي، ڪنهن جڙڏاند وانگر لڙي پيو.
”وري ايڏنهن ڪاڏي؟“، ڏاڏهنس رڙِ ڪئي.
”حجم ٿو پڪڙيان!“، جانيءَ جواب ڏيندي ڪارسري ٿلهي ڀنڀوريءَ جي ڪڍ لڳو، ته اوچتو ٿاٻو آيس، ڪري پيو ۽ روئڻ لڳو. ڏاڏهنس تڪڙ ۾ ٻني تي چئونري رکي پٺيان ڀڳس. اٿاري کڻي سيني سان لاتس:
”ابا مان تو تان صدقو!.... ايڏنهن ڪاڏي پيو وڃي!؟“، پوتي لاهي ميرو ٿيل ٻوٿ اگهيائينس، لٽا ڇنڊيائينس، ”بس منهنجا پنهل بس!..... صبح سان ئي ماڻهين ڏائڻ ڪروڌ ڪيو، تڏهن ڌڪ لڳئه نه! ... هي ته ڏس ڪوِلي ماري وڌءِ!“
”ڪاٿي؟“، جاني سُڏڪندي ڪوِلي ڏسڻ لڳو، ته سندس ڌيان ڌڪ تان هٽي ويو. ڏاڏيءَ جي نظر جانيءَ جي نڪ مان نڪتل سنگهه جي ٽيڻي تي پئي جيڪو سون! سون! جي آواز سان هر اندر ۽ ٻاهر پئي ٿيو . ڏاڏهنس پوتيءَ جي پلئه سان چپٽي ٺاهي سنگهه کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ ان سان گڏ اندر جو اوڳر پڻ، ”سئو دڦا رن کي چيو ٿم ته ٻچڙي کي نيراني ماکي چٽاءِ.! پر منهنجو ڪاٿي ٿي ٻڌي ڇيڪ!... آنڊا ته مهنجا ٿا ڇڪجن، هن جي آڱوٺي کي سُور!“
اسڪول جي عمارت اچي سڻائي ٿي هئي. کين واهه جي رڳو ٻنڌ ٽپڻي هئي.
”تڪڙ نه ڪجانءِ اڻانگي ٻنڌ آ، مهنجا مور!“، ڏاڏيءَ جانيءَ کي هميشه وانگر نصيحت ڪئي، پر جاني هميشه وانگر نصيحت اڻ ٻڌي ڪري، تڪڙ ۾ ٽپي ويو.
”پيءُ وانگر اونٿرو آ!... پيران پير تون سئولي سڻائي ڪجانءِ! ... قلندر سهڻا، تون والي واهر ٿجانءِ!... شاهه گودڙيا!توکي پارت آ“، ڏڪندي ڏڪندي پير گڏ ڪندي ٻنڌ ٽپي ته شوڪارو ڀريائين، ”هاءِ، هاءِ! هاڻي الله کڻي ماري، انهيءَ روز روز جي لُجهڪڻ کان.“
”ڏاڏي مان ڪڏهن مرندس؟“، جاني معصوميت مان پڇيس.
”ڇو ابا، خير گهر!؟“
”مان ڀي ته روز روز اسڪول ٿو وڃان نه!؟“، جانيءَ وراڻيو.
”نه منهنجا راڻا، تون ته ائين نه چوندو ڪر! ... تنهنجي بدران ماڻهين ڏائڻ مري.!...تنهنجي تيرنهن تالي نانهن مري ....پوءِ مان مران!.... الله ڪري تون پڙهي وڏو صاحب ٿئين.... مينديون لائين... وني آڻين... آڍڙو ٻڍڙو ٿئين، اهل عيالَ وارو ٿئين...“
ٻئي ڳالهائيندا ٻولهائيندا ٻن ڪمرن واري اسڪول ۾ گهڙيا . ڪلاس ۾ پهتا ته ماستر هٿ ۾ لڪڻ جهليون سيکاري رهيو هيو: ”صاحب جيئن ئي اچي سڀئي اُٿي زور سان چئجو، اسلام عليڪم!“
”او ابا، مستر!.... مان پنهنجي جانيئڙي کي وٺي آئي آهيان!“، ڏاڏيءَ ماستر جي تيارين ۾ رخنو وڌو.
”ڪراڙي هي وقت آ اسڪول ۾ وٺي اچڻ جو .... ڇوڪري کي نه پڙهائڻو ٿئو، ته کڻي ٻڌايو ته ڪڍانس نالو“، ماستر ڏاڏيءَ تي ناراضگي ڏيکاريندي چيو.
”اڙي ابا، ڳپل پنڌ جو آ، هي پٿوئڻون ويچارو ، مان پوڙهي...... پنهنجي ڳوٺ جو هسڪول وڏيري جي اوطاق نه ٿئي ها، ته ائين دڙڪا ڏين ها.!؟.... ابا الله توکي وڌائيندو!....... مان هي تنهنجي لاءِ مکڻ به آندو آهي“، جانيءَ جي ڏاڏي ساهين ۾ هيٺاهين مٿاهين وٺندي ماستر جي اڳيان چونئري جهلي. ماستر چئونري ۾ نظر وڌي ته اڌ ڪلي جيترو چاڻو نظر آيس. ماستر هڪدم مکڻ جيان نرم ٿي ويو، ”ماسي دل ۾ نه ڪر... اڄ سپروائيزر اچڻو آهي، انهيءَ ڪري کڦڙ تال ۾ آهيون. اچي ته جان ڇٽي ... پوءِ وري ساڳيا لاٽون ، ساڳيا چڳهه. ڪڏهن ٻار نه، ته ڪڏهن اسان نه!“، ماستر کلندي وراڻيو.
”اِهو شفر واشر ڪير آ، ابا؟“
”ماسي، اهو اسان جو صاحب آ.... اڄ تو وارو مکڻ وڏو ڪم ڪندو. باقي هن ڳوٺ وارن ۾ ته حياءُ ئي ڪونهي. پورا پنج سالَ اسڪول جي عمارت ۾ ڍور ٻڌئون، اسان کين اکر به نه چيوسي!“، اهو چوندي ماستر چئونري وٺي کڻي دريءَ ۾رکي.
”هائو ابا، رِپن مٿان رپان!..... مان تنهنجي لاءِ ٻيو مکڻ به آڻيندس، منهنجا لال! رڳو منهنجي جانيئڙي جي پارت هجئي .“
”ماسي، روحل جي نه!؟
”ابا، مان ڪيئن نالو وٺانس ... ان جو نالو ٿس.... منهنجو ته رڳو جانيئڙو آ“، ڏاڏي شرمائيندي وراڻيو.
”ماسي، تون دلجاءِ ڪر!“
”ابا! چئونري واندائي پوءِ پڻهس کي ڏئي ڇڏجو،جنهن مهل اهو جانيئڙي کي وٺڻ اچي“.
”هائو ماسي هائو، رڳو دعا ڪر ته خير جو ڏينهن گذري!“
”ابا الله جي دعا ٿو!“، هوءَ چوندي هلڻ لڳي، ته جانيءَ کي هڪدم خيال آيو، سڏ ڪيائينس:
”ڏاڏي!؟“
” جيءُ ڪيانءِ!“، ڏاڏيءَ ڪنڌ ڦيرائيندي جواب ڏنس.
”هيڏي ته ڪن ڪر!“، جاني ڏاڏيءَ کي راز واري ڪا ڳالھ ٻڌائڻ پئي چاهي.
ڏاڏي جهڪي جانيءَ جي وات آڏو ڪن جهليو.
”هاڻي نه !..... رات به نه!....سڀاڻي به نه!...... جڏهن مان بابي جيڏو ٿي وڃان، پوءِ ڀلي مرجانءِ!“، جاني سڙٻاٽن ۾ چيس.
”ابا، هاڻي الله ڏينهن کٽائي ته چڱو نه!؟“
”چيومانءِ ته نه مرجانءِ!“، جانيءَ زور سان رڙ ڪندي ڄڻ نه مرڻ جو حڪم ڏنس.
”هائو ابا، جيئن تو چيو!“، ڏاڏيءَ ڄڻ سندس حڪم اکين تي رکيو.
موٽندي جڏهن اڻانگي ٻنڌ ٽپڻ لڳي ته پِيرَ سورڻ به وسري ويس. چپن تي مرڪ ۽ اکين ۾ زندگيءَ جي ڀرپر چمڪ هيس. تڪڙيون تڪڙيون وکون پئي کنيائين، ڄڻ جانيءَ جي لفظن کيس جواڻ جماڻ ڪري ڇڏيو هو.