وٽيل رئو
امان حاجاڻي کي جڏهن ڳوٺ جي مولوي، حڪيم ۽ بنا ڊگر واري ڊاڪٽر لا علاج ڪيو ته هاڻي ڦيڻن، ڦڪين ۽ دوائن کان ڪم چڙهي ويو آهي. باقي رڳو گهڙين جي ڪسررهيل آهي، ته پوءِ ٽنهي نڪمن پٽن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ڏيٺ وائٺ، مٽن مائٽن ۾اڳواٽ ٻڌائي ڇڏجي، ته جيئن ميارن کان بچي سگھجي ۽ مرڻ وقت ٿڏي تي پاهت وٺي ڇڏجي.
اها خبر، تر ۾ باه وانگر پکڙجي وئي. مايون ۽ مرد مٿي ۾ ميٽ هئڻ جي باوجود به ٽانگن ، گڏه گاڏن، ٽريڪٽرن ، سوزڪين ۽ ڏاند گاڏين ۾ سندس منهن ڏسڻ لاءِ نڪري پيا هيا.
امان حاجاڻي جڳ جي دائي، لال وڌائي هئي. ڪيترين عورتن ۽ مردن لاءِ ڇپر ڇانو هئي. راڄن جي عورتن ۽ مردن تي سندس احسانن جا ٺپا لڳل هيا. هن کي خبر هئي ته الله بخش جو پٽ سائينداد جي گهر ۾ آهي ۽ سائينداد جي ڌيءَ رب رکئي جي گهر ۾ پلجي ٿي. سندس سيني ۾ ايترا ته راز دفن هيا جو ڪيترن مهمانن کي سڪون پئي محسوس ٿيو، ته سندس رازن کي فاش ڪرڻ واري هاڻي دفن ٿيڻ واري آهي ۽ ڪيترن کي بي چينيءَ، ته هاڻي سندن اڳ پوءِ ڪير ڪندو؟
مهمانن اچڻ سان، امان حاجاڻي جي منهن جي تختي ڏسڻ کانپوءِ کائڻ پيئڻ، سمهڻ ۽ حاجت فراغت جي ڳڻتيءَ ۾ لڳي ويا هيا. جن مهمانن اڳ ڳڻتي ڪئي هئي، تن کي گهرجي ڪا چڱي چوکي ڪنڊ، بسترو ۽ ماني نصيب ٿي هئي. جيڪي منهن جا ڪوئنرا هيا، سي سراسر نقصان ۾ ويا. پر انهن اهو سوچي صبر ڪيو ته ڏکي سکي رات آ گذري ويندي.
ٻئي ڏينهن تي، ڪچڙي منجهند تائين امان حاجاڻي جو سڄو گهر مهمانن سان ڀرجي چڪو هيو. پر امان حاجاڻي جو ساه لُڪي ۾ هلي رهيو هيو. مهمانن جي خاطر مدارت لاءِ ٽنهي ننهرن ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي هئي. امان حاجاڻي جي باقي بچيل ڪڪڙن کي گهرجي ٻارن ڊوڙائي ڊوڙائي پئي جھليو. جيڪي ڪڪڙ موت جي خوف کان کٽن هيٺان لڪيا پئي، تن کي ٻارن پڇن کان پڪڙي ڪهڻ وارن کي ڪڍي پئي ڏنا.
ٻيو ڏينهن به انتظار ۾ گذري ويو. جڏهن ته ننهرن غلاف جو ٽڪرو، جافر، زم زم جو پاڻي، عطر، ڪافور ويندي ستر پوشي، نقابو، ڪفني ۽ ٻِٽُن تائين هر شيءِ تيار ڪري رکي هئي، رڳو امان حاجاڻي جي مرڻ جي دير هئي.
ورندو ٽيون ڏينهن خدا جو ٿيو. هاڻي امان حاجاڻي جي گھر ۾ نم واري اڱڻ تي، نئين ڦٽل ٻور جي خوشبوءِ جي باوجود ، مهمانن جي ٻارن جي بي وقت حاجت فراغت، هڪ ساڙيندڙ بانس ڦهلائي ڇڏي هئي. ڪافي مهمانن تي بيزاري جا آثار نمايان ٿيڻ شروع ٿي چڪا هيا. خاص ڪري وڏين عمرين وارن مڙسن کي، جن کي پنهنجين نوجوان زالن تي شڪ ٿيڻ شروع ٿيو هيو، ته انهن پنهنجي جوانيءَ جا رنگ روغن ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن. سندن عورتن جي بي باڪ مرڪن ۽ لوڏَ کين پريشان ڪري وڌو هيو.هو سوچڻ لڳا، ته ائين نه ٿئي جو کين ڪارو ڪاري جي ڪيسَ ۾جيل ڀوڳڻو پئجي وڃي ۽ هو زندگي جي آخري لذتن کان به محروم ٿي وڃن.
چوٿين ڏهاڙي گهر جا سڀيئي ڪڪڙ، پٽاٽا ۽ بصر ختم ٿي چڪا هيا. گهرجي مالڪن ۽ مهمانن دل ئي دل ۾ڄڻ هڪ آواز ٿي پئي چيو، امان حاجاڻي رضا ڪرڻ ۾حد ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته سندس ٽنگيل ساه کي هيڏي هوڏي ڪرڻ لاءِ سياڻين سيبتن عورتن ٽڪا پنجا ڪندي کيس ڪن ۾، نه آيل مٽن مائٽن جا سلام ڏنا هيا. ڳوٺ جي مُلياڻي جي چوڻ تي، پنج پنج روپيه ڏيئي کيس جيئري قرآن بخشرايو ۽ ياسين سڳوري جو دم ڪرايو ويو هيو. پر امان حاجاڻي جو ساه جڏهن ساڳي ٽِڪ هنيو بيٺو رهيو، ته پٽن ۽ ننهرن مولوي عبدالقادر کي گهرايو. مولوي عبدالقادر ڏاڙهي کي مُٺ ۾ ڪندي پاڻ حيرانگي جو اظهار ڪيو، ته رسول جي چانئٺ چمندڙ ٻانهي جي سڪرات ۾ سختي کيس سمجهه ۾ نٿي اچي. هن سڪرات سولي ڪرڻ لاءِ مالڪن کي آسان نسخو ٻڌايو، ته مال جو صدقو ڪڍيو وڃي. گهر جو سوکو ڪونهون ڪسجي پيو ته دليون هڻندڙ مهمان به ٽڪي پيا.
صدقي ڪڍڻ کانپوءِ، پنجين ڏهاڙي تي هر ڪنهن کي اهو آسرو هيو، ته اهو ڏينهن امان حاجاڻي جو آخري هوندو.انهيءَ ڪري هرننهن پنهنجي پنهنجي حساب سان مڪمل تياري ڪري ڇڏي هئي، ته ڪنهن کي پار ڪڍي روئڻو، ڪنهن کي منهن ۾ چنبو هڻڻو ۽ ڪنهن کي ڏندڻ پوڻا آهن . ليڪن ائين نه ٿي سگهيو، امان حاجاڻي جو ساه اکڙجندو رهيو، پر نڪرڻ کان نابري واري ويٺـو. سندس ننهرن جن پنجن ڏينهن کانوٺي صبر جو مظاهرو ان آسري تي ڪيو هيو، ته سس جي جمعاڻي کانپوءِ گلا شروع ڪنديون، تن ان انداز سان گلا ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي، ته ”مائي ڪرند پسند آ ..... ڪنوارين جا ڪچا ٻار ڪيرائي پراوا ساه وٺندي هئي.... اڄ پنهنجوساه قذرت واري کڻي ٽنگيو اٿس“.
ڇهين ڏينهن تي گهر ۾ عجيب مامرو ٿي ويو. جڏهن امان حاجاڻي صبح جو اکيون پٽي، هٿ جي اشاري سان پاڻي گهريو. پاڻي پيئڻ کانپوءِ جڏهن ڪَنن تي هٿ هڻي، مٿان بيٺل ننڍي پٽ کان اشارن سان سونين والين جو پڇيائين، ته سندس ننڍي پٽ زور سان رڙ ڪندي پڇيو:
”امان جون واليون ڪنهن لاٿيون آهن؟“
سڄي گهر ۾ ان آواز جو پڙاڏو گونججي ويو، ”واليون ڪنهن لاٿيون آهن؟“
”پوئين اَسر تائين ته واليون هيون، پوءِ ادي جنان سيرانديءَ کان ويٺي هئي“، ننڍي ننهن تڪڙ ۾ پنهنجي مڙس جي سوال جو جواب ڏيئي پنهنجي جان آجي ڪرائي.
”جنان ڪاڏي مري وئي؟“، گهر ۾ وڏي پٽ جو سوال گونجيو.
وڏي ننهن ڀڄندي آئي،”مان وٽ آهن مان وٽ!.... امان رات هر هر پئي ڪَن کنهيان، ته مون سمجهيو ته واليون ٿيون تنگ ڪنس الائي ڇا؟...سو لاهي کڻي پاڻ وٽ رکيم ..... ٻيو ته خير آهي!؟“، جنان سياڻپ سان ڳالهه کڻي وئي . چوويهه سونيون واليون رومال جي ڳنڍڙيءَ مان نڪتيون ۽ هڪ هڪ ٿي، امان حاجاڻي جي ڪنن ۾ وري پئجي ويون.
ٽنهي ڏيراڻين جي منهن جا پنا لهي ويا هيا، ته جيڪڏهن امان حاجاڻي جي زبان کلي پئي ته انهن جيڪو رات جي وڳڙي ۾ چيو آکيو هيو، ان جو ڇا ٿيندو؟..... ٿوري دير کانپوءِ، جڏهن امان حاجاڻي جون اکيون وري وڃي ڇت ۾ لڳيون ۽ نڙيءَ ۾ کرکرو ٿيڻ شروع ٿيس ته انهن کي ڪجھ دلجاءِ ٿي.
ستين ڏينهن، تي مايوسي پهنجي انتها تائين پهچي چڪي هئي. آيل مهمان پاڻ ۾ ٿوري گهڻي تي، ٺڪرن جيان ٺهڪڻ لڳا هيا. گهر ڀاتين ۾ بيزاري عروج تي پهچي چڪي هئي. گهر جا ٻار خواه مخواه ڪٽجڻ سٽجڻ لڳا هيا. ننهرن مسلسل ڪم ڪار ۽ مٿي جي سور ڪري پنهنجن مٿن سان ڀينڊيون ٻڌيون هيون. پٽن ۾ ڇتڪتائي اچي وئي هئي. ڪُڇي نه پئي سگهيا جو ماءُ ماتا هئي، ڄڻي ڏيهه ڏيکاريو هيائين.
”آخر ڇا ٿيندو ؟“، سمورن گهر ڀاتين مسجد ۾ وڃي، مولوي عبدالقادر کان پڇيو.
”هڪ ٻيو ڪونهون صدقي ۾ ڏجي.“، مولوي پڇيل سوال جو ترت جواب ڏنو.
”ٻيون ڪونهون!؟“، سڀني حيرانگي ۾ گڏيل رڙ ڪئي.
” ان کانسواءِ ٻيو حل ڪونهي!جيئن ڪتابن ۾ لکيل آهي، اوئين ٿو ٻڌايانوَ.“، مولوي سنئون سڌو جواب ڏيندي چيو.
وچين پٽ پنهنجو ڪونهون ڪسندي ڪسندي، ماءُ جي سڪرات سولي ڪرڻ يا جڳ کي ڏيکارڻ لاءِ ڏنو، ته مهمان ويندي ويندي، اهو سوچي رهي پيا ته هڪ منو خفو ڇڏائي گهر ڀيڙو ٿجي ته بهتر آهي.
اٺين ڏينهن تي، امان حاجاڻي جي مرڻ جي شدت سان انتظار ٿيڻ لڳو. نه صرف گهر وارا بيزار ٿي چڪا هيا، پر ڳوٺ وارا ماڻهون پڻ. جيڪي ڏٺل وائٺل مهمانن جا ويلا جهلي جهلي ٿڪجي پيا هيا. ڊگهي مهمان نوازي کين ڳچيءَ ۾ پئجي وئي هئي. سواءِ ڳوٺ جي دوڪاندارن جي، جن امان حاجاڻي جي سڪرات واري حالت جي وڌڻ جون دعائون پئي گهريون .
امان حاجاڻي اٺين ڏينهن به هِڏڪيون ڏيندي رهي ۽ سڀيئي ويچارا ٿي کيس ڏسند ا رهيا. ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته انهيءَ ۾ آخر قدرت جو ڪهڙو راز آ!؟“
مولوي عبدالقادر وٽ، گهر جا ڀاتي ڄڻ آخري فيصلي لاءِ پهتا هيا، ”تو چيو هيو، امان جي سڪرات سولي ٿيندي؛ ٻن ڪونهن جي قربانيءَ کانپوءِ به، ڇوٽڪارو نه ٿو ٿئي، آخر ڇو؟“، اهو سمورو گهر ڀاتين جو گڏيل سوال هيو.
”جڏهن الله جو اَمر ٿئي ،باقي اوهان مال جي قرباني ڪندا رهو!“، اهو مولويءَ جو جواب هيو.
”ادا مولوي! تون قرآن جو پڙهيل آ، توسان ڪوڙ ڪهڙو. هاڻي رڳو منهنجي وڇ بچي آ، سا به پيران پير جي باسيل آ.... مينهون ڀٽاريون ته اڳيئي ڍڪيون آهن!“، جنان، مولوي کي ڄڻ گهرجي باقي بچيل ڍور ڍڳين جي صورتحال ٻڌائيندي پارت ڪري ڇڏي.
”ان کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي، مائي!“، مولوي به مجبوري ڏيکاري .
مولويءَ جي انهيءَ اڻڀي جواب تي امان حاجاڻي جو وڏو پٽ چڙي چيو:
”باقي ، تون ٺوٺ جيڏي ڏاڙهي رکائي، مولوي ڇا تي ٿيو آ؟.... گهر جون گُنديون وڃي تري سان لڳيون آهن ۽ تون آ جو سڌو دڳ ٻڌائين ئي نٿو!.....“
مولوي عبدالقادر پراڻي رستي، گراهڪي ۽ ٻين ڳالهين جو لحاظ ڪري خفي نه ٿيو. کانئن ڪجهه گهڙين جي مهلت گهري حُجري ۾ ويو. هن ورق ورق ٿيل پارسي، عربي ۽ سنڌي ڪتاب اٿلايا. ڪا جهٽ کن اکيون ٻوٽي استغراق ۾ هليو ويو ۽ جڏهن اُٿيو ته مشڪندي اچي مالڪن کي ٻڌايائين:
”مبارڪون هُجنو!..... سڄي خبر پئجي وئي!“.
”جائي ادا، اڄ امان حاجاڻي گذاري ويندي؟“، وڏي ننهن اندر جي خوشي لڪائي نه سگهي.
”نه!“، مولويءَ جواب ڏنو.
”ته پوءِ!؟ “، سڀني ڀاتين حيرت ۾ وراڻيندي پڇيو.
”ڇڪ ڇڪان لڳي پئي آ، ملائڪ سڳورن ۽ پيرن فقيرن ۾ ..... ٻئيءَ ڌريون امان حاجاڻيءَ کي ڇڪيون بيٺيون آهن“.
”ادا، امان حاجاڻي جي پاسي پير الائي ڪهڙا؟“، جنان وري وچ ۾ ٽنبڪو هڻندي ڳڻتيءَ منجهان پڇيو.
”مائي ڊنب هيو ملائڪن ۽ پيرن جو، مان هڪ هڪ کي چتائي ته نه ڏٺو!“، مولوي خفي ٿي ويو.
”ڏيکاري ائين ٿيندي آ، تون بس ڪر!“، مڙسنهنس جنان کي ڇينڀيو.
”ڇاٿو سمجهين چاڙهو ٿيندو يا؟“، ننڍي پٽ ڳڻتيءَ ۾ڪياڙي کنهندي پڇيو.
”انشاءَ الله!.....لڳي ٿو ته امان حاجاڻيءَ جا پير زور ٿيندا!“، مولوي وراڻيو.
گهر جا ڀاتي مسجد مان موٽي آيا ته گهر ۽ ڳوٺ ۾ چؤٻول ٿي ويو. هر ڪنهن مولوي عبدالقادر جي ڳالهه تي ويساهه ڪيو، ڇو ته کين يقين هو ته کيس پراڻن ۽ شهيد ٿيل ڪتابن جو وڏو علم آهي.
ٽنهي ننهرن کي ڍڪر چڙهي ويا هيا. پاڻ ۾سس پُس پئي ڪيائون ته ان ڪاٺ جي پيتيءَ جو ڇا ٿيندو، جيڪا انهن وڏي مشڪل سان امان حاجاڻي جي کٽ هيٺان صفائيءَ سان ڪڍي؛ هُريءَ ۾ لڪائي، اڃا کولي به نه ڏٺي آهي، ته منجهنس ڇاڇا پيل آهي.
سڪرات جي نائين رات هئي. امان حاجاڻي جي نڙ گهٽ مان کرکرو ڪڏهن تيز ڪڏهن آهستي هلي رهيو هيو. جنهن مان ظاهري طور تي ڪو به اندازو نه پئي ٿي سگهيو ته امان حاجاڻي ڪهڙي ڀر ٿيندي. پر مهمانن ۽ گهر جي ڀاتين کي مولوي عبدالقادر تي اعتبار هيو. ان ڪري ڪيترن مهمانن سمهڻ کان اڳ اهو پڪو فيصلو ڪيو هيو، ته ڇا به ٿئي، هو سڀاڻڪي سج ۾ ڪک پن ٿي ويندا. ٽنهي پٽن، ماءُ تي آخري صلوات شوڪاري ۽ پوءِ چيلهه سڌي ڪرڻ لاءِ، زالن کي ماءُ وٽ ڇڏي، پاڻ ٻاهر وڃي آرامي ٿيا.
سڄي عمر ماءُ جيِ ميڙي چونڊي کائيندڙ پٽن، جن ڪڏهن ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو هيو. اڄ بيلچي هڻڻ ۽ کاٽي کڻڻ جهڙن ڀوائتن خوابن کانسواءِ مٺي ننڊ پئي ڪئي. کين اطمينان ٿي چڪو هيو ته ماءُ جي پورهئي مان اڃا سندن داڻو پاڻي لکيل آهي.
مڙسن جي هدايت مطابق ٽنهي ڏيرياڻين کي ويهي ڏينهن ڪرڻو هيو. انهيءَ ڪري نه ته، امان حاجاڻي جي رضا ڪرڻ جي صورت ۾، کين اکيون وٺڻيون يا وات بند ڪرڻو هيو. پر تاڪيد سان چيل هين ته کيس سرت ايندي ئي پڙهايل کير جو هڪدم ڍُڪ ڀرايو وڃي. ٽنهي ڏيرياڻين جون وسوسي ۽ هُٽ کٽي ۾ گهڙيون پئي گذريون ۽ دل پئي هلي. انهن کي رڳو ان ڳالهه پئي ماريو ته امان حاجاڻي سرت ۾ اچڻ کانپوءِ جي کٽ جي هيٺان ليئو پائي ڏٺو ته ڇا ٿيندو؟......... هر ڏيرياڻي کي ٻي جي ساٿ ۽ سچائي تي گهٽ اعتبار هيو، توڻي جو قسما قسمي ٿيل هئي. رکي رکي هٿن ۽ اکين جي عجيب وغريب اشارن ۾ هڪ ٻئي سان ڪو مخفي انداز ۾ اظهار به پئي ڪيائون.
هئو مئو ٽري چڪو هيو. گدڙن جون اوناڙيون ڪڏهن تيز، ڪڏهن آهستي ٿيڻ لڳيون هيون. جواب ۾ ڪنهن ڪُتي جي ڀوءنڪ يا رُوڙ ٻڌڻ ۾ پئي آئي. رکي رکي ٽيٽهر جي ’ٽر! ٽر!‘ رات جي سانت کي پئي چيريو.... رات پنهنجا ٻه پهر ٽپائي، ٽئين پهر ۾ داخل ٿي چڪي هئي. هر ڪو گهُگهَه ننڊ ۾ هيو، سواءِ بي چين عاشقن ۽ بيمارن جي، جن بي چينيءَ وچان پاسا ورائيندي پئي کنگهيو ۽ ٿُڪيو. ڪڪڙن آهستي آهستي هڪ ٻئي پٺيان دَس هڻڻ شروع ڪري ڏنا هيا. خير سان وڏو اَسرُ ٿي چڪو هيو. پر اوچتو ئي اوچتو ناخيري ڏکوئيندڙ آوازن، ستل مهمانن ۽ گهر جي ڀاتين ۾ ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي. سڀني امان حاجاڻي جي ڪمري ڏانهن وٺي ڊوڙ پاتي ۽ اندر گھريا. بتي جي جهيڻي روشني ۾ ڏٺائون ته امان حاجاڻي جو وات کليل ۽ اکيون ڦوٽاريل هيون. گهڻن ڏينهن جا روڪيل سڀني مردن ۽ عورتن جا ڍنڍڪار، وچئين ننهن جي اوسارن ۽ ننڍي ننهن جي پِٽڪي سان شروع ٿي ويا. اُڀ ڏاريندڙ روڄ ۽ راڙي ۾ ڪنهن سار ئي نه لڌي؛ ته بيهوش ٿيل وڏي ننهن کي ڪو پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي اُٿاري ۽ سندس ڀڪوڙيل هٿن مان وٽيل رئي کي ڇڏائي.