ٽيون سبب
مسب السباب کي معلوم. پر الحاج رئيس جان محمد جي خيال ۾، مدرسي جي اجڙڻ جا ٻه سبب ٿي پئي سگهيا . هڪ ته اهي اڳيان استاد نه رهيا، جن کي علم سان عشق هيو ۽ ٻيو نه وري اهي طالب جن کي علم سان محبت هئي. هاڻي هيا به ته استاد نانءَ جا، جن کي عالم ٿيڻ جو اشتياق گھٽ ،کين رڳومرڻو پرڻو کائيندڙ ملان ٿيڻ جو شوق وڌي ويو هو. طالب به اڻ گهڙيا ڪاٺ ۽ کٽيءَ کل وارا ڪي اوستي محمد ۽ ڳڙهي خيري جا ٻروچ ته ڪي خضدار جا بروهي. جن کي پڙهائڻ ائين هيو، جيئن ڪاري ڪلر ۾ ڪڻڪ پوکڻ.
رئيس جون اکيون تر ٿي ويندون هيون، جڏهن پورن ٽن ايڪڙن جي مدرسي ۾ ٽيهارو کن طالب مس ڏسندو هيو. ڪڏهن ته اتر سنڌ ۾ ڳوٺ غازي خان جو مدرسو چئي کڻي بس ڪيو. ناظره، حفظ، فارسي، عربي، فقه و تفسير، حديث ويندي علم ميراث به پڙهايو ويندو هيو. پر جڏهن کان فارسيءَ جو استاد به ڇڏي ڀڄي ويو هيو، ته رئيس کي ائين لڳو ته ڄڻ خانداني مدرسو اجڙيو ڪي اجڙيو.باقي وڃي ناظره ۽ حفظ بچيو هيو. ناظره مولوي عبدالحليم پنجن سالن کان پڙهائيندو ايندو هو. سندس ايتري ٽڪڻ جو سبب قناعت پسندي هئي يا تن آساني. حافظ شمس الدين ٽن سالن کان حفظ ڪرائيندو هو. جيتوڻيڪ حافظ جو طالبن تي ڏنڊو کڻي پڙهائڻ مشهور هيو، پر اهو به هُلايل هيو ته حافظ ڪجهه بد عادتو به آهي. ان ڪري بداڇا بدنام برا واري محاوري به کيس رهڻ تي مجبور ڪري وڌو هو، نه ته اڄڪلھ علت المشائخ واري اوڻائي پوڻائي ڪٿي ناهي.
فارسيءَ جي استاد کانسواءِ رئيس کي مدرسو ٻُسو پئي لڳو. رئيس پاڻ انهيءَ مدرسي ۾ پڙهيو هو. مدرسي جواوج اکين ڏٺو هيائين. فارسيءَ جو ته عاشق هيو. گلستان بوستان کان وٺي ، يوسف زليخا، مثنوي شريف مولانا ۽ مامقيما تائين پڙهيل هو. ان ڪري فارسيءَ جي استادن جو قدردان هو. پر خبر ناهي ڇو فارسيءَ جا استاد سندس مدرسي ۾ ٻن ٽن مهينن کان وڌيڪ ٽڪاءُ نه ڪري سگهندا هيا. رئيس هڪ ڏينهن جوش ۾ اچي جماعت آڏو انجام اقرار ڪري ڳوٺان نڪتو، ته جيستائين مدرسي جي لاءِ فارسيءَ جي استاد جو بندوبست نه ڪندو، تيستائين ڳوٺ نه ورندو.
ٿيو به ائين، موٽيو ته سرخرو ٿي، ساڻس هڪ خوبرو گڏ هيو. عشاءِ جي نماز کان پوءِ رئيس ، جماعت آڏو سندس تعارف ڪرائڻ لڳو،”سائين جن جو اسم شريف سعد الله خان آهي. پاڻ اصل مٽياري شريف جي ڀرپاسي رهن ٿا. پنهنجي ملاقات ساڻن، سائين ڏنل شاه جي مدرسي ۾ ٿي .پهرين ملاقات ۾سندس ننڍي وهي کي ڏسي، مان ته ائين سمجهيو ته وڌ ۾ ڪريمه، نامه حق، پندنامه، يا گلستان بوستان پڙهيو هوندو. پر جڏهن ’مامقيما‘ جي ڳالهه ڪيائين، ته مان به آزمودي خاطر ’مامقيما‘ مان پهرئين سٽ پڙهي:
مامقيمانِ ڪوئي دلداريم؟
ته استاد سعد الله هڪدم ٻي سٽ پڙهي: رخ به دنيا ودين نمي آريم.
مان اتي شعر جي پنجين سٽ پڙهي، ته ڏسان ڇا ٿو چئي؟
به چشمانِ دل مبين جز دوست؟
ته هن ٺھ پھ جواب ڏنو: هر چه بيني بدان ڪه مظهر اوست!
اتي مان بي اختيار ٿي، اٿي سندس ڪنڌ تي چمي ڏني ۽ چيم، ته بيشڪ تون اهو گوهرِ يڪته آهين، جنهن جي مونکي تلاش هئي. هل، هلي منهنجي مدرسي کي آباد ڪر. پهريائين ته استاد سعدالله اُسگس ۽ نٽ نٽاءَ ڪيو، ته اتر جي سخت موسم ۽ ماڻهن ۾ جالي نه سگهندس. پر پوءِ جڏهن فارسي واري پهاڪي تحت يقين ڏياريومانس، ته ’پنج انگشت برادرند، برابر نيستند‘ يعني ڀائرن جون به پنجئين آڱريون برابر ناهن هونديون. الله ۽ الله جو حبيب ڪندو ته تنهنجي دل لڳي ويندي، باقي جيڪو وظيفو طلبيندي، سو توکي ملندو....“
انهيءَ سڄي تعارف دوران استاد سعد الله جو ڪنڌ هيٺ هيو. شرمائيندي ڪنڌ مٿي کنيائين ته سڄي جماعت کيس هيٺان کان مٿي ائين ڏٺو، جيئن ڪنهن وهڙي کي کُرن کانوٺي سڱن تائين جاچجي. جيئن چئبو آهي ته جُوءِ جي خبر گابن مان پوندي آهي. تيئن اتراڌين، استاد جي ڳر مان اندازو پئي هنيو ته ڪنهن چڱي جُوءِ جو پليل جوان آهي. ڪڻڪ رنگو، ڀريل ڳل، مٿان وري پوري پني ٺهندڙ سونهاري، چيروين اکين ۾ حيا ۽ لڄ الڳ. مٿي تي کير جهڙي اڇي ململ جي دستار. جي رئيس سندس ڳورو تعارف نه ڪرائي ته ڪير پت ڪري ها، ته هي ڳڀور به ڪو استاد آهي.
”جي آيا، ڀلي آيا... استاد صحب!.... اساڏي سر دا سائين اي!“، جماعتن مان سرائي خداداد پنهنجي ٿلهن شيشن واري عينڪ کي ٺيڪ ڪندي، بلب جي روشنيءَ ۾ استاد جو گھرائيءَ سان جائزو وٺندي چيو.
رئيس وري کنگهي کڙڪي، سڄي جماعت کي هدايت ڪئي:
”بابا، سڄي جماعت کي پارت ٿي ڪجي، ته استاد جو خاص خيال رکن. ائين نه ٿئي ته اتراڌين کي گلارو ڪري وجهو... اڳيئي لاڙ ۽ وچولي وارن کي گهڻيون شڪايتون آهن“.
”انشا الله !... ڪا شڪاس نه ٿيندي، رئيس !.... استاد، ائين نه سمجهي ته ڪو مزمان آ، پر ايئن سمجھي ته پنهنجي گهر ويٺو آ.“، جماعت پاران اڳ اڳ ڪندي، ڪمدار الهورائي گرمجوشيءَ سان آجيان ڪندي چيو؛ جنهن استاد جي ڪتابي چهري کي مخصوص اتراڌي انداز ۾ ڪافي دير کانوٺي پئي تڪيو.
مولوي عبدالحليم روايتي انداز ۾، رئيس کي يقين ڏياريو: ”رئيس! الله کي پارت آ...باقي اسان وسان نه گھٽائينداسي!“
حافظ شمس الدين ته رئيس کي بالڪل پڪو آسرو ڏنو،” استاد سعدالله جي هر طرح سان خدمت ٿيندي...او، اصلي جيئن چوندو !“
ٻن ٽن ڏيهاڙن ۾، استاد سعد الله کي مدرسي جي حالتِ زار جو اندازو ٿي ويو؛ طالبن جي نشست و برخواست ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ته منجهن اخلاقِ حميده اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. سندس مشاهدي موجب شاگرد ادب آموخته ڪيئن ٿين، جڏهن ته استادن جي حالت اها هئي، جو مولوي عبدالحليم اول درجي جو آرسي ۽ ڪاهل هيو. جڏهن ته حافظ شمس الدين، خدا سندس شڪل شبيهه تي پنهنجو ڪرم ڪري، ڇڙو ڇانڊ هئڻ جي باوجود به، منجهس وضوءَ کانسواءِ وهنجڻ جي عادت الاماشي هئي. سونهاري اهڙي اونهاري اڻڀي ۽ وچڙيل، جو ڪرڙِي هڪ دفعو گهڙي وڃي ته وري نڪري نه سگهي. پري کان سندس بدن مان ٽاڪرو ٻڪر واري ڇٽ کنيون پئي ايندي هئي. هن ان ڪري دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته طالبن کي اخلاقِ ذميمه مان آجو ڪرائجي. ان ڪري پهريون هفتو ته هن ويهي طالبن کي اهو سمجهايو، ته صفائي اڌ ايمان آهي. کين نشست و برخواست جا ادب آداب ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا طريقا سمجهايا.
جمعي جي ڏينهن، جڏهن طالبن فجر جي نماز کانپوءِ استاد جي چوڻ تي نم، کبڙ ۽ مساڳ سان پنهنجا ڏند مهٽي سهٽي اڇا ڪيا. ڳچيءَ، سيني، ٺوٺين، مُرن ۽ پيرن جي مَرُ؛ سروٽن سان رڳڙي رڳڙي صاف ڪئي. ڌوتل پوتل ڪپڙا پهري جمعي جي نماز کان اڳ استاد سعدالله جي حجري ۾ اچي ويٺا، ته استاد کي پنهنجين ئي نظرن تي يقين نه پئي آيو، ته اهي ساڳيا طالب هيا، ڪي ٻيا. کيس ائين لڳو ڄڻ صدف جو سينو چيري گوهر ٻاهر نڪري آيا هجن. طالبن جي سرمي ۾ ٽٻ ٿيل اکين جي اڻين ۽ تيل ۾ جرڪندڙ رخسارن ۾ سندس نظرون اٽڪي اٽڪي پئي پيون. پهريون دفعو دل ئي دل ۾ انهيءَ هلايل ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيائين ته اتر ۾ رڳو، ڪو جن ڀوت رهندا آهن.
مٿئين طبقي وارا طالب، جن جي عمر اندازن چوڏنهن کان ويهن سالن تائين هئي. جيڪي پهريائين ڏٺي نه وڻندا هيا. سي سڀ تراش خراش کان پوءِ آهستي آهستي مثلِ الماس، پکراج، مرجان، موتي، زمرد ۽ زرقون ٿيندا ويا، سواءِ هڪ ٻن طالبن جي.
سڀني طالبن ۾ وري جيڪو مثل ياقوتِ احمر پئي لڳو، سو هيو لعل جان. جهڙو نالو تهڙا گڻ هيس، بنھ اسم با مسمي. لعل جان جي عمر چوڏنهن سال، الف قد، صاف رنگ، نرگسي اکيون، ابرو ڪمان، بيني صراحي، مٿان وري آواز ۾ ميٺاج ڄڻ لحنِ دائودي. مولود يا نعت ٻڌائي ته بدن مان سيسراٽيون ڪڍي ڇڏي، ڳالهائي ته صراحي جي قُل!قُل!... اهي سڀيئي ڳالهيون استاد سعد الله کي متوجهه ڪنديون ۽ موهينديون ويون. پهريائين چڱڙو، پوءِ چڱو ۽ آخر ۾ سندس لاءِ خورشيدِ درخشان ٿي پيو. گردانن جي حوالي سان فارسيءَ جي فعل شناسي، ”ڪُشتم ڪُشتيم، ڪُشتي ڪُشتيد، ڪُشت ڪُشتند!“ ڪندي، جڏهن صراحيدار گردن مٿي کڻي، نرگسِ شهلا جهڙين اکڙين ساڻ نهاريندو هو؛ ته استاد جو مرغِ دل اڌ ڪٺو ٿي ڇاتيءَ ۾ ڇڙهيون هڻڻ لڳندو هيو. هر روز رات جو اڪيلائي ۾ استاد کي مرغِ دل جي منڍيءَ کي عقل جا ٽانڪا هڻي ڳنڍڻو ۽ سمجهائڻو پوندو هيو، ته ائين نه ٿئي جو هو فارسيءَ جي انهيءَ مشهور چوڻي جيان ٿي وڃي، ’آمدم، ثواب ڪنم، ڪباب شدم‘. جيئن جيئن دلِ نادان کي جهلڻ لڳو، تيئن کنچا تاڻ وڌڻ لڳس. جيئن سمجهائڻ لڳو، تيئن ضد ڪرڻ لڳس. جيئن لوپڻ لڳو، تيئن جهيڙڻ لڳس. آخر بي چئي دل جي چوڻ تي لعل جان اڳيان دل جي ڳالهه زبان تي آڻڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر حيا، لڄ ۽ خوف ڪري زبان مان هڪ اکر به نه اڪلي سگهيس. اهو به دل ۾ آيس ته آسان سنڌيءَ ۾ اشتياق نامو لکي کيس هٿ ۾ ڏئي، پر دل نه جهلي سگهيو، ته متان اهو اشتياق نامو رقيب رو سياهن وٽان ٿيندو، رئيس وٽ نه پهچي وڃي. هونئن به کيس ڀليءَ ڀت احساس هيو، ته اهڙي ياقوتِ احمر کي هٿ ڪرڻ لاءِ رستم و سهراب جهڙي دل کپي، جيڪا وٽس نه هئي. آخر ڪار دليل ڊوڙائي اهو فيصلو ڪري ورتائين، ته جيڪا ڳالهه سولي سنڌيءَ ۾ نٿو ڪري سگهي، سا فارسيءَ جي محابي سمجهائي سگهي ٿو. ڇو ته کيس استادن جو اهو ٻڌايل هيو ته سنڌي ٻولي اهڙي صاف ۽ سڌي آهي، جنهن ۾ چنڊ کاري هيٺان نٿو لڪي سگھي.
پوءِ ماڻهن ڏٺو ته استاد سعد الله ڏينهن رات ڪري ڏنو هيو، فارسي سيکارڻ. اهڙي لائي ٻاري ڏنائين جو پهرين مهيني ۾ پهلي فارسي، دعايو، ٽوائيو ۽ ڪريما مدرسي جا طالب ائين رٽي ويا، جيئن بنگالي طوطا ڇھ ئي ڪلما ياد ڪري وڃن. مدرسي ۾ هر سوُ فارسيءَ جي ”ٽيون! ..ٽيون“ لڳي پئي هوندي هئي. ڳوٺ جا ماڻهو حيران ته انهن اڳ اهڙو استاد ڏٺو نه ٻڌو. رئيس ته هونئي فارسيءَ جي استادن جو قدردان هيو. اهڙي محنت ڏٺائين ته خصوصي قربت ۽ توجهه الڳ ڏيڻ شروع ڪيائينس. پوءِ ته استاد سعدالله جي محنت ضرب المثل ٿي پئي، مدرسي جي مولوي ۽ حافظ لاءِ عذاب ٿي پئي.
استاد سعد الله جي محنت جو جڏهن ڪچهري ۾ ذڪر ٿيندو هو، ته مولوي ۽ حافظ کي ندامت ۽ شرمساري ٿيندي هئي. ڪچهري ۾ آيو ويو، عمومن رئيس کي چوندو هيو ته، ”رئيس! استاد باڪمال آندو ٿي... اسان کي ته اهو ڀئه آهي، ته جي استاد سال کن رهيو ته اوهان جو سڄو ڳوٺ سنڌيءَ بدران فارسي ڳالهائيندو وتندو.“
”انشاالله! اوهانجي زبان مبارڪ ٿيندي!“، رئيس فخر مان ڪنڌ مٿي ڪري وراڻيندو هو.
رئيس جي غير حاضري ۾وري سرائي ۽ ڪمدار، وچ ڪچهري ۾ويٺا، استاد سعد الله جي تعريف جا ڌُڪڙ وڄائيندا هئا، جي سرائي هڻندو هو، ته ڪمدار کڻندو هو.
”استاد صاحب!... هيرا ئي هيرا... اِهندا ٽرڻ، اهندا ٻهڻ، اهندا الاوڻ، اهندا مسڪاوڻ، ميڪون ايڏا وڻندا اي، ڪي دل ڪريندي اي ڪه اهنڪو اپڻي سيني نال چائي رکان....“
”سرائي هاڻي تنهنجي وهي آ، هيرن کي سيني سان لائڻ جي؟“، جيڪڏهن ڪنهن ڪچهري ۾ ٽوڪيس ته سرائي چڙي پوندو هيو:
”تيڪون ڪهڙي خبر، چليا!.... استاد، پارس ئي پارس، سَڃي ته سون ڪر ڇوڙي... الهورايا، ڪن مين غلط اکيندا آن؟“
ڪمدار الهواريو به گهٽ نه ڪندو هيو، ”استاد ڏيکارڻ جو ڳڀروڻو آ... باقي الله حياتي ڏيس، پڙهائي جا اهڙا پانور ٿس، جو مان جهڙي ڳوڌ کي به پڙهائي ته اهڙو کتاڀي ٿي وڃان، جو هارين کي سڄو ڏينهن فارسيءَ ۾ ويٺو ٿڪ بُجوڪيان“.
استاد سعد الله خان، ٻنهي جي دل ۾ نه ڪندو هو. ڇو ته کيس ايترو اندازو هيو ته ٻئي ڦڙٻاٽي آهن ۽ عمر جي ان حصي ۾ آهن؛ جنهن ۾ جواني نانگ وانگر نڪري ويندي آهي ۽ پوڙهائپ ان جو پئي ليڪو پٽيندي آهي. پر هن جي اندر جي ڪنڊ ۾ ڪو لڪل خوف تڏهن ڪر کڻي اٿندو هو. جڏهن حافظ شمس الدين ڪنهن جماعتي سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هن کي ڏسي پنهنجي ڏاڙهيءَ کي پريشاني۾ مروٽا ڏيڻ شروع ڪندو هو. ان وقت کيس خيال ٿيندو هو، ته حافظ جي دل ۾ ڪا اَلا بلا ضرور آهي. پر پوءِ ان ڳالهه کي ايترو وزن به نه ڏيندو هو. اهو سمجھندي ته تازو رئيس جان محمد مدرسي ۾ طالبن کي سنڀالڻ جي ذميواري کيس سونپي هئي.شايد اها ذميواري کڻڻ لاءِ رئيس کي پارت سفارت ڪرائيندو هجي. باقي هن ته ان ذميواري کڻڻ وقت ڪا به دلچسپي نه ڏيکاري هئي، رهندو نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي، رئيس کي چيو هيائين:
”رئيس! مولوي عبدالرحيم صاحب جي هوندي، آ ذميواري کڻڻ جو پاڻ کي اهل نه ٿو سمجهان !“
رئيس کيس سمجهائيندي چيو هو، ”دراصل، مولوي صاحب پاڻ انهيءَ ذميواري کان دستبردار ٿيڻ گهري ٿو. ڇو ته ويچاري کي ٻه زالون ۽ ولر ٻارن جو آهي ۽ رهي به مدرسي کان ٻاهر ٿو. کانئس طالب سنڀاليو نه ٿا سنڀالجن. ان ڪري مولوي صاحب کي رڳو رڌي پڪي واري معاملي جي نظرداري کانسواءِ باقي ذميوارين کان آجو ڪيون ٿا.“ هن وري ٻيو عذر ڏنو هو، ”رئيس! حافظ شمس الدين مون کان وڌيڪ عمر رسيده ۽ تجربيڪار آهي، بهتر اهو نه ٿيندو ته اها ذميواري ان کي ڏني وڃي؟ “
”حافظ صاحب کي ان ڪري ذميواري نه ٿو سونپيان جو ان کي رڳو ڏنڊو ڦيرائڻ اچي، باقي طالبن کي ڪيئن پيار ۽ محبت سان اٿڻ ويهڻ جي تميز سيکارجي، ان هنر کان اڻواقف آهي. تنهنجيءَ ڀلي روش ۽ رويي ڪري ته مدرسي جي طالبن ۾ سراسر اڌ جيتري واڌ ٿي آهي. سڄي تر ۾ تنهنجي تعريف هلي ٿي.“، ان دليل ڏيڻ کان پوءِ رئيس مٿانئس زور ڀريندي چيو هو:
”استاد سعد الله خان، مان هن مدرسي کي باقاعده پنهنجي والد بزرگوار جي زماني وارو ادب گاه ڏسڻ گهران ٿو. اُميد آهي اوهان انڪار نه ڪندئو، باقي اهو منهنجو سخن آهي ته جيڪو توهان وظيفو چوندئو، اهو ئي اوهان کي ملندو.“
جيئن ته رئيس جان محمد ڳالهائڻ لاءِ ڪا گنجائش نه ڇڏي هئي، تنهنڪري اها ذميواري کيس کڻڻي پئجي وئي. استاد سعد الله کي مٿين ۽ وچئين طبقي وارن طالبن کي ته سنڀالڻ ۾ ڏکيائي ڪو نه پئي ٿي. پر ٽئين طبقي جي چيچ ٻاچ يعني معصوم طالبن کي سنڀالڻ ۾ ڏکيائي ضرور ٿيندي هئي. جيڪي اڪثر رات جو اڪيلائي ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ مائٽن کي ساري روئيندا هئا.
استاد سعد الله خان، جيڪو پهريائين مدرسي جي ڏاکڻي ڪنڊ ۾، الڳ ٿلڳ حجري ۾ رهندو هيو. سو ڦري وچ مدرسي واري ڪمري ۾ ٿي ويٺو ۽ حافظ شمس الدين سندس جاءِ تي. سندس ڪمري سان لڳو لڳ، کاٻي ۽ ساڄي وڏن ڪمرن ۾ ٻي ۽ ٽين طبقي وارا ساٺيڪو کن طالب رهندا هيا. طالبن جي سمهڻ کان اڳ، استاد کين اخلاق ۽ تهذيب تي هڪ ننڍڙو خطبو ڏيئي، کين شب بخير چئي، پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ويهندو هيو. جتي سندس شب بيداري شروع ٿي ويندي هئي. اهو سوچي پيو ڪڙهندو هو، ته جنهن تي مفتون آهي، ان کي سندس حال جي خبر ڪونهي. جي خبر آهي ته وري احساس ڪونهي. اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي. جيڪو سندس درد جي دوا آهي، سو کائنس ڏھ پندرنهن قدم به پرتي ناهي. پهريون دفعو کيس احساس ٿيو هو، ته ويجهو هوندي به ڏور ڇا ٿيندو آهي؟
استاد سعد الله، جيڪو ٻه مهينا اڳ ڪچي جي ماچ کاڌل ڍور جيان پاسا هڻي پيو هلندو هيو. سو اهڙي لاٿ ڪري ويو، ڄڻ ڀاڳ ناڙيءَ جي بکن ۾ پاه ٿيل وهٽ هجي. گھڻن ڳوٺ وارن ايئن پئي سمجھيو ته شايد پرديسي کي هتان جو پاڻي ڀيت نه پيوآهي . پر اها خبر ته هڪ استاد سعد الله کي ۽ ٻي ان سميع و بصيرکي هئي؛ جنهن جي آڏو آڌيءَ جو ويهي اِلاهون ڪندي، ڊگهيون ڊگهيون دعائون گهرندو هيو. جن جو خاتمو وڃي حافظ جي ان شعر تي ٿيندو هيو:
حافظ وظيفه تو، دعا گفتن است وبس
در بند آمباش، ڪه نشنيتد يا شنيتد
(اي حافظ! تنهنجو ڪم رڳو دعا گهرڻ آهي ۽ بس ان ۾نه پئه ته هن ٻُڌي يا نه ٻُڌي)
طالبن جڏهن صيغه هائي زبان فارسي ۽ گردانن ۾ گهڻي حد تائي عبور حاصل ڪري ورتو، ته استاد سعد الله هڪ ڏينهن سندن پاڻي ڪڇڻ خاطر، فارسيءَ جو هڪ شعر طالبن اڳيان پڙهيو:
ما وتو از يڪ گلستانيم، از ما رو متاب
قدرت قادر ترا گل ڪرد، مارا ڪرد خار
پوءِ طالبن ڏانهن ڏسندي، کين للڪاريائين، ”ڪير آ، جيڪو ان شعر جي آسان سنڌيءَ ۾ صحيح معني ڪندو ۽ پاڻ ملهائيندو؟“
هن جي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن سڀ کان پهريائين لعل جان جا لبِ لعلين، جيڪي تکي مساڳ جي ڪري ريٽانهان ٿي پيا ها، کلي پيا:
”استاد، جي اجازت هجي ته ان جي معني مان ڪيان!؟“
”بالڪل، اجازت آهي!“، استاد سعدالله کُليءَ دل سان وراڻيو.
اجازت ملڻ کانپوءِ لعل جان شعر جي معني ڪرڻ لڳو:
”مان ۽ تون هڪ باغ مان آهيون، تنهنڪري مون کان منهن نه موڙ. قادر جي قدرت تو کي گل ۽ مون کي ڪنڊو بڻايو آ .“
استاد سعد الله خوشيءَ وچان داد ڏيندي ايترا دفعا ته واه! واه! سبحان الله! جو ورد ڪيو، جو هڙني طالبن کي سندس بي خودي ۽ بي اختياري تي حيرانگي لڳي. پر حقيقت اها هئي ته استاد اهو داد لعل جان کي نه، پر پنهنجي سَڪارتي محنت کي پئي ڏنو. پهريون ڀيرو مايوسيءَ جي بحر مان، کيس اُميدن جو ساحل نظر آيو ۽ آسرو ٿيس ته اهو ڏينهن ڏور ناهي، جنهن ڏينهن تي هو هجر ۽ فراق جي عذاب کان آجو ٿي، وصال کي ويجهو پوندو. پوءِ سندس هر روز، روزِ عيد ٿيندي ۽ هر رات شب برات......
اهو پوءِ استاد جو معمول ٿي ويو، ته هر روز هو ڪو نه ڪو شعر طالبن اڳيان رکندو هو ۽ ڪوشش ڪري ان جي معني لعل جان کان ڪرائيندو هيو، ته جيئن لعل جان اشارن ڪناين ۾ سندس دل جي درد کي سمجهي وٺي. پر اڳيان به اتراڌي معشوق هيو، جيڪو معني ڪرڻ کان پوءِ به نظامي گنجوي جي مشهور شعر جو اهو بند بڻجي ويندو هيو. جنهن ۾ معشوق جي اک جي پڪائي جو بيان فرمايل آهي:
مارا به غمزه ڪشته، قضا را بهانه ساخت
خود سوئي ما نه ديد، حيا را بهانه ساخت
(مون کي ادائن سان ڪهي، قضا کي بهانو ٿو بڻائي
هاسڪار نه ڏسي ڪري، حيا کي بهانو ٿو بڻائي)
طالب جڏهن فارسي مان سنڌي ڪرڻ ۾ڀڙ ٿي ويا ته رئيس جان محمد جي خاص الخاص هدايت تي، استاد سعدالله هڪ نئون مرحلو شروع ڪرائي ڏنو، يعني سنڌيءَ مان فارسي ڪرڻ جو.
رئيس جان محمد جڏهن به اهڙي چٽا ڀيٽي ڪندي طالبن کي ڏسندو هيو ته کيس پنهنجو ننڍپڻ ۽ شفيق استاد مرحوم ومغفور مولانا درمحمد خاراني ياد اچي ويندو هو. جنهن جو ذڪر، رئيس شدومد سان جماعت آڏو پيو ڪندو رهندو هو . ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو هيو، جنهن ۾ سندس هم جماعت طالب سنڌيءَ مان غلط فارسي ڪرڻ ڪري استاد جي عتاب جو شڪار ٿيندا هيا.
معمول مطابق مدرسي جي دالان ۾سنڌيءَ مان فارسي ڪرڻ جي مشق هلي رهي هئي. استاد سعد الله جيڪو ننڍي استنجا ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتل هيو. وَٽُ ڪرڻ کان فارغ ٿي جڏهن موٽيو پئي آيو، ته اوچتو ڪنهن ناخلف جي آواز کيس ڇرڪائي وڌو جيڪو ببانگ دهل چئي رهيو هو:
”استاد جو ڇيلو وهريو آهي، جيڪو ان جي فارسي ڪري ڏيکاري ته انعام ڏيانس!“
”انعام ۾ ڇا ملندو؟“، ٻين طالبن ٽهڪ ڏيندي کانئس پڇيو.
” گھڻو ڪجھ ملندو، رڳو توهان ڪري ڏيکاريو!“
پوءِ هڪ ٻي ناخلف طالب ان جي فارسي ڪرڻ شروع ڪئي:
”بزءُ استاد.... “، استاد سعدالله وڌيڪ نه ٻڌي سگھيو. هڪدم انهن نامعقولن کي روڪڻ لاءِ اندر ٽپي پيو:
”خاموش، بي ادب!... گستاخ!....“، استاد ڌمڪي آميز رڙ ڪندي کين روڪيو.
سڀني طالبن تي سڪتو طاري ٿي ويو. استاد ڪاوڙ ۾ ٻنهي بد ڪلام طالبن رحيم بخش ۽ الهداد کي گهوريندي بيد جيان لرزي رهيو هو ۽ سوچيو پئي ته طالبن جي اٺ مسيت تي چاڙهڻ جهڙي شرارت ته برداشت ڪري سگهجي ٿي. پر هيئن اخلاق جا ليڪا لتاڙڻ ۽ استاد جي نانءَ تي ٽوڪ يا مخول ڪرڻ واري حرڪت ناقابل برداشت آهي. هن ڪجهه ساعتن لاءِ، ٻين طالبن کي دالان مان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ خطاڪار طالبن سان سخت انداز ۾ مخاطب ٿيو:
”مون ته ائين سمجهيو هيو ته اوهين صرف بُزءِ اخفش وانگر بيوقوف ۽ ناسمجھ آهيو. پر هاڻ خبر پئي ته اوهين بد گو ۽ بد تميز به آهيو ۽ يقينن ٻيو ڪجهه به ...“
الهداد ۽ رحيم بخش ٻئي کيس ڪنڌ هيٺ ڪيون ٻڌي رهيا ها.
رحيم بخش همٿ کان ڪم وٺندي عاجزيءَ سان چيو:
”استاد صاحب، اوهان ئي ته ٻڌايو هيو ته ’بشر جايزالخطا است‘ يعني انسان خطا جو گهر آهي. خدا جي واسطي، اسان جي خطا معاف ٿئي!“
انهيءَ عرضداشت جو استاد مٿان ڪو به اثر نه پيو، اٽلندو استاد ڪاوڙ ۾وراڻيو:
”ڇا مان اوهان کي ناهي ٻڌايو، ته خطا لاءِ سزا جو حڪم آهي ۽ ان خطا جي سزا اوهان کي رئيس پاڻهين ڏيندو!“
اها ڳالهه ٻڌي، ٻئي طالب ڊڄي ويا، کين اندازو هيو ته اهڙي گستاخي واري ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ رئيس کين مدرسي مان، بنان دستاربندي جي ڪڍڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. الهداد ۽ رحيم بخش، ٻئي ڄڻا آزين نيزارين سهاري اِلاهون بِلاهون ڪرڻ لڳا. پهريان الهداد هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪيو، ”استادِ محترم، اوهان اهو به ته سيکاريو آهي، ته ننڍن کان خطائون وڏن کان عطائون، سو اوهان جي عطائن جا طلبگار آهيون؟“... پر استاد جيڪو باه جي مچ تي رکيل ديڳ جيان تپي چڪو هيو، سو ٿڌو ئي نه پئي ٿيو. اهو ڏسي رحيم بخش دهلجي ويو، تنهن اوچتو پاڻ کي استاد جي پيرن تي ڇڏيندي چيو، ”سائين، اوهان کي لعل جان جو قسم!... بس هي ڀيرو خطا معاف ٿئي!“
استاد سعدالله کان اوچتو ڇرڪ نڪر ويو. کيس ائين لڳو ڄڻ سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي هجي. هن ته ائين سمجهيو هو ته سندس عشق جي ٻاٻور، ڪرامن ڪاتبين کي به نه هوندي، پر هنن نامعقولن کي ڪيئن پئجي وئي؟... هو اڃا حيرت ۾ هيو ته الهداد به ساڳي ڪار ڪئي ۽ چوڻ لڳو:
”جيڪڏهن اوهان معاف ڪندئو ته انشاءَ الله، اوهان جي هجر جي مهجوري چند ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي!“
هاڻي ته استاد سعدالله، سراپا عجب جي نشاني بڻجي ٻنهي کي تڪڻ لڳو ۽ جن طالبن کي هو چاچول باز ۽ ڪند ذهن سمجهندو هو، سي ته وڏا حرفتي ۽ رمز شناس نڪتا. استاد چند گهڙيون ته خاموش رهيو ۽ پوءِ پرڀرو بيٺل طالبن کي واپس اچڻ لاءِ سڏ ڪيائين. طالب جڏهن واپس آيا ته اهو ڏسي کين حيرت ٿي ته استاد سعدالله، جنهن پهريائين ويڙهي ڏاند جيان تارا اڀا ڪيا ها، سو ڪنهن پوسل ۾ ليٽيل مينهن جيان ٿڌو ٿي چڪو هو. تنهن ڦوڪٽ هڻندي رڳو ايتري تنبيهه ڪئي، ”سزا ڏيڻ کان معاف ڪرڻ بهتر آهي، ان ڪري اوهانکي معاف ڪيان ٿو، پر انهيءَ شرط سان ته آئنده ’خوش زبان باش، در امان باش‘ جي اصول تي هلندئو!“
رحيم بخش ۽ الهداد توبهن ڪندي ڪنن تي هٿ رکيا ۽ واعدو ڪيو. پوءِ ايئن لڳو ته ڳالهه آئي وئي. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مدرسي جي طالبن استاد سعدالله ۾ هڪ عجيب تبديلي ڏٺي؛ ته استاد جيڪو الهداد ۽ رحيم بخش تي سندن ڪاهليءَ جي ڪري جٺ ڦٺ پيو ڪندو هيو تن کي درگذر جي دائري ۾ آڻي ڇڏيو هيائين. نه صرف ايترو پر پهرن جا پهر پنهنجي ڪمري ۾ ويهاري ساڻن جُهڻ ڀُڻ به پئي ڪيائين.
حقيقت حال به اها هئي ته استاد سعدالله هاڻي رحيم بخش ۽ الهداد سان دل جو حال اورڻ لڳو هو، انهيءَ شرط سان ته راز راز رهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ سندس عشق، مشڪ نه بڻجي وائرجي. ٻنهي ڄڻن قسم کڻي ساڻس قول واقرار ڪيو هو ته سندس رازِ عشق راز ئي رهندو، فاش نه ٿيندو. ٻئي ڄڻا سندس همراز ۽ حال محرم بڻجي چڪا هيا. روز ٻئي نامه بر بڻجي کيس روزِ وصلت جي واعدن جا آسرا ڏيندا هيا. ڪڏهن ڪڏهن استاد کي ٻنهي طالبن جي ’امروز و فردا‘ وارن واعدن تي شڪ به ٿيندو هو ۽ کيس لڳندو هو ته انجامي ڪوڙا آهن. پر کيس اهو به احساس هيو ته اتراڌي معشوق، لاڙ يا وچولي جي معشوق جيان نرم خُو ۽ نرم دل ڪونهي جو هڪ اڌ نياپي ۾ پاڻ هاري ويهي. اهو ته جھولن جي سٽيل سخت جان چيلاٽي مثل آهي. جيڪو عشق جي لُڪن ۾ اڃا به وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندو آهي. جڏهن ته لعل جان ڪو جهڙو تهڙو معشوق نه هو. منجهس حافظ ۽ خيام جي معشوقن واريون هڙيئي خصوصيتون ۽ خصلتون يعني ناز وادا، شوخي، سنگدلي، بي پرواهي ۽ جورو جفا موجود هيون. تنهنڪري وصل جي ايتري تڪڙي آرزو ڪرڻ اجائي هئي. پر ڇا ڪري، انتظار بي قرار، لب زرد ۽ آه سرد وارين ڪيفيتن کي؟.............
آخر اهو ڏينهن اچي ويو، جنهن جو کيس اعتبار نه پئي آيو. جڏهن رحيم بخش ۽ الهداد کيس مبارڪون ڏيندي، انتهائي رازداري ۾ خوشخبري ٻڌائي هئي، ته اڄ رات جو لعل جان ملاقاتِ وصل لاءِ صفا راضي پازي ٿي ويو آهي.استاد سعدالله کي فارسيءَ جو اهو پهاڪو هڪدم ياد اچي ويو، صبر تلخ است وليڪن بهره شيرين دارد (صبر تلخ آهي، ليڪن ان جو ڦل مٺو آهي). از خود سندس تن تنبورو ۽ رڳون رباب ٿي ويون. کيس يقين ٿيڻ لڳو ته سندس دل جو درمان ٿيڻ وارو آهي. هن نهايت رازداري واري انداز ۾ آهستگيءَ سان پڇيو، ”منزلِ وصل ڪٿي هوندي؟“
ٻنهي نامه برن سڙُٻاٽن ۾وراڻيو، ”مدرسي جي پٺ ۾ .... ڦٽل کوه جي ڀر سان..... جتي وڏن کبڙن جا جُھنڊ پاڻ ۾ امبل چمبل آهن!“
”۽ ساعتِ وصل ؟“، هن پنهنجي اندر جي شادمانيءَ کي لڪائيندي، سرگوشي واري انداز ۾ ٻيو سوال پڇيو.
”پوري هڪ وڳي رات جو، جڏهن هئو مئو ٽري ويندو آهي“، رحيم بخش وراڻيو.
”آ پوري وقت تي رسي ويندس. بس ان سنگِ پارس کي چئجو ته انتظار نه ڪرائي، جو انتظار جي هڪ هڪ گھڙي عاشقن لاءِ قيامتِ صغري مثل هوندي آهي.“، هن بليغ انداز ۾ کين پارت ڪندي وراڻيو.
”پڪ سمجھو ته اوهان جو محبوب، اوهان جو منتظر هوندو، بس اوهان رڳو پوري وقت تي پڄڻ جي زحمت فرمائجو.“، الهداد کيس پڪ ڏيندي، تاڪيد پڻ ڪري ڇڏي.
سياري جي سرد رات ۾، استاد سعدالله جي رڳ رڳ ۽ نس نس ۾ خون ڊوڙي رهيو هيو. کيس ايئن پئي لڳو ته سوزِ عشق ۾ ڄڻ سڄي دنيا تپي ڳاڙهي ٿي وئي آهي. هن چاٻي واري ويسٽرن گهڙي تي هر هر نظر پئي وڌي، جنهن جا پرنور ريڊيم لڳل ڪانٽا، آهستي آهستي سندس صبر آزما گهڙين کي ڳڻيندي اڳتي پئي وڌيا. جڏهن انهن رات جو پورو هڪ ڏيکاريو ته هو پير پير ۾ ڏئي، وڏي احتياط سان ٿري لوئي جي ٻڪل هڻي ڪمري مان ٻاهر نڪتو. تھ سياري جي اوڻٽيهين اونداهيءَ ۾، چرخ بي پير (بي پِيري آسمان) تي وکريل تارن جا ميڙ ڄڻ سلطاني شاهد بڻجي کيس ڏسي رهيا هيا. هن کين ڏسندي سوچيو، ڪاش! اڄ اهي شاهدِ حال به سياه بادلن جي اوٽ ۾ هجن ها ته بهتر ٿئي ها. هن هڪ نظر ان ڪمري ڏانهن به ڊوڙائي، جتي سندس رقيبِ روسياه، حافظ شمس الدين لت ڏيون ستو پيو هو. پوءِ هوش کي پٺـتي اڇلي، جوشِ عشق ۾ ڦٽل کوه ڏانهن ٻرانگھون هڻندي روانو ٿيو. هر طرف خاموشيءَ جو راڄ هيو، رکي رکي ڪنهن ڪتي جي ڀونڪ ٻڌڻ ۾ پئي آئي،جيڪا به هن کي بي وقتي ۽ اجائي پئي لڳي. هوڌڙڪندڙدل سان هلندو هلندو ڦٽل کوه جي ڀرسان اچي پهتو هيو. گھاٽن کبڙن هيٺان بِب اونداه کي ڏسي هڪ ڀيرو ته سندس دل ۾ هٽ کٽو ۽ هول پيدا ٿيو، پرعشق جي تقاضا ۽ وصل جي شديد آرزوکيس اڳتي وڌڻ تي مجبور ڪري وڌو. هن کي فارسي جي اهو مشهور پهاڪو ياد آيو، ته ’مرد بايد ڪه هراسان نه شود، مشڪلي نيست ڪه آسان نه شود‘ (مڙس ماڻهوءَ کي هرگز ڊڄڻ نه گھرجي، دنيا ۾ڪا اهڙي مشڪل ناهي جيڪا آسان نه ٿئي). پوءِ هن دل ٻڌي پهرين، ٻي ۽ ٽين وک کڻي مردِ ميدان بڻجي اندر گهڙيو. گھڙڻ شرط ڪاري ٻاٽ کيس ايئن وڪوڙي وئي، جيئن بکايل اجگر، ڪنهن شڪار کي جهٽ هڻي سوگھو ڪري ڇڏي. ان ڪاري ٻاٽ ۾ هو گھڻو ٿڙيو ڦٿڙيو ۽ ڇڏ! ڇڏ! ڪندي هٿ پير هنيا، پر هن محسوس ڪيو ته ڄڻ هو ڪنهن آهني شڪنجي ۾ اچي ويو آهي. ڪجھ دير تائين گھاٽن کبڙن هيٺان سندس ڀرپور مزاحمت ۽ ڪشمڪش جي ڪري چنگھڻ، سهڪڻ ۽ سڪل پنن جي کڙڪڻ جا آواز ٿيندا رهيا. جڏهن کيس فارسيءَ جي اها مشهور چوڻي ياد اچي وئي، ’آمدن به ارادت، رفتن به اجازت‘ ته پوءِ هن جي اها مزاحمت به ختم ٿي وئي ................
وڏي اَسر جو، جڏهن کبڙن جي اونداهي کيس اوڳاڇيو ته استاد سعدالله جي ورڻ جو منظر باب السماءُ (تارن جي ميڙ) حيرت ۽ عجب وچان پئي تڪيو. استاد جي پيشاني عرق آلود ۽ دستار ڳچيءَ ۾ ڦاٿل هئي. گوڏا رهڙيل ۽ جان ۾ رڦڻي هيس. هلندي هلندي پير پئي وچڙيس. مدرسي ڏانهن ورندي، خوف وچان پٺتي شڪ پئي هنيائين...........
فجر جي نماز تي، رئيس جان محمد، استاد سعد الله کي غير حاضر ڏٺو، ته کيس ڪجهه اُڻ جُهڻ ٿي پئي. رئيس سوچيو، شايد گهڻي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ڪري کيس گھري ننڊ اچي وئي آ يا وري سندس دشمنن جي طبعيت ناساز آهي. نماز کان پوءِ اندر جي اُڊڪي کي ختم ڪرڻ لاءِ رئيس جان محمد اٿي اچي، سندس ڪمري ۾ جهاتي هنئين؛ ڏٺائين ته ڪاريءَ وارا ڪک، نه استاد نه استاد جو سامان. البت هڪ چٺي تڏي تي، سندس هٿ اکرن سان پئي هئي. هن کڻي پڙهي، جنهن تي لکيل هو:
”الحاج رئيس جان محمد،
السلام عليڪم!
خيريت طرفين مطلوب
مطلب احوال ته، آ پنهنجي وطن وڃان پيو. افسوس، جو اوهان جي ملڪ ۾ جالي نه سگهيس. ڳالهايو ٻولهايو بخشجو.
خيرانديش
استاد سعد الله خان.“
الحاج رئيس جان محمد جا تاڪ لڳي ويا. کيس سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو ته آخر سبب ڪهڙو هيو، جو نه موڪلائڻ نه توڪلائڻ، ائين الله توهر!؟.........................