ساڌُ
”واڏڻ کڻي لاش ڪڇي ڇڏيو بابا، نه ته صبح سان وڏو ٿي ويندو!“ ، مکي اوڏڪو سونسو ڪندي رڙ ڪئي. وزيري پئنچ نئين واڻ جي نوڙي ڪڍي لاش ڪڇي، اهو ٽڪرو ڪوڏر سان ڪپي لاش جي سرانديءَ ڪري رکيو.
”نارو! ڪاڏي ڪاڏي ماڻهو مڪا ٿو؟“، مکيءَنارو پئنچ کان پڇيو.
”مکي ، باڊه وارن جيپڙوتن ڏي ، مديجي وارن گڏاهين ڏي ،ڳيريلي وارن گڙگٽن ڏي “،ناروءَ وراڻيو.
”اڙي لاڙڪاڻي وارن کروڙن ڏي به ماڻھو ڪيو، ڏوڪريءَ وارن ڏيواتن کي به ٻڌايو، ڪنڊياري وارن ڪليھن ڏي به مُنجو .... ڀيڻان سوڀو ساڌ هو ، ڪو جهڙو تهڙو هو ڇا؟“
”جي مکي!“ ،ائين چئي نارو سرڪي مان ٻاهر نڪري ويو.
”هائو مکي! چئين سچ ٿو، سوڀو مور هو مور، وڏي مڃتا هئي سوڀي جي بابا!....اوڏ ته ڇڏيو، گوچا (مسلمان ) به فيصلن ۾امين واريندا هيس!“، ائين چئي هڪ همراه روئڻ ۾ اچي ڇٽڪيو.
”ڀائي! ڪو جهڙو تهڙو ساڌ هو ڇا؟ پيڙهياتو هو پيڙها تو !.....اڙي ادا اڄ هرچند اڪيلو ٿي پيو.“ ،مکي هرچند جو هيانءُ ڀرجي آيو ، نڙيءَ ۾ کانگهارو اٽڪي پيس. هن زور سان ڪڍي ٻاهر اڇليو ، کانگهارو نڙيءَ مان نڪتو ته ڪنڌيءَ جي ڪانن کي چنبڙي پيو.
”بس ڀائي، جنهن جو هتي به کَپ ته، اُتي به!“، ٻي ڪراڙي اوڏ ٿڌو ساهه کڻي گوڏ جي پلئه سان نڪ جو ريشو اُگهندي چيو.
”ڪهڙي بات ڪجي، سوڀي ساڌ جي ڀائي! ... آنڌي مانجهي ، ٿڌي ڪوسي، مَرُ جيءُ ۾ جاڏي هڪليس ته گوهي نه ڪندو هو... ڪچهري ۾ چوندو ٻه اکر، پر نبيري وارا... اوڏڪي ڪَل جو لال هو ڀائي!.... تڏهن ته ڀڳوان گهر ڀري ڇڏيس، اهڙا ڀلا گڏه جو ڪنهن جي سرڪي ۾ نه، اهڙي سيبتي ننهن جو ويڙها ڳولھ ته نه لڀي ... پر پٽنهس ۾ اها مڻيا ڪونه ... بس ڌڻي اڳنان مت ڏيندس!“، وزيري پئنچ جي اها ڊيگهه، سوڍي کي ائين لڳي ڄڻ لوسي گڏهه بي مهلي هينگ ڪئي هجي. هن اندر ۾ ڪَٽ کائيندي چيو، ”وزيرا! جي پيءُ مئل نه هجي ها، ته اڄ پٽڪو ڌوڙ ۾ روليانءِ ها، پوءِ جيڪي ٿئي ها ڏٺو وڃي ها“.
رکي رکي هوا جي جهوٽي تي اڇي چادر جو پلئه لاش مٿان کڄي پئي ويو، جنهن کي ماڻهن هر هر ٺاهي پئي وڌو . سوڍي پيءَ جي لاش کي اچرج وچان پئي ڏٺو، ڄڻ کيس يقين ئي نه پئي آيو، ته واقعي سندس پيءَ مري ويو آهي يا ڌرتيءَ تي نئون سنئون ٿيو ڇهند ڪيون ستو پيو آهي. هن پڪ ڪرڻ خاطر، جيئن ئي پيءَ جي لاش مٿان چادر هٽائي ته پڻهس جون ٻوٽيل اکيون ۽ بند ٿيل ساهه کيس جهنجهوڙي وڌو . بي اختيار ”بابا!... بابا!.....“چوندي سندس بي رخين اکين مان پاڻي ائين ٻنڀ ڏئي ٻاهر آيو، ڄڻ کوهه کوٽيندي، ڳر ۾ ڪوڏر جو لپو لڳي ويو هجي.
”بس منهنجا لال بس!... اڙي بس!“، مکي هر چند کڻي سيني سان لاتس، هڏڪين ۽ سڏڪن ۾ مکي کي ننڍڙي ٻار جيان چنبڙي پيو.
”هين ڀيڻان گاڙا(گڏهه) رنن وانگر ٿو روئين ... اڙي مڙس ٿيءُ!... اڳتي زندگيءَ جو بار ڪيئن ڍوئيندي؟“، آرام سان سمجهائيندي ، مکي تڏي تي ويهاريس.
رات جي پيٽ ۾ الائي ڪٿان ڪٿان اوڏڪو راڄ ’ڄام پور‘ ۾ ڪهي آيو هيو، جن سوڀي جون ڳالهيون ۽ ڳڻ ڳائيندي ساري رات اکين ۾ ڪاٽي ڇڏي.
ماڻهو بيهي هٿ مٿي ڪري، ايڏي گهري، ٻه هٿ موڪري، پنج هٿ ڊگهي قبر تيار ٿي وئي هئي. ڪچڙي منجهند جو سوڀو سينگارجي گهران ٽٽري (ارٿي) تي ڍونڍڪارن ۽ اوڇنگارن ۾ کڄيو ته مکي ماڻهن کي جهليو، ”ڀائي نه روئو!..... پنهنجي ڌرتي ماتا ڏي ٿووڃي ، متان ماتا ڪاوڙجي کيس پيڙي نه!“
سوڀي جو لاش ڏاڍي ڌيرج ۽ آهستگيءَ سان قبر ۾ رکيل نئين رلهيءَ تي لاٿو ويو. مٿان چادر جهلي مٽي آهستي آهستي ريڙهي وئي ۽ پوءِ ڌرتي کيس ائين ڍڪي ڇڏيو، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار کي ڪپڙي جي پلئه سان ڍڪي ڇڏيندي آهي.
امر لٽ کانپوءِ ڪانڌين ڪانڌپو کائي بس ڪيو، ته سوڍي کي مٽن وهنجاري سنهجاري، ٺاهي ٺڪي وٺي وچ تڏي تي ويهاريو. مکي پئنچن ۽ چڱن مڙسن کيس راڄ اڳيان ور ڏئي نئين پڳ ٻڌائي . هرچند مکيءَ جي حيثيت سان کيس نصيحت ڪئي ، ”پُٽ سوڍا! تونجو پيءَ اوڏان ويو، جاڏي سڀ ڪو ويندو آ.. اڄ گهر جو وڏو تون آ... راڄ ۾ اُٿي ويٺي توکي ڪرڻي آ ... هاڻي تون اهو ناهين جو ٻاراڻيون ڪرين ۽ راڄ سهي!“
سوڍي کي مکيءَ جي نصيحت ائين پئي لڳي، ڄڻ راڄ اڳيان کيس هٿ وٺي بڇڙو ڪندو هجي. ڀيڻيوي راول ، جڏهن اوڏڪي رسم مطابق گڏهه جا آٿر آڻي هٿن تي رکيس، ته هن کي ائين لڳو ڄڻ سنئون سڌو چيوهجائينس، ته هاڻي هو ننڍڙو کوتڙو ناهي، جيڪو زماني جي بارن کان آجو پستيءَ تي پستي ڏيندو وتي. هاڻي هن کي ڀڙ گڏه جيان زماني جا ٻورا ڍوئڻا آهن. ان سمئه، پيءَ جي هڪ هڪ ڳالهه ياد پوندي ويس، ته پڻهنس هوندي کيس ڪنهن ڳالهه جي ڳڻتي ئي ڪونه هئي. هن ته ماءُ مئي به پاڻ کي ڇورو نه سمجهيو هيو، پر هاڻ پاڻ کي بي واهو ٿي سمجهيائين . جنهن کي هر ڪنهن واڏائي چيو هو، ته هاڻي ڪوئي به ڪونهي جيڪو سندس ڪَئي جا ڏنڊ ڀري يا ڇَل ڪپٽ اکين تي رکي. اهڙيون ڳالهيون ذهن تي رکندو ويو ته اکيون ڀنل لئي جون ٽاريون ٿي ٽمڻ شروع ٿي ويس، جن کي انگوڇي جي پلئه سان هر هر پئي اُگهيائين.
مکي، پئنچ ۽ راڄ جا ماڻهو ، پنهنجا لٿل پٽڪا، پٽڪيون ، انگوڇا ڇنڊي ڦوڪي مٿن سان ٻڌي چڪا هيا . سڄي رات ۽ ڏينهن جي اوجاڳي ۽ ٿڪ ڪري گھر آرام ڪرڻ واسطي موڪلائڻ لاءِ آتا هيا. هن اُٿي ، ويٺل نڙيءَ سان سڄي راڄ کي ڪرڻين جو ٻڌايو، ”ڀائي !ڏهن ڏينهن کانپوءِ ڪرڻين جو ٻڌو هجيوَ! “ راڄ وارا ڪرڻين واري ايندڙ وار جو حساب آڱرين تي ڪندا اُٿي ويا.
ڪرڻين واري ڏينھن تي، جڏھن نياڻين سياڻين ڌاڳي ٻڌل ڪوري دکيءَ مٿان رکيل ماني کائي، بچايل ٽڪر ۽ جل دان ڪري سوڀي جي قبر طرف اڇلايا، ته براھمڻ شنڪر لال سوڍي کي ٻڌايو، ”ڀائي، ھاڻي تنھنجو برت پورو ٿيو!“
ھن اڃا مانيءَ جو گره ڀڃي گيھ ۽ مٺائي ۾ ٻوڙي وات ۾ پئي وڌو ته مکي پڇيس،”ڀائي! ڪرڻيون ته خير سان ٿي ويون، ھاڻي سکو ڊاڙ ڪڏھن ڪندين؟“ ھن کي لڳو ڄڻ مکي کيس ساھي پٽڻ نه ڏيندو. ھو اڃا ويچارن ۾ھيو ته ڪھڙو جواب ڏي، ته مکي لفظن جون وري ٻيون سونٽيون وھائي ڪڍيس، ”سوڍا! ھتي گھڻا پڻھين جي وھي وارا ويٺا ٿي، جنھن کان وڻئي، تنھن کان پڇ ته ڏاڏنھن جيئل جي ڪرڻين جي ٻي ڏينھن تي سوڀو جيءَ چڙھيو ته متان پتا جي آتما کي ان ۽ جل جو دان نه ملي . تون ٻڌاءِ، پنھنجي پيءُ جي آتما کي گھڻا ڏينھن ترسائيندي....مھينو اڌ، سال يا سدائين لاءِ؟...“
سوڍو سمجهي ويو ته مکي سندس اندر جي گدڙ کي سڃاڻي ورتو آهي، هاڻي کيس سڄي راڄ ۾ ڏِٺو پئي ڪيائين. سوڍي جنهن سڄي عمر رڏيءَ ۾ گذاري هئي،تنهن مکيءَ کي مند جي ٻڌائڻ ۾ دير ئي نه ڪئي:
”هونهه!..... بار گڏهه تي چنگهي کوتي.... مکي، ساڌن جا پٽ ساڌ ٿيندا ڪو تنهنجا يا چورن جا ته نه ٿيندا.... هفتي کانپوءِ ڀلي مهاراج گهرائي سکو ڊاڙ ڪريو.“
مکي اهو سوچي کيس ڪا ورندي نه ڏني ته گپ گپ سان نه ڌوئبي آ. جي وارو ڏنو ٿئين، ته لٺ وهائي ڪڍجيس ته پاڻهين سڌو ٿي ويندو. هن مهاراج شنڪر لال سان سس پس ڪري هڪدم صلاح ڪري ورتي. پوءِ مکي هرچند وڏي واڪي ويٺل راڄ کي ٻڌايو ،”ٻڌو هجيو ڀائي!... آرتوار آتوار اٺ، نائون سوموار، ڏهون منگل وار ... منگل وار تي سکو ڊاڙ ٿيندي.“
سکو ڊاڙي واري ڏينهن تي سوڍي جي سَرڪي ۾ تر ڇٽڻ جيتري جاءِ به ڪونه هئي. جنهن ٻڌو هيو، سو آيو هيو، ڪو سڏ تي ڪو بي سڏيو رونشي خاطر. سرڪيءَ جي اڱڻ تي پپر جي وڻ هيٺان بالڪل وچتي مکي هرچند ، سوڍو ، مهاراج شنڪر لال ۽ڪجھ پئنچ پلٿيون هنيون ويٺا هيا. مهاراج شنڪر لال اوڏن جي ڌرمي ڏاڏي ’ڀاڳيرٿ‘ جي ڪٿائن سان راڄ ريجهايون ويٺو هيو.
”سائين ڪانن جي نئين مڙهي تيار آ“، وزيري پئنچ سرڪي ۾ گهرندي مهاراج شنڪرلال جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو.
”هر شيءِ تيار ڪري رکي اٿو؟ ... ڪانن جو پڃرو ، جل ڀريل دلو، پرساد ۽ چئومکي واري ٿالهي ؟“، مهاراج پڇيو.
”هر شئين تيار آ!“، وزيري پئنچ وراڻيو.
” بس ته پوءِ اُٿو!“، مهاراج شنڪر لال سڀن کي اُٿڻ جو اشارو ڪيو. مڙهيءَ ۾ گهرڻ کان اڳ، سوڍي ۽ شنڪر لال جدا جدا اشنان ڪري، پنهنجي پنهنجي ڍنگ جا ڪپڙا پهريا. ڪانن جي مڙهيءَ اندر مهاراج شنڪر لال ۽ سوڍو گهريا، باقي سڄوراڄ، مکي ۽ پئنچن سان گڏ ٻاهر بيٺو رهيو.
سوڍو انگوڇي جو گهونگهٽ هنيون ، مهاراج شنڪر لال اڳيان، نئين نويلي ڪنوار جيان ڪنڌ جهڪايون ويٺو هيو. مهاراج منتر ۽ اشلوڪ پئي پڙهيا. سوڍي ائين پئي ڀاسيو ڄڻ مهاراج کيس هڪ نه سمجهندڙ دنيا ۾ پٽيون کنيون پئي ويو. انهيءَ ڪري کيس هڪ عجيب قسم جي آسيس ۽ آنند پئي آيو. جڏهن مهاراج منتر پڙهي پورا ڪيا، ته هن ٻن پتل وارين ٿالهين کي جيڪي مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل هيون، سوري وچ تي ڪيو. هڪ ٿالهيءَ ۾ کوپرو ، ڇونهارا ۽ پرساد پيل هيو. ٻي ٿالهيءَ جي وچ تي اٽي جو چومکو ٻري رهيو هيو. پاسن کان اٽي جا ٻه چاڻا پيا هيا. هن هڪڙو بوتو ڪڻڪ جي اٽي مان ۽ ٻيومڱن جي اٽي مان ٺاهيو. ٻنهي بوتن جي نرڙ تي سندور جو ڳاڙهو ٽڪو ڪڍي، پوءِ سوڍي کان پڇڻ لڳو:
”ڀائي سوڍا مل! تون مري ويل ساڌ سوڀي جي جيءَ چڙهين ٿو؟“
”جي مهراج!“ ، سوڍي آهستگيءَ سان وراڻيو.
”ڪام ، ڪروڌ ، لوڀ، موه ۽ اهنڪار کان پاسو ڪندين؟“
”ها ، مهراج!“
”آسري گڻن، پاکنڊ ، گهمنڊ ، اڀمان ، ڪروڌ، ڪٺورتا ۽ اگيان جي اوڏو نه ويندين؟“
”نه!“
”هميشه سچ کي پنهنجو ڌرم سمجهندين؟“
”ها، مهراج!“
”سوڍا جي تون پنهنجي وچن جو پالن نه ڪيو، ته پوءِ توکي ڪشٽ ڀوڳڻا پوندا. تنهجي پوجيه پتا جي آتما رلي ويندي. تنهنجي ڪئي جي ڀوڳنا، تنهجو ابهم ڀوڳيندو. تنهنجو پريڻام اهو ٿيندو جو تون اڳلي جنم ۾ ڪتي جي پيٽ ۾ ڪينئين جي صورت ۾ پيدا ٿيندي!“
مهاراج شنڪر لال جون بي سريون ڳالهيون ٻڌي سوڍي کي هيڪر جوجڪي آئي، ته چئي ڏيس،” کڻ پنهنجو ساڌپو، مان هي ٿو وڃانءِ!.. اهڙو سون ئي ٻَن ، جوڪن ڇني“، پر چئي نه سگهيو جو اهو به سوچيائين پئي، ته جيڪو ٻڌندو سو کلندو ۽ سڄي عمر ماڻهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙو نه رهندو.
مهاراج شنڪرلال ديوين ۽ ديوتائن جون ڪٿائون ٻڌائيندي آخر ۾ سُر سان نصيحت ڪندي چيس،”سوڍا اڄ کانوٺي تون سچ جي ٻيڙي تي سوار آن. سچ جي ٻيڙي لڏندي آ ، پر ٻڏندي ڪونهي . ڀڳوان جي پيارن کي ڪٺنائيون پيون اينديون آهن؛ جيڪو ان مان پار پيو ،تنهن کٽيو.“
مهاراج جون اهڙيون سڀاويڪ ۽ وڻندڙ ڳالهيون ٻڌي ، سوڍي جو اندر ماٺار ۾ اچي ويو. هن پڪو پھ ڪري ڇڏيو ته جي ڪلهو ڏنو آ ته توڙ نڀائبي، پر پيءُ جي آتما نه رولبي. نه پاڻ اڳلي جنم ۾ ڪتي جو ڪينئون ٿيندو ۽ نه وري پنهنجي ڪرمن جو ڪڙو ڦل رامن کي کارائيندو.
مهاراج وري اشلوڪ ۽ منتر پڙهندي ٿالهيءَ مان ٻه بوتا کڻي مڙهيءَ جي ڪنڊ ۾ رکيل ڪانن جي پڃري ۾ وڌا. پوءِ جڏهن پرساد جي ٿالهيءَ سان گڏ سوڍي کي وٺي مڙهيءَ مان ٻاهر نڪتوته پرساد ورهائجڻ وقت مهاراج کي اوڏڪي راڄ جي هٿن جو گهيرو ٿي ويو، جيڪي کانئس پرساد وٺي نه ڄڻ ڦري رهيا هيا؛ گڏوگڏ سوڍي کي واڌايون به ڏئي رهيا هيا:
”واڌايون سوڍا!..... واڌايون ڀائي!.... وا.... ڌا..... يون!.....“
واڌاين جي مڌر آوازن تي سوڍو اندران ئي اندران ٻلوان ٿيندو پئي ويو . کيس وشواس ايندو پئي ويو، ته هاڻي هو اڳيون پاکنڊي ، ٺڳ ۽ چور ناهي رهيو. هاڻي سندس اندر مان هڪ نئين سوڍي جنم ورتو آهي، جيڪو سچو، ڌرمي ۽ ديوتائن جو ماڻهو آهي. هن جو پاڻمرادو ڪنڌ جهڪي ويو هيو. نظرون هيٺ زمين ۾کپي ويس . کميا ۽ ڌيرج سان پئي هليو، هر ننڍي وڏي اڳيان پئي جهڪيو. هن کي ڏسندي مکي هرچند کي ته ڄڻ يقين ئي نه پئي آيو، ته ڪڏهن پاپي شخص جي به ڪا ائين ڪايا پلٽبي آهي.
هفي اندر نه صرف مکي، پر پئنچ به اچرج ۾ اچي ويا هيا. جڏهن وزيري پئنچ جهڙي مخالف ، جنهن کي اڳ سوڍو ڏٺي نه وڻندو هيو، تنهن به پئنچن جي ڪچهريءَ ۾ سوڍي جي ساراه پئي ڪئي، ”مان کي هاڻي لڳي ٿو ته سوڍو ، سوڀي جو پٽ آ، نه ته ڀڳوان ٿو ڄاڻي اڳي شڪ هو.“
نارو پئنچ جنهن ويٺي چلم پئي ڇڪي،اوچتو نڙ هٿ مان ڇڏائجي هيٺ ڪري پيس. ”اهو وري ڪيئن؟“، نارو پئنچ پٽ تان نڙ کڻندي وزيري کان حيرت مان پڇيو.
”ڪلهه ڪو سوڍي سان وڏيري خان محمد جو ڪمدار خيرو واٽ تي گڏيو ، ته چيائينس هزار سوا ڪانو ڪَڙ ڪڍائڻي آ، تنهان اوڏن ۾ ڪهڙو هوشيار آ، جو ڪم جود ۾ ڪرائي ڏي، ته مانجو نالو کنيائين... اچئي ٿي پت!؟“
”تون چوين ٿو ته پت اچي ٿي، نه ته تنهنجو نالو وٺندي ته ڪُتڙيون چڙهنديون هيس. اڳي ته تنهنجا ٺهيل ڪم به ڊاهيندو هيو“، نارو پئنچ عجب مان وراڻيو.
”چڱو ٿيو ڀائي، ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي ، سا به نه چئبو ڀلي!“، مکي سک جو گھرو ساهه کڻندي چيو .
”پر اڃا ته پاٽي به ناهي پيٺي، مکي!... اڳتي ڏسجي ته ڪهڙا ٿو ڪلياڻ ڪري؟“، نارو کي اڃا به ڳڻتي هئي، ته سوڍو ڪهڙي مهل به بلٽ کائي سگهي ٿو.
اهو چئوٻول نه صرف چئن چڱن جي ڪچهريءَ ۾، پرڳوٺ ۾ ممدي عارباڻيءَ جي چانهه جي مانڊڙيءَ تي به لڳو پيو هيو. سندس سڀئي ڏٺل وائٺل ۽ جهُٽ حيران هيا، ته سوڍو جيڪو پهرئين درجي جو ڪوڙو، قسمي، جواري، چور، ٺڳ ۽ اوڙي پاڙي جي ننگن جو دشمن هيو، سو ڪيئن ساڌ ٿي ويو؟..... جيترا وات اوتريون ڳالهيون هيون، ته اهو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته ’جوَ ڍيري گڏھ رکپال‘ڄڻ ڪنهن کان به صحيح نموني جوکوڙو ئي نه پئي لڳو. سيتل جيڪو اِيرکا جي آنچ ۾ جلي رهيو هيو، تنهن ڀڙڪو کاڌو،”ماڻهو ڪجهه به چون ، پر مان کي ڳالھ دل سان لڳي ئي نٿي ته سوڍو ۽ ساڌ؟.... ساڌ ٿيڻ ڪو ڀوڳ يا مشکري آ ڇا؟... مکڻ سيخ پچائڻو آ، مکڻ سيخ ! ... مڙيئي مکي سکوڊاڙ جي رشم ڪرائي ، گڏه جي مٿان گهوڙي جا سنج رکايا هن! “
”تون ڇو ٿو اَرهو ٿئين ؟.. جنهن کي ڌڻي سمڪ ڏي ته دير ئي ڪانهي.“، شهزادو اوڏ جيڪو سوڍي جي ساڌ ٿيڻ تي سرهو ۽ سنتوش ٿيو ويٺو هيو، تنهن ورندي ڏنس .
”مان ارهو نٿو ٿيان، پر سچ ٿو چوان .... سڄي جڳ کي خبر آ ته ٽيون ورهيه ، مانجو گڏه لغڙي چوري ٿي وڃي پار واري قرآني حاجي ڪوڙي کي پهتو . خبر پاڻ کي ٿي ته حاجي ڪوڙي وٽ گڏھ پهتو ته ڄڻ واڳو جي ور چڙهي ويو. گڏهه ته نه موٽيو پر اها خبر پئي، ته چور سوڍو آ.... غلامو دايو ۽ ممو ڪنڀر جهڙا حرامي ڪاٽڪو رُوبڪا بيهاريا مانس ته به نه باسيائين. اڙي! ديوي جي ٿانَ جو قسم پئچائت اڳيان ڏنو مانس، ته به ڌڙڪ ئي نه ٿيس... تون الائي ڇا ٿو ڳالهائين؟“، سيتل سگريٽ دکائي مُٺ تي ڪڇ هڻي وري نڙيءَ تي زور ڏنو،”هيڏي شهزادا!.... هي سڀئي ٻڌني ٿا!.. ٻه ٽي ڏينهن ٻيا گذرڻ ڏي، جي سوڍو اڃا ٻه هٿ وڌيڪ حرامي نه نڪري ته مانجا شهپر مُٽ سان ڪوڙجانءِ!“... مانڊڙيءَ تي ويٺل سڀئي کلڻ لڳا، ته شهزادي جو ماتا وارو چچريل چهرو ويتر ڀوائتو ٿي ويو. سيتل جي ڳالھ نرڙ تي گهنڊ وجهي ڇڏيس ۽ هو سوچڻ لڳو، ته ’جي سوڍو اڃا حرامي نڪتو ته پوءِ هن جي ننڊ ته جائي حرام ٿي وئي. هن کي وري پنهنجي جوءِ لاڏڪي پٺيان لڪي لڪي ڪڍ لڳڻو پوندو‘ . هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته ’هاڻي جي کيس ٻئي ڪنهن واهه جي گهير ۾ ٻٽ هٿ اچي يا، ته اوڏڪي رسم ڀڃ (طلاق) جو نه سوچيندو ، سنئون سڌو ٻروچن وانگر ٻنهي کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڪهاڙي لوڏيندو وڃي ٿاڻي تي پيش پوندو.‘ اهڙو تصور ڪيائين ته ڏڪي ويو. تڙ تڪڙ ۾ ڪوسي چانهه جو ڍُڪ هنيائين ته خيال مٽ ٿي ويس ،ته ٻي رُخ سان سوچڻ لڳو، ’لاڏڪي ڪجهه به صَحي، پر سندس سرڪيءَ جي سونهن آ؛ سڄي راڄ ۾ ڪو سندس پير جي پُٺيءَ مَٽُ به ڪونهي، تڏهن ٿو هر ڪو سڙي . سيتل ته اڳ ۾پنهنجي ڦِنجهي جوءِ سنڀالي ۽ پوءِ ٻين ڏي اُڇل ڏي.‘
هن جڪون کائيندي سيتل کي آخرڪار ٺاهوڪي موٽ ڏني، ”سچ آ ادا، ته ڪتو ڪتي کي ناهي سهندو ، هاڻ سوڍو ٿيو آ ساڌ، ته توکي هيانءَ ۾ ڦٽ ٿي پيا آهن !“
”پوءِ رک ڀلا شرط سڀاڻي آزمايونس ، جي هوندو ساڌ ته اڳيون پويون سچيون ڪندو . نه ته اڳي وانگر قسم ائين رهڙي ويندو ، جيئن بَرو ٻڪر سڱر کائي وڃي... ڪيئن ممدا؟“.... ممدو جيڪو چانهه کي ململ جي ميرانجهڙي ڪپڙي سان ڇاڻي ڪوپن ۾ وجهي رهيو هيو، سيتل تنهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيو.
”ٿي وڃي شهزادا!“، ممدي ٻين ويٺلن گراهڪن کي اک هڻندي، شرارتي انداز سان شهزادي کي ٽيڪر ڏني. شهزادي ٽيڪرن کي سمجهندي به سيتل سان سئو روپين جي شرط لڳائي ڇڏي. ڇو ته کيس اها پڪ ڪرڻي هئي، ته سوڍو واقعي ساڌ ٿي ويو آهي يا اڃا ڦند ڦيراٿس .جي اٿس ته پوءِ لاڏڪي سان وري اونئن ئي وهنوار رکي.
صبوح جو سج نه اُڀريو ته سوڍي کي سَرڪي ٻاهران سڏ ٿيو . سوڍو ، ”رام نام ست هئي!“، چوندو ٻاهر نڪتو؛ ڏٺائين ته سيتل ، شهزادو ۽ ممدو بيٺا آهن. هن سڀني کي وڌي وڃي نوڙت سان هٿ ڏيندي چيو، ”ڀائي، حڪم!؟“
”حڪم خيرا چا، حوال پوڇ! “، سيتل اوڏڪي ۾وراڻيو . سوڍو سمجهي ويو ته ڳالهه ڪا ڏکيرڙي آهي. هن سڀن کي سڏي اڱڻ ۾ کٽ تي ويهاري پڇيو، ”ڏي ادا! حوال.... جيءُ!؟“
”حوال خيرا، چي سوڍا !.... توکي ياد آ ته مانجو لغڙي گڏهه چوري ٿي ويو هو ؛ توکي شڪ ۾ ساک به ڏني هيم ، پر ڀڳوان ٿو ڄاڻي مانجو دلئون شڪ نه ويو هو. هاڻي جڏهن کان تون ٿيو آ ساڌ ، ته تنهنجي زبان تي ايتبار آ. رڳو هڪڙو دفعو ساڌڪي زبان سان چئه ته تونجو چوري ۾ هٿ نه هو ته هي ٻئي ڄڻا ٻڌن ٿا، ته مان پوري جندگاني شڪ جو لئوظ به نه آڻيندس... توسان گڏياسي، ٻيو مڙيئي خير!“
سوڍي کي ڍڪر چڙهي ويا. ڪي گهڙيون ته اندر جي ساڌ ۽ چور جي ڪشمڪش هلي، پر پوءِ مهاراج شنڪرلال جي نصيحت ياد آيس، ته سچ واري جي ٻيڙي لڏندي آهي پر ٻڏندي ڪونهي. نيٺ ڪُوڙ جي ڀئنور ۾ ڦاٿل سندس اندر جو ساڌ ٿاڦوڙا هڻندو اچي سچ جي ساحل تي رسيو.
”گهرجي به خير ڀائي!.... مان ڏوهي !“، سوڍي شرمساري منجھان ڪنڌ جھڪائي پنهنجو ڏوھ مڃيندي وراڻيو .
”ساڌ، پاڻ نبيريندي يا پئنچائت؟“،سيتل هڪدم سوال ڪيس.
”واڙ مان جيڪو گڏھ وڻئي، سو وڃي ڪاھ!“، سوڍي اتي جو اتي پاڻ فيصلو ڪندي چيو ته متان ڳالھ وائرجي ۽ بدنامي ٿئي.
سيتل دير ئي نه ڪئي، اهو سوچي ته زبان آ آلو لڪڻ متان پوءِ سوڍو ڦري وڃي. ڊڪي وڃي واڙ مان ڀلوڙ گڏه ڪڍي آيو ۽ سوڍي جي هيانو تي مڱ ڏريندوهليو ويو. سوڍي جي زال لَکان، سرڪيءَ جي وٿين مان سڄو تماشو پئي ڏٺو ۽ ٻڌو. جڏهن سوڍو سرڪي ۾ اندر آيو ته پڪ خاطر پڇيائينس ، ”ڳالھ ڇا هئي؟“....سوڍي ٿڌو ساه کڻي سڄي ڳالهه، سچي ڪري ٻڌايس. لکان کي پهريون دفعو ويساهه آيو ، ته سوڍو سچ به ڳالهائي سگهي ٿو.
ممدي عارباڻيءَ جي مانڊڙيءَ تي ڄڻ ميلو لڳي ويو . جنهن ٻڌو هو، تنهن کي ڏندين آڱريون هيون. سيتل ۽ شهزادو خوشيءَ ۾ کٿي نٿي ماپيا. اهڙي ڳالهه جو ٻنهي ڀائرن درشن ۽ ٻيلي ٻڌي ته دير ئي نه ڪيائون، ڊگ ڀڄندا اچي سوڍي جي سرڪيءَ ۾ پهتا . هنن کي ڏسندي سوڍي جو هيانءَ کاڄي ويو. پر دل ٻڌي مُک تي ساڌڪي مرڪ سجائيندي کين کيڪاريائين، ”ڀائي! جي ڪيانَو!؟“
”اسان کي خبر پئي آ، ته هاڻي تون سچو ساڌ ٿي ويو آن؟“ ، ٻيلي اٿندي سوال ڪيس ته ڀاڻس درشن وري ٽيڪر وارو جواب ڏنس ،” ڇو نه ٿيندو سچو ساڌ ٻيلا! ڀت ته نيٺ بڻيات تي ويندي آهي يا نه!؟“
”جيئن سمجهو ڀائي!“ ، سوڍي نهٺائيءَ سان جواب ڏنو.
”اسان تڏهن سمجهئون جڏهن اسان کي به پنهنجو حق ڏين!“، ٻيلي هاڻي سنئين سڌي ٻه هٿياڙي ڪري لفظن جي منهائين هنيس.
”ڪهڙو حق ڀائي!؟“، سوڍي سمجهندي به، نه سمجهڻ واري انداز ۾ پڇيس.
”ياد ڪر اُتر، جيڪو دينا داستي کائي ويو هئين، ٻيو ڪهڙو؟“، ٻيلي ٿورو تِکو ٿيندي ياد ڏياريس . هونئن ته هن کي سڀ ڪجھ ياد هيو، ته گڏهن جي سودي ۾ هن اُتر ڏيڻو ڪيو هيو. پر پوءِ اڳتي هلي اتر کان آڱوٺو ڪڍي ڏنو هيائين. هن کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڀري ڏي يا انڪار ڪري. انڪار ڪرڻ لاءِ گنجائش ڪونه هئي، جو مهاراج سان ٿيل وچن جو پالن پئي ياد آيس. ڀري ڏيڻ لاءِ اندر جو گهمنڊي سوڍو ڀت لڳو بيٺو هيو، جنهن کي اورانگهڻ ڏکيو پئي لڳس. هن همٿ ڪري گهمنڊ ۽ اهنڪار واري ڀت اورانگهي ته زبان ڏوهه باسي ويٺي، ”ها، ڀائي ...ياد آيو!“، ائين چئي سرڪيءَ ڏانهن ڀڳو، پيءَ جي ڪاٺ واري صندوق کولي ٻه هزار روپيا ڳڻي اچي ٻيلي جي هٿ تي رکيائين . گهر وريو ته وري به لکان پُڇ پُڇ ڪيس، جواب ۾ هن پنهنجي ڇل ڪپٽ جي ڳالهه پيرائتي ڪري ٻڌايس. لَکان کي هاڻي سوڍي تي روپئي جو روپيو ويساه ٿي ويو، ته سوڍو اهو ناهي رهيو، جيڪو ڪوڙن جو گهڙيل هوندو هيو. هاڻ جيڪو به پڇبس ته ڌڌڙ ۾ پير نه هڻندو، سنئون سڌو سچ ڳالهائيندو. لَکان اها ڳالهه دل ۾ رکي خاموش ٿي وئي.
رات جو لکان گهر جا اوکا پوکا لاهي پنهنجي پٽ رامن کي ٻي کٽ تي سمهاري، سوڍي جي گوڏن کان ويهي کيس زور ڏيڻ لڳي ته سوڍي جي ڏکندڙ لُونءَ لُونءَ ٺرڻ لڳي .
”رامن جا پيءُ توکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟“ ، لکان جي اندر ۾سانڍيل سوال ٻاهر نڪتو.
”پڇ!؟“
”سچ ته ڳالهائيندي نه؟“
”اڳي توسان ڪوڙ ڳالهايو ٿم ڇا؟“
”اڳي ڪوڙي سوڍي کان پڇندي هيس، هاڻي سچي ساڌ کان ٿي پڇان“، سوڍي کان ستي ڇرڪ نڪري ويو. هن کي اندر ۾ هُٽ کُٽ ٿيڻ لڳي، ته هاڻي وري الائي ڪهڙي ڳالهه مُنهن ڪڍندي ؛ مجبوريءَ مان چئي ويٺو، ”ڀلي پڇ!“
”رڳو اهو ٿي پڇانءِ ته لاڏڪي تنهنجي ڀيڻ جان هئي يا سنگتياڻي؟“
سوڍو ڪي گهڙيون ته گهوماٽن ۾ اچي ويو. هن ته ائين سمجهيو هيو ته هن وقت تائين لکان سندس ڪوڙن کي سچ سمجهندي رهي آهي. پر اڄ کيس لڳو ته عورت ذات هروڀرو بيوقوف به ناهي، جيئن هو سمجهندو آيو آهي.
”لکان! مان پاپي هيس، اڳ مان توسان ڪوڙ ڳالهايو هيو. “، سوڍو هاڻ لکان آڏو پاڻ لڪائي نه سگھيو.
”تون ته مان سان مها پرشَ ڏاڏي مَنشي جي قبر تي هٿ رکي ساک کنئي هئي، ته لکان تنهنجي ڀيڻ سمان آهي؟“
”ان ڳالهه کي ڇڏ لکان، جيڪا ٿي سا گذري!“، سوڍي سندس ڪانچڙيءَ کان ڇڪي ڀر ۾ سمهارڻ پئي چاهيو، پر لکان کي ڄڻ باه جي ڄر وڪوڙي وئي. ڀڙڪو کائي کٽ تان لهي بيٺي،”مان به ڏاڏي مَنشي جي قبر تي دل ئي دل ۾ قسم کنيو هيو، ۽ وچن ڪيو هيو ته جي اها ڳالھ سچ نڪتي ته مان به ڀڃ ڪرائڻ ۾ دير نه ڪيندس!“
سوڍو جيئن سمجهائڻ لڳس، تيئن لکان ڪاڪڙي تي زور ڏيڻ لڳي. سوڍو خاموش ٿي ويو ته متان خواري وڌي يا ڪو نئون بنبال کڙو ٿئي، سو خاموش ٿي کٽ تي اڪيلو ليٽي پيو. اهو سوچي ته امرت ويلا تائين لکان ڪجهه ٿڌي ٿي ويندي، ته هو کيس ڌيرج ۽ پيار سان سمجهائي ڇڏيندو .
امرت ويلا جو ٻئي اُٿي کڙا ٿيا هئا، پر امرت ويلا زهر ويلا ٿي وئي. لکان ڏاج واري پيتي ۽ رامن کي کڻي ٻاهر نڪتي، ته ٻنهي جي وچ ۾ ڇڪ ڇڪان ٿي وئي.اوڙي پاڙي ۾ جنهن نه ٻڌو هيو، تنهن کي به خبر پئجي وئي، ته لکان ڇو ٿي رٺي وڃي. ويندي ويندي کيس ڌمڪيون به ڏيندي وئي ته سڀاڻڪي سج ۾ پئنچائت ڏانهن پيڪا موڪلي هوءَ ساک تي ڀڃ ڪرائيندي . هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته ڇاٿيندو، جڏهن پئنچائت کانئس ساک پت گهرندي؟....هو سوچڻ لڳو، جي سچ ڳالهائيندو ته سندس هڙ هلي ويندي، جي ڪوڙ ڳالهائيندو ته جنم جنم جو پاپي ٿيندو . پٽهنس رامن سندس ڪيل ڇَل ۽ ڪپٽ جا ڪشٽ ڀوڳيندو . هن کي هاڻي ساڌپي کان نفرت ٿيڻ لڳي. پر ڏڌو کير ٿڻي ڪيئن وجهي؟.... ڪيئن اهو ساڳيو چور ۽ ٺڳ سوڍو ٿئي، جنهن سان سڀ ڪو سڌو هيو. هن پنهنجي ذهن کي ائين ولوڙيو جيئن کير ۾ سيباڻ وجهي چاڏيءَ ۾ ولوڙبو آهي. ٿوري دير کانپوءِ سڻڀ جي ڦٽين جيان ذهن تي ڳالهه تري آيس، ته جنهن کيس ساڌپي جو سنگهر وڌو هيو، سو ئي لاهي سگهي ٿو. هن پڪو پهه ڪيو ته ڪيئن به ڪري ان جنجال مان جان آجي ڪرائيندو . پوءِ کڻي مهاراج آڏو گهرٽان ۽ گيسيون ڪرڻيون پونس يا ڌن جي جهجهي دان سان رام ڪرڻو پويس، ته به ڪندو. ان کان اڳ جو اوڙي پاڙي ۾ گھڻي هُو هواءِ ٿي، ماڻهو گڏ ٿي پڇ پڇ ڪنس، سوڍو اُٿي کڙو ٿيو.....
لاڙڪاڻو شهر، ڳوٺ کان پرتي ڪونه هيو، ڪلاڪ سوا جو پنڌ هيو . مهاديو جو مندر ڏٺل هيس، پيءُ سان ڪيئي ڀيرا آيو ويو هيو. مندر ۾ پهتو ته مهاراج شنڪر لال منهن سامهون ٿي ويس . سوڍو مهاراج اڳيان پاڻ ڇڏيندي ائين رنڀڻ لڳو، جيئن سوئا ڍڳي کير کان وڇڙي وئي هجي.
” ڇا ٿيو ساڌ؟“، مهاراج شنڪر لال حيرت وچان پڇيس.
”مهراج سائين ! تو چيو هو، ته سچ جي ٻيڙي لڏندي آ، پر ٻڏندي ڪونهي.... پر مانجي ته سچ هڪڙي ڏيهن ۾ ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي! “، سوڍو ڍنڍڪار ڏئي روئي پيو.
”ڪهڙي ويڌن ٿي وري توسان؟“
”ساڌن جو زمانوناهي مهراج!.... مان چور هيس، ٺڳ هيس ته سڀڪو سڌو هيو . جڏهن کان ساڌ ٿيو آن ته هر ڪو ڪڍ پئجي ويو آ. هڪڙو سچ ڳالھايم ته ڀلو گڏھ واڙ مان نڪري ويو....ٻيو ڳالهايم ته پورا ٻه هزار هليا ويا......ٽيون ڳالهايم ته جوءِ ڀڃ ڪرائڻ جو وچن ڪري گھر ڇڏي وئي آهي. سڀاڻڪي سج ۾ پئنچائت ۾ساک به کڻائيندي ته منهنجو لاڏڪي سان ڪهڙو وهنوار هيو .هاڻي خبر ناهي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟...“، سوڍي روئيندي روئيندي مهاراج کي پنهنجا سمورا سور سڻايا.
برهمڻ شنڪر لال سندس اوڏڪي لانڍ مان تنگ ٿي چڪو هيو، تنهن ڪاوڙ وچان چيس،”ڀائي ، مان ته ڪونه چيو هيومانءِ ته پنهنجي پِتا جي جيءَ چڙه!..... پر جيڪي اُکرين ۾ مٿو وجهندا آهن، اهي مُهرين کان ته ناهن ڊڄندا ....پاڻ ۾ شڪتي نه پئي سمجهئي، ته ساڌ ڇو پيو ٿئين؟“
سوڍي کي يقين ٿي ويو ته هاڻي روئڻ ۽ دانهن ڪرڻ سان ڪم نه هلندو، ته هن گوڏ جي پلئه مان پئسا ڇوڙي مهاراج شنڪر لال جي اڳيان رکيا، ”مهاراج! هي ٻه هزار روپيا دان جا ٿي! .... مانجو ڪو ٽِڪو پنجو ڪر... مان گريب جي جان آجي ڪراءِ ساڌپي مان!“
برهمڻ شنڪر لال دان جا پئسا گوڏي هيٺان ڪري ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾ هليو ويو. چڱي جهٽ کانپوءِ سوڍي کي چوڻ لڳو، ”سوڍا! توکي اها اٽڪل ٿو ٻڌايانءِ، جيڪا ڀڳوان ڪرشن مهاڀارت جي يڌ ۾، دروڻ آچاريه کان جيتڻ لاءِ ارجن ۽ يڌشٽر کي ٻڌائي هئي“. سوڍو وات ڦاڙي ۽ ڪن سرلا ڪري مهاراج کي غور سان ٻڌو ڻ لڳو:
”تون به ائين ڪر، جيئن يڌ شٽر دروڻ آچاريه اڳيان زور سان رڙ ڪندي چيو هيو، ”اشوٿوما!“ پوءِ صفا آهستي چيو هئائين، ”هاٿي!“ ۽ پوءِ وري ٻوڪٽ ڪري چيو هئائين، ”مري ويو!“.... وير دروڻ آچاريه ائين سمجهيو، ته سندس پيارو پٽ اشوٿوما مري ويوآهي. پوءِ ان وير دک وچان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ يڌ هارائي.... ڳالهه سمجهه م آيئه؟“
سوڍي ڪنڌ ڌوڻي، ڳٽڪ ۾ نهڪر ڪئي.
”اڙي ڀوڪ! تون به لکان کي جيتڻ لاءِ پئنچائت ۾ ساک کڻي ڏاڍيان چئه ، ’منهنجو لاڏڪي سان ڀيڻ جهڙو!‘ ۽ دل ۾ چئه ’نه!‘ ۽ پوءِ وري ڏاڍيان چئه،’وهنوار هيو.‘ سڄي پئنچائت سمجهندي ته تنهنجو لاڏڪي سان ڀيڻ جهڙو وهنوار هيو. ائين لال به لڀندو، پريت به رهجي ايندي. .... ڀيٽو! هاڻي ته سمجهه ۾ آيئه نه ڌرمي اٽڪل!؟“،مها راج شنڪر لال مشڪندي سمجهايس.
”اي مهراج!..... ڪاٿي ڀڳوان ۽ مهاويرن جو ديماڪ، ڪاٿي مان غريب اوڏ جو .... اتي وري ڪو تو جهڙو پڙهيل هجي ، جيڪو سچ ۾ ڪوڙ ملائي ۽ ڪوڙ ۾ سچ ، ته خبر ئي نه پوي .... مهراج سائين! مان ته سنئون سڌو سچ ڳالهائڻ ڄاڻان يا سنئون سڌو ڪوڙ . مان سان ڪو اهڙو جڳاڙ ڪر جو اهو ساڌپي جو گنگڻ لهي وڃي، پوءِ سڄي هند سنڌ جي اوڏڪي راڄ کي موڪل آ، جو مان کي پڄن. باقي مان ان اٽڪي ٻٽڪي مان نه ڄاڻان!...“، مهاراج شنڪر لال کي سندس ڄٽڪي جواب تي ڏاڍي مٺيان لڳي . هن خار مان ڀڀڪي پٽيس، ”نڪري وڃ چوانءِ ٿو ڄٽ ڄٽ جا پٽ !..... گڏه هڪليندڙن کي گڏه وارو عقل هوندو نه!؟..... جيئن وڻئي تيئن وڃي ڪارو منهن ڪر!.... پنهجي پتا جي آتما رول يا جنم جنم جو پاپي ٿي، منهنجو ڇا!“
مهاراج شنڪر لال ، پئسا مٺ ۾ ڪري اُٿيو ۽ مندر ۾ اندر گھري ڀڳوان شو جي مورتي اڳيان مٿو ٽيڪي پرارٿنا ۾ لڳي ويو. سوڍو به سندس پٺيان ڪڍ لڳو آيو ۽ کيس چڱي مهل تائين نماڻن نيڻن سان نهاريندو رهيو. بي رخي مهاراج پٺتي لئوڻو نه هنيو، ته هن کي ائين لڳو ڄڻ شو ڀڳوان کي سندس خلاف مڇرائيندو هجي. هن شِوَ جي مورتي ڏانهن به نماڻو ٿي ڏٺو، ته ائين محسوس ڪيائين ، ڄڻ ڀڳوان به ڪاوڙ ۾ترشول کنيون کيس گهوري رهيو آهي. هن ڪنڌ ڦيرائي مندر جي ڀتين تي ٽنگيل ديوين جي چترن ڏانهن به نهاريو، ته اهي به کيس دياوان نه لڳيون. هن کي لڳو ته سڀئي کائنس چڙيا ۽ ڏمرياويٺا آهن. جڏن به سندس ڪاوڙ چوٽ چڙهي ته گڏجي سندس ساه نپوڙي ڇڏيندا . هن جو شرير ڏڪڻ لڳو ،ڪنبڻي وڌي ويس. هو مايوسيءَ وچان ٿڙڪندي پوئين پير مندر مان ٻاهر نڪري آيو.
سج لهي ٻڏي رهيو هيو ته بس مان لهي ڳوٺ جي لاڙي تي رسيو .مايوسيءَ وچان گهلبو گهلبو گهر پهتو. هن ڏڪندي ڏڪندي بتي ٻاري سرڪيءَ جي ٿوڻيءَ ۾ ٽنگي، کٽ تي آهليو ته ڄڻ لڱن مان ساهه ڇڏائجڻ لڳس.
بتيءَ جي روشنيءَ تي اوڙي پاڙي ۾ چئوپچوءَ ٿي وئي، ته سوڍو ساڌ گهر پهچي ويو آهي. مکي هرچند ۽ پئنچن کي اڳيئي ڳڻتي هئي، جو کين لَکان ۽ سوڍي جي جھيڙي جي خبر پئجي چڪي هئي ، تن جو ٻڌو ته سرڪي ۾ ڌوڪي آيا. سوڍي، مکي ۽ پئنچن کي ڏسي اُٿڻ جي ڪئي ته اُٿي نه سگهيو.
”هئي ڀڳوان!..... سک شانت ته آهي سوڍا ساڌ؟“، مکي سندس ويجهو ايندي رڙ ڪئي.
”ها ، بس مکي!.... “، سوڍو صرف ايترو چئي سگهيو.
”بس ڇا ؟ .... ٻڌاءِ ته سهي ٿيو ڇاهي توکي؟“ ، مکي هرچند زور ڀريندي چيس ۽ پوءِ سوڍي جي پيشاني تي هٿ رکيائين ته کيس ايئن لڳو، ڄڻ جنسي ٽانڊا پئي ٻريا.
”مکي!..... مان منهن مٽايان ..... ته رامن کي .... ساڌ نه ڪجو .... ڀل مانجي آتما کي .... اَن ۽ جَلَ جو .... دان نه ملي!..... “، سوڍي وڏي مشڪل سان، ساهيون کڻندي مکي ۽ پئنچن کي وصيت ڪئي.
”خير جي وائي ڪڍ ساڌ!..... ائين ڇو ٿو چئين؟.... ڌڻي خير ڪندو!“ ،پئنچن هڪ ٻئي پٺيان زور سان رڙ ڪندي چيس، ڄڻ ڪنهن ٻوڙي سان ڳالهائيندا هجن.
”آڄ.... ساڌان چا... و... ک... ت ڪو ...نهي.... ادا!.... آ.....ڄ... سا... ڌا.... ن... چا...“، سوڍو اوڏڪي ٻولي ۾وڌيڪ نه چئي سگهيو، تيز بخار جي ڪري مٿائنس غش چڙهي ويو.