اسرندڙ زندگي نسرندڙ پيڙا
”پريزنٽ ميڊم!“، هڪ ڇوڪري پٺئين بئنچ تان ڪچي ننڊ مان ڇرڪ ڀريندي چيو. ڪلاس ۾ ويٺل سڀ ڇوڪريون کلڻ لڳيون.
”هي پڻهين جو گهر ناهي... ٺهي ويهه!.... حساب سمجهيئه؟“، ڪلاس ٽيچر دڙڪو ڏيندي پڇيس.
“ جي !...مِس!؟ “، هن ها ۽ نه جي وچ واري ورندي ڏني.
”ٻڌاءِ؟“
هوُءَ اٻاٽجي بيهي رهي. سندس چوري پڪڙجي پئي. ذهني طور سزا کائڻ لاءِ تيا ٿي وئي، ته اوچتو رسيس جو گهنڊ وڳو. سڀيئي ڇوڪريون رڙيون ۽ سنهيون چيٽان ڪنديون، ڪلاس روم مان نڪري ويون. ڪلاس ٽيچر به چاڪ جو آخري ٽوٽو خار مان اڇلي ٻاهر هلي وئي. هوءَ ڊيسڪ تي ويٺي رهي ۽ اندر ئي اندر ۾ اُٻرڻ لڳي:
”ياسمين ته مهنجو ڄڻ نالو ئي ناهي... هتي به ياسي ... پاڙي ۾ به ياسي... گهر ۾ به ياسي ... شڪر ٿيو اهو نڀاڳو گهنڊ وڳو، نه ته مار پڪي هئي، اڄ!... ڇا ڪري ها، مِس وڌ ۾ وڌ ٻه چانٽا يا چوٽيءَ کان ڇڪ؟.... هونئن به هاڻي مار کائي کائي پڪي ٿي وئي آهيان..... ڪڏهن فيءَ تي مار، ڪڏهن ڪتابن تي، ته ڪڏهن هوم ورڪ تي... اهي حساب ته ماريا سمجهه ۾ اچن ئي ڪونه ٿا.“
ياسمين بورڊ کي گهورڻ شروع ڪيو، جنهن تي لکيل هيو:
وراثتي سرشتو
هڪ ماڻهو پنهنجي وفات تي۳۵۰۰۰ روپيا ملڪيت ڇڏي. وارثن ۾ هڪ زال، هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ڇڏيائين. جيڪڏهن زال کي ۱/۸ حصو ۽ پٽ کي ڌيءَ کان ٻيڻو حصو ملي ٿو، ته هر هڪ جو حصو لهو.
هن جي چپن تي طنزيه مشڪ اچي وئي. هوءَ وري دبرڻ لڳي:
”ڪنهن کي ڪهڙو مٿي ۾ سور پيو آ، جو اهڙا حساب ويهي ڀڃي... ڀلي اهي ڀڃن جن جا پيئر هجن شاهوڪار، آفيسر، دوڪاندار،سيٺ.... منهنجو پيءُ ته هيروئني آ... اسان کي ته گهر ۾ ڪجهه به ڪونهي .... اسان ته رهندا به اوڌر تي ناني ملان وارن جي جاءِ ۾ آهيون... “
ياسمين گهرو ٿڌو ساه کڻي آرس ڀڳو. اندر جي ٻاڦ ذهن جي بند ٿيل ڪُنيءَ جي ڍڪڻ سان ڄڻ ٽڪرائجڻ لڳي:
”ڏاڍي ٿڪجي پوان ٿي، نه ڏينهن جو ننڊ، نه رات جو ... ڪلاس ۾ ننڊ نه ڪندس ته ٻيو ڪاٿي ڪندس؟..... اسڪول کان پوءِ ڇٻي مٿي تي، سڌو گهٽيءَ ۾،پوءِ هوڪا شروع: ٽافيون وٺو! سڱر وٺو!..... ڪاڪا دوڪاندار ته اهڙا ساڙ سڙيا، جو دڪانن جي ڀر ۾ ويهڻ ئي نه ڏين... ويهان به وڃي گٽر جي مٿان... پاڙي جا ڇورا اهڙا حرامي ۽ بي شرم جو هاسڪار ٺڪاءُ کڻي گٽر ۾ ڀينڊ ڪرائن، سڄيون ٽافيون ۽ پاپڙ خراب.....امان چوندي آ، ڇوري! تون هاڻي ڪني ٿي پئين آ، گاريون ٿي ڪڍين... ڀلا جيڪي ڇوڪريون گهٽين ۾ شيون وڪڻنديون، اهي گاريون نه سکنديون ته قرآن پڙهنديون!؟ .... انهن گارين سان ته ڇورن کي سڌو ڪندي آهيان. اهڙا ڪنا، ذليل، جو هڪڙِي ڏينهن ناليءَ مان ڏيڏر ڪڍي منهنجي ڇٻيءَ ۾ کڻي اڇليون؛ مان ته ڀوءَ کان وٺي ڀڳس گهٽيءَ ۾ ... موٽيم ته هڪڙ کٽمٺڙو به ڪونه، هڪڙي ٽافي به ڪو نه .. گهر جي موچڙن جي ڀوءَ کان اهڙيون اهڙيون ته ڪچيون گاريون ڏنيون مانِ، جو سڄي گهٽي کڻي مٿي تي کنيم .تڏهن وڃي دوڪانن تي بيٺل ڪاڪن، ڏانئڻن کان پادر هڻي شيءِ موٽرائي ڏني... توبهن! الله جو ڏوه به نٿو ٿين، ويچارن ڏيڏرن کي ڪڍي انهن کي سروٽا هڻندا آهن... منهنجي ناني ملياڻي چوندي آ، جيڪو ڏيڏرن کي ماريندو، تنهنجي مينهن ٽڀي پوندي آ، پر جن کي مينهن ئي نه هجي ته پوءِ!؟....“
هن ٿڌو ساهه کڻي بورڊ تان نظرون هٽائيندي، منهن تي آيل پگهر کي مٿي تي رکيل ميرانجهڙي لينگهڙيءَ سان اگهندي پکي ڏانهن ڏٺو، جيڪو وچ تي ڦرڙاٽ ڪري هلي رهيو هيو. هن پکي تي ڳالهائڻ شروع ڪيو:
”مون کي ته اهو باه لڳو پکو لڳي ئي نه ٿو ... پٺين بئنچن وارين غريب ڇوڪرين کي اهو پکو ڪاڏهن لڳندو؟.... مان ته وري جَڏي به آهيان، ته ڏُڏي به ... پڙهان به ته ڪيئن پڙهان، هجي واندڪائي ته پڙهان به نه؟ .... سج لٿي جو شيءِ وڪڻي گهر موٽان ته امان جا دڙڪا، اڄ وري گهٽ پئسا؟.... جڏهن ڇِتي ٿي چوندي آهيانس، ڀلا ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوه ، ٻار شيون وٺن به ته نه !؟.... تڏهن وڃي بس ڪندي آ........اڃا اهوڪم کٽي ته چون ، ته فلاڻن جي گهران الله نانءَ جي ماني وٺي اچ!.... ماني اڃا مس وٺي اچان ته چون، هوٽل تان ادڙي لاءِ کير وٺي اچ! ....جيستائين ڪاڪو هوٽل وارو کير ڏيندو آ، ٽي وي ڏسي وٺندي آهيان ... هڪڙي ڏينهن خبرن واري ڪاڪي ٽي وي ۾ اهڙا ڪوڙ هنيا، اهڙا ڪوڙ هنيا، جو الا منهنجي توبهن!.... چئي پيو، ٻه ٽي مڻ پوليس وارن هيروئن پڪڙي آ....سڀ ڪوڙ!.... اسان جي پاڙي ۾ ڪاڪو پوليس وارو پاڻ هيروئن وڪڻندو آ، ته پيئندو به آ!..... امان ٻڌائيندي آ ،تنهنجي پيءُ کي به ان مئي کري خراب ڪيو، نه ته سرڪاري آفيس ۾ چڱي ڀلي پٽيوالي ڪندو هيو.... مون کي ته ٽي وي ۾ خبرن واري مائي ڏاڍي وڻندي آ... ڪنن ۾ ڪيڏا نه سٺا والا پيل هوندا اٿس!.... مان به وڏي ٿي ٽي وي واري مائي ٿيندس!....خبرون پڙهندي هر هر مرڪندس...... پر امان چوندي آهي، ته ڇوري تون وڏي ٿي ماسترياڻي ٿجانءِ، پنهنجو پيٽ ته چـڱيءَ طرح پالجانءِ...... پر هروڀرو به ماسترياڻي ڇو ٿيان ؛ڇو غريب ٻارن کي چپاٽون هڻان، بئنچن تي بيهاريان، پِٽان جهليان؟ ....... تڏهن ته ان ڏينهن هڪڙي مِس ٻي مِس کي چيو پئي، الائي ٻارن جون پٽان ٿيون لڳن، جو شادي ئي نٿي ٿئي... پر جي ماسترياڻي ٿيس به سهي، ته عربي ٽيچر ٿيندس. بس ان وانگر ننڊ ڪندس، رڳو ننڊ!......“
ياسمين کي کليل دريءَ مان آيل ٻاهرين هوا جي جهُلڪي ڪجهه فرحت ڏني، ته ٿورو اٿي دريءَ مان آرسيلن نيڻن سان جهاتي پائي ڏٺائين؛ ٻاهر ڪجھ ڇوڪريون شيون کائي ۽ ڪي راند ڪري رهيون هيون. انهن کي ڏسندي کيس پنهنجيون مجبوريون آڏو اچڻ لڳيون:
”مان ته انهن مئين سان کيڏي به نه ٿي سگهان، کيڏان ته چونپل ڇڄڻ جو ڀئو ... انهن ڏانئڻين کي ته بوٽ هن نه !.... اڳي دفعي جڏهن ٺپي راند ڪندي هڪڙي چونپل جي ڪهي ڇڄي پئي هئي، ته امان هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا هئا.. نه ڪنهن سان کيڏي ٿي سگهان ، نه ڪجهه خرچي ٿي سگهان.... اهي ڇوريون اهڙيون ڇتيون آهن، جو ڀرسان بيهانِ ته چون، آئي اَٿوَ هيروئني جي ڌيءَ ... دل ۾ چوندي آهيان، الله هيروئني ڪيو اٿس، ڪو توهان ڪيو ٿس يا توهان جي پيءُ ڪيو اٿس!....“
ياسمين وري اچي پنهنجي ڊيسڪ تي ويٺي ۽ پاڻ تي سوچڻ لڳي:
”منهنجي دل به الائي ڪيئن آ، الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون سوچيندي آ!؟... اهڙا اهڙا سوال ڪندي آ.... مثال الله ڪنهن کي هيروئني ڇو ٿو ڪري، ته ڪنهن کي آفيسر، ته ڪنهن کي شاهوڪار،ته ڪنهن کي صفا غريب!؟..... مان اها ڳالهه هڪ دفعي ناني ملياڻي کان پڇي هئي، ته نڪ کي موڙو ڏيندي چيائين، الائي مائي؟ ... پوءِ ٻيو سوال ڪيومانس ته پوءِ ڀلا الله قيامت ۾ پڇاڻو ڇو ٿو ڪري؟ .... ته چيائين ڌيءُ ڌڻ اهڙا سوال نه ڪندي آهي ... پڇيو مانس، ڇو؟.....ته چيائين، ماڻهو ڪافر ٿي ويندو آهي..... پڇيومانس، ڪافر ڀلا شاهوڪار ٿيندا آهن؟.... چيائين ها!.... مون چيو، پوءِ مان به ڪافر ٿيندس! ... مون کي کڻي گهروڙي بجو ڏيندي چيائين، هي ته وٺُ! ...مون کي اها ڳالھ سمجھ ۾ ناهي ايندي، ته وڏا پنهنجن ٻارن کي هروڀرو بُجا ڇو ڏيندا آهن؟.... ان ڪري ته جيئن اهي پاڻ کان ننڍن کي ڏين ... تڏهن ته مان به پنهنجي ننڍي ڀيڻ عابيءَ کي منهن سان لائي بجا ڏيندي آهيان ... آهي به ترڙ نڀاڳي ندوري... چانهه تي ڪروڌ، مانيءَ تي ڪروڌ... پيٽر آ، پيٽر! ... امان چوندي آ ته سندس پيٽ ۾ ڪينئان آهن... سڄي رات مون کي به ننڊ ڪرڻ ناهي ڏيندي.... ڏانئڻ وٺي دانهون ڪندي آهي، ته کٽ تي ڪوليون چڙهي آيون آهن. سڪل ۽ سنهيون ڪوليون اهڙا ته چڪ پائينديون آهن، جو جسم تي رٻڙ ٿي پوندا آهن. ڀلا اهي ڪِوليون شاهوڪارن جي گهرن ۾ ڇو نه ٿيون وڃن؟........ پر شاهوڪارن جي گهرن ۾ به ته شاهوڪار ڪِوليون رهنديون هونديون. اُهي ڪِوليون ته اهڙين سڃين ڪِولين کي پنهنجن ٻرن جي درن تي بيهڻ به نه ڇڏينديون هونديون، جيئن اسان جا شاهوڪار مائٽ اسان کي ڏسي پنهنجا در بند ڪري ڇڏيندا آهن. ... بکين جي گهرن ۾ ته ڪِوليون به بکيون، ته مڇر به بکيا، ته ڪرڙيون به بکيون، ته سڀ بکيا!....“
ياسمين جو ڌيان هٽي ان ڇوڪريءَ ڏانهن ٿي ويو، جيڪا رسيس بند ٿيڻ کان اڳ ڪلاس ۾ داخل ٿي هئي. ان کي ڏسي دل ئي دل ۾ تبصرو ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين:
”آئي، ٿاٻا کائي، سلمان سِڪڻي!.... غريب موچيءَ جي ڌيءَ ... لڀي کيسي ۾ روپيو به ڪونه .... ٻيون کائينديون هونديون، هيءَ پئي ڏسندي ۽ سڪندي ...... شرم به ڪو نه ٿو اچيس ... مان ته چوندي آهيان، ائين روز روز سِڪي مرڻ کان ماڻهو هڪ دفعو مري وڃي ته چڱو آ... الله ڪري، ته مان به جلدي مري وڃان، ته جيئن منهنجو روح به اڏامي!.... پر اڏامندو الائي ڪيئن؟... الائي لغڙ وانگر!؟... الائي هوائي جهاز وانگر ؟..... الائي ڪانوَ يا ڪبوتر وانگر.... جيئن به اڏامي، منهنجو روح ته شهر جا چڪر هڻي، بيڪرين مان پيسٽريون ڪڍي کائي ، باغن جي گسڪڻين تي گسڪي، جهولن تي مزا وٺي پوءِ مٿي ويندو .... آسمان تي به کائڻ لاءِ ڪجهه هجي الائي نه !؟....“
سلمان تي تبصرو ڪندي ،ياسمين روحن بابت سوچڻ لڳي:
”ان ڏينهن امان چئي پئي، ته روحن کي بک ناهي لڳندي .... نه لڳي ته پوءِ الله جي ماني، مئن جي نالي تي ماڻهو ڇو ڏيندا آهن ؟....ڀلا روحن ويچارن کي جو آسمان تي ڪجهه نه ملندو هوندو، تڏهن ته بک ۾ ٺيهان کائي هيٺ لهي ايندا هوندا نه!؟ ... مون کي ته هاڻي پنهنجي بکئي پيءَ کان ڏاڍو ڀئو ٿيندو آهي،روزانو چتائي پيو ڏسندو آهي.... هڪڙي دفعي امان چيس، ياسي، هاڻي ڇهون ٿي پڙهي ؛ ڄاڻ اُڌي ساماڻي، ڪيئن شيءِ وڪڻڻ لاءِ ٻاهر ويهاريانس؟.. تون ويهندو ڪر!...ته موٽ ۾ چيائين، رڳو اُره انبورجنس ته پئسن تي وڪڻندو مانس...رنگ ۽ نقش سٺا ٿس، ڀلو اَگھُ ڪندي!.....پوءِ ته امان ڏاڍيون گاريون ڏنس،نه ڇڏيائينس ننڍي ۽ وڏي......ڇا واقعي مون کي به پنهنجو پيءُ ائين وڪڻندو، جيئن مان ٽافيون ۽ پاپڙ وڪڻندي آهيان؟..... پوءِ ماڻهو مون کي به پاپڙن ۽ ٽافين وانگر چٻاڙي کائي ويندا!؟.............................“
گهنڊ لڳڻ سان رسيس ختم ٿي، ڇوڪريون ڀڄنديون اچي ڪلاس روم ۾ ويٺيون. سندن جسم مان نڪرندڙ پگهر بانس ۽ واتن مان نڪرندڙ ڇولن، چاٽن، ٽافين جي گڏيل خوشبوءِ سڄي ڪلاس ۾ پکڙجي وئي. آهستي آهستي ياسمين جي اکين جا ڇپر ڳرا ٿيندا ويا ۽ هوءَ جھوٽڻ لڳي.