پنھنجي پاران
سنڌ جي سماجي پس منظر ۾ ڪيترائي نفسياتي مسئلا موجود رھيا آھن، جيڪي ڪٿي توھم پرستيء جي صورت ۾تہ ڪٿي ڪمزور عقيدي جي روپ ۾ نظر اچن ٿا. اسان وٽ فرد جي انفرادي ۽ سماجي تربيت نہ ٿي سگهي آھي. ان جو وڏو سبب نفسيات جھڙي اھم مضمون کان اڻ واقف ھئڻ آھي. ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻين جا موضوع ۽ ڪردار چوڌاري ماحول مان کنيل آھن.
اڪثر ڪھاڻين جا ڪردار ۽ موضوع حقيقي آھن. ڪھاڻي، ”واسو“ سماجي نفسيات بابت آھي، جيڪا، ھن سماج جي ڪمزور عقيدي کي ظاھر ڪري ٿي. ڪھاڻي، ”ڪروڌڻ“ منفي روين جي وضاحت ڪري ٿي تہ ڪيئن چيل لفظ، سوچ جو ورجاء ۽ منفي رويا زندگيء ۾ حادثن جو ڪارڻ بڻجن ٿا. منفي سوچ نسل در نسل سفر ڪري ٿي . نفسيات جي جديد نظرين مطابق، انسان جي سوچ، حالات ۽ واقعن کي ترتيب ڏئي ٿي. ڪھاڻي ”ورثو“ ۾ منفي روين ۽ بيمارين کي موروثي طور تي منتقل ٿيندي ڏيکاريو ويو آھي.
ڪھاڻي، ”خواب يا حقيقت“ ڇھين حس جي فعاليت سان تعلق رکي ٿي. اھا ڇھين حس يا وجداني ڄاڻ ھر انسان کي مليل آھي. اھا صلاحيت مصروفيتن ۾ ۾ وڃائجي وڃي ٿي. ھي موضوع مابعد از نفسيات جو آھي. ڪھاڻي سفيد رنگ“ موت جي خوف بابت آھي. ٿاناٽوفوبيا ۾ مريض موت جي خوف ۾ مبتلا رھي ٿو. ھي فوبيا جو قسم آھي جيڪو، اينگزائٽي سان واسطو رکي ٿو.
ڪھاڻي، ”ٻٽو معيار“ ھن سماج جي ھر گهر جي ڪھاڻي آھي، جيڪا انفرادي توڙي سماجي نفسيات سان تعلق رکي ٿي. جديد زندگيء ۾ گهر جھڙو اھم ادارو وکري چڪو آھي. خاص طور تي گهرن جا سربراھ پنھنجو وقت ٻاھر گذارين ٿا، جنھن جي نتيجي ۾ عورتون ۽ ٻار سخت متاثر ٿين ٿا.
ڪھاڻي، ”ڪاش ! ٻار کي سمجهي سگهون ھا!“ ٻار جي حوالي سان بگڙيل سماجي نفسيات جو اظھار آھي. سماج ۾ ٻار جي انفرادي آزادي جي خواھش ۽ فطري حقن کي تحفظ حاصل نہ ھئڻ سبب، روز ڪيترا حادثا جنم وٺن ٿا. ڪھاڻي، ” بي بي سانئڻ “ سماجي نفسيات کي وائکو ڪندڙ موضوع آھي، جنھن ۾ ھن ڪھاڻيء جو مکيہ ڪردار جنت فاطمہ، احساس برتري ۾ مبتلا آھي. ڪھاڻي، ”نئون دور“ موجودہ دور جي بيحسي جي نمائندگي ڪري ٿي، جتي احساس فقط ڏيکاء جو وسيلو بڻجي رھجي ويو آھي. ڪھاڻي، ”خواب“ پڻ انسان جي ذھن ۾ لڪل مخفي اشارن جي نشاندھي ڪري ٿي. انساني سوچ ڪرشماتي اثر رکي ٿي. جنھن سوچ کي طاقت ڏبي، اھا حقيقت جو روپ ڌاري وٺندي. ڪھاڻي، ”ڀاڪر“ انساني زندگيء جي اھم رابطي ڇھاء تي آڌاريل آھي تہ ڪيئن انساني ڇھاء، ذھن جي انتشار يا ذھني بيماريءَ جو علاج ڪري سگهي ٿو.
ڪھاڻي ”بي غيرت“ ۾ مکيہ ڪردار وحيدہ کي ”آبسيسو ڪمپلسو ڊس آرڊر“ جي بيماري آھي، جنھن جي نفسيات ۾ رشتن جي ڌڪار جو اثر ملي ٿو. پر محبت ۽ مان ملڻ کانپوء اھي ڪيفيتون ختم ٿي وڃن ٿيون. ذھني بيمارين کي فقط دوائن سان نہ ٿو ختم ڪري سگهجي پر مريضن کي محبت ۽ پنھنجائپ جي ضرورت پوي ٿي.
ڪھاڻي،”محرومي“ عورت جي اندر جي اڪيلائي ۽ احساس محرومي جي عڪاسي ڪري ٿي. ڪھاڻي،”صوفي“ ھڪ اھڙي ڪردار جي ڪھاڻي آھي، جيڪو اندر ۾ بغض، ڪروڌ ۽ نفرت جھڙن منفي روين ۾ مبتلا ھئڻ جي باوجود، پاڻ کي صوفي چورائي ٿو. ڪھاڻي، ”بي وفائي“ مرد جي ٻيائي ۽ خودفريبيء جي روين بابت آھي. ھي ڪھاڻي ميڊونا ھور ڪامپليڪس تي لکي وئي آھي.
ڪھاڻي، ”صدمو“ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ خاموش جنگ جي نشاندھي ڪري ٿي. عام طور تي عورتون صنفي تفريق جو شڪار ٿينديون آھن پر ساڳي وقت مرد بہ ان ذھني ويڇن کي ڀوڳي ٿو. ڪھاڻي، ”پڇتاء“ روين جي تضاد کي وائکو ڪري ٿي، جتي گهرن جو سڪون ۽ اڪيلائي، رشتن جي مداخلت جي ڪري متاثر ٿين ٿا. ھي ڪھاڻي سماجي نفسيات ۽ ان جي تضاد جي پسمنظرکي نمايان ڪري ٿي. ڪھاڻي، ”ناظرو“ پڻ توھم پرستي ۽ سوچ جي ٻيائيء کي ظاھر ڪري ٿي. ڪھاڻي، ”مجبوري“ ھڪ اھم سماجي مسئلي جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي عھدن جي آڙ ۾، استحصال جي سلسلن جي نشاندھي ڪئي وئي آھي.
ڪھاڻي، ”تضاد“ پڻ سماجي سوچ جي مغالطي جي نشاندھي ڪري ٿي. ڪھاڻي،”فقير سائين“ ھسٽيريا جي موضوع جي پسمنظر کي وائکو ڪري ٿي. اھڙيء ريت ڪھاڻي، ”مايوسي“ جديد دور ۾ اديبن جي منافقت ۽ ٻٽن روين تي آڌاريل ڪھاڻي آھي.
ڪھاڻي، ”اڌوري ڪٿا“ نفسياتي مونجهارن جي حل جي ڳولها جي سلسلي جي ڪڙي آھي . حقيَت اھا آھي تہ ڪھاڻين جا ڪردار جيئرا جاڳندا ڪردار آھن، جن کي ڪھاڻيء جي فريم ۾ قيد ڪيو ويو آھي. ڪو بہ ڪردار اھڙو ڪونهي، جيڪو وجود نہ رکندو ھجي. ھي ڪردار، سماجي زندگيء جو حصو آھن. ھن ڪھاڻي ۾ ڏنل واقعا، ڪردارن سان حقيقي زندگيء ۾ پيش اچي چڪا آھن، انڪري توھان کي محسوس ٿيندو تہ اھي ڪردار، صورتحال يا واقعا توھانجي مشاھدي ۾ بہ ڪٿي نہ ڪٿي آيا ھوندا. ھي ڪھاڻيون زندگيء جي تضاد ۽ ٻٽن روين کي ظاھر ڪن ٿيون. تضاد مان مونجهارو جنم وٺي ٿو. جڏھن مسئلي جي نوعيت سمجهہ ۾ نہ ٿي اچي تہ ان جو حل بہ ڳولڻ مشڪل ٿيو پوي.
ھي اڌوريون ڪٿائون آھن، جيڪي پنھنجي منزل نہ ڳولي سگهيون آھن. اڻ چيل خواھشن ۾ ھڪ عجيب پيڙا ٿئي ٿي، جيڪا پنھنجو حال اورڻ ٿي گهري. ھمدرد نہ ملڻ جي صورت ۾، اڻ تڻ واري ڪيفيت ۽ جذباتي گهٽ فردن کي نفسياتي مسئلن ۾ وڪوڙي وڃي ٿي. حل اسان وٽ موجود آھي، جيڪو حقيقت جي قبوليت ۽ سھڪاري روين ۾ آھي. اميد ڪيان ٿي تہ ھي ڪھاڻيون پڙھندڙن کي پسند اينديون.
شبنم گُل
3. 7 . 2024