ورثو
لڪي سلسلي جي پھاڙن جي ڇانوري ۾ سفر ڪندي، پھاڙ ڪنھن يوگيءَ جيان گيان ۾ گم نظر اِيندا آهن. اُن ڌرتيءَ جي ڇڪ، قلندر کي سيوهڻ ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن تہ هو ڪيترا ملڪ لنگهي هتي پھتو هو. هن خِطي ۾ عجيب ڪشش آهي، جنھن رمز کي فقط نظر شناس پروڙي سگهي ٿو. آسمان تي سج پوري توانائيءَ سان جرڪي رهيو هو. بادلن جي کيچل تي منظر سُرمئي چادر ۾ ويڙھجي، اُن رستي تي سفر ڪندي، منفرد حُسن نظر اِيندو آهي. مختلف مندن جا ھتي رنگ ئي نرالا نظر اِيندا آهن.
گاڏي جيئن ئي لڪي شاہ صدر جي مزار جي ويجهو پھتي تہ سُرمئي پھاڙن جي پس منظر ۾ مزار جو سونھري رنگ ۽ طرز تعميرات اِنتھائي وڻندڙ ڏيک ٿي ڏنو. رستي تي نظر اِيندڙ اُن مزار جو منظر، جماليات جي رنگن سان رنڱجي، هڪ منفرد زاويو پيش ڪري ٿو.
اَمينہ، ڊرائيور کي لڪي شاہ صدر جي مزار وٽ گاڏي بيھارڻ لاءِ چيو، ڊرائيور گاڏي اَچي مزار ڏانھن ويندڙ رستي تي بيھاري.
”ميڊم! اَندر پنڌ هلڻو پوندو. “ ڊرائيور چيو.
هوءَ گاڏيءَ مان نڪتي ۽ مزار ڏانھن هلڻ لڳي. رستي جي ٻنھي پاسن تي ننڍڙا دوڪان مختلف شين سان سينگاريل هئا، جن ۾ رنگ برنگي پڙ، گُلابَ جا گُل، عطر جون شِيشيون، ريوڙيون، نقل، خشڪ ميوو، چوڙيون، ڳانا، سڳيون ۽ اَگربتيون وغيرہ نظر آيس. فضا ۾ گلاب جي گلن ۽ دُکندڙ اَگربتين جو واس، من ۾ جذب ٿيندي محسوس ڪيائين ۽ عجيب ڪيفيت سندس رَڳن ۾ ڊوڙڻ لڳي، ھڪ اَھڙي ڪيفيت، جيڪا ماڻھوءَ کي حال جي گهڙين مان کنڀي، خوابن جي دُنيا ۾ کڻي ويندي آھي، جتي حيرت ۽ اَنڪشاف جو سمنڊ ڇُلي ٿو. ڪجهہ عورتون مزار تي باس جي چادر خريد ڪري رهيون هيون، سندن چھرن تي آس ۽ اَڻپوريون خواهشون نظر ٿي آيون.
اَمينہ درگاھ ۾ اَندر داخل ٿي ۽ فرش تي قدم رکندي ئي دماغ جي ڏُکندڙ نسن ۾ سڪون بخش لمحو لھندي محسوس ڪيائين، جيڪو ٿڌي فرش جي ڇھاءُ جو اَثر ھو . اُگهاڙي پيرين، فرش يا ڌرتيءَ تي ھلڻ، پيڙا کان نجات جو رستو ٿين ٿا، ڇو تہ ڌرتيءَ جي قربت شفا بخش ٿئي ٿي. هوءَ مزار ڏانھن وڌي تہ در وٽ ويٺل پيرسن ماڻھوءَ چيو.
”هي مردن وارو حصو آهي، توهان ساڄي پاسي اَندر وڃو. “
هوءَ اُن پاسي وئي تہ مرجهايل ۽ تازن گلن ۽ خوشبوئن سان واسيل جهوٽو ساھن ۾ اوتجي ويس ۽ ڪيف جي ڪيفيت من ۾ ھُرڻ لڳس. ڪيفيتون بہ ماحول جون پيدا ڪيل ٿين ٿيون. جئين قبرستان ۾ خوف ۽ باغ ۾ سرھائي محسوس ٿيندي آھي، پر مزار تي اَلڳ ڪيفيت ٿئي ٿي، جيڪا عاجزي ۽ عقيدت جو ميڙ ٿئي ٿي .
زمين تي مرد ۽ ٻہ عورتون ويٺل ڏٺائين، وچ ۾ برقعو پھريل، منھن اُگهاڙي نوجوان ڇوڪري ويٺي ھئي. ڇوڪري خوبصورت ھئي، ڪاري رنگ جي برقعي ۾ سندس چھرو چند وانگر جرڪي رھيو ھو. گهاٽيون ڀروون ۽ چيرويون اَکيون نمايان ٿي لڳيون، چپَ ڀڪوڙيل، چھري تي ضد ۽ ڪروڌ جا آثار نمايان ھئس. ڪو اَڻپورو راز سندس ساهن ۾ ڇُلي رھيو ھو. ھن جي سامھون ڊگهي قد جو، اَڌڙوٽ عمر جو شخص ويٺو ھو. ڇوڪريءَ جو ھٿ جهليندي، کيس سمجهائي رھيو ھو. اَمينہ سوچيو شايد ڪو بزرگ آھي، جنھن کان دُعا وٺڻ آئي آھي.
مزار جي ھڪ پاسي عورتن وارو حصو سوڙھو ھو، جتي چند عورتن جي ويھڻ جي جڳھہ ھئي. ھڪ ٿڪل، بيزار ۽ مرڻينگ لمحو فضا ۾ نروار ٿيو ۽ سموري توانائي ڪنھن ڄور وانگيان چوسي ورتائين. ڇوڪريءَ جي ڊگهن ۽ ماندن ساھن ۾ پيڙا جو پڙلاءِ ھو. ڇوڪريءَ جي ڀرسان برقعو اوڊيل چاليھن سالن جي بي تاثر چھري واري عورت ويٺي ھئي. ناري جي چھري تي ڪروڌ ۽ اَکين ۾ وحشت وڌڻ لڳي، اُھا ڪيفيت طوفان اَچڻ کان اَڳ واري ھئي، جيئن تيز ھوا بعد وڄ چمڪاٽ ڪندي آھي ۽ گجگوڙ جو شينھن گجڻ شروع ٿيندو آھي.
پيڙا ۾ ورتل حُسن ڪاريھر وانگر وراڪا ڪرڻ لڳو. مرد جو ھٿ ڇڏائي ورتائين. اَمينہ کي محسوس ٿيو، سندس ھٿ ٽيڙو ٿي ويو ھو ۽ ھوءَ ڪنھن مڌ پيتل متاري جيان جهومڻ لڳي. اَجنبي مومل تي ڪيف ۽ ڪشف وارد ٿيا ۽ زندگيءَ جي سوز کي محسوس ڪندي لُڇڻ لڳي.
اَچانڪ سٽ ڏيئي، رَئو اُڇلائي ڪنجهڻ لڳي. ”ھُو ھُو“ ڪندي، ڪنڌ ھڻڻ لڳي. اَول ساڄي پاسي، پوءِ کاٻي پاسي ڪنڌ گهمڻ لڳس، ڄڻ سندس مشڪون رٻڙ جون ٺھيل ھجن. اَڳيان اُڇل ڏيندي، پوئتي زمين ڏانھن پلٽو کاڌائين. اُتي بيٺل ٻہ ٽي عورتون خوف وچان ڊُڪندي، ڊوڙندي ٻاھر نڪتيون. ھاڻ ناري پوري قوت سان رڙيون ڪري رھي ھئي. اَمينہ جي دل خوف وچان زور زور سان ڌڪ ھئڻ لڳي ۽ مٿو ڦرندي محسوس ڪيائين، پر ھمت ڪري اُتي ئي بيٺي رھي. زمين تي مٿي لڳڻ سبب ڌڪ جو نشان نمايان ھو، ڪارائيءَ تي ڌڪ جا نشان ھئس، اَلائي ڪيترين پيڙهين جي گناهن جو بار پنھنجن ڪلھن تي کنيو بيٺي آهي، اَمينہ سوچيو.
وياڪل ڇوڪري ھوريان ھوريان سامت ۾ اَچڻ لڳي، جئين ڌرتي ڌٻڻ کان پوءِ پنھنجي جاءِ تي واپس اِيندي آھي. اِنسان بہ فطرت جو اولڙو ٿئي ٿو. طوفان، برسات، کنوڻ، گجگوڙ، ٻوڏون ۽ زلزلا پڻ اِنسان جي اَندر جون وارتائون آھن.
اَمينہ محسوس ڪيو تہ ھوءَ نماز پڙھڻ واري اَنداز ۾ ويٺي هئي ۽ ڪنڌ اَڃا ڏڪي رھيو ھيس، ڄڻ ڪنھن مرشد آڏو ويٺي ھجي. هئي گهائل، رُوح. . . شايد گهر ۾ اِيئن دل جو غبار نہ ڪڍي سگهي ها، جئين ھتي وار کولي پئي پار ڪڍيائين. مزارن تي ڏُکويلن لاءِ آزاديءَ جو اَحساس آهي، اُڌما اِظھاري کين جذباتي سڦلتا ملي ٿي.
”توھان ڪير آھيو؟“ اَمينہ سوال ڪيو.
”آءٌ ھن جو پيءَ آھيان. “ اَجنبي شخص وراڻيو.
”ڇا ٿيو آھي ھن کي؟“ اَمينہ ٻيو سوال ڪيو.
اَمينہ جو آواز ٻُڌي ڇوڪريءَ ڪنڌ مٿي ڪري کيس ڏٺو تہ سندس دل خوف ۽ دھشت وگهي ٻُڏڻ لڳي. ھوءَ خوف وچان پيلي ٿي وئي ۽ پاڻ سنڀالڻ لاءِ ديوار جو سھارو وٺڻو پيس. ايڏيون خوفناڪ ۽ بي چين اَکيون ھن پھريون دفعو ڏٺيون ھيون. اُھي ھٺ ۽ ھوڏ سان ڀرپور اَکيون، ڪنھن قھاري ديوتا جيان، زلزلا ۽ ٻوڏون آڻي سگهن ٿيون، فنا ڪري سگهن ٿيون پل ۾ سڀ ڪجهہ. . .
”ڌيءَ! ھن تي آسيب جو اَثر آھي، اَھڙو اثر منھنجي زال تي بہ ھو. “ اُن اَجنبي شخص بي وسيءَ مان چيو.
”توھان جي ڌيءَ جو نالو ڇا آھي؟“
” ريشم ! “ شخص وراڻيو.
واقعي ھوءَ ريشم ھئي، جيڪا مُنجهي پوي تہ ڏور کي سُلجهائڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي. هن شخص پنھنجو نالو عبدالستار ٻُڌايو، سندس گهرواريءَ جو نالو عابدہ هو. هو پياري ڳوٺ جو رهواسي هو، جتي ڪنھن دوڪان تي ڪم ڪندو.
ريشم نالي جيان سندر ھئي. ريشم اُٿڻ جا سانباھا ڪرڻ لڳي تہ اَمينہ ٻاھر نڪتي. در وٽ گلن جي پتين جي وچ ۾ ديپ ٻري رھيو ھو. باھِہ، جيڪا جذب ۽ ڀسم ڪرڻ جي شڪتي رکي ٿي، اُن جوت ۾ ريشم جون اَکيون نمايان ٿيڻ لڳيون. ريشم کي سھارو ڏيندي ھو ٻاھرين در ڏانھن وڌيا.
”توھان سان ڪجهہ دير ڳالھائڻ چاھيان ٿي. “ اَمينہ چيس.
”نہ، آءٌ توسان نہ ڳالھائينديس. . . . تنھنجو ڪو مطلب آهي مون ۾ . . . . “
ڇوڪريءَ اَکيون ڦوٽاريندي کيس چيو تہ خوف جي لھر سندس وجود ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.
ماءُ ريشم کي ھٿ کان وٺي اَڳتي نڪري وئي.
”توهان اَچو اسان سان. . . “
عبدالستار چيو تہ هوءَ کانئن ٿورڙو فاصلي سان هلڻ لڳي. هڪ پاسي وڏو ورانڊو هو، هو هڪ ٿنڀ جي ڀرسان ويھي رهيا. ريشم کي چڪر اَچي رهيا هئا، هوءَ تيزيءَ سان ساھ کڻي رهي هئي، ماءُ جي جهوليءَ ۾ مٿو رکندي غش ٿي وئي.
”هر مھيني چنڊ جي راتين ۾ ريشم کي دورا پوندا آهن، پوءِ هتي وٺي اِيندا آهيونس تہ چاق، چڱي، ڀلي ٿي ويندي آهي. “ عابدہ چيو.
چنڊَ ۽ ديوانگيءَ ۾ ڪا تہ هڪ جھڙائي آهي. پاڻيءَ وانگر چنڊ بہ گهايل اَحساس کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿو شايد . . .
” هن کي ڪنھن نفسياتي ڊاڪٽر کي ڇو نہ ٿا ڏيکاريو؟ “
” اَمان! ڊاڪٽرن وٽ وري غيبات جو ڪھڙو علاج ھوندو؟“ عابدہ جواب ڏنو.
”توھان کي بہ دورا پوندا ھئا. . . . “ اَمينہ سوال ڪيو.
” جي اڳي پوندا ھئا پر هاڻ ڪونہ پوندا آهن. . . “
”جنھن گهر ۾ ماءُ ڏُکي هجي، اُتي ذهني طور تي بيمار ٻار پيدا ٿين ٿا“. اَمينہ جي ڳالھہ ٻُڌي، ستار ڏانھس ڇِرڪي نھاريو.
”مون عابدہ کي سُکيو رکيو ۽ هوءَ ڏُک پيڪي گهر مان کڻي آئي هئي. “
”ڪھڙا ڏکَ؟“اَمينہ کي پنھنجو سوال عجيب لڳو، ڇو تہ ڏُکن جي ڪا تشريح يا درجہ بندي نہ ٿي ڪري سگهجي. . .
”منھنجو نانو ظالم شخص هو، منھنجي نانيءَ تي ظلم ڪندو هو. منھنجو پيءَ بہ ڪو چڱو اِنسان نہ هو، منھنجي ماءُ کي مارڪٽ ڪندو هو“.
جنون ۽ ديوانگيءَ جا سلسلا موروثي ٿين ٿا شايد. . . ماڻھو طبي بيمارين جيان ذهني بيماريون بہ پنھنجي نسلن ۾ منتقل ڪري ٿا ڇڏين. . .
”ڇا توهان جي خاندان ۾ ذهني بيمار ٻار پيدا ٿيندا آهن؟“
اَمينہ جي سوال تي ٻئي زال مڙس اَچرج سان هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا، سوال ڏکوئيندڙ هو شايد. . .
”منھنجي خاندان جي ڪجهہ گهرن ۾ هڪ چريو کريو ٻار آهي، جيڪو ماءُ پيءَ لاءِ آزار بڻجيو پوي. . . . “ڏکويل لھجي ۾ عابدہ وراڻيو.
ماڻھو ڪاوڙ، جارحيت، حسد ۽ تعصب کي ذهني بيماري نہ ٿا سمجهن. اَهڙا رَويا هنن لاءِ رواجي ۽ معمول مطابق هوندا آهن، پوءِ اِيندڙ پيڙهين ۾ اُھو زھر اوتي ڇڏيندا آھن. هوءَ سوچڻ لڳي.
”اَمان! دُعا ڪر تہ منھنجي نياڻي ٺيڪ ٿي وڃي!“ لڙڪ عابدہ جي اَکين مان ڪِرڻ لڳا.
مزار جي در وٽ وڏو گوڙ ٿيو، ڪيتريون عورتون اَندر داخل ٿيون، هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ جي هٿ ۾ نئون ڄاول ٻار هو. . . پٽ جي باس باسي هئائين، شايد چادر پارائڻ آئي آهي.
ٻاهر در وٽ هڪ قبر مٿان هڪ گهاٽو پُراِسرار وڻ، کريل ٻار جيان ٽيڙو ٿيو بيٺو آهي، جنھن تي هزارين رنگ برنگي اِڳڙيون ٻڌل آهن، آس جي رنگن جيان. . . جڏهن آس پوري ٿيندي تہ اُها رنگين ڳنڍ کولي، اَچي هتي خيرات ڪندا.
آس ۽ نراس جي هڪ عجيب دنيا آهي. . .
”هن جي شادي ٿيل آهي؟“ اَمينہ سوال ڪيو.
”مڱيل هئي پنھنجي سئوٽ سان، پر جيئن ريشم کي دورا پوڻ لڳا تہ هنن سڱ ڇني ڇڏيو. . . . “عبدالستار ٿڌو ساھ ڀري، اُداس لھجي ۾ وراڻيو. . .
عابدہ بہ هڪ ڊگهو ۽ ڏکويل ساھ ڀريو . . . . ماحول تي عجيب اُداسي طاري ٿيڻ لڳي. . . .
”پوءِ؟“ اَمينہ پڇيو.
”پوءِ اُهو جهيڙو سال هليو، ڇوڪرو مائٽن کي مڃائي نہ سگهيو، ٻنھي جي ننڍپڻ کان پريت هئي، چار سال اَڳي ڇوڪرو ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويو. . . “
اوچتو هڪ ڪارو ڀَؤنرُ زوڪاٽ ڪندو هن جي ڪنن جي ڀرسان گذريو تہ اَمينہ پوئتي ٿي وئي. . . هن کي ڀَؤنرُن کان خوف ٿيندو هو.
ڀَؤنرُ هاڻ ريشم جي خوبصورت چھري جو طواف ڪرڻ لڳو. . .
”ملھار آيو آهي ريشم سان ملڻ. “ عابدہ چيو:
”ملھار ڪير؟“ اَمينہ پڇيو.
”ريشم جو مڱيندو. . . “ عابدہ جون اَکيون سانوڻي مند جيان وسڻ لڳيون.
”اَمڙ! جڏهن بہ اسان هتي اِيندا آهيون تہ هي ڀَؤنرُ دير تائين اسان سان گڏ هوندو آهي ۽ ريشم جي مٿان پيو ڦيراٽيون پائيندو آهي. “
اَمينہ پنھنجي وڏڙن کان اِها ڳالھہ ٻڌي هئي تہ مائٽن جو رُوح ڀَؤنرُ ۾ پئجي ويندو آهي ۽ هو پيارن سان مِلڻ اِيندا آهن.
هن ڪائنات ۾ سبب ۽ اَثر جو نظريو هرهنڌ نظر اَچي ٿو، هر شيءَ، ٻيءَ جي سحر ۾ وڪڙيل ٿي ڏسجي، عمل جو رد عمل موجود آهي. اِنسان ٿوهر پوکيندو تہ ڪنڊا لُڻندو. . . . ٿوهر پوکي، گُلابن جي ڦُٽڻ جي آس اَجائي آهي. . .
”ذهني بيماريون ماءُ جي پيڙا ۽ ڄم سان تعلق رکن ٿيون، تڪليفن ۾ وڪوڙيل ماءُ جي اُها اَذيت گهڻي ڀاڱي اِيندڙ نسلن ۾ منتقل ٿي ويندي آهي“. اَمينہ جي ڳالھہ ٻُڌي ستار ڇرڪي کيس ڏٺو.
”توهان ڪھڙو علم حاصل ڪيو آهي؟“ هن حيران ٿي پڇيو.
”اِنسان جي سمجهہ جو علم آهي مون وٽ. “
” اِهو تہ ڪو جادو ٿو لڳي. “ عابدہ چيو:
”مان زندگيءَ جي حقيقت کي بيان پئي ڪريان. “ اَمينہ جواب ڏنو
ڀَؤنرُ زوڪاٽ ڪندو، اَمينہ جي ڀرسان لنگهي ويو. هاڻ هو مزار جي فضائن ۾ عقيدت منجهان اُڏري رهيو هو. وري گهُت هڻي، ريشم ڏانھن ورندو، ڀَؤنرُ لاءِ هوءَ ڪنول جو گل هئي شايد. . . شاھ سائينءَ جو بيت من تي هُري آيس.
ڪؤنر پاڙون پاتارَ ۾، ڀؤنرُ ڀُري آڪاس،
ٻنھي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنھن عشق کي شاباس، جنھن محبتي ميڙيا.
هڪ غير محسوس دُنيا ۾ ٿيندڙ وارتائن جو اَلڳ اَثر ٿئي . اَحساسن جي دُنيا ۾ خاموش حادثن جو رنگ ئي جدا آهي، ڪيئن ڳجهن زخمن کي نظرشناس ئي پرکي سگهي ٿو. باطن جي اَک ڪنھن صدمي ماڻڻ کان بغير نہ ٿي کُلي!
اَمينہ مختلف سوال پڇي رهي هئي، ڄڻ معاملي جي تھ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪندي هجي.
”منھنجو ڏاڏو طبيعت جو سخت ۽ بي لڇڻو اِنسان هو، هن جي ظلمن کان خاندان تنگ هو، هن هڪ ڀيري ٻن جوان ڀائرن جو خون ڪيو هو، سھڻا ڳڀرو جوان هئا، سندن ماءُ مرڻ گهڙيءَ تائين لڇندي رهي. . . “
ڳالھہ ٻڌندي اَمينہ جا لڱ ڪانڊارجي ويا، اوچتو ريشم رڙ ڪري اُٿي، هوءَ دل تي هٿ رکي سھڪي رهي هئي، شايد ڪو ڀوائتو خواب ڏٺو هئائين. ڄڻ لاشعور جي لامحدود ڪُن ۾ ڀٽڪي واپس وري هجي!
اَمينہ کي هن جي اَکين مان رت ٽمندي محسوس ٿيو.