بي وفائي
اڄ سندن رشتي جو آخري ڏينھن ھو . . .
” مون سمجهيو ھو تہ تون مون سان محبت ڪندو آھين ۽ مون سان شادي ڪندين؟“ شيتل ماڪ ڀنل لھجي ۾چيو.
”محبت جو شاديءَ سان ڀلا ڪھڙو تعلق آھي؟ محبت تہ فقط محبت آھي ڪا شرط تہ نہ آھي. “ سرمد پيرن ۾ لھرن جي ڪتڪتاين کي محسوس ڪندي چيو.
”تون مون سان انڪري شادي نہ ٿو ڪرڻ چاھين جو تو کان اڳي مان ڪنھن ٻئي سان محبت ڪندي ھيس. “ شيتل جي اکين ۾ لڙڪ ھئا.
”توکان اڳي مان بہ تہ زارا سان محبت ڪندو ھيس . ٻڌايو ھيم نہ توکي. “ سرمد وراڻيو.
”پوءِ تو ھن سان شادي نہ ڪئي؟“ شيتل پڇيو.
”تون جنھن سان مون کان اڳي محبت ڪندي ھئينء، تو ڀلا ان سان شادي ڇو نہ ڪئي؟“ سرمد جي لھجي ۾ طنز ھو.
”ھن مون سان ڪوڙ ڳالھايو ھو. ھو شادي شدہ ھو ۽ کيس ٻار ھئا. پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. مون ڪنھن بہ عورت جو گهر اجاڙڻ نہ گهريو. “
لڙڪ شيتل جي اکين مان لڙي آيا.
”آءِ ايم ساري شيتل منھنجو اھو مطلب ھرگز نہ ھو. “
ھلندي ھلندي ھو واريءَ تي ويھي رھيا. شيتل ميرون رنگ جي سوٽ ۾ حسين لڳي رھي ھئي . ھن جون رنل اکيون ڄڻ محبتن جا ٻہ ڀريل جام ھئا. اھڙيون حسين اکيون ھن گهٽ عورتن جون ڏٺيون ھيون. ھو حسين ھئڻ سان گڏ ذھين بہ ھئي ء انگريزي اخبار ۾ ڪم ڪندي ھئي.
ذھين ۽ خوبصورت عورتون گهر نہ ڪنديون آھن. ھن دوستن جي زندگين ۽ سندن ٻارن کي تباھ ٿيندي ڏٺو ھو. ذھين ۽ خوبصورت ڇوڪريون ھن جي ڪمزوري ھيون. اھڙيون ڇوڪريون ھن جي زندگيءَ ۾ آيون، جن جي اڪثريت سان ھن فقط ڳالھين جي حد تائين رومانس ڪيو ھو. ڪي ڇوڪريون ھوشيار ھيون، جيڪي سندس ارادا سمجهي وينديون ھيون. جسماني طور تي فقط چند ڇوڪريون، سندس زندگين ۾ آيون ھيون. پر شيتل سڀني کان وڌيڪ ويجهو ھيس.
”ڇا تو اھو سوچي مون سان محبت ڪئي ھئي تہ تون مون سان شادي ڪرڻ لاءِ سوچيو ھو. “ سرمد پڇيو.
” ڪجهہ ملاقاتن کان پوءِ مان پاڻ کي مڪمل محسوس ڪرڻ لڳي ھيس. شايد ان کي محبت چوندا آھن تہ جڏھن ان شخص کان پري ٿيو تہ پاڻ کي نامڪمل تصور ڪيو. “
شيتل اداسيءَ مان چيو. لھرون تيزيءَ سان آيون ء ھو پسي ويا. شيتل بي اختيار کلي پئي ۽ اٿي پويان ڊوڙڻ لڳي. ھو سحر زدہ انداز ۾ کيس ڏسندو رھيو. ھو بہ ھوريان ھن ڏانھن وڌڻ لڳو.
”سمنڊ ناقابل اعتبار ۽ بي وفا آھي. “ شيتل چيو.
ھو ھٿ ۾ ھٿ ڏيندي سمنڊ جي حدن مان نڪري آيا.
”والدين منھنجي لاءِ ڇوڪري پسند ڪري آيا آھن. “ سرمد پڇيو.
ھوء بيھي رھي . شيتل جو چھرو غم جي شدت سان پيلو پئجي ويو.
”تون پليز پنھنجي والدين کي منھنجي باري ۾ ٻڌاء . تون ساڻن ڳالھہ ڪري تہ ڏس متان مڃي وڃن. “ شيتل منٿ ڪئي.
”مشڪل آھي. “ سرمد بي حسيءَ مان وراڻيو.
”تون ڄاڻي واڻي مون کي ٺڪرائي رھيو آھين. تون بظاھر آزاد خيال بڻجڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو آھين پر اندر ۾ روايتي مرد آھين. “
شيتل ڪاوڙ ۾ چيو.
گاڏي جي ڀرسان پھتا تہ سرمد کيس ڀاڪر ۾ ڀريو ۽ ھوء سڏڪا ڀري روئڻ لڳي. شيتل کي محسوس ٿي رھيو ھو تہ تحفظ جو احساس ھن کان موڪلائي رھيو آھي. تعلق جو ڇانورو کسجڻ کان پوءِ ھوء ھڪ دفعو ٻيھر، تيز اس جي صحرا جي تپش ۾ جلندي رھندي.
ان محبت ڀريي ڇھاء کي زندگيءَ جي حقيقت سمجهي ويٺي ھئي.
ھو ڊرائيونگ سيٽ تي اچي ويٺو. گاڏي اسٽارٽ ڪري روڊ تي آيو.
”آفيس ڊراپ ڪيان؟“
”نہ گهر. “ شيتل ھوريان چيو.
ھر طرف اداسي ڇانيل ھئي. گاڏي جي اسپيڊ گهٽ ھئي. منظر تيزيءَ سان تبديل ٿي رھيا ھئا.
”مون ڪيترا خواب ڏٺا ھئا توسان گڏ رھڻ جا. منھنجي تصور ۾ ھڪ خوبصورت گهر ھو. مون سوچيو ھو تہ ان گهر ۾ محبتون ھونديون. منھنجو احساس محبت جي منزل پائي وجد جي ڪيفيت ۾ رقص ڪرڻ لڳو ھو . پر سرمد تو منھنجا خواب چڪنا چور ڪري ڇڏيا. “
” پليز شيتل رليڪس ! تون جذباتي ٿي مون کي ھميشہ لاءِ ڇڏڻ جو غلط فيصلو ڪري رھي آھين. مان تھنجو آھيان ۽ ھميشہ رھندس. “
سرمد جو لھجو اداس ھو . ھو سامھون روڊ ڏانھن نھاري رھيو ھو ڄڻ شيتل ڏانھن ڏسندو تہ سندس من جو ميڻ رجي پوندو.
شيتل ڪجهہ نہ چيو خاموشي سان گاڏي مان لھي ڊوڙندي ھلي وئي . ھو بہ اتي ترسي نہ سگهيو .
جيئن گيٽ کليو ھوء اندر ھلي وئي. ڪمري ۾ وڃي بيڊ تي ڪري پئي.
ھن لاءِ اڌڙوٽ بيورو ڪريٽ جو رشتو آيو ھو، جنھن جي زال گذاري وئي ھئي، ماءُ کيس سرمد سان ڳالھائڻ جو آخري موقعو ڏنو ھو. ھوء وھاڻي ۾ منھن لڪائي سڏڪا ڀريندي رھي.
سرمد والدين جي پسند سان شادي ڪري ڇڏي . ڪومل دين جي پابند، گهريلو ۽ خدمت گذار ڇوڪري ھئي. ملڪيت جي اڪيلي وارث ھئي، جيلا ھن لاء ھڪ سٺي زال ثابت ٿي. البتہ اھا شڪايت ھيس تہ ھوء گهٽ ڳالھائيندي ھئي ۽ خلوت ۾ برف جي سر بڻجي پوندي ھئي.
ڪجهہ ئي عرصي ۾ ھو پنھنجي معمولات تي واپس موٽي آيو. ھن دفعي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر فائزہ سان ھن جي دوستي ٿي ھئي.
ھو شيتل کي وساري نہ سگهيو. شايد شيتل جھڙو پيار ٻي ڪا عورت ھن سان نہ ڪندي؟
سندس زال ڪومل کي نہ فلمن سان دلچسپي ھئي نہ دنيا جي خبر.
ھوء سست رھڻ لڳي تہ ڊاڪٽر ڏانھن وٺي ويس جنھن کيس پيءَ بڻجڻ جي مبارڪ ڏني تہ ھن جي مونجهہ وڌي وئي.
ڪومل جو وقت آرام ڪندي گذريو ۽ ھو فائزہ جي گهر ھليو ويندو ھو. گڏ فلم ڏسندا. پوءِ سياست تي بحث مباحثو ٿيندو . رسندا ۽ پرچندا ھئا ۽ آخر ۾ ڊنر گڏ ڊنر ڪري، پنھنجي خواھشن کي سيراب ڪري گهر موٽندو.
رات جو ڪومل ڪنجهندي تہ مٿي کي زور ڏيندس ۽ ھوء پاڻ کي دنيا جي خوشقسمت عورت سمجهندي ھئي!
اھي نو مھينا تيزيءَ سان گذريا ۽ ڪومل ھڪ خوبصورت پٽ کي جنم ڏنو ۽ گهر ۾ نئين زندگي ڊوڙي وئي وارث جي پيدا ٿيڻ تي. سعيدہ بيگم پوٽي جي پيدائش تي گهڻي خوش ھئي. سرمد، پٽ جو نالو حارث رکيو . پر سندس زندگي خالي ھئي. ھڪ سمجهدار جيون ساٿيءَ جي ڪمي محسوس ڪرڻ لڳو، جيڪا ھن جي ڪيفيتن کي سمجهي سگهي. ھن سان پيار جو اظھار ڪري سگهي. خلوت جي لمحن ۾ ھن سان ڀرپور پيار ونڊي.
فائزہ کي خبر پئي تہ ھو شادي شدہ آھي تہ کانئس سخت ناراض ٿي. آخر عورتون شاديءَ کي پيار جي منزل ڇو ٿيون سمجهن؟
فائزہ ھن لاءِ دل جا دروازا بند ڪيا تہ ڏاڍو دل برداشتہ ٿيو.
دوست جي شاديءَ ۾ ارينا سان ملاقات ٿيس. ارينا جي سونھن تي فدا ٿي پيو. ارينا بہ ھن جي مرداڻي وجاھت کان متاثر ھئي. سمنڊ تي ريسٽورينٽ تي ڊنر دوران ھن چيو:
”ارينا! مان شادي شدہ آھيان ۽ منھنجو ٻيءَ شاديءَ جو ڪو ارادو ڪونھي. “
”ھون! سو واٽ!“ ارينا لاپرواھيءَ سان چيو.
”اسان سٺا دوست آھيون ۽ رھنداسين“ سرمدچيو.
”واعدو. “ ارينا کلي چيو.
”واعدو“ ھن ارينا جي ھٿ تي ھٿ رکيو.
ارينا جي شاپنگس، ھوٽلنگ ۽ قيمتي تحفن ڪري ھن جو اڪائونٽ خالي ٿيڻ لڳو . بزنس ۾ نقصان جي ڪري کيس سخت صدمو پھتو. گهر ۾ننڍي ڀاء مرسلين جي شاديءَ جي ڳالھہ طئي ٿي تہ ھو آفيس کي وقت ڏيڻ ۾ مصروف رھيو. ھن جو رابطو ارينا سان بہ گهٽجي ويو.
گهر ۾ خوشي جو سمان ھو. آخرڪار مرسلين شاديءَ لاءِ ھا ڪئي ھئي.
”شڪر آھي مرسلين کي ڪا ڇوڪري تہ پسند آئي. “ زارا ڀاء جي شادي جي فيصلي تي خوش ھئي.
ماءُ الڳ ڇوڪري وارن جون تعريفون ڪري رھي ھئي .
ٻئي ڏينھن گهر وارا مرسلين جو رشتو گهرڻ ڇوڪري جي گهر وڃي رھيا ھئا. گاڏي مرسلين ھلائي رھيو ھو، جنھن جي ڀرسان والد ويٺو ھو. سرمد، پويان ماءُ ۽ ڀيڻ سان ويٺو ھو. ڪراچي جي خوبصورت شام ھئي. روشنين ۽ رنگن کي ڪراس ڪندي گاڏي، جڏھن ڪلفٽن جي شاندار بنگلي آڏو بيٺي تہ سرمد کان ڇرڪ نڪري ويو.
”شيتل جو گهر!“
ھن جي چھري تي حيرت سان گڏ اذيت جا آثار ھئا. مرسلين ھارن ڏنو ۽ چوڪيدار در کوليو . سڀ گاڏي مان ھيٺ لٿا. ڊرائينگ ۾ مسز جمال فاروقي کين ڀليڪار ڪيو . ٿوري دير ۾ شيتل اندر داخل ٿي . سرمد کي ڏسي پريشان ٿي پر پنھنجي ڪيفيت تي جلد قابو پائي ورتائين.
شيتل جي والدين شادي جي لاء ھاڪري ڇڏي . سعيدہ بيگم شيتل کي رئو پارايو . شيتل ۽ مرسلين ھڪ ٻئي کي منڊي پارائي. ھو تمام ويجهو ويٺا ھئا ۽ بار بار سندن نظرون ھڪ ٻئي کي پنھنجي اند سموئي رھيون ھيون.
ھو اندر ۾ کوري جيان پڄري رھيو ھو. ھن کي معاملي جي ايتري اڳتي وڌڻ جي خبر نہ ھئي. ھن پنھجي لاءِ شيتل جي نظرن ۾ طنز محسوس ڪيو.
واپس موٽيا تہ ھن جي ڳالھہ ٻولهہ مرسلين سان ٿي.
”اسان جو گاڏيون ٽڪرائجي ويون ھيون شيتل زخمي ٿي پئي ھئي. مان کيس اسپتال وٺي ويس بعد ۾ گهر ڇڏيم. ائين منھنجي سڃاڻپ ان فيمليءَ سان ٿي. منھنجو سندن گهر اچڻ وڃڻ ٿيو. اسان ھڪ ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳاسين. “
” تون مونسان ڳالھہ تہ ڪرين ھا يار. شيتل ماڊ ۽ بيباڪ ڇوڪري آھي . ھوء ھرگز تنھنجي قابل نہ آھي. “
” اھا توھان جي غلط فھمي آھي . ھوء تمام گهڻي حساس ۽ پيار ڪرڻ واري ڇوڪري آھي. مان خوشقسمت آھيان جو ھوء منھنجي زندگيءَ جو حصو بڻي آھي. “ مرسلين جي چھري تي وجد جي ڪيفت ھئي.
مرسلين جي ڳالھہ ٻڌي هو تپي باھ ٿي ويو.
” ھن جو ماضي. . . “
”مان ھن جي ماضيءَ ساٻڌل نہ آھيان تہ اھو خراب ھو يا سٺو . يار دنيا بدلجي وئي آھي ۽ اسان اتي ئي بيٺا آھيون. “
سرمد خاموش ٿي ويو.
رات جو ماءُ سان بہ تيز ٿي ويو.
”مان مرسلين جو وڏو ڀاء آھيان مون کان پڇو تہ ھا. ذھين ۽ خوبصورت ڇوڪريون گهرنہ ڪنديون آھن . “
”پٽ تون گهر ۾ رھين ڪٿي ٿو جو توسان ڳالھہ ڪيان ھا. مرسلين تہ شادي ڪونہ پيو ڪري . مون نفل پڙھيا آھن، جڏھن ھن پنھنجي پسند جي باري ۾ مون کي ٻڌايو. “
”مان توھان کي مرسلين جي زندگي برباد ڪرڻ نہ ڏيندس. ڪنھن قيمت تي نہ“ ھو ڀڻڪندي ٻاھر نڪري ويو.
رات ھو پاسا ورائيندو رھيو. پنھنجي محبوبا کي ڀاڄائيءَ جي روپ ۾ ڏسڻ جو سوچي سندس نرڙ تي پگهر اچي ويو. جڏھن ھوء ھن گهر ۾ ايندي تہ مان کيس ڀاء جي زال جي روپ ۾ ڏسي نہ سگهندس. ھن پنھنجي اندر حسد ۽ نفرت جو طوفان اٿندي محسوس ڪيو. مان شيتل کي قتل ڪري ڇڏيندس. ھن ڪاوڙ ۾ مٺيون ڀڪوڙيون. ھن ڪومل کي ڏٺو، جيڪا پرسڪون ننڊ ۾ ھئي . ڀرسان ننڍڙو حارث ستو پيو ھو. شيتل سان گذاريل ھڪ ھڪ گهڙي ياد اچڻ لڳس. ھوء سڀني محبوبائن مان وڌيڪ ويجهو ۽ پسند ھيس. اڄ بہ ھن جي جسم جي خوشبوء ياد ڪري پاڳل بڻجي پوندو ھو.
گهر ۾ خوشيءَ جي لھر ھن ڪافي عرصي کان پوءِ محسوس ڪئي.
ھو شاديءَ جي تيارين کان بي خبر رھيو. شيتل سندس محبوبائن کان مختلف ھئي . ھوء حسين، شوخ ۽ سيڪسي ھئي . سندس ھر انگ ۾ مستي ڀريل ھئي . ھن کي زندگيءَ لاءِ اھڙيءَ ساٿيءَ جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪا ھن جي ذھن، جسم ۽ روح لاءِ آبشار وانگر ھجي. ھر پل ھن کي ورسائيندي رھي. پر ھن پنھنجي اندر جي خوف تحت ھن کي ٺڪرايو ھو.
ھو شيتل سان ملڻ ھن جي گهر ويو. نوڪر شيتل کي اطلاع ڏيڻ ويو. شيتل آئي تہ ھن کي ڏسي خاموش ٿي وئي. ھن محسوس ڪيو تہ شيتل اڳي کان وڌيڪ خوبصورت ٿي وئي ھئي. اکين ۾ خمار جي گلابي لڪير نمايان ھيس. وجود ۾ حسد جي تيز لھر اٿندي محسوس ڪيائين.
” شيتل مان اھو چوڻ آيو آھيان تہ تون منھنجي معصوم ڀاء جي زندگي برباد ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪر. تنھنجي اصليت ٻڌي ھو تباھ ٿي ويندو. “ سرمد ڪاوڙ مان چيو.
”ڪھڙي اصليت سرمد صاحب!“ شيتل پڇيو.
”تون ھن کان اڳي ٻن مردن سان رابطو رکيو ۽ تون مرسلين جھڙي معصوم انسان جي ھرگز قابل نہ آھين. “
”ھو فراخ دل انسان آھي ۽ ھن کي خبر پئي بہ تہ ھو مون کي نہ ٺڪرائيندو. ھن منھنجي جسم سان نہ پر روح سان محبت ڪئي آھي. ھن جي محبت پائي منھنجو پيار ۾ وڃايل ويساھ پختو ٿيو آھي. ھن مون کي نئين زندگي ڏني آھي. “ شيتل جي چھري تي محبتن جا رنگ وکريل ھئا.
”تون پڇتائيندينء شيتل. “ ھن جو لھجو ڪاوڙ سان ڏڪي رھيو ھو.
”مون کي حيرت آھي تہ جيڪو ڪمزور تعلق اڳي ختم ٿي ويو ھو، ان جو حوالي کڻي آيا آھيو. رشتا اعتبار سان قائم رھندا آھن ۽ ڀرم ٽٽڻ جي ڪري پاڻمرادو مري ويندا آھن. “
”پليز شيتل . “
” ادب سان ڳالھاء مان تنھنجي ڀاڄائي آھيان. ٻي ڳالھہ ڪن کولي ٻڌي ڇڏ تہ ٻيھر مان توکي ھن گهر ۾ نہ ڏسان. “ شيتل ڪاوڙ مان چيو ۽ ھو اتان نڪري آيو.
ان رات بہ ھن کي ننڊ نہ آئي . ھڪ ذھني عذاب ھو، جنھن مان ھو گذري رھيو ھو. شيتل ھن گهر ۾ منھنجي سامھون رھندي ۽ ڇا مان ھرپل مرندو جيئندو رھندس؟
جيڪڏھن مرسلين کي منھنجي ۽ شيتل جي تعلق جي خبر پئي تہ ھو چا سوچيندو منھنجي باري ۾!
ھو اذيت جي صحرا ۾ ڊوڙي رھيو ھو . سندس چپ خشڪ ٿي ويا ھئا ۽ نڙيءَ ۾ ڪنڊا لڳندي محسوس ڪيائين.