صدمو
ھو سڌو ڪاليج جي پرنسپال جي آفيس پھتو. شگفتہ جبين دل سان سندس آجيان ڪئي ۽ اتي موجود سڀني سان تعارف ڪرايائين. گڏوگڏ ڪاليج جي پرنسپال کيس فزڪس ڊپارٽمينٽ جي ۾مسئلن بابت آگاھ ڪندي رھي. پوء ڪاليج جي متحرڪ نئين ليڪچرار مس تانيہ کي چيائين:
” توھان تنوير صاحب کي فزڪس ڊپارٽمينٽ وٺي وڃو. “
” اچو سر. “ تانيہ چيو.
ڊگهي ڪوريڊور مان ٿيندا تانيہ کاٻي پاسي مڙي تہ سامھون فزڪس ڊپارٽمينٽ لکيل نظر آيس.
اندر داخل ٿيا تہ ھيڊ آف ڊپارٽمينٽ صالحہ مراد تي نظر پيس.
”خوش آمديد ڪمال صاحب ويھو. “ صالحہ چيس .
اتي فزڪس جون ٻہ ليڪچرار ويٺيون ھيون.
”اسان وٽ فزڪس جون ھي ٻہ ٽيچرز آھن . ھي مس نوشين آھي ۽ ھي مس ڪانتا آھي. “
پروفيسر ڪمال ميڊم صالحہ کان ٽائيم ٽيبل ورتو. سندس پھريون، ٽيون ۽ ڇھون پيريڊ ھو.
ھو ڪاليج ۾ ڪلاس وٺڻ لڳو . وقت جو پابند ۽ روز ليڪچر تيار ڪري اچڻ وارو استاد ھو. اتي جيڪي مرد استاد ھئا اھي لائبريري ۾ ٻہ ٽي ڪتابن جون الماريون رکي ڪمرو ٺاھي الڳ ويٺا ھئا. اھي ڊپارٽمينٽ ۾ ڇو نہ ٿا ويھن، ھن سوچيو.
ھو بہ ڪجهہ ڏينھن ڊپارٽمينٽ ۾ ويٺو پر سمجهي ويو تہ مسز صالحہ کي سندس موجودگي پسند نہ آھي. مسز صالحہ طبيعت جي ڏنگي عورت ھئي. ھن جو گهر وارو پروفيسر وسيم سندس دوست ھو. شادي جي ڏھن سالن کان پوء عليحدگي ٿي وئي ھين. وسيم ھن سان دل جو حال اوريندو ھو. ڪنھن دور ۾ ھو وسيم جي گهر بہ ويندو ھو. انڪري ڪمال کي اندازو ٿي ويو تہ ميڊم صالحہ مان اميد رکڻ اجائي آھي. ھوء ھڪ اذيت پسند عورت ھئي ۽ زندگيء کي پنھنجي محرومين جي آڙ ۾ ڏسندي ھئي.
ھوء پنھنجي واش روم کي تالو ھڻندي ھئي، جيڪو پاڻ پيسا خرچ ڪري ٺھرايو ھئائين . واش روم جي چاٻي خادم پٽيوالي کي ڏنل ھيس، جنھن کي سختيءَ سان منع ڪيل ھيس تہ ڪنھن کي بہ ھو باٿ روم کولي نہ ڏيندو.
پروفيسر ڪمال نوٽ ڪيو ھو تہ ھوء حد کان وڌيڪ صفائي پسند ھئي. بار بار ھٿ ڌوئيندي رھندي ھئي.
ھو ذيابيطس جو مريض ھو. اھو مسئلو کڻي ھو شگفتہ جبين وٽ پھتو.
” ادا توھان منھنجي آفيس جو باٿ روم استعمال ڪري سگهو ٿا. “
” ميڊم مون کي آفيس جي ضرورت آھي، جنھن ۾ لڳولڳ واش روم ھجي. مون کي سٺو نہ ٿو لڳي تہ مان اسٽاف روم ۾ بار بار وڃان يا اوھان کي ڊسٽرب ڪيان. “ ھن بي وسيءَ سان چيو.
” ٺيڪ آھي مان ان مسئلي جو ڪو حل ڪڍان ٿي. “
ميڊم شگفتہ جبين ضرور ميڊم صالحہ کي ھن جي پارت ڪئي ھوندي، انڪري خادم کيس چاٻي آڻي ڏيندو ھو. ھو اسپورٽس انچارج شفقت صاحب جي ڪمري ۾ ويھڻ لڳو. جيڪو پنھنجي ڊپارٽمينٽ جي ويجهو ھيس. ھن ھڪ ڏينھن محسوس ڪيو تہ سندس ٻاھر نڪرڻ کان پوءِ ميڊم صالحہ ڀنگي گهرائي واش روم صاف ڪرايو . اھو لقاء ڏسي کيس سخت شرمندگي محسوس ٿي. ذلت جي کاھين ۾ پاڻ کي ڪرندي محسوس ڪيائين.
اسٽاف روم ۾ اندر داخل ٿيو ۽ ڪنڊ ۾ وڃي ويٺو. اتي سندس اسٽوڊنٽ دعا، جيڪا ويجهڙائيءَ ۾ ليڪچرار ٿي آئي ھئي، ان کيس پريشان ڏسي پڇيو:
” سر توھان جي طبيعت تہ ٺيڪ آھي ؟“
”جي جي مان ٺيڪ آھيان. “ پروفيسر ڪمال پاڻ کي نارمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ڦڪي مرڪ مرڪيو.
”سر چانھن پيئندو؟“
پروفيسر ڪمال ڦڪي مرڪ مرڪندي ڪنڌ ھا ۾ ڌوڻيو.
دعا کيس پاڻي ڏيڻ بعد چانھن کڻي آئي. چانھن پي ھو سامت ۾ آيو.
ٻئي ڏينھن ھو پنھنجي ڪاليج ويو ۽ پرنسپال محسن رضا کي ڊيپيوٽيشن ڪينسل ڪرائڻ جي گذارش ڪيائين.
” توھان سينئراستاد آھيو ۽ ميڊم شگفتہ جڏھن ڊائريڪٽر صاحب سان اسٽاف جي گهر ڪئي تہ ھن اوھان جو نالو سجيسٽ ڪيو ھو. ڪمال صاحب اھو اوھان لاءِ وڏو اعزاز آھي. “
اھا تعريف کيس زھر لڳي رھي ھئي. ڪير بہ ھن جو مسئلو سمجهڻ لاء تيار نہ ھو.
گهر آيو تہ بہ پريشان رھيو. رات جي ماني تي کاڌي مان وڏون ڪڍندي، زال سان ڪر ڪر ڪندو رھيو. صنوبر سندس اھو روپ ڏسي پريشان ٿي وئي.
”خير تہ آھي پريشان ٿا ڏسجو. “ صنوبر پڇيو.
”مٿي ۾ سور آھي. “ ڪمال چيو.
”بلڊ پريشر تہ نہ وڌيو آھي. “ سندس ڊاڪٽر پٽ عدنان پڇيو.
ٿوري دير کان پوء عدنان سندس بلڊ پريشر چيڪ ڪيو تہ وڌيل ھو. دوا کائي ليٽي پيو. رات دير تائين سوچيندو رھيو تہ آخر ڇا ڪري! سندس پرسڪون مزاج تبديل ٿيڻ لڳو ھو. گهر واري ۽ ٻارن سان معمولي ڳالھہ تي تيز ٿي ويندو ھو.
صبح جو اٿي ڊائريڪٽوريٽ ھليو آيو. ڊائريڪٽر صاحب کيس وڏي عزت ڏني . ھن پنھنجو مسئلو بيان ڪيو.
” ٻہ مھينا گذري ويا آھن سائين باقي ھڪ مھينو وڃي بچيو آھي . امتحان شروع ٿيندي ئي اوھان کي پنھنجي ڪاليج واپس آڻبو . “
ڊائريڪٽر جي ڳالھہ ٻڌي ھو خاموشيءَ سان ھليو آيو.
ھي عورتون پاڻ کي مظلوم ٿيون سمجهن. ھي ڪاليج ۾ ويھي مڙسن ۽ ساھرن جي گلائن ۾ مصروف نظر اچن ٿيون. ھنن جو ڪنھن بہ معاملي ۾ ڪو بہ ڏوھ نہ آھي؟ ھنن خاندان ۾ ويڇا وڌايا آھن، پٽن جا گهر ڦٽايا آھن. ڀاء کي ڀاء کان الڳ ڪيو اٿن.
پر سڀ عورتون تہ ھڪ جھڙيون نہ آھن . سمورا مرد ساڳي سوچ نہ ٿا رکن. ھن منفي سوچ کي ذھن مان تڙي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪاليج ۾ اھو ڏينھن گذارڻ بہ محال ھو.
پروفيسر ڪمال ڪلاس وٺي پرنسپال جي آفيس ڏانھن وڌيو تہ اتي ميٽنگ ھلي رھي ھئي . اتان موٽيو ۽ خادم کي واش روم کولڻ لاءِ چيائين.
ھو اندر ويو ۽ ھن جي بيچيني وڌندي رھي.
پروفيسر ڪمال جو مٿو ڦرڻ لڳو.
”سائين ڳوليان پيو چاٻي ڪونہ پئي ملي. وري ڏسان ٿو“. خادم ائين چئي اندر ڊوڙيو. پروفيسر ڪمال کي اھا ميڊم صالحہ جي سازش محسوس ٿي.
ياخدا! ھو چپن ۾ ڀڻڪيو.
ھن پينٽ آلي ٿيندي محسوس ڪئي.