ڪھاڻيون

اڌوري ڪٿا

شبنم گُل سنڌي ٻوليءَ جي اُها تخليقڪار آهي، جنھن جي ادبي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن ۽ سڀئي حوالا اُتم آهن. شبنم گُل جون هي ڪھاڻيون نفسياتي مسئلن جي حوالي سان لکيل هوندي بہ ڪھاڻيءَ جي حيثيت ۾ مڪمل آهن. تجسُس ۽ حيرتُن جو سرچشمو بڻيل هي ڪھاڻيون اصلاحي هوندي بہ آرٽ آهن. اصلاح ۽ آرٽ کي گڏ گڏ کڻي هلڻ جو هنر ۽ نفسياتي پيچيدہ مسئلا سولا ڪري بيان ڪرڻ جي سگهہ وٽس ڪمال جي آهي. 

  • 4.5/5.0
  • 325
  • 38
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • شبنم گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book Adhori Katha

اَڌوري ڪٿا

عافين اِسٽاف روم جي دريءَ مان ٻاهر نھاريو، جتي سياري جي سج جا ڪِرڻا وڻن جي پنن تي جرڪي رهيا هئا. ساوڪ جي تازگي اَندر ۾ لَھندي محسوس ڪيائين. نئون سيمسٽر شروع ٿي چُڪو هو. هن جي سامھون اُداس اَکين واري ثمن هميشہ جيان ڪتاب چھري جي سامھون جهلي سوچن ۾ گم هئي. هوءَ ڪتاب پڙهندي بہ هئي يا فقط سوچيندي رهندي هئي. هن سوچيو.
دريءَ مان لِيئا پائيندڙ سجَ جا ڪِرڻا هن جي وارن تي جرڪندي، ناسي رنگ کي اَڃا ڳوڙهو ڪري رهيا هئا. اَڄ کيس ناسي ڪلر جو سوٽ پھريل هو، هوءَ اَڪثر اِن رنگ جي ڪپڙن ۾ نظر اِيندي هئي. ناسيءَ کانسواءِ ڪارو، سرمئي ۽ نيرو رنگ بہ پسند هيس. ثمن کي سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ ۾ شامل ٿيندي چار مھينا ٿيا هوندا، پر هن جي عافين سان ڪا گهڻي ڳالھہ ٻولهہ نہ ٿي سگهي هئي، سواءِ چند رسمي جملن جي.
عافين، هن کان سينيئر ليڪچرار هو، اُن ڪري ٻہ يا ٽي ڀيرا هن کان سبجيڪٽ جي باري ۾ ڪجهہ پُڇيو هئائين. هو تمام گهڻو تنھائي پسند ۽ گهٽ ڳالھائُو هو. ڪجهہ ڏينھن اَڳي شعبي جو استاد، اِسڪالر شپ تي ٻاهرين ملڪ ويو تہ سڀني پاران کيس فيئر ويل پارٽي ڏني وئي. اُن ۾ هن سنبل جي زور ڀرڻ تي اُردو غزل ڳايو هو.
تم اپنا رنج و غم، اپنی پریشانی مجھے دے دو!
اِهو غزل ٻُڌي مُرڪي پيو تہ ايڏي اُداس ۽ خاموش رهڻ واري هوءَ ڪنھن ٻئي کان رنج و غم ۽ پريشاني جي گهر ڪري رهي هئي. اُداس شخصيت وانگر آواز بہ خوبصورت هيس.
مان هن جي باري ۾ ايترو ڇو پيو سوچيان! مون ڪنھن کي پسند ڪري زندگيءَ ۾ آندو آهي ۽ هاڻ جلد اسان ٻنھي جي شادي ٿيڻ واري آهي ۽ مان آهيان جو مستقل هڪ اَڻ ڄاڻ ڇوڪريءَ لاءِ سوچي رهيو آهيان. . . ڇو پسند تي ڪي پھرا پيل آهن. ڪوبہ ماڻھو ڪنھن کي پسند ڪري سگهي ٿو. اَندر مان آواز آيس.
سنبل اَندر اِيندي زور سان چيو:
”هيلو. . . !“
سنبل کي ڏسندي، ثمن جي چھري تي گل مھر جا رنگ جرڪڻ لڳا. عجيب چھرو هيس، رنگ پيو بدلائيندو هو.
”هيلو. . . !“ هوءَ بہ مرڪي تہ چوڏس چانڊاڻ وکري وئي.
”اَڙي! خدا جي مارَ پويئہ. . . اِسٽاف روم ۾ موجود هوندي بہ خاموش ويٺا آهيو. . . . مان اِيئن چُپ ويھان تہ منھنجو اِنتقال ٿي وڃي. . . “
”مون ليڪچر جي تياري پئي ڪئي. “ ثمن وراڻيو.
مئڊم شگفتہ اَندر داخل ٿي ۽ اُن جي پويان ٻيا استاد پڻ اَندر آيا. خاموش ۽ اُداس ڪمري جا رنگ ٻيھر مُرڪي اُٿيا. هو اِسٽاف روم ۾ اَچي چانھن پيئندا هئا، گڏوگڏ بحث مباحثو بہ هلندو هو.
ثمن ڪلاس ۾ وڃڻ لاء اٿي ۽ اسٽاف روم مان ٻاهر نڪري وئي. سندس وڃڻ کانپوءِ پنھنجي ۽ عافين جي چانھن کڻي سنبل اَچي عافين جي ڀرسان ويٺي، سنبل، عافين سان حجائتي هئي.
”ٿينڪ يو ميم. . . “ عافين چانھن وٺي مُرڪيو.
”ويلڪم. . . !“ سنبل شرارت منجهان مُرڪي.
ٻيون خبرون چارون ڪرڻ بعد سنبل کيس ٻُڌايو تہ ثمن جي والدہ سخت بيمار هئي ۽ هن جي ننڍي ڀيڻ نفسياتي مريضہ آهي.
”I see“ اِهو ٻُڌي عافين کي ثمن جي اُداسيءَ جو سبب سمجهہ ۾ آيو.
”چون ٿا تہ ثمن جي ننڍي ڀيڻ تي اثر آهي. “
”اَڇا. . . !“ عافين کي تعجب ٿيو.
”توهان اِن موضوع ۾ دلچسپي رکو ٿا؟ اِن معاملي ۾ ثمن جي مدد ڪري سگهو ٿا؟“ سنبل چيو.
”هن کي هيلوسينشن ٿيندي هوندي يا نيورو جو ڪو مسئلو هوندس. “ عافين وراڻيو.
”خبر نہ آهي، پر مان اھڙي سوچ کي توھم پرستي سمجهان ٿي. . . . “ سنبل چيو.
* * *
رات هاسٽل جي دريءَ مان اَندر پنھنجي مخصوص خوشبوءِ کڻي آئي. موتئي، گُلاب، بيد مشڪ ۽ نازبوءِ سان گڏ آلي مِٽيءَ جو مِليل جُليل هُڳاءُ.
هو ڊنر ڪرڻ بعد، دوستن سان ڪچھري ڪري ڪمري تي موٽيو هو ۽ هاڻ ايبنارمل سائيڪالاجيءَ جي سبجيڪٽ جا نوٽس وٺي پورا ڪيا هئائين. ٽيبل ليمپ وِسائي، پاسو ورائي، ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
هن سان بہ عجيب واقعا پيش اِيندا هئا، پر هن ڪڏهن ڌِيان نہ ڏِنو. ڌِيان ڏيڻ سان شيون اُڀري نمايان ٿينديون آهن ۽ نظر اَنداز ڪرڻ سان، جن جي شدت ختم ٿي ويندي آهي. ڪڏهن رات جو در کڙڪندو هو تہ ننڊ مان اُٿي، ٻاهر جهاتي پائي ڏسندو تہ ڪير بہ نہ هوندو هو. شاگرديءَ واري زماني ۾ بہ اَهڙو واقعو اَڪثر ٿيندو هيس، پر اُن وقت سوچيندو هو تہ شاگرد رات جو جاڳندا آهن، اُن ڪري شرارت ڪري ڀڄي ويندا هوندا، پر هيءَ ٽيچرز هاسٽل آهي، هتي ڪير اَهڙي شرارت ڪندو؟
لائيٽ ٻرندي ڇڏي، واش روم ويندو هو ۽ موٽندي بند مِلندي هيس. آخر روز روز تہ ويسر نہ ٿيندي. . . ڪڏهن لائيٽ پاڻمرادو ٻري پوندي. شايد هڪ غير محسوس دُنيا کي سمجهڻ جي سگهہ هن وٽ موجود هئي. اَلائي ڪيتريون دُنيائون آهن هن هڪڙي دُنيا ۾. . . اَلائي ڪيترا اَڻ ڏِٺل راز زندگيءَ جي ساهن ۾ پيا ڇُلن. . . !!
چؤڌاري ماڻھو، ڄاڻ تي مغرور ۽ مخالف نظرين کي رد ڪرڻ وارا هئا. هنن لاءِ سڀ ڪجهہ مادي دُنيا هئي. هو رُوح کي سمجهڻ تہ پري جي ڳالھہ، رُوح جو ذڪر بہ ٻُڌڻ نہ چاهيندا هئا. هو رُوح کي ڪا ماورائي شيءَ سمجهندا هئا، جنھن جي پاڻمرادو جُڙتو قصن کان وڌيڪ ڪا حيثيت نہ هئي. ڪي وري جي مڃيندا هئا پر ڪو خاص ڌيان نہ ڏيندا هئا. اُهي اَحساس کان وانجهيل نفسياتي ماهر، مريضن جو ڪھڙو علاج ڪندا؟ هو فقط مريضن لاءِ دوائون تجويز ڪري سگهن ٿا.
هن جو دوست ڊاڪٽر فيصل اڪثر پنھنجي مريضن کي سائيڪوٿراپيءَ لاءِ هن ڏانھن اُماڻيندو هو. ڊاڪٽر فيصل چوندو هو تہ هر مسئلي جو حل دوا نہ آهي، پر اَڄڪلھہ سمورا ڊاڪٽر گهڻيون گوريون تجويز ڪن ٿا. هن ڏانھن رُجوع ڪندڙ ڪيترا مريض رُڳو ڪائونسلنگ جي ڪري چاق ٿي ويندا آهن.
هتي لبرل ئي تنگ نظر آهن، جيڪي سائنس کانسواءِ هر ڳالھہ غير سائنسي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش پيا ڪندا آهن. هو اَحساس جي سائنس کي سمجهڻ کان قاصر آهن.
سوچون، لھرن جيان ذهن جي ساحل تي ڊوڙنديون رهيون، سوچيندي هو گھري ننڊ ۾ هليو ويو.
* * *
ٻاهر تيز ٿڌيون هوائون هلي رهيون هيون. هلڪا ڪڪر آسمان تي هڪٻئي پُٺيان ڊوڙي رهيا هئا، سج جي چھري تي ڪاري ڪڪر سموري منظر کي سُرمئي رنگ ۾ ويڙهي ڇڏيو هو. ڪلاس مان ٻاهر نڪرندي عافين کي ٿڌ جو اَحساس ٿيو، آفيس ۾ پھچي سُک جو ساهہ کنيائين، جتي هيٽر هلي رهيو هو. سنبل اَندر داخل ٿي.
”هيلو. . . !!“
اَڄ هوءَ تمام گهڻي خوش هئي، اُن ڪري مثبت توانائيءَ جا وهڪرا هر طرف وِکري ويا.
”هيلو. . . !!“ هن بہ اُن توانائيءَ کي محسوس ڪندي، خوش ٿي وراڻيو. سنبل ڪرسيءَ تي ويھي رهي.
”مون کي حيرت آهي تہ هي بيچ پڙهائيءَ ۾ صفا جڏو آهي. “ عافين مايوسيءَ مان چيو.
”هر بيچ ۾ ڇھ، ستَ شاگرد چڱا نڪرن ٿا. “ سنبل چيو
”پر هن دفعي مون بہ اِها ڳالھہ محسوس ڪئي آهي تہ شاگرد ليڪچرن تي ڌِيان نہ پيا ڏِين. “
هفتي کان هن ثمن جي غير حاضريءَ سبب اُن جا ڪلاس پئي ورتا.
”ثمن ٽي ڏينھن ٻيا موڪل ڪندي. “ سنبل اِطلاع ڏِنو.
”هوءَ ٺيڪ تہ آهي نہ. . . “
”ها ها. . . هوءَ ٺيڪ آهي، پر سندس پُٽ بيمار آهي. . . “
هوءَ شادي شدہ آهي، اِهو ٻُڌي عافين کي حيرت ٿي. ياد آيس تہ موڪل تي ويندي هفتي لاءِ سندس ڪلاس وٺڻ جي کيس گُذارش ڪئي هئائين. هن موڪل جو سبب نہ پڇيو ۽ نہ ئي هن ٻُڌايو. هاڻ ڪارڻ جي خبر پيس تہ دل وِسامندي محسوس ڪيائين.
”ڇا پيا سوچيو؟“
هن کي خيالن ۾ گُم ڏِسي سنبل پُڇيو تہ هو حال جي لمحن م موٽي آيو.
”نہ. . . نہ. . . . ڪجهہ نہ. . . “ هن پنھنجي چھري تي وِکريل، زخمي اَحساس لِڪائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
”مون کي سيڪنڊ سيمسٽر جا اَهم ٽاپڪس گهرجن. “
”ها، ضرور. . . “ عافين ميز جي خاني مان نوٽ بُڪ ڪڍي، سنبل کي ڏِنو.
”ٿينڪس. . . مان نوٽ ڪري، جلد موٽائي ڏينديس. . . . “
”نو پرابلم سنبل. . . . گم نہ ڪجو!“ شرارت مان عافين چيو.
”نہ. . . نہ. . . فڪر نہ ڪريو، مان ذميوار شخصيت آهيان. “
اِيئن چوندي هن ٽھڪ ڏِنو ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي.
هو پنھنجي اَحساساتي ردِعمل تي حيران هو، جيڪڏهن ثمن شادي شدہ هئي تہ هن جي ثمن م ڪھڙي دلچسپي آهي؟
”ڇا مان عام مردن وانگر آهيان، جيڪي خوبصورت عورتن سان خيالي عشق ڪندا آهن؟“
هو ضمير جي عدالت ۾ اَچي بيٺو. مرد ۽ عورت جي وچ ۾ خاموش ۽ بي ضرر رومانس بہ ٿي سگهي ٿو، اَهڙو اَحساس، جنھن کي بيان ڪرڻ جي ضرورت نہ پوندي آهي. ڪوبہ ڪنھن لاءِ جواز يا بنا جواز جي يا جنسي ڪشش بدران ذهني رغبت محسوس ڪري سگهي ٿو!
هوءَ شادي شدہ آهي ۽ منھنجي مڱڻي ٿي چُڪي آهي. نہ هوءَ مون ۾ دلچسپي رکي ٿي ۽ نہ ئي ڪو مان هن سان محبت ڪريان ٿو. ها! مان هن لاءِ سوچيان ضرور ٿو. هن جي خاموشي ۽ پُراِسراريت مون لاءِ سواليہ نشان بڻيل آهي. خاموش ۽ اِسرار ۾ ويڙهيل عورتن لاءِ ذهين مرد وڏي ڪشش محسوس ڪندا آهن شايد!
جيئن زمين، چنڊ جي چؤڌاري ڦرندي آهي، چنڊ پُراِسرار ۽ ناقابلِ تسخير آهي. شايد مرد بہ پُراِسرار ۽ ناقابلِ تسخير عورتن کان متاثر ٿيندو آهي. شايد ثمن جي غير دماغي، بار بار اَکين ۾ اِيندڙ آلاڻ، مرڪ جي سحر کان محروم، چُپِ، چھري تي ڇانيل هڪ هراسيل تاثر، پنھنجي ذات ۾ لِڪڻ جي ڪوشش! شايد. . . !!
* * *
شاگرد عجيب سوال ڪندا هئا. هن گروپس تشڪيل ڏِنا ۽ شاگردن کي اَلڳ اَلڳ ڪري ويھاريو، جنھن کانپوءِ هر گروپ کي تصوير ڏيندي، اُن جو تجزيو ڪرڻ لاءِ چيو. اُها هڪ پريشان حال عورت جي تصوير هئي، جنھن جا وار کُليل هئا ۽ هوءَ هيجان جي ڪيفيت ۾ مبتلا هئي. سندس اَکيون ڳاڙهيون هيون ۽ مُٺيون ڀِڪوڙيل هئس. شاگردن مختلف تبصرا ڪيا.
ثمينہ چيو تہ: ”هيءَ عورت Identity crises مان گُذري رهي آهي. “
مظھر جو خيال هو تہ: ”هن عورت کي Chronic depression ٿي سگهي ٿو. “
سِيرت چيو تہ: ”هسيٽريا جو دؤرو پوڻ وارو اَٿس. “ ڪلاس ۾ ٽھڪڙو مچي ويو، هن کي ڪاوڙ آئي، پر ضبط ڪري ورتائين. هنن شاگردن کي آخر کِلڻ، مذاق ڪرڻ جو حق آهي، هي ايترو خشڪ مضمون پيا پڙهن.
مينا چيو تہ: ”سر! منھنجي خيال ۾ هن جا تاثرات ٻُڌائين پيا تہ هيءَ بارڊر لائين پرسنالٽي ڊس آرڊر جو شڪار آهي. “
جاويد چيو تہ: ”هن عورت کي جِن چڙهي ويو آهي. “ جنھن تي وڌيڪ بحث ٿيو.
سِيرت چيو تہ: ”اِهو تاثر ماڻھن کي توهم پرستيءَ جي ڌُٻڻ ڏانھن ڌِڪڻ آهي. “
اُتي هڪ مولانا جو پُٽ عبدالله ويٺو هو، تنھن چيو تہ: ”جِنات جو ذڪر مذهبي ڪتابن ۾ آهي، اُهي باھ جي پيداوار ٿين ٿا، جيڪي پنھنجو روپ مَٽائي سگهن ٿا ۽ ماڻھن مٿان حاوي ٿي ويندا آهن. “
شاگردن جا تاثرات ٻُڌي، آخر ۾ عافين چيو تہ: ”ضروري نہ آهي تہ هن عورت کي اِهي بيماريون هجن. هيءَPMS واري ڪيفيت مان پئي گُذري. “
پوءِ اُن ڏينھن هن عورت جي جسماني جوڙجڪ ۽ اُن جي نفسياتي محرڪن تي ڳالھايو. ڪجهہ ڇوڪرا اَکين سان هڪٻئي کي اِشارا ڪري رهيا هئا تہ ڪِن جي چھرن تي دٻيل، شرارتي مرڪ لِيئا پائي رهي هئي. ڇوڪريون ڪنڌ جهڪائي ويٺيون هيون ۽ مولانا جي پُٽ عبدالله جو ڪنڌ سِيني سان وڃي لڳو. هن سوچيو تہ اِنھن دقيانوسي شاگردن کي آخر علمِ نفسيات کڻن جي ڪھڙي ضرورت آهي؟ هو سندن ذهني بدحاليءَ تي حيران ۽ غمگين هو.
آفيس ۾ اَچي، ڪافي ٺآهي، ڪُرسيءَ تي ويٺو. دريءَ کان ٻاهر ڏٺائين، جتي سج پوري جلال سان جرڪي رهيو هو، لان ۾ طرح طرح جا گل مھڪي رهيا هئا، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گروپس ۾ ويٺآ هئا تہ ڪجهہ وري هٿَ ۾ هٿُ ڏئي واڪ ڪري رهيا هئا. ڪلاس بنڪ ڪندڙ شاگردن تي اَفسوس ڪرڻ لڳو.
ثمن اَندر آئي تہ هو اُٿي بيٺو. ثمن سلام ڪيو.
”وعليڪم اَلسلام! پليز ويھو. . . “ عافين چيو تہ هوءَ ويھي رهي.
”ها، تہ توهان جي پُٽ جي طبيعت ڪيئن آهي؟ “
”مليريا ٿيو هيس، پر هاڻ ڪافي بھتر آهي. “
هوءَ ڪافي ڪمزرو ۽ ٿڪل ٿي نظر آئي.
”سُٺي خبر آهي. . . . ڪافي پيئندؤ؟“
”نو. . . . ٿينڪس. . . . “ هوءَ ڪجهہ نروس هئي.
”آءٌ اوهان جي ٿورائتي آهيان، جو منھنجي غير موجودگيءَ ۾ توهان منھنجا ڪلاس ورتا. “
”پليز. . . . نو مينشن. . . . . “ عافين وراڻيو.
ڪجهہ دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي.
”مان. . . توهان سان. . . . هڪ اَهم مسئلو ڊسڪس ڪرڻ ٿي چاهيان. “
”جي. . . جي. . . مان ٻُڌي رهيو آهيان. . . “
”توهان کي سنبل ٻُڌايو هوندو منھنجي ننڍي ڀيڻ جي باري ۾. . . “
”جي بلڪل. . . . توهان چئو. . . . “
”گهر وارن جو خيال آهي تہ هن تي سايو آهي، اُن ڪري مشڪل اِها آهي تہ هو ڪنھن نفسياتي ماهر کي ڏيکارڻ نہ ٿا چاهين. . . . “ کيس اَفسوس ٿيو اِهو ٻُڌي.
”هن کي عجيب صورتون نظر اِينديون آهن. “ ثمن چيو.
”منھنجو خيال آهي تہ کيس سائيڪياٽرسٽ کي ڏيکارڻ گهرجي، منھنجو دوست ڊاڪٽر فيصل اِهو ڪيس ڊيل ڪري سگهي ٿو. “
”ٺيڪ آهي. . . آءٌ ڪوشش ڪنديس تہ ڪنھن طرح کيس ڊاڪٽر تائين وٺي اَچان. “
”توهان جي ڀيڻ جي عمر ڇا آهي؟“
”اَرڙهن سال. . . “
”پڙهندي آهي؟“
”فرسٽ ايئر ۾ پڙهندي هئي تہ کيس عجيب دورا پڻ لڳا، پوءِ پڙهائي ڇڏي ڏِنائين. “
”گهر ۾ ڪنھن ٻئي فرد کي اَهڙو نفسياتي مسئل آهي؟“ عافين مسئلي جي جڙ تائين پھچڻ ٿي گهريو.
”منھنجي والدہ گهر جي حالتن جي ڪري ڪافي پريشان رهندي آهي. مون کي لڳي ٿو تہ کيس ڊپريشن آهي، پر هوءَ اسان ٻارن تي ظاهر نہ ڪندي آهي. “
”اوهان جي بابا جو والدہ سان رَويو ڪيئن آهي؟“
اِهو سوال ٻُڌي هوءَ ٿوري دير لاءِ خاموش ٿي وئي ۽ اَکين ۾ الاڻ جرڪڻ لڳس.
I am sorry”“ عافين پريشان ٿي ويو هن جي اَکين ۾ لُڙڪَ ڏِسي.
”اسان جي خاندان ۾ تمام گهڻا جهيڙا آهن. اَمان تي بابي ۽ منھنجي ڏاڏاڻن تمام گهڻو ظلم ڪيو آهي. منھنجي شادي چاچي جي پُٽ سان ٿيل آهي. اَدلي بدلي جي شادي آهي، منھنجي ڀاڄائي، جيڪا منھنجي سئوٽِ ۽ ساڳئي وقت نڻان پڻ ٿئي، پنھنجي گهر ۾ خوش آهي، پر مون سان منھنجا ساهرا بنا سبب جي نفرت ڪندا آهن. منھنجي والدہ ڌاري آهي يا ممڪن آهي، ڪو ٻيو سبب هجي، اُن ڪري شايد. . . “ ثمن لڙڪ پيئندي، ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو.
”پليز رليڪسڊ. . . . . . توهان فڪر نہ ڪريو، مان پوري ڪوشس ڪندس تہ اِن سلسلي ۾ توهان جي ڀرپور مدد ڪري سگهان. “
”مھرباني!“ ثمن جي اَکين ۾ اُميد جا ڏيئا ٻري پيا.
”مون کي حالات کان باخبر رکجو، ڪنھن بہ وقت فون ڪري سگهو ٿا. خاص طور تي ڀيڻ جي ڪيفيتن، رَوين ۽ رروزمرہ جي ٽائيم ٽيبل جي باري ۾ ضرور آگاہ ڪندا رهجو. مان ڊاڪٽر فيصل کان اَپائنٽمينٽ وٺي، توهان کي آگاہ ڪندس. “
”مھرباني عافين صاحب. . . “
هوءَ آفيس مان ٻاهر نڪري وئي ۽ ڪمري ۾ اُداسي ۽ اَڻ چيل اِسرار رهجي ويا.
* * *
عافين رات جو دير تائين هاسٽل جي ڪوريڊور ۾ هلندو رهيو. نم جي وڻن مان چنڊ جا ڪِرڻا لِيئا پائي رهيا هئا. اِسرار ۾ ويڙهيل رات جا راز هوريان هوريان منڪشف ٿيڻ لڳا.
هڪ اِنڪشاف اِهو هو تہ هو ثمن سان محبت ڪرڻ لڳو هو. هن جي خاموشي، اُداسي، بيوسي ۽ اَڻ چيل اِسرار هن جي چؤڌاري سائي وَلِ جيان ويڙهجي ويا، اُن جي ساوڪ، اُن ۾ مھڪندڙ گل هن جي رُوح جو حِصو بڻجي ويا هئا.
”مان غلط رستي تي نِڪري پيو آهيان شايد پر ان جذبي کي ھڪ پاسي رکندي، مون کي هن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ گهرجي. “
ڪمري ۾ داخل ٿيو تہ تنھائيءَ جو اَحساس وڌڻ لڳو. سمھڻ جي ڪوشش ۾ ننڊ تھائين رُسي ويس. ڪوشش لفظ شايد لاشعور کي پسند نہ آهي، لاشعور کي هوشياريءَ کان چِڙَ آهي، لاشعور جنگلي گهوڙي وانگر آهي، جنھن کي هوريان هوريان سيکارڻو ۽ سمجهائڻو پوي ٿو. هو پنھنجو ذاتي تجزيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، جيئن پنھنجي تبديل ٿيندڙ ذهني لاڙي، رغبت ۽ ٻيائيءَ کي سمجهي سگهي. . . . .
پر شايد جذبي يا اَحساس لاءِ ڪوبہ جواز نہ ٿيندو آهي. . .
* * *
ڊاڪٽر فيصل جي ڪلينڪ تي ڀيڻ سعديہ سان گڏ هوءَ ڏِنل وقت مطابق پھتي. هوءَ اُداس ۽ ڊنل هئي، ڇاڪاڻ جو گهران بازار وڃڻ جو چئي نڪتي هئي. عافين اُتي اَڳ ئي موجود هو. ٻئي ڄڻيون اَندر داخل ٿيون، ڊاڪٽر فيصل کين ويھڻ لاءِ چيو. سعديہ تمام گهڻي خوفزدہ هئي. ڊاڪٽر ٻنھي سان ڊگهي گفتگو ڪئي، سعديہ مشڪل سان پئي جواب ڏِنا. ڊاڪٽر ڪنھن نتيجي تي پھچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هن ڪجهہ دوائون تجويز ڪري پريسڪرپشن ثمن ڏانھن وڌايو:
”هي دوامريضہ کي پابنديءَ سان ڏيندا. . . گهر جو ڪو ذميدار ڀاتي اِهو فرض نڀائي تہ بھتر ٿيندو، هڪ مھيني کانپوءِ مون کي ڏيکارجو. . . . “
”بھتر ڊاڪٽر صاحب!“
ٻئي ٻاهر نڪتيون تہ عافين بہ ٻاهر آيو.
”توهان فڪر نہ ڪريو ثمن صاحبہ! اُميد تہ حالات بھتر ٿي ويندا. “عافين مرڪي چيو.
ثمن جي گهائل احساس کي آٿت ملي ۽ ھن مرڪي عافين ڏانھن نھاريو. ان نھار ۾ مان ۽ محبت جا جذبا جرڪي رھيا ھئا.
کين رخصت ڪري ھو ڪلينڪ ۾ اَندر ڊاڪٽر فيصل وٽ آيو.
”مريضہ کي اِسڪزو فرينيا آهي. هن کي ڏيکارا اَچن ٿا، ٻہ دفعا ڇتِ تان ٽپو ڏيئي، زندگيءَ جو اَنت آڻڻ جي ڪوششّ بہ ڪئي اَٿس. اَنديشو آهي تہ وري اَهڙو قسم کڻن جي ڪوشش ڪندي. ڪيس تمام گهڻو پيچيدہ آهي. “ ڊاڪٽر فيصل، عافين کي آگاہ ڪندي چيو.
”ھون. “ عافين گھري سوچ ۾ ھو.
”مريضن ۾ ذھني بيماريءَ جون علامتون هونديون آهن، پر گهريلو جهيڙن يا صدمن کانپوءِ، انھن ۾ شِدت اِيندي آهي. توکي بہ هن جو نفسياتي ٽيسٽ ڪرڻو پوندو، اِن رپورٽ جي بہ ضرورت پوندي. . . “
” ضرور. “
عافين ’اِنسٽيٽيوٽ آف سائيڪالاجي، ڪراچي‘ مان ’ڪلينڪل سائيڪالاجي‘ جي مضمون ۾ ايم. فل بہ ڪئي هئي، يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائڻ سان گڏ هفتي ۾ ٽي ڏينھن ڪلينڪ ويندو هو. ھو ٻاھر نڪتو.
”سعديہ جو نفسياتي بيماري ڄاڻڻ واري ٽيسٽ ڪندس. “ هن ثمن جي سرنھن ڦلھاريل چھري کي ڏسندي چيو.
”اَڇا!“
”توهان کي سعديہ کي پرينھن انسٽيٽيوٽ آڻڻو پوندو. “
”اِهو تہ ڏاڍو مشڪل ڪم آهي. . . “ هن جي چھري تي مونجهاري جون ريکائون اُڀري آيون.
”اِهو مشڪل ڪم اوهان کي ڪرڻو پوندو. “ عافين لفظن تي زور ڀريندي چيو.
هن سعديہ کان ڪيترائي سوال ڪيا ۽ جواب ۾ هوءَ هوش مند اِنسان جيان جواب ڏيندي رهي. هوءَ ذهين، آگاھ ۽ ذهني طور متحرڪ هئي. هن نفسياتي تجزيي دؤران عافين، سعديہ جي سمجهہ، ذهانت، سُجاڳي ۽ ماحولياتي ڄاڻ کي پرکڻ پرکڻ ۾ گُذاريو
”مون کي زندگي نہ ٿي وڻي، مون کي هن دُنيا ۾ فقط ماءُ ئي عزيز آهي، سا بہ جلدي هلي ويندي. . . “
عافين ڇرڪي ڏانھنس نھاريو:
”اِها ڳالھہ توهان کي ڪنھن ٻُڌائي؟“
”هو ننڍڙا ننڍڙا ماڻھو، جيڪي مون کي نظر اِيندا آهن، اُنھن ٻُڌايو مون کي. . . . “
”هو ٻيو ڇا چوندا آهن؟“
”چوندا آهن تہ ڇت تي هل!“
”پوءِ!؟“ تجسس مان عافين سوال ڪيو.
”پوءِ هيٺ اُڏامي وڃي بيھندا آهن ۽ چوندا آهن تہ ٽپو ڏي. . . . . “
”هون!“ هڪ عجيب ڏڪڻي هن پنھنجي سرير ۾ محسوس ڪئي.
اُن ڏينھن سموريون رپورٽس کڻي هو ڊاڪٽر فيصل ڏانھن ويو.
”هن کي اِسڪنرو فرينيا نہ آهي، نفسياتي تجزيي مطابق سعديہ کي Depression آهي. “
”تون سمجهين ٿو تہ هن کي هيلو سينٽس نہ ٿي ٿئي؟“
”ها!“
”ڪم آن يار! تون سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دؤر ۾ بہ اَهڙيون ڳالھيون پيو ڪرين!“
سائنس ۾ اَڄ جيڪا جديد تحقيق هلي پئي، سا چاهي نيورو سائنس هجي يا نيورو سائيڪو اَميونالاجي هجي، اُها ڄاڻ اَڃا تائين هتي نہ پھچي سگهي آهي ۽ جي پھتي بہ آهي تہ اُن کي سمجهيو نہ ويو آهي. “
”تنھنجو خيال آهي تہ اَهڙن مريضن تي جِنات جو اَثر آهي؟“
”مان اِهو بہ نہ ٿو چوان!“
”پوءِ ڇا ٿو ثابت ڪرڻ گهرين؟“ ڊاڪٽر فيصل خائف ٿيندي چيو:
”نيوروجيڪل ڊس آرڊرز جي مريضن کي ڏيکارا نظر اِيندا هوندا، پر. . . . “
”پر ڇا؟“
”منھنجو خيال آهي تہ ذهني بيمارين ۽ منفي اَثرات ۾ ويجهو تعلق آهي. “
”Impossible“ ڊاڪٽر فيصل رڙ ڪئي.
”مون هڪ يورپ جي جرنل ۾ پيش ڪيل تحقيقي رپورٽ ۾ پڙهيو آهي تہ جن گهر ۾ جهيڙا، منفي سوچ ۽ روڄ، پِٽڪو هوندو آهي، اُتي منفي قوتون اَچي ديرو ڄمائينديون آهن. “
”يورپ ۾ اَڄڪلھہ توهم پرستيءَ جي وبا ڦھليل آهي. “ ڊاڪٽر ذيشان چيو.
”يار! جيئن گند ڪچري ۾ جراثيم وڌندا ئي ويندا آهن، اِيئن ذهني ويڳاڻائپ ۽ منفي سوچ، منفي قوتون ڇِڪجي اِينديون آهن.
Psychosis is as on altered state of conscious
نيورو بايولاجي آف سائيڪو سس: ذهن، شعوري تصور ۽ ڊائمينشز جي مختلف اَنداز ۾ وضاحت ڪري ٿي. “
”تون چوين ٿو تہ ذهني مريض هڪ Altered tate of consciousness ۾ پھچي ويندا آهن، جتي هو beyond Physical اَهڙا مشاهدا ڪن ٿا، جيڪي غير معمولي ۽ ناقابلِ يقين آهن. “
”ممڪن آهي جيڪڏهن سگمنڊ فرائڊ سائيڪو ايناليس ۾ خوابن جي ڳالھہ ڪري ٿو، هو خوابن وسيلي مريضن جي لاشعور تائين پھچي ٿو. ڇا ڪارل يونگ يا ميڊرڊ باس غلط ٿي سگهن ٿا؟“
”اسان اِنھن نفسياتي فلسفين کي ڪونہ مڃو. ن بحرحال مريضہ جون دوائون جاري رکجو، اِهو بحث وري ٻيھر ڪنداسين. رائيٽ!“
هو ڊاڪٽر فيصل کي قائل ڪري نہ سگهيو ۽ منجهيل واپس موٽيو. واپس اِيندي هن هڪ باغ جي ٻاهران گاڏي پارڪ ڪئي. هو هڪ بئنچ تي اَچي ويٺو، جنھن جي مٿان گل مھرجا وڻ ڳاڙها گل حسين ڏيک ڏيئي رھيا ھئا. اُن جي مٿان گھرو نيرو آسمان هو، جنھن جي وسعت ۾ اَڇا ڪبوتر اُڏامي رهيا هئا. هن رنگن ۾ ڪيڏي نہ هم آهنگي آهي! هي وڻ پنھنجي ليکي ڪجهہ نہ آهي، هن کي طاقت زمين کان مِلي آهي ۽ جيڪڏهن آسمان نہ هجي تہ زمين بي معني ھجي ھا! بادلن هن ڌرتيءَ کي ساوڪ بخشي، ساڳيءَ ريت اِنسانن جي زندگيءَ ۾ ڪو مسنگ لنڪ ضرور آهي! ممڪن آهي تہ اُها محبت يا توجھ جي ڪمي هجي يا ٻيو ڪجهہ. . .
بيقرار ٿي هو اُٿيو ۽ واڪ جي لاءِ ٺھيل ٽريڪ تي نڪري آيو، جتي مرد، عورتون ۽ نوجوان واڪ ڪري رهيا هئا. هو بہ هلڻ لڳو. اُنھن مان اَڪثر ڊپريشن، اينگزائٽي ڊس آرڊر، ڪمپلسو ٿنڪنگ يا ٻئي ڪنھن عارضي ۾ مبتلا هوندا ۽ ڊاڪٽرن کين پنڌ ڪرڻ جو مشورو ڏِنو هوندو. اُهي پاڻ سان ڳالھائڻ، پنھنجي سامھون بيھي پنھنجو ايناليس ڪرڻ کان محروم آهن.
تيز هوا جو جهوٽو گُلاب جي مُرجهايل گُلن ۽ موتئي جي هٻڪار کڻي آيو، شام جا پڇاڙڪا پھر هئا، جنھن وقت شام اُداس ۽ زندگيءَ جي انجام ڏانھن اِشارو ڪري ٿي. اُن شام کي ڪير سمجهي سگهيو آهي؟
* * *
پھاڙن تي برف پوڻ لڳي هئي ۽ ڊاڪٽر فيصل، سيزنل اَفيڪٽو ر ڊس آرڊر جي مريضن کي ڪائونسلنگ لاءِ هن ڏانھن موڪلي رهيو هو. اِنسان جو اَلميو سج جي روشني ۽ فطري هوا کان دوري آهي.
اُن ڏينھن منجهند ڌاري، کيس ثمن جي والدہ جي لاڏاڻي جي خبر مِلي. يونيورستيءَ جا ڪوليگس هن جي گهر ڏانھن روانا ٿي ويا، هو بہ ويو ۽ دُعا پڙهي موٽي آيو. هن کي سنبل ٻُڌايو هو تہ ثمن جو مڙس هڪ بزنس مئن آهي، پئسو ۽ عورتون هن جي زندگيءَ جو قيمتي سرمايو آهن. اِن صورتحال ۾ ثمن ڪيڏي نہ اَڪيلي هوندي!
”ثمن جي والدہ عبادت گذار، سادي ۽ مخلص عورت هئي، هن جو ڪنھن قدر نہ ڪيو، اَهڙائي سندس ٻارَ آهن، جن ۾ ثمن ماءُ جو عڪس آهي. “
سنبل اِهو چوندي اداس ٿي وئي. اَڪثر هو ٻئي ڳالھيون ڪندا هئا. موڪل ٿي تہ سمورو ڊپارٽمينٽ خالي ٿي ويو، پر هو آفيس ۾ ويٺو رهيو.
اسان هڪٻئي لاءِ سدائين اوپرا رهنداسين! نہ مان پنھنجي دل جو حال اوري سگهندس ۽ نہ ئي تون دل جو بار هلڪو ڪري سگهندينءَ! اسان هڪ ئي دؤر ۾ وقت جي اَلڳ اَلڳ ڊائمينشنز ۾ جي رهيا آهيون، هڪ ئي دُنيا ۾ رهندي مختلف دُنيائن جو عذاب ڀوڳي رهيا آهيون. مان تنھنجي دل جو آٿت نہ ٿو بڻجي سگهان ۽ تون منھنجي اَحساسن جو سُڪون نہ بڻجي سگهندينءَ! پر مان توسان اِيئن ڳالھائيندو رهندس، شايد تون منھنجو آواز نہ ٻُڌي سگهين!!!
اُن سمي وقت جي فريڪوئنسي ٻن رُوحن جي اَحساس سان مِلي وئي. فون ڪال تي ثمن جو نالو ڏِسي ڇرڪي پيو.
”هيلو!!“ عافين فون کنئي.
”هيلو عافين صاحب! مان تمام گهڻي پريشان آهيان، اَمان ئي منھنجو سھارو هئي. . . “
”آءُ اوهان جو ڏُک سمجهي سگهان ٿو، هن وقت توهان کي حوصلي جي ضرورت آهي. توهان جا ٻارَ آهن، گهر آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ سعديہ کي بہ توهان کي ئي سنڀالڻو آهي. “
هوءَ سُڏڪا ڀري روئڻ لڳي.
”پليز، رليڪس ٿيو پليز. . . “
هن جا سُڏڪا بند ٿي ويا.
”آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهان ڊاڪٽر فيصل سان مِلو، مان کيس توهان جي باري ۾ اِنفارم ڪريان ٿو، توهان اَڄ ئي سندس ڪلينڪ تي هليا وڃو، دوا ڪنھن بہ صدمي کان نڪرڻ لاءِ وڏو سھارو ثابت ٿيندي آهي. . . “
هو بہ ٻاهر نڪري آيو ۽ شھر جي روڊن تي ڀٽڪندو رهيو. هر طرف ماڻھو هئا، پنھنجي وجود جي روشنيءَ کان بي خبر. . . . هو ڪير هئا؟ هن دُنيا ۾ ڇو آيا ۽ هاڻ چھرن تي خواهشن جو حرص کڻي، ڪاميابين جو آخر ڪھڙو آسمان فتح ڪندا!
بازارون ڏينھن رات کُليون پيون آهن! مرد پئسي ٺاهڻ جي چڪر ۾ گهرن کان پري آهن، سندن ونيون ۽ ٻارَ اَحساس جي اُس، ڀروسي جي هوا ۽ توجهہ جي چاهنا کان محروم ٻوٽن جيان اُسري رهيا آهن. اِهي جلد سُڪي ويندا ۽ پنھنجو وجود وڃائي ويھندا، پر پوءِ بہ جيئندا رهندا، پوءِ اَهڙو جيون ڪھڙي ڪم جو، جنھن ۾ جسم جيئرو رهي، پر رُوح مري وڃي!
عافين واپس هاسٽل پھتو، جتي لائونچ ۾ ليڪچرار ۽ پروفيسر وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي رهيا هئا، اُنھن ٽھڪن ۾ اَڻ ڄاڻائي هئي، ڪوبہ ٽھڪ اَڇو، اُجرو ۽ معنى جي رنگن سان ڀرپور نہ هو، هو بي مقصد ڄآڙيون کڙڪائي رهيا هئا. لائونچ مان نڪري، پنھنجي ڪمري ۾ اَچي، فريش ٿي، دري کوليائين. هوا جو سُرهاڻ ڀريو جهوٽو آيو ۽ هن جي وجود ۾ ڇانيل اُداسيءَ کي پنھنجي ٻانھن ۾ سموئي، ڪمري ۾ رقص ڪرڻ لڳو.
فون جي رنگ وڳي، ڏٺائين تہ والد هو.
”بابا سائين! اَلسلام عليڪم. . . “
”وعليڪم السلام بابا ڪيئن آهين؟“
”بابا! مان ٺيڪ آهيان، توهان ڪيئن آهيو؟ اَمان ۽ ٻيا گهر وارا ڪيئن آهن؟“
”سڀ خيريت آهي بابا. . . اَڄ! هي وٺ، ماءُ سان ڳالھاءِ. . . “
فون تي سندس ماءُ جو آواز گونجيو.
”ٻچا! خوش تہ آهين نہ!؟“
”ها اَمڙ! تون ڪيئن آهين؟“
”اَبا! مان بہ چاق لڳي پئي آهيان. اَبي کي چوان تہ سسڻھين اَدي رقيہ آئي هئي ڪالھہ، سو چوي پئي تہ شاديءَ جي تاريخ ڏيو . اَبا! رقيہ جي طبيعت خراب آهي، چوي پئي تہ آخري ٻار جو بار لاهيان تہ آٿت ملي. . . . “
”ها اَمڙ! اوهان ڪوبہ اُلڪو نہ ڪريو، مان جلد ڳوٺ اِيندس، پوءِ تاريخ ڏِجونِ. . . “
”ها اَبا! مان بہ چوان ٿي تہ تون موڙ ٻڌين ۽ مان سَرهي ٿيان منھنجا ٻچا. . . !!“
”ها اَمڙ ها! ضرور. . . “
هن دل ڀري اَبي، اَمڙ، ڀائرن ۽ ڀينرن سان ڪچھري ڪئي ۽ دل کي وڏو آٿت مليس. فون رکي، اَچي بستري تي ليٽيو، ڪمبل کي چؤڌاري ويڙهي ڇڏيائين ۽ ٻيھر سوچن ۾ وڃائجي ويو. اَمڙ جي رئي ۾ ويڙهيل نماڻي چھري جو سحر من ۾ هُرڻ لڳس، اَبي جو ڀاڪر ياد پيس، مڱيندي سونھن جي مُرڪ کي دل وٽان محسوس ڪرڻ لڳو، پر پوءِ بہ دل ۾ اُداسي ڇانيل رهي، اَلائي تہ ڇو؟
* * *
ٻئي ڏينھن جڏهن جو اِسٽاف ورم ۾ داخل ٿيو تہ ثمن ۽ سنبل نظر آيس. ڪُنڊ ۾ ويٺل ثمن جي چھري تي لُڙڪ وهي رهيا هئا ۽ سنبل سندس هٿن جهلي کيس آٿت ڏئي رهي هئي. هو بہ سندن ڀرسان رکيل ڪُرسيءَ تي ويٺو. هن کي ڏشي ثمن پنھنجا لُڙڪ اُگهيا، هن جي دل ۾ خيال آيو تہ هو بہ ثمن جي ڀرسان ويھي، هن جو هٿ پنھنجي هٿن ۾ جهلي، سندس لُڙڪ اُگهي سگهي. !
”هاڻ توهان ڪجهہ بھتر نظر اَچي رهيون آهيو. “ عافين مرڪي چيو
”ها، ڊاڪٽر فيصل جي ٽريٽمينٽ کانپوءِ پنھنجي اَندر ۾ ڪجهہ همت محسوس ڪري رهي آهيان. “
”اِنشاءَ الله سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو!“ سنبل، ثمن جي ڪلھي تي هٿ رکي کيس دلجاءِ ڏيندي چيو.
هوءَ ٿورو مرڪي ۽ عافين پنھنجي اَندر ۾ چانڊوڪيءَ جا ڪرڻا لھندي محسوس ڪيا.
سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي وڃڻ جي چاهنا هڪ وڏو مفروضو آهي. اِنسان جو اَندر جهريل هجي، هن وٽ آٿت ڏيڻ وارو ساٿ نہ هجي تہ ڪيئن سڀ ڪجهہ ٺيڪ ٿي ويندو! ھن سوچيو.
”مون کي سعديہ جو فڪر ٿي پيو آهي، اَمان جي گُذاري وڃڻ کانپوءِ ڏاڍو روئي ٿي، هن کي تمام گهڻي توجھہ جي ضرورت آهي. آءٌ گهر، ٻار ڇڏي اَمان جي گهر گهڻو وقت ترسي نہ ٿي سگهان. “
ثمن اَندر جو خوف اوريو تہ عافين گھرو ساهہ کنيو هن جي بيوسيءَ تي. . .
”هن وقت توهان لاءِ حال اورڻ تمام ضروري آهي. مون کي ۽ سنبل کي فون ڪندا ڪريو، اَهڙن ڏکوئيندڙ خيالن وارن لمحن م حال اورڻ سان ڪٿارسس مِلي ٿو. “
ثمن هن جي اَکين ۾ نھاريو ۽ عافين کي محسوس ٿيو تہ اَکين ۾ اِنتظاري جي ٻيڙي ڇلندي محسوس ٿي ۽ قسمت جو ناکئو ڏُور ڪٿي گھري ننڊ سُتل هو.
”جي ضرور!“ ڪنڌ نوائي چيائين تہ هن جا شفق جي شام جھڙا وار سج جھڙي چھري تي لڙي آيا. هن جي چھري ۾ سموريون موسمون رهن ٿيون، هن جي خاموشيءَ ۾ گھرو ڪُن لڪل آهي، ڪڏهن درياءَ جي لھرن جھڙي ٿي پوي ٿي تہ ڪڏهن سياري جي شامن وانگر هوءَ آسمان جو ڪو روپ آهي يا زمين جو وڃايل خواب. . .
* * *
چنڊ ول جي پُٺيان جرڪي رهيو هو. هو ڪوريڊور ۾ ڪُرسي رکي غزل ٻُڌي رهيو هو تہ ثمن جي نالي جي رِنگ وڳي. “
”عافين صاحب! سعديہ جي حالت بگڙجندي پئي وڃي، آءٌ سخت پريشان آهيان. “
”سعديہ جي دوا ڪٿي بند تہ نہ ڪئي اَٿَوَ؟“
”مون کي خبر نہ آهي، مان پنھنجي گهر آهيان، گهر ۾ وڏي ڀاڄائي هن کي دوا ڏيندي آهي. “
”توهان هن سان ويھي کيس معاملي جي سيريس هئڻ کان آگاه ڪريو، مريضہ لاءِ دوا ضروري آهي، دوا بند نہ ڪبي آهي. . . . “
”ها. . . مان وڃان ٿي گهر. . . . پر هوءَ رُڳو اِهو چوي ٿي تہ مون کي اَمان سڏي ٿي. . . مون کي اَمان ڏانھن وڃڻو آهي. . . “
”ها! مان سمجهي سگهان ٿو سندس ڪيفيت، پر هن وقت سندس خبرگيري رکن ضروري آهي. “
”مھرباني عافين صاحب! آءٌ توهان جي ٿورائتي آهيان، توهان جي ڳالھين جي ڪري منھنجو جُهرندڙ حوصلو ٻيھر مضبوط ٿي پوي ٿو. “
”پنھنجو خيال رکجو. . . “
فون تي ٿوري دير جي لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي ۽ پوءِ لائين ڪٽجي وئي. اُن خاموشيءَ جي وقفي ۾ احساس جي سونھن، خيال جي ساڳيائپ ۽ اقرار جي تجديد ھئي.
شاديءَ جي تاريخ طئي ٿي وئي تہ هو بہ شڪارپور روانو ٿي ويو. شادي بہ خير سان ٿي وئي، جنھن کانپوءِ هو هني مون لاءِ ڪوھ مري روانا ٿي ويا. زندگي ڄڻ تہ ڪو خوابن جو سفر هئي. هن سونھن کي پسند ڪري مڱڻو ڪيو هو ۽ شاديءَ ۾ بہ سندس مرضي شامل هئي، پوءِ بہ هو خوش نہ هو ۽ هڪ عجيب اُداسيءَ کي هر پل محسوس ڪري رهيو هو.
ڪوھ مريءَ ۾ هو هوٽل جي دريءَ وٽ بيھي برفباري ڏِسي رهيو هو، هر منظر برف سان ڍڪيل هو، شايد هن جا اَحساس بہ. . . . اِنسان بہ ڪنھن ڳُجهہ کان گهٽ ڪونھي! هن سوچي ٿڌو ساھ ڀريو. . . . ڪھڙو پل يا لمحو کيس تبديل ڪري سگهي ٿو. هڪ ڊائمينشن مان نڪري، وري ٻيھر وقت جي ڪنھن ٻئي ڊائمينشن ڏانھن رُخ ڪري ٿو.
مان لامحدود ٿي ويو آهيان پنھنجي وجود مان ٻاهرنڪري. . . . هو سنڌ کان گهڻو پري هو، پر سندس سوچون ۽ اَحساس ثمن جي چؤڌاري ڀٽڪي رهيا هئا.
سونھن کي ڳوٺ ڇڏي، واپس موٽيو تہ ٻاهر وڃڻ جي تيارين ۾ مگن ٿي ويو. هن ڊپارٽمينٽ کي شاديءَ جي خوشيءَ ۾ پارٽي ڏِني، پر هن کي نہ ثمن شاديءَ جي مبارڪ ڏِني، نہ ئي وري پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿي. شايد هوءَ پنھنجي ڏُکن جي دائري ۾ قيد ٿي وئي هئي. عافين محسوس ڪيو تہ ثمن وڌيڪ تنھا رهڻ لڳي. اسٽاف روم ۾ ويھڻ بہ گهٽائي ڇڏيو هئائين، ڪلاس وٺي، لائبريريءَ ۾ هلي ويندي هئي.
* * *
اُهو هن جو يونيورسٽيءَ ۾ آخري ڏينھن هو. ڊپارٽمينٽ هن کي فيئرويل ڏني هئي، ثمن بہ موجود هئي. هن جي چھري تي ڪجهہ وڃائڻ جو خوف هو ۽ اَکين ۾ ويراني. . .
هوءَ منھنجي وڃڻ جي ڪري اُداس آهي. . . شايد هوءَ بہ مون لاءِ ساڳئي اَنداز ۾ سوچڻ لڳي آهي. پوءِ پنھنجي خوش فھميءَ تي مُرڪي پيو. . . . .
هوءَ هڪ شادي شدہ عورت آهي، هوءَ ڇو مون ۾ دلچسپي وٺندي؟ ڪاش! مان کيس پنھنجي اَحساس کان آگاھ ڪري سگهان ها! پر اُن جو ڪھڙو فائدو ٿئي ها، اسان جا رستا اَلڳ آهن! ٻہ ماڻھو هڪٻئي لاءِ ساڳيا اَحساس رکندي بہ پنھنجي دل جو راز هڪٻئي کي نہ ٻُڌائي سگهن تہ اُن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو اَلميو ٿي سگهي ٿو! هن جي اَحساس ۾ گھرو ڀنؤر مون کي پاڻ ڏانھن بي اِختيار ڇِڪي ٿو، هن جي اُداسين جا رنگ مون کي من جي گھرائين ۾ لھندي محسوس ٿين ٿا ۽ هن جي اَکين ۾ پوري ڪائنات سموئجي وئي آهي. سڀ کان وڏي ڳالھہ تہ مان اِهو سڀ ڪجهہ محسوس ڪرڻ تي ڇو مجبور ٿي پيو آهيان. ! آخر اُهي ڪھڙيون فريڪوئنسيز آهن، جنھن جي ڪري هڪ اِنسان ٻئي اِنسان جي ڪشش ۾ اُن ڏانھن مستقل وڌندو رهندو آهي، بنان ڪنھن جواز جي. . .
پوءِ سڀني جي اِصرار تي هوءَ ڳائڻ لڳي:
اُن سے آیا نہ گیا، ہم سے بلایا نہ گیا،
فاصلہ پیار میں دونوں سے مٹایا نہ گیا۔
کیا خبر تھی یہ ملے ہیں تو بچھڑنے کیلیئے،
قسمتیں اپنی بنائی ہیں بگڑنے کیلیئے۔

گانو ختم ٿيو ۽ ريفريشمينٽ شروع ٿي تہ عافين کي ثمن نظر نہ آئي. گاڏيءَ ۾ ويھندي، مٿي ڏِٺائين تہ هوءَ ڪوريڊور ۾ بيٺي هئي ۽ عافين تي نظر پوندي ئي هوءَ پوئتي ٿي وئي.
ايئرپورٽ تي پھتو تہ سنبل جو فون آيو: ”عافين! بُري خبر آهي، توهان ثمن سان ڳالھائي ڇڏجو. . . “
”ڇاٿيو؟ هو پريشان ٿي ويو. . . . “
”شايد اَڳ ۾ ئي خبر پئجي وئي هيس تہ ڪا غلط ڳالھہ ٿيڻ واري آهي، سعديہ ڇت تان ٽپو ڏئي، خودڪشي ڪري ڇڏي. . . . “
”اوھ منھنجا خدا! “ اھا خبر ٻڌي عافين جا حواس ڄڻ تہ سن ٿي ويا. ھن جي نظرن آڏو سمورا منظر ڌنڌلا ٿي ويا. .